; سنڌي شخصيتون: مُحمّد دين راڄڙي

26 April, 2023

مُحمّد دين راڄڙي

مُحمّد دين راڄڙي

باشعور سماج جوڙڻ جنهنجي زندگي جو منشور آھي

زاهد علي ڀٽو



سِنڌ جي عام ٻهراڙين جيان سهولتن جي اَڻهُوند واري ڳوٺ (عبدالله راڄڙي)سانڪو ۾ عِيسوي سال جي پهرين ڏينهن يعني پهرين جنوري سال اڻويھ سئو ٽياسي ۾ هڪ غريب هاري جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ٻار جيڪو ڄمڻ سان ئي ناناڻن کي بخشش ٿي مليو. جنهن جو ٻيو ڪو سبب نه بلڪه سندس ناناڻن ۾ پُٽ جو ٻار ڪو، ڪون هو ۽ سندس ناناڻن کي پُٽ جي ٻار جي ڏاڍي سِڪ هئي.


ناناڻن ۾ سندس پالنا ڏاڍي پيار ۽ پاٻوھ سان ٿي ڇوته سندس ناناڻن ۾ پُٽ جو ٻار نه هجڻ ڪري ڏاڍو سِڪيلڌو ۽ لاڏڪو ٻار ٿي رهيو. اهو سڪيلڌو ۽ لاڏڪو ٻار وڏو ٿي علم، ادب جو ناميارو نانء ٿي اُڀريو.

اهو ناميارو نانء ڪهاڻيڪار، شاعر، نقاد، نثرنگار ۽ تعليمدان مُحمّد دين راڄڙي آھي.

مُحمّد دين راڄڙي زندگي جي ڪيترن ئي ڪٺن مرحلن مان گذري هاڻ گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ڏهرڪي ۾ انگريزي جي ليڪچرار طور پڙھائي رهيو آھي.

هو علم وسيلي نوجوان نسل جي ذهني تربيت ڪري رهيو آھي.

مونکي ياد ٿو اچي ته اهو لڳ ڀڳ ۱۹۹۹ يا ۲۰۰۰ جو سال آھي، جڏهن مان ڏهرڪي فلور مل ڏهرڪي تي مِل طرفان ڪلرڪ هئس ۽ هو مزدورن جي پيٽي ٺيڪيدار منير احمد راڄڙي جيڪو سندس مائٽ هو ان وٽ مزدورن جي مزدوري ۽ پئسن جي کڻت وغيره جو حساب ڪتاب رکندو هو.

انکان بعد هن مختلف ڊاڪٽرن جي ڪلينڪس ۽ پئٿالوجيڪل ليباريٽريز تي به ڪم ڪيو ته پرائيوٽ اسڪولن ۾ استاد طور به نوڪري ڪئي.

پرائيوٽ اسڪولن ۾ پڙهائڻ دوران سندس تعلق علم ادب سان لاڳاپيل دوستن سيد تقي محمد شاھ. آصف ملڪ. مبارڪ لاشاري. ۽ ٻين پڙھاڪو دوستن جي دوستي ۾ اچڻ کانپوء باقائده تعليم جي تبليغ يعني پڙھائڻ ڏانهن راغب ٿيو.

ننڍپڻ کان نوجواني ۾ داخل ٿيڻ جي اڀرندڙ عمر ۾ سندس لاڙو اداڪاري آرٽ جي شعبي ڏانهن به رهيو هن اسٽيج ڊرامن ۾ به قسمت آزمائي ڪئي، اسٽيج ڊرامن ۾ اداڪاري کان علاوه اسٽيج لاء ڪجھ ڊرامه پڻ لکيا پر پوء وقت گذرڻ سان مڪمل طور تعليم ڏيڻ ۽ تعليم حاصل ڪرڻ ڏانهن توجھ ڏني.

ايئن ۲۰۰۸ ڌاري کيس شوق ٿيو ته چٽاڀيٽي جو امتحان پاس ڪري وڏو آفيسر ٿجي، ايس پي يا ڊي سي واري ڪرسي حاصل ڪجي جنهن لاء هن ڀرپور تياري ڪئي پر قسمت کيس علم ورهائڻ واري پاسي آڻي ڇڏيو ۽ هو انگريزي ليڪچرر طور تعليم کاتي ۾ ڀرتي ٿي ويو ۽ تعليم جي تبليغ ڪرڻ ۾ جُنبجي ويو.

هو انهن ماڻهن مان قطعي ڪون ٿو لڳي جيڪي ٻين جون ٽنگون ڇڪي ھيٺ ڪيرائي، ٻين کي لتاڙي پاڻ اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪندا آھن.

هو ٻين کي همت حوصلو ڏيندڙ ۽ جذبا جاڳائيندڙ نوجوان آھي. هو هڪئي وقت استاد به آھي ته، موٽيويشنل اسپيڪر به آھي ساڳي وقت سٺو نقاد به آھي ۽ ڪهاڻي کيتر ۾ نمايان نانء آهي، سندس لکيل ڪهاڻين جو ڪتاب ” مان انسان ٿيندس “ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيل آھي ۽ سندس هڪ ٻيو ڪتاب جيڪو مضمونن تي مشتمل آهي ڇپائي جي آخري مرحلي ۾ آهي.

نامياري ڪالمنگار، ليکڪ، نقاد، دانشور ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري سميت سنڌ جي ناميارن قلمڪارن، نقادن، پڙھندڙن سندس ڪتاب ”مان انسان ٿيندس“ بابت مطالعاتي، تجزياتي رايا لکيا آھن جيڪي سنڌ جي مشهور اخبارن رسالن ۾ پڻ ڇپيا آھن.

مُحَمّد دِين راڄڙي سٺي نثر نويس طور به سڃاڻپ رکي ٿو. هو مضمون نگار به آھي. هن ڪجھ ڪويتاڪارن جي ڇپجندڙ ڪتابن جامهاڳ به لکيا آھن. ۽ ڪتابن ۽ تخليقڪارن تي تاثراتي نوٽ به لکيا آھن.

هو سماج جي ذميوار فرد ۽ ذميوار قلمڪار طور سماج جي مختلف مسئلن، مرضن جي تشخيص ڪري انهن جو حل ۽ علاج ڏَسيندڙ سندس ڪيئي لکڻيون، آرٽيڪلز مختلف سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندا رهندا آھن.

هو ادبي نقاد به آھي. هن وٽ تنقيد براء تنقيد وارو فلسفو ناهي نه ئي ڪنهنکي گهٽ ڏيکارڻ، هيٺاهون ڏيکارڻ سندس مقصد هوندو آھي پر هن وٽ تنقيد جو مفهوم اصلاح به آھي ته تنقيد جي معني تخليق جي تشريح ڪرڻ آھي.

 هو ضد، اناء جهڙين بيمارين ۽ تلخ روين کان پاڻ کي پرڀرو رکڻ وارن مان آھن.

سندس ڪم ۽ ڪردار مان اهو واضع ڏسي سگهجي ٿو ته مثبت ۽ باشعور سماج جوڙڻ سندس زندگي جو منشور آھي. هنکي جتي به جڏهن به ڏٺو ۽ پڙھيو آھي سندس Narrative بيانيو اهو ئي هوندو ته اجائي آڪڙ، ڪوڙ، ڪدورت کان آزاد معاشري جي اڏاوت سندس خوابن جي ساڀيان آهي.

خوش اخلاق، خوش لباس ملنسار ماڻهو مون سميت سڀني لاء سدائين پسنديده رهيا آھن. ايئن ئي سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏهرڪي جو ساٿي، بهترين ڪهاڻيڪار، تعليمدان، مقرر، موٽيويشنل اسپيڪر، نقاد، ليکڪ، آرٽسٽ ذهن پيارو مُحمَّد دين راڄڙي منهنجو ته ڇا پر اسانجي ادبي لڏي جو پيارو دوست آھي.

هو ڪنهن سگهڙ عورت جيان تمام گهڻو ڪفايت شعار آھي.

هو پنهنجي محنت سان پئسا ڪمائي شهر ۾ پنهنجي گهرڀاتين لاء تازو نئون گهر جوڙايو آھي. رب پاڪ کيس ۽ گهرڀاتين، ٻارڙن کي نئون گهر بخشي ڏي. هو ڪتابن جي مطالعي جو ڏاڍو شوقين آھي سندس تازو جڙيل گهر جي اوطاق طور استعمال ٿيندڙ ڪمري جي ڪٻٽ ۾ ٺھيل لائبريري سندس مطالعي واري شوق جي شاهدي ڏئي ٿي. جنهن ۾ مختلف موضوعن، صنفن جا ڪيئي بهترين ڪتاب، رسالا۽ پرچا موجود آھن۽ ان علمي ادبي آستان جو نالو اياز آڏاڻو رکيو اٿائين. اياز آڏاڻو علم، ادب، فڪر سان لاڳاپيل دوستن جو ٺڪاڻو به آهي ۽ شعور جي پکيڙ جو هڪ مورچو به آهي

مُحمّددين راڄڙي پنهنجي علم وسيلي شعور جي اهڙي چڻنگ ٻاريندڙ باشعور انسان آھي جنهن چڻنگ مان شعور جا شعاع ٻري اونداهي سماج ۾ روشني پکيڙيندا رهندا. سالن کان جڙيل ساڻس تعلق ۾ جڏهن به ساڻس ملاقات ٿئي ٿي، سندس هر ڪچهري ۾ کانئس ڪجھ نه ڪجھ پِرايو ضرور آهي. سندس گفتگو مان مثبت سوچ جا ماڻڪ مليا آهن، سڪ جا محبت جا موتي ماڻيا آهن علم ۽ اتساھ ماڻيو آهي. پنهنجائپ پلئه پئي آهي.

اڄ نئين عيسوي سال جي پهرين مهيني جنوري جي پهرين تاريخ تي نوجوانن جي ذهنن جي قلم۽ علم وسيلي آبياري ڪندڙ نوجوان قلمڪار، تعليمدان، پروفيسر مُحمّددين راڄڙي جي جنم جو ڏينهن آھي سندس سالگره جي موقعي تي نيڪ تمنائن۽ دل جي گهرائين سان جنم ڏينهن جون مبارڪون ڏجن ٿيون.

 

(زاھد علي ڀٽو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱ جنوري ۲۰۲۳ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا