; سنڌي شخصيتون: اخلاق انصاري

09 April, 2023

اخلاق انصاري

اخلاق انصاري

جنهن جو جنم سجايو آ

رکيل مورائي



لاڙڪاڻي جي انصاري خاندان تي مجموعي طور سنڌي، ادب، تاريخ، تنقيد ۽ تحقيق فخر ڪندي، اهو سچ آهي ۽ نجي طور تخليقي سطح تي سنڌي ڪهاڻي پنهنجي نظرياتي ڌارائن، ادبي ڌارائن کان جڏهن مٿي اڀرندي ڏسڻ ۾ ايندي ته انهن ۾ اخلاق انصاري پنهنجي همعصر ۽ هم عصرن ۾ شايد وڌيڪ مٿي ۽ چٽو ڏسڻ ۾ اچي.


سنڌي ڪهاڻي جڏهن حالن احوالن ۽ انهن جي دائري ۾ ايندڙ سڀني مامرن کان نڪري ايندي (جنهن جي اميد آهي) ته هوءَ فقط تخليقي طور مڃتا ماڻيندي، مان ڀايان ته سنڌي ڪهاڻي، ان حوالي ۾ ئي ڪجھ ڏيئي سگهندي.

ورهاڱي کانپوءِ ان تسلسل ۾ ڪهاڻيءَ جو هڪ بريڪ ٿرو، اخلاق انصاري آهي. هن جي ڪهاڻي ڌارائن کان الڳ (جيڪڏهن اهي ڳوليون وڃن، تڏهن به) ڪنهن شخص جي نجي وارتائن جي اپٽا طور تخليقي سطح تي اها ڪهاڻي آهي، هُن، هُن کي نرالو نالو، ان جي سڃاڻپ ڏني آهي.

هُن جي ڪهاڻي سنڌي ڪهاڻيءَ جي نه ڳڻپ ۾ ايندڙ حصي جيان تشخص جي آس پاس نه آهي. هن جي ڪهاڻي شخص جي آر پار آهي. ان جي شروعات شخص جي ذات کان ٻاهر نڪري وسيع ڪئنواس تي هلي ٿي.

پڪ سان سنڌي ڪهاڻيءَ کي ڪاڇي توڻي ٿر جي سفر-ڪٿا بچائي سگهي، اهو ڪجھ اڻ ٿيڻو آهي. جڏهن ڪهاڻي/ ناول ۾ شخص پنهنجي سمورين وارتائن سميت موجود نه هوندو ته ڪهاڻي رپورٽ جو روپ ڌاريندي، جيئن اڪثر سنڌي ڪهاڻيءَ سان ٿيو آهي.

اخلاق انصاري ڪهاڻيءَ سان ٿيل ان زيادتيءَ کان گهڻو پري بيٺل آهي ۽ شايد ان ڪهاڻيءَ سان سندس ڏک ۾ شريڪ ٿيڻ جي خواهش رکي ٿو.

ٻيءَ طرح هن جي ڪهاڻي، سنڌي جڳت کان گهڻو ويڪري دائري ۾ سرجي آهي ۽ اڄ به سرجي رهي آهي، جيڪا اڳتي هلي عالمي ادب جو حصو بڻجڻ ۾ آساني ڪندي.

شايد اخلاق انصاريءَ جي گهڻي تنقيدي تعريف ٿيندي مون پاران جيڪڏهن لکان ته هو موجوده سنڌ جي انهن بنھ ٿورن لکندڙن/ ڪهاڻيڪارن مان آهي، جنهن جي ڪهاڻي جيڪڏهن جملي ۾ به آهي ته مڪمل آهي، هڪ سٽ ۾ به آهي ته مڪمل آهي، هڪ پئرا ۾ اهي ته به مڪمل آهي. هڪ پيج کان هڪ ڪتاب تائين آهي، تڏهن به مڪمل آهي. هن پيرا جي شروع واري لفظ جي حوالي ۾ سندس ڪتاب “مان اڪيلو آواڪ” ڏسي سگهجي ٿو ۽ آخري حوالي طور سندس ناول “اُڏوهي” ڏسي سگهجي ٿو.

اخلاق انصاريءَ جو سفر لکندڙ وارو نه آهي، تخليقڪار وارو آهي، منهنجو دوست اسحاق انصاري آهي، ليکڪ طور مون کي وڻندو، اخلاق انصاري آهي، ٻئي طرح جيئن مٿي چيو اٿم ته انصاري خاندان سنڌي ادب جو هڪ خاص حصو آهي ۽ اخلاق انصاري تخليقي طور هن خاندان جو نَڪَ آهي، ان سان اسهمتي سندس خاندان جي ڪنهن به فرد جو بنيادي حق آهي پر سنڌي تخليقي ادب خاص طور سنڌي ڪهاڻي ۽ ناول سندس اهو چهرو ظاهر ڪري بيٺا آهن.

اهو الڳ مسئلو آهي ته اسان وٽ جيئن شاعري تنقيدي اثر کان ٻاهر آهي، ايئن ڪهاڻيءَ بابت به ڪن نصابي تبصرن کان مٿي اڀري ڪو اڀياس نه آيو آهي. جو ڪٿ ڪري سگهجي ته اڄ جي ڪهاڻي ڪٿي بيٺي آهي. جنهن کي لنوائي نه سگهيو.

مان هوند اهڙِ ڪٿ ڪرڻ گهران ته پڪ سان ان جي شروعات اخلاق انصاريءَ کان شروع ڪريان ڇاڪاڻ ته ان کان اڳ جا سينيئر ڪهاڻيڪار مون کان احترام لهڻن ٿا ۽ منهنجا همعصر، ڪهاڻيڪار مون کي بيحد پيارا آهن. ان ڪري انهن جي ڪٿ پڪ سان اخلاق کان پوءِ اچي ٿي.

سنڌي ڪهاڻي تخليقي سطح تي موضوعاتي ويڪرائي جي سطح تي اڄ جيڪڏهن آبرودار بڻي آهي ته ان آبروءَ ۾ اخلاق انصاريءَ جو حصو شايد سندس همعصرن ۾ اهم هجي!


 

اخلاق انصاري

منهنجو دوست

انيس انصاري

اخلاق سان چڱي واقفيت ۱۹۷۴ع ۾ ٿي، جڏهن پنهنجو گريڊ امپروو ڪرڻ جي لاءِ ڪراچيءَ ۾ فليٽ ۾ اچي مون سان رهيو. نوڪريءَ ۾ مسلسل ٻاهر رهڻ ڪري پنهنجي اولاد سان (خاص ڪري ننڍن سان) اهو رابطو رهي نه سگهيو. جيڪو هڪ پيءُ ۽ پٽ/ڌيءَ ۾ هئڻ گهرجي. ان وقت پيءُ ۽ ماءُ جا فرض سندن والده ادا ڪري رهي هئي (جنهن جهڙي مڙداڻي مائي منهنجي نظر مان گهٽ نڪتي هوندي) منهنجو ڪم هو هر ماه پگهار جا پئسا کين پهچائڻ.

هڪ ڏينهن اخلاق چيو؛ ”بابا! سڀاڻي منهنجي هڪ دوست ڇوڪري ڏهين وڳي صبح جو هتي اچڻي آهي.“

سڀاڻو موڪل جو ڏينهن هو. مان سوير شيو ڪري وهنجي لٽا بدلائي نڪرڻ وارو هيس ته اخلاق به هڪ اک کولي پڇيو؛ ”بابا! ڪاڏي؟“

چيومانس دوستن وٽ وڃان ٿو. اوهان جي دوست ڇوڪري جو اچڻي آهي.“

چيائين؛ ”بيهه بابا مان به توسان ٿو هلان.“

چيومانس؛ ”اهو ڪيئن؟“

چيائين؛ ”مان کيس ملندس ته اوهان جي موجودگيءَ ۾ نه ته نه.“

”بزدل...“ منهن تي چئي ڏنومانس.

اخلاق انهن ڏينهن ۾ ڪراچيءَ ۾ رجسٽريشن ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري ڪندو هو. اسٽور جون چاٻيون وٽس هونديون هيون. خالي شناختي ڪارڊ کڻي اچڻ لاءِ ڪنجيوون سنڀاليندو هو ته ڪا نه ڪا ڇوڪري کيس چرچي ۾ چوندي هئي.. ”اخلاق بيهه ته گڏجي ٿا شناختي ڪارڊ کڻي اچون.“

اخلاق اتان هڪ به وک نه وجهندو هو. جيستائين ڪنهن ڇوڪريءَ کي آماده نه ڪندو هو ته هوءَ به ساڻس گڏ اسٽور روم ۾ وڃي.

يونيورسٽيءَ ۾ آيو. معلوم ٿيو ته اخلاق رومانس ٿو ڪري! کلي ويٺم. چيم

Faint hearts never win fair ladies.

 يونيورسٽيءَ ملڻ ويومانس ته دور کان درشن ڪرايائين. مون کي وڻي.

چيومانس؛ ”تنهنجي پاران Purpose ڪيانس.“ نرڙ تي پگهر جون بوندون جرڪڻ لڳس ۽ منهن ٽامڻي هڻي ويس.

چيومانس؛ ”ميان! محبت ڪرڻ جي موڊ ۾ آهين يا فلرٽ ڪرڻ جو خيال اٿئي؟ محبت ڪندين ته تنهنجو ساٿ ڏيندس. باقي جي فلرٽ ڪرڻ چاهين ته پوءِ پاڻ ڄاڻ.“

اخلاق دوستن جي حق ۾ ڏاڍو حساس آهي. سندن خوشيون پنهنجون خوشيون ۽ سندن غم پنهنجو غم ڪري سمجهندو آهي. پنهنجن خلاق ڪوڙا الزام به ماٺ ڪري ويٺو ٻڌندو. زياده ۾ زياده مرڪي چوندو ”يار ائين نه آهي.“ پر هو ڪڏهن به پنهنجي دوست جي خلاف سچي ڳالهه به ٻڌڻ گوارا نه ڪندو. اڳلي کي اشارو ڏئي چوندو هاڻي بس ڪر. پر جي اڳلو نه مڙيو ته اخلاق جون اکيون ڦري وينديون، نڪ ڦنڊي ويندس، رنگ بدلجي ويندس ۽ هڪ وڏي رڙ ڪري اڳلي کي بس ڪرائي ڇڏيندو. مون کيس دوستن لاءِ ايڏو فڪرمند ڏٺو آهي جيڏو هُو پنهنجي لاءِ به پاڻ نه هوندو آهي.

ضدي به ڏاڍو آهي. شل نه چڙهي هوڏ تي. ته دڙڪي سان ئي نه وري محبت سان کيس مڃائي سگهبو.

اخلاق ڏاڍو جذباتي آهي. ان ڪري ڪڏهن ڪڏهن هوش کان زياده جوش کان ڪم وٺندو آهي. ان وقت کيس نه نفع جي پروڙ پوندي آهي ۽ نه نقصان جي. پنهنجن جذبن تي قابو پائي نه سگهندو آهي. انهن جو اعلان سندس منهن ۾ تبديلي اچڻ سان محسوس ٿي سگهي ٿو.

هڪ ڏينهن نيشنل ميوزم وياسين. خطاطيءَ جا نمونا ڏسڻ. مان سرسري طرح ڏسي هڪ طغري جي مٿان اچي بيٺم. جنهن ۾ اکرن جي ذريعي خطاط شينهن جي شڪل بڻائي هئي. مان ڏسڻ ۾ ايترو محو ٿي ويس جو ماحول وساري ويٺس. ايتري ۾ ٻانهن تي ڪنهن جو هٿ محسوس ڪيم. ڪنڌ ورائي جو ڏسان ته اخلاق بيٺو آهي. هيڊ جهڙو پيلو، اکين ۾ چمڪو ۽ هٿن ۾ ڏڪڻي.

”خير آهي؟“ مان پڇيس.

”بابا رت...!“

”ڪنهن جي رت؟” مان پريشان ٿي کانئس پڇيم.

”حضرت عثمان جي رت!“

مان حيرانيءَ مان ڏانهس ڏٺم. هڪ محراب دار ڏانهن اشارو ڪري چيائين؛ ”حضرت عثمان رضه جو قرآن جنهن جي تلاوت ڪندي کيس شهيد ڪيو ويو هو.“

مان اتان لنگهيو به هيم. پر خيال سان ان قرآن مجيد جي تعارف ڪندڙ ڪتبي کي ڪو نه پڙهيو هيم. اهو قرآن پاڪ ان مصحف عثماني جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي هئي جو سندس شهادت وقت سندس نظر جي سامهون هيو. اها فوٽو اسٽيٽ ڪاپي روس وارن پاڪستان کي تبرڪ طور سوکڙي ڪري ڏني هئي.

طبعن اخلاق ڳنڀير آهي. پر وقتائتو سندس شرارتون به گهٽ ڪين هونديون آهن. اهڙي وقت سندس ساٿ ننڍو ڀاءُ اسحاق ڏيندو آهي. شل نه ڪنهن جي ڪڍ پون. اڳلي کي اهڙو پريشان ڪندا جو ان کي يا ته ٻانهون ٻڌي يا اتان ڀڄي جان ڇڏائڻي پوندي. مان خود به انهن جي ان بداخلاقي (سندن چوڻ مطابق خوش اخلاقي) جو شڪار ٿيندو آهيان. اهڙن موقعن تي چوندو آهيان...

”ظالمو! آخر مان اوهان جو پيءُ آهيان.“

کلي چوندا آهن؛ ”دوست نه آهيو ڇا؟“

انڪار نه ڪري سگهندو آهيان.

اخلاق جي پنهنجي والده سان گهڻي محبت آهي. گهر ايندو ته وڃي وٽس ويهندو ۽ ليٽي پنهنجو مٿو سندس هنج ۾ رکندو. هوءَ به آهستي آهستي سندس وارن تي پئي هٿ ڦيريندي ۽ ڳالهيون ڪندي.

اخلاق ٻڌو اٿم اديب آهي. مان سندس هڪ ڪهاڻي ڪتاب پڙهي رهيو هوس پڙهندي منهنجي زبان مان ڏاڍيان ”بڪواس“ اکر نڪري ويو ۽ ڪتاب گولي وانگر وڃي ڀت کي لڳو. ان بعد سندس ڪهاڻي کي پڙهڻ جو ست ساري نه سگهيو آهيان. البت هڪ اڌ نظم جو لکيو اٿائين سو سندس جذبن ۽ اُڌمن جي صحيح عڪاسي ڪري ٿو. مان کيس شاعر مڃڻ لاءِ تيار آهيان.

 

(اخلاق انصاري جي پهرئين ڪهاڻي ڪتاب ”رڃ ۾ رابيل“ ۱۹۸۷ع ۾ ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا