مولانا خير محمد “خضري”
مگسي
مولوي حاجي احمد ملاح جو
استاد
اعظم ڀٽي
سنڌ جي خوشحال ۽
سرسبز سرزمين وقت بوقت ڪيترا ئي عالم ۽ درويش صفت انسان پئي پيدا ڪيا آهن، جن پنهنجي
وقت ۾ لازوال خدمتن جا مينار کڙا ڪندي، انسانيت جي ڀلائي، بهتري، سماج جي سُڌاري، واڌاري
۽ علم جي ڦهلاءُ خاطر اهم ڪردار ادا پئي ڪيو آهي. اهڙا ڪردار نه رڳو حيرت جو ڪارڻ به
بڻجندا آهن ته وري اۡتساھ ۽ حوصلي جي راھ به روشن ڪندا آهن. اهڙن ئي ڪردارن مان پنهنجي
وقت جو وڏو عالم، درويش صفت انسان ۽ مفتي مولانا خير محمد “خضري” مگسي به هڪ هو. سندس
والد جو نالو پيارو خان مگسي هو.
هُو ٽنڊ ومحمد خان ضلعي
جي تعلقي بلڙي شاھ ڪريم جي يونين ڪائونسل سعيد خان لُنڊ جي ديھ سهراڻي جي ڳوٺ علي خان
مگسي ۾ پيدا ٿيو. سندس پيدائش جي تصديق شده ڪا تاريخ نه ملي سگهي آهي. اسڪول جي ڪا
باقاعده تعليم به حاصل ڪونه ڪيائين، وڏي ڄمار ۾ موجوده سجاول ضلعي جي ميرپور بٺوري
تعلقي جي در ملوڪ شاھ مدرسي ۾ مولانا عبدالڪريم چانڊيو، مولانا سليمان ٻنوي، مولوي
سيد عبدالنبي شاھ کان ديني تعليم حاصل ڪيائين.
وڏي عمر ۾ پڙهڻ ويٺو
هو، اها وڏي اچرج جهڙي ڳالھ آهي ته دير سان پڙهڻ ويٺو هو. انڪري لکي ڪونه سگهندو
هو. جيڪو ڪجھ لکرائڻو هوندو هئس سو ٻين کان ئي لکرائيندو هو. سندس پيدائش جي به ڪا
تصديق شده تاريخ نه ملڻ جو هڪ اهم سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته هو لکي نه سگهندو هو ۽
نه ئي ان وقت شايد هو ڪنهن کان جنم جي تاريخ لکائي نه سگهيو يا اڃا ٻيو ڪو سبب هو.
شروعات ۾ ٻني ٻاري جو ڪم ڪندو هو پوءِ باقاعدگي سان مدرسي ۾ وڃي لاڳيتو ٽي سال پڙهي،
ديني تعليم حاصل ڪيائين.
مولانا سليمان ٻنوي
وٽ فارسي جي تعليم حاصل ڪيائين، سندس دستاربندي مولوي سيد عبدالنبي شاھ وٽ ٿي، پاڻ
کي “خضري” جي تخلص سان سڏائيندو هو، مولوي حاجي احمد ملاح به کيس مولانا خضري جي نالي
سان ياد ڪندو هو، نانگو شاھ جي ڳوٺ مراد خان مگسي جي مگسين مان شادي ڪيائين، جنهن
خاندان مان هن وقت رئيس عبدالرزاق مگسي ڳوٺ جي معزز طور موجود آهي. مولانا خضري کي
اڪثر ڪري ڪاري بافتي جي قميص، اڇي بافتي جي شلوار پهريل ۽ پٽڪو ٻَڌل هوندو هو، هٿ
۾ هميشه لٺ کڻندو هو.
سندس بابت مولوي حاجي
احمد ملاح پنهنجي سوانح عمري ۾ لکيو آهي ته : “مولانا خير محمد خضري علم جي هر فن
۾ يڪتا هو پر نحو ۽ صرف جو ڄڻ امام هو.”
تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ
هن ڪيترن ئي مدرسن ۾ ماڻهن کي ديني تعليم کان روشناس ڪيو. پنهنجي علائقي توڙي آسپاس
وارن علائقن ۾ ذاتي توڙي اجتماعي نوعيت جي تڪرارن جي حل لاءِ غير جانبدارانه ۽ جرئت
ڀرين فيصلن وسيلي ۽ ايمانداري جي ڪري کيس تمام گهڻي شهرت نصيب ٿي. سندس ڪيل فيصلن
تي فريادي توڙي جوابدار ڌرين کي ڪڏهن به ارهائي محسوس نه ٿي، سڀ سندس ڪيل فيصلن کي
دل سان قبول به ڪندا هئا ته ان جو احترام ڪندي عمل پيرا به رهندا هئا، هن پنهنجي اباڻي
ڳوٺ علي خان مگسي ۾ ديني تعليم کي به سُٺو وقت ڏنو. ان بعد ڳچ عرصو ڳوٺ علي مراد مگسي
(هيرو مگسي) نانگو شاھ ۾ مدرسو قائم ڪيائين. جتي مولوي حاجي احمد ملاح ۽ مولانا محڪم
الدين (جيڪب آباد) جهڙن وقت جي ڪيترن ئي ناميارن عالمن کي ديني تعليم جي زيور سان
آراسته ڪيائين. نانگي شاھ بعد وري علي پور شيخان ۾ شيخن جي مدرسي جو مُعلّم ٿيو. بدين
جي ڳوٺ وهڻائي ۾ پير علي محمد شاھ جي مدرسي ۾ پڻ مُعلّم رهيو، مولوي حاجي احمد ملاح
جي دستار بندي به ان ئي مدرسي ۾ ٿي.
پيرسنيءَ باوجود حياتي
جي آخري ڏينهن ۾ پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ ديني تعليم جو ڪم جاري رکيائين. ان کان اڳ ٽنڊو
سائينداد ۾ خواجه محمد حسن جان سرهندي جي قائم ڪيل مدرسي ۾ پڻ مُعلّم طور خدمتون سرانجام
ڏنائين. خواجه پير عبدالله جان سرهندي عرف شاھ آغا، آغا پير عبدالستار جان سرهندي،
مولانا عمر مگسي، قاضي غلام محمد ۽ ٻيا ڪيترا ئي نالي وارا بزرگ سندس شاگرد رهيا. مولانا
عمر مگسي ۽ آغا پير عبدالستار جان سرهندي جي دستاربندي به ٽنڊو سائينداد جي ان ئي مدرسي
۾ ٿي. ان سان گڏوگڏ مولانا محمد عثمان (ويهٽ وارو)، ڪارو دڙيلو (ويهٽ وارو) قرآني ڀنڀرو،
مولانا غلام رسول چانڊيو، مولانا عبدالحي ڪنگري وارو، مولانا سليمان نظاماڻي پڻ
سندس شاگرد رهيا. مولانا سليمان ٻنوي، مولانا نظر محمد نظاماڻي ماتلي وارو، فتح علي
جتوئي، مولانا علي محمد مهيري، مولانا ميان حامدالله ميمڻ ٻيلي وارو سندس همعصر ۽
همسفر رهيا.
مولانا خير محمد “خضري”
مگسي ۳ جمادي الاول ۱۳۳۲ هجري ڌاري بروز سومر تي شام جو پنجين وڳي پنهنجي
ڳوٺ علي خان مگسي ۾ وفات ڪئي. کيس پنهنجي اباڻي ڳوٺ جي “جَلب قبرستان“ ۾ سُپرد خاڪ
ڪيو ويو.
کيس ٽن پُٽن جو اولاد
ٿيو، جن جا نالا محمد بهاول مگسي، محمد صديق مگسي ۽ شمس الدين مگسي آهن.
سندس فرزند محمد صديق
مگسي کي رئيس محمد خان مگسي نالي فرزند ٿيو. جنهن سياسي ۽ سماجي حوالي سان آسپاس ۾
توڙي مقامي طور تمام گهڻي ناماچاري پيدا ڪئي ۽ نامور هاري اڳواڻ رهيو. شهيد فاضل راهو
سميت ڪيترن ئي اعلي' پائي جي هاري اڳواڻن سان سندس تمام گهاٽا لاڳاپا رهيا.
رئيس محمد خان مگسي
کي ٽن پُٽن جو اولاد ٿيو، جن ۾ رئيس عبدالجبار مگسي، عبدالغفار مگسي، عبدالملڪ مگسي
شامل آهن.
رئيس عبدالجبار
مگسي جو پي پي پي سان گهاٽو سياسي لاڳاپو رهيو، جيڪو ڪينسر جهڙي موذي مرض سبب لاڏاڻو
ڪري ويو. کيس پنجن پُٽن جو اولاد ٿيو، جن ۾ سڪندر علي مگسي (جيڪو هن وقت نارا جيل
حيدرآباد جو اسسٽنٽ جيل سپرينٽنڊنٽ آهي)، بابر علي مگسي، ياسر علي مگسي، شاهنواز مگسي
۽ مرتضى' مگسي شامل آهن.
عبدالغفار مگسي کي ٽن
پٽن جو اولاد ٿيو، وقار مگسي، نثار مگسي ۽ افتخار مگسي.
عبدالملڪ مگسي کي وري
محمد خان مگسي نالي هڪ فرزند آهي.
مولانا خضري جو خاندان اڃا تائين پنهنجن اباڻن پڊن سان واڳيل آهي. پر وقت ۽ حالتن جي ڦيري روايتن جي جهان ۾ به ڪافي تبديلي آڻي ڇڏي آهي. اهو ئي سبب آهي جو مولانا خير محمد خضري جهڙن ڪردارن جي عڪاسي ۽ پوئيواري ڪندڙن جو ڄڻ ته ڏڪار ڦهليل آهي. ٻي اهم ڳالھ ته اهڙن برگزيده شخصيتن جي زندگي ۽ ڪردار جي باري ۾ نئين نسل جو سفر به ڄڻ ته اونداهيءَ مثل آهي. جنهن اونداهيءَ کان بچڻ لاءِ اسان کي سمورا حواس کولي رکڻ جي سخت ضرورت آهي!
No comments:
راءِ ڏيندا