; سنڌي شخصيتون: مائي الھ وسائي

30 April, 2023

مائي الھ وسائي

مائي الھ وسائي

سنڌ جي منفرد پُرسوز لوڪ فنڪاره جي سار

سارنگ مرکنڊ



مائي الهه وسائي سنڌ ۾ سجاول تعلقو، ٺٽو ضلعو (موجوده سجاول ضلعو) جي ڳوٺ محمد شاھ ڍڍڙ ۾ ۱۹۲۸ع ۾ خمُون ميربحر جي گهر ۾ جنم ورتو. هوءَ سنڌ جي مشهور ڳائڻي جيوڻي ٻائيءَ جي ساهيڙي ۽ همعصر هئي. تڏهن ڪلامن جي رڪارڊنگ گراموفون تي ٿيندي هئي ۽ جيوڻي ٻائي، مائي الهه وسائي، ماسٽر چندر، خان بلوچ، سونا خان بلوچ موسيقيءَ جي دنيا جا وڏا نالا هئا. کمون ميربحر نڙ ساز جوڙڻ ۽ وڄائڻ جو ماهر هو. مائي الهه وسائي ۱۲ سالن جي ڄمار ۾ راڳ جي سکيا وٺڻ شروع ڪئي ۽ ۲۰ سالن جي ڄمار ۾ باقاعده ڳائڻ شروع ڪيو.مائي الهه وسائي گائڪي جي سکيا استاد حاجي ماڙيچو ۽ استاد فدا حُسين کان ورتي. هن ڍولڪ نواز استاد خميسو چانڊيو سان شادي ڪئي. اٽڪل ۳۰۰ ڪلام ڳايائين جيڪي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين مقبول ٿيا. مائي الهه وسائي آخر ۾ گلي جي ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي پئي.


مڃتا

مائي الهه وسائي سنڌ جي هر شهر ۾ ڳائڻ لاءِ ويندي هئي. سندس ڳاتل ڪلام ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ پاڪستان ٽيليويزن نيٽ ورڪ ڪراچي سينٽر تان نشر ٿيا. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پاران ۱۹۹۹ع ۾ سندس آواز ۾ ڪيسيٽ رڪارڊ ڪري جاري ڪئي وئي. کيس وفات کانپوءِ مڃتا طور حُڪومت پاڪستان ۲۳ مارچ ۲۰۰۷ع تي تمغهء امتياز سان نوازيو ويو.[۸] مائي الهه وسائي کي شاهہ عبداللطيف ڀٽائي جي عرس مبارڪ جي موقعي تي منعقد ڪانفرنس ۾ شرڪت ۽ استاد بخاري جي ڪلام “پيار درياھ آ درياھ به لٽجي ٿو وڃي” [۵] ڳائڻ تي ثقافت ۽ سياحت کاتي پاران شاھ لطيف ايوارڊ سان نوازيو ويو.

مائي الهه وسائي گلي جي ڪيسر جي بهاني ۲۹ اپريل ۲۰۰۳ع ۾ فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري وئي.

 

(سارنگ مرکنڊ جي فيسبڪ پوسٽ تان کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا