; سنڌي شخصيتون: درمحمد بلوچ

30 April, 2023

درمحمد بلوچ

درمحمد بلوچ

هڪ تاريخ ساز شخصيت

غوث پيرزادو



ڊاڪٽر درمحمد بلوچ ڪراچي جي قديمي وسندي درساڻي ڇني ڀرسان هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ جنم ورتو. پر اڳتي هلي هو هڪ اهڙي روشنيءَ جي ڪرڻي جيان ثابت ٿيو جنهن پوري سماج کي جهلملائي ڇڏيو. ڏکين حالتن جي باوجود هن نه رڳو ان پٺتي پيل علائقي مان بنيادي تعليم حاصل ڪئي پر هن اڳتي هلي ميڊيڪل جي ڊگري به حاصل ڪئي پر هن هينڊز اين جي او جي پليٽ فارم تان علائقي ۾ صحت جي سهوليتن جو ڄار وڇائي ڇڏيو ۽ صحت جي حوالي سان مهم هلائڻ جي شروعات ڪري ڇڏي. سچ به ڪي ماڻهو تاريخ ٿيندا آهن، جن جي سڏ جو پڙاڏو صدين تائين گونجندو آهي ۽ انساني ذهنن کي جهنجهوڙيندو رهندو آهي جن عظيم ماڻهن جي شخصيت جي خوشبو صدين تائين مسحور ڪندي رهندي آهي.


اهڙن غيرمعمولي شخصتين مان ملير ضلعي جو هي آدرشي ڪردار ڊاڪٽر درمحمد بلوچ به هيو جنهن جي جاکوڙ جا ملير سان گڏ سنڌ جو هر ساڃهه وند گواهه آهي. توڙي جو سندس وڇوڙي کي ڪيترائي سال گذري ويا آهن پر هتان جو غريب عوام اڄ به کيس آلين اکين سان ياد ڪري ٿو ۽ هن جي اڻ ٿڪ جدوجهد کي خراج پيش ڪري ٿو

ملير جي هن مسيحائي ڪردار ڊاڪٽر درمحمد بلوچ ڪراچي ملير ضلعي جي پٺتي پيل علائقي درساڻي ڇني لڳ هڪ ننڍڙي وستيءَ ۾ جنم ورتو هو، جنهن کي اڄ سندس نالي يعني درمحمد بلوچ ڳوٺ سان سڏيو وڃي ٿو. جتي هن ڄمڻ سان ئي تعليم جي کوٽ کي نه رڳو ڀوڳيو هو پر محسوس به ڪيو هو ۽ اهو طئي ڪري ورتو هيائين ته هن علائقي ۾ تعليم ۽ صحت جي حاصلات لاءِ جاکوڙ جاري رکبي. صحت جو سهولتون نه هجڻ ڪري ملير جي ڏتڙيل ماڻهن کي بي موت مرندي ڏٺو هئائين نه رڳو ڏٺو هئائين پر انهن پيڙائن کي پنهنجي روح تي سٺو به هئائين ۽ ننڍي عمر ۾ ئي هن پاڻ سان هڪ عهد ڪيو هو ته  ملير جي ماڻهن جا اهي درد ۽ غم ختم ڪرڻ لاءِ زندگي وقف ڪبي. حالانڪه ڏٺو وڃي ته ملير ۾ ته لکين ماڻهو رهن ٿا پر هي اهو ماڻهو هيو جنهن هتان جي ماڻهن جي اهنجن کي ختم ڪرڻ لاءِ سندرو ٻڌو هو. هي اهو ماڻهو هو  جنهن ماڻهن اهنجن کي پنهنجا اهنج سمجهيو هو هڪ ڏينهن به جدوجهد کان خالي نه ويٺو، تنهن لاءِ مونکي ڀٽائيءَ جو رڳو هي بيت ور ور ڪري ذهن جي اسڪرين تي نروار ٿيندي نظر ايندو آهي ته:” ڏاهي م ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن“ سو هن به  ڄمندي ئي ڏاهپ جي ستي پيتي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ائين به لڳندو آهي ته هن کي ۵۱ سالن جي جواني واري عمر ۾ ئي شايد واپس وڃڻو هيو تنهن ڪري ئي هو تڪڙ تڪڙ ۾ ايترا ڪم ڪري ويو جيڪي هميشه تاريخ ۾ زندهه رهندا. هن واڍيلا بلوچ ڪميونٽي کي به هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري ورتو هو.

هن پنهنجي دوستن ۽ هم خيال ڊاڪٽر عبدالغفار بلو ۽ ڊاڪٽرشيخ تنوير سان گڏجي هڪ سماجي تنظيم هينڊز جو بنياد به وجهي ڇڏيو هو ۽ هن شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي پيپلزپارٽي سان به پاند اٽڪائي ڇڏيو هو. جنهن کي دوست ذلفي چوندا هيا جنهن عوام جي خاطر ڦاهيءَ جي ڦندي کي چمندي پنهنجي ڳچيءَ ۾ وڌو هو. هن الله لوڪ، يگاني ۽ حقيقي سماجي اڳواڻ ۱۹۵۳ع ۾ جنم ورتو هو ۽ ۲۰۰۴ع ۾دل جي دوري سببَ سبب هي جهان ڇڏيو هو. هي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ انڪري نه هيو جو اها ان دور جي مشهور سياسي پارٽي هئي ۽ نه انڪري ان سان سلهاڙيو هو جو هن جا ڪي مفاد هيا پر ماروئڙن جي درد ۽ شهيد ڀٽي جي مقناطيسي شخصيت کيس پ پ سان جوڙي ڇڏيو هو ۽ آخر تائين ان سان ئي رهيو. هن ملير جي عوام جي پيڙا کي دل سان محسوس ڪيو هو ۽ هو سندن اهنج ختم ڪرڻ چاهيندو هو انڪري ئي هو تمام گهڻو سرگرم ٿي ويو هو.

ڊاڪٽر درمحمد بلوچ ننڍي هوندي کان ئي حساس طبيعت رکندو هو. هو عوام کي غربت جي چڪيءَ ۾ پيسجندو ڏسندو هو ته تڙپي پوندو هو. هو کين بيمارين جي ور چڙهي زندگيءَ کان هارائيندي ڏسندو هو ته تڙپي پوندو هو ۽ پوءِ ڪچڙي عمر ۾ ئي ڊاڪٽر ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو هئائين ۽ پوءِ هو ڊاڪٽر ٿيو ۽ اي پي آءِ جو انچارج به بڻيو ۽ پوءِ ملير جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڃي ٻارڙن کي بيمارين کان بچاءَ جون پنهنجي نگرانيءَ ۾ ويڪسين ڪرايون ۽ ڏينهن رات ان ڪم کي سرانجام ڏنائين. ٻيو ته اسان جي ملڪ جو سسٽم ئي اهڙو آهي سو هن مڪمل طور تي ملير کي مسئلن کان آجو نه ڪرايو پر ان ۾ پنهنجو عملي ڪردار ادا ڪندي تاريخ ۾ هڪ مثال قائم ڪري ورتائين. باقي ته اسان سڀني کي خبر آهي ته شروع کان وٺي هٿ وٺي ملير کي پوئتي رکيو ويو آهي، اڄ به ملير جون سوين ٻهراڙيون پيئڻ جي پاڻيءَ جي کوٽ جو شڪار آهن، اڄ به غريب عورتون مٿي تي دلا رکي پاڻي جي ڳولها ۾ ميلن جا ميل سفر ڪن ٿيون. نه رڳو اهو پر هتان جو عوام سخت غذائي قلت جو به شڪار آهي غذائي قلت جي سبب ئي هتي صحت جو مامرو هميشه اڀريل رهيو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو هن ڊاڪٽر ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو هو.

هو هڪ فطري اڳواڻ هيو تنهن ڪري هو پنهنجي طبيعت ۾ بردبار، سادو ۽ ملنسار هيو. هو ڪاوڙ ڪري نه ڄاڻندو هو. هو ته ڀٽائي جي ڳنڍين سارو ڏينهن جي سٽ جهڙو هو تنهن ڪري ئي جيڪو به ساڻس هڪ ڀيرو ملندو هو ته مٿس فدا ٿي پوندو هو. هن تبديلي جو خواب ته ٻاراڻيءَ عمر ۾ ئي ڏسي ڇڏيو هو تنهن ڪري شايد اهو به سمجهي ورتو هئائين ته تعليم ئي انهن سمورن مسئلن جو حل آهي تنهن ڪري ئي هن جا شاگرديءَ جي زماني وارا دوست ۽ ڪلاس فيلوز ان ڳالهه جا گواهه آهن ته هو هاسٽل ۾ سڄي سڄي رات ويٺو پڙهندو هو. چيو هئائين ته ڊاڪٽر ٿيڻو آهي ته پوءِ ٿي ڏيکاريائين. هڪڙا ماڻهو پنهنجي آدرشن سان عشق ڪندا آهن ۽ خوابن جي تعبير کي ممڪن بڻائيندا آهن ۽ درمحمد سچ به اهڙن ماڻهن منجهان هڪ هو. پر اهڙي پنڌ جي پانڌيئڙن کي سندن جهڙا انقلابي ڪردار به ضرور ملي ويندا آهن جيڪي سندن ٻانهن ٻيلي ٿي خوابن جا تعبير گڏجي ڳولهڻ ۾ مدد ڪندا آهن سو هن کي به ڊاڪٽر عبدالغفار بلو ۽ ڊاڪٽر شيخ تنوير ملي ويا هئا جن جي اکين ۾ هن جي خوابن جهڙا خواب جرڪي رهيا هئا پوءِ ته سون تي سهاڳو بڻجي ويو هو. ٻن اکين مان اڪيچار اکيون هڪ مٺ ٿي جهلملائڻ لڳيون هيون ته هر طرف روشني ڦهلجي وئي هئي.

هي جڏهن ۱۹۸۱ع ۾ ڊائو ميڊيڪل ڪاليج مان ايم بي بي ايس ڪري چڪو هو ته ان ئي دور ۾ ڊاڪٽر عبدالغفار بلو جي نگرانيءَ ۾ هائوس جاب ڇا ڪئي هيائين ڄڻ ته هينڊز جو بنياد وجهڻ لاءِ پئي هائوس جاب ڪيائين. اتي ئي ساڻن ڊاڪٽر تنوير شيخ به مليو هو. هڪ ميلو هو جنهن ميلي ۾ عوام جا اهنج ڪپهه جيان سٽجي رهيا هئا. ۽ درمحمد ڳوٺ ۾ عورتن ۽ ٻارن جي لاءِ صحت مرڪز جو بنياد وڌو هئائون، ۽ اهڙيءَ ريت ڄڻ ته عملي جدوجهد جي شروعات ڪري ڇڏي هئائون.

هن جي وڇوڙي جي چئن سالن کانپوءِ هينڊز جي ساٿين پاران ڊاڪٽر درمحمد بلوچ جي شخصيت ۽ جدوجهد تي جي حوالي سان “در ناياب” جي نالي سان ڪتاب شايع ڪيو ويو جنهن ۾ هن جي جدوجهد جي ساٿين ۽ هن جي دوستن جا ليک شامل ڪيا ويا آهن. جن کي پڙهندي ماڻهو جي اکين ۾ لڙڪ لڙي ٿا اچن ۽ گڏوگڏ هڪ سچي، کري ۽ عميق ڪردار جي سموري تاريخ اکين اڳيان تري ٿي اچي. ايم پي اي ساجد جوکيو کان ويندي شيرمحمد بلوچ تائين، فشرفوڪ جي محمد علي شاهه کان ويندي گل حسن ڪلمتي ۽ ڊاڪٽر تنوير شيخ تائين سمورن عالمن، دانشورن ۽ متحرڪ ماڻهن پاران کيس خراج پيش ڪيو ويو آهي. ڪن کيس ملير جو عظيم انسان ته ڪن وري کيس ٿڌي مذاج جو سڏيو آهي. ڪي دوست اڄ به کيس ياد ڪندي اداس ٿي وڃن ٿا، هڪ دوست مٿس مضمون لکندي ان جو عنوان “هڪ شخص سڄي شهر کي ويران ڪري ويو” ڏنو آهي جيڪو ڄڻ ته سندس جدوجهد جي ساٿين ڊاڪٽرعبدالغفار بلو ۽ ڊاڪٽر تنوير شيخ پاران کيس ٽربيوٽ آهي، جيڪا پڻ هڪ بهترين روايت به آهي ته جدوجهد جا ساٿي پنهنجي وڇڙي ويل دوستن کي ياد ڪن ٿا جيڪو پڻ ٻين جدوجهد ڪندڙ ساٿين لاءِ پڻ اتساهه جو ڪارڻ آهي.

هي هينڊز سماجي تنظيم جو پهريون رضاڪاراڻه خزانچي به بڻيو سنڌ جي خوبصورت شخصيت ڊاڪٽر تنوير جو چوڻ آهي ته جڏهن ۱۹۹۴ع ۾ هو هينڊز جو ملازم بڻيو ته هن جو ساڻس تعلق مالڪ ۽ ملازم وارو هيو پر هن جي اندر جيئن ته هڪ عظيم انسان موجود هيو تنهن ڪري هن کيس ڪڏهن به اهو احساس نه ڏياريو. ڪالهه ۲۸ اپريل تي ملير جي هن کاهوڙي جي ورسي هئي، اچو ته سندس جاکوڙي زندگيءَ کي پنهنجي راهه جي روشني بڻايون.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۹ اپريل ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)



درمحمد بلوچ

گلابن جي خوشبو جهڙو

غوث پيرزادو

ڪي ماڻهو تاريخ ٿيندا آهن، جن جي آواز جو پڙاڏو صدين تائين گونجندو آهي، جيڪي ظاهري طور اسان جي وچ ۾ نه هوندي به اسان کي پنهنجي آس پاس محسوس ٿيندا آهن، جيڪي مظلوم ماڻهن جي اکين ۾ چمڪندي نظر ايندا آهن، جيڪي ويندا آهن ته منظرن کي ڌنڌلو ڪيون هليا ويندا آهن پر هو پنهنجي هٿن سان ڪجھ اهڙين شين جو بنياد به وجهي ويندا آهن جيڪي سندن حوالو بڻجي وينديون آهن، اهڙن ماڻهن مان ڊاڪٽر درمحد بلوچ به هڪ آهي جنهن ملير جي ماروئڙن لاءِ پنهنجي دوستن ڊاڪٽر عبدالغفار بلو، ڊاڪٽر شيخ تنوير احمد ۽ ٻين دوستن سان گڏجي بنياد رکيو ۽ اها پهرين ڪوشش هئي ته ماڻهن جي مسئلن لاءِ ڊائلاگ هڻڻ بدران سندن اکين جا لڙڪ اگهجن ۽ پوءِ ۱۹۷۹ هيلٿ، نيوٽريشن ۽ ڊولپمينٽ سوسائٽي جو بنياد وڌو ويو. اهو عملي ۽ پختو قدم هيو جيڪو اڄ تائين به ڪمزور نه ٿيو آهي پر سموري دنيا جي ڪمزور ماڻهن لاءِ سهارو بڻيل آهي. هينڊز اڄ دنيا جي چئن ملڪن ۽ سڄي پاڪستان ۾ پنهنجو سرگرميون منعقد ڪري رهيو آهي.

انقلاب ماڻهو جي روح ۾ هوندو آهي. انقلاب ڪڏهن به ڪنهن ۾ پيوند نه ٿو ڪري سگهجي، ها رنگ ته ڪري سگهجي ٿو پر اهو انقلاب نه هوندو ۽ مصنوعي رنگ گهڻو وقت هلي نه سگهندو آهي. سو ڊاڪٽر درمحمد بلوچ توڙي جو پنهنجي ذات ۾ مسڪينن جو هڏ ڏکي هيو پر کيس اهڙا متحرڪ ڪردار به ضرور متاثر ڪندا هيا جيڪي سماج جي بهتريءَ لاءِ جاکوڙي رهيا هوندا هيا. مثال جي طور تي محمد شاھ هڪ بزرگ شخص هيو جنهن مان هو تمام گهڻو متاثر هوندو هيو پاڻ روزانو شام جو ساڻن ملڻ ويندو هيو ۽ کانئن دعا وٺندو هيو. هڪ دور سنڌ ۾ اهڙو به آيو جنهن کي جديد سياست جو دور سڏيو ويندو آهي ۽ ان جديد سياست جي اندر هڪ ئي شخص سج جيان اڀري آيو جنهن کي ذوالفقار علي ڀٽو چوندا هيا. ڊاڪٽر درمحمد بلوچ، ذوالفقار علي ڀٽي مان تمام گهڻو متاثر هوندو هيو. کيس پيپلز پارٽيءَ سان تمام گهڻي محبت هئي. ڀٽي صاحب جي ورسي يا سالگره ۾ وڃڻ لاءِ خاص تياري ڪندو هيو. سندن ڀاءُ غلام حسين واڍيلو بلوچ ٻڌائي ٿو ته جنهن ٻي شيخصيت مان درمحمد صاحب متاثر هوندو هيو سو هينڊز تنظيم جو ڊاڪٽر عبدالغفاربلو آهي. هو ڊاڪٽر عبدالغفار بلو سان سول اسپتال ڪراچي ۾ مليا ۽ اتي ئي هنن هينڊز جو بنياد وڌو.

هنن ڪردارن جي حياتي هڪ مضمون، هڪ ڪتاب يا هڪ ناول کان تمام گهڻي وڏي هوندي آهي. تنهنڪري ھڙن ڪردارن کي صرف ڀيٽائي پيش ڪري سگهجي ٿي. جيڪڏهن اسان ڪراچي جي بي رحم سياست تي نظر وجهنداسين ته اسان کي ملير ضلعو تمام گهڻو ڏتڙيل نظر ايندو، هٿ وٺي ملي ضلعي کي ترقيءَ جي حوالي سان پوئتي رکيو ويو آهي ۽ ڪراچي جي هن سرسبز ۽ شاداب خطي کي هٿ وٺي تباھ ڪيو ويو آهي ملير جي زراعت کي سڪائي نيست نابود ڪيو ويو. داڪٽر درمحمد بلوچ جڏهن ملير جون اهڙيون حالتون اکين سان ڏسندو هو ته تڙپي پوندو هو ۽ هن جي تڙپ جڏهن رنگ لاتو ته هينڊز جو بنياد وڌيو ويو ۽ ان پليٽ فارم تان هتان جي غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جي مفت علاج ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ان دور ۾ ڊاڪٽر درمحمد بلوچ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ ويڪسين جي شعبي جو انچارج هيو. ملير جا ساڍا چار هزار ننڍا وڏا ڳوٺ، هاڪس بي کان ويندي گهگهر ڦاٽڪ تائين سمورا ڳوٺ سندس هٿ هيٺ هيا جتي کيس ڪم ڪندي روحاني سڪون محسوس ٿيندو هو. ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڃي پاڻ پوليو جي ٽيمن جي نگراني ڪندو هو ۽ هنن علائقن مان پوليو جو خاتمو آندائين. حاجي پير محمد سندس ساروڻين واري بوڪ در ناياب ۾ لکيو آهي ته هو پر عزم ۽ بهادر انسان هيو پاڻ نه ڪڏهن مايوس ٿيو نه وري ڪنهن کي مايوس ڪيائون. سندس دوستن جو هڪ وسيع حلقو هيو هو سندن مسئلن کي پنهنجو ذاتي مسئلو سمجهندو هيو ۽ ڪڏهن به ڪنهن کي پريشانيءَ ۾ اڪيلو نه ڇڏيندو هو.

جينيئس ماڻهن جي زندگيءَ جو جيڪڏهن مطالعو ڪنداسين ته هو اسان کي پنهنجي ننڍپڻ کان غيرمعمولي نظر ايندا مثال جي طور ڊاڪٽر درمحمد بلوچ ملير جي تمام پوئتي پيل ٻهراڙي سان تعلق هوندي به تعليم کي سمورن مسئلن جو حل سمجهي ورتو هيائين ۽ پوءِ هو اهڙي علائقي مان نڪري آيو ۽ ڊاڪٽريءَ جهڙي اهم پيشي سان لاڳاپجي ويو جنهن علائقي ۾ ان دور ۾ آمدرفت جو ڪو ذريعو به نه هيو. ملير جو هو وڏو ماڻهو ۱۹۸۳ع کان وٺي ۲۰۰۴ع تائين هينڊز سان لاڳاپيل رهيو هن ڊاڪٽر عبدالغفار بلو سان ملي ڳوٺن ۾ بينادي صحت مرڪز قائم ڪرڻ وارو هينڊز جو اهو ميوي دار ٻوٽو لڳايو جنهن جي فائدن کان ملير جو هر ماڻهو مستفيد ٿي رهيو آهي. هن جا دوست ٻڌائين ٿا ته هو تمام گهڻو حساس هوندو هو ۽ هر عمل کي گهرائي سان وڃي توريندو تڪيندو هو، ٻيءَ صورت ۾ هو انسان قدرن جو امين هيو. سندسن سمورن دوستن جو اهو چوڻ هوندو هيو ته هو پنهنجي هر ڳالھ ڊاڪٽر درمحمد سان شيئر ڪري سگهن ٿا.

ڪڏهن ڪڏهن مان سوچيندو آهيان ته درمحمد بلوچ جي اهڙي حساس طبيعت جي پٺيان ڪهڙا محرڪ هوندا ته سڀ کان پهرين منهنجي اکين اڳيان سندس ڳوٺ ڦري اچي ٿو جتي ڪوفي جهڙي ڪراچي ۾ درساڻي ڇني جو علائقو هڪ جنت جو ڏيک ڏئي رهيو هوندو آهي. ميمڻ ڳوٺ کان ويندي گلشن حديد تائين چوڌاري چهچ ساون وڻ، ڪڻڪن جي فصلن، سبزين جي انبارن ۽ پپيتن، زيتونن جي باغن وارو علائقو سندس جنم ڀومي هيو ۽ هن جي شخصيت مان به گلابن جي خوشبو ايندو هئي. ملير جا ماڻهو اڄ به کيس ياد ڪن ٿا ۽ اداس ٿين ٿا. هي مور ماڻهو اسان ملير واسين کان ۲۸ اپريل ۲۰۰۴ ع تي جدا ٿي ويو پر سندس سماجي حوالي سان خدمتون هميشه يار رکيون وينديون

 

No comments:

راءِ ڏيندا