; سنڌي شخصيتون: محمد عمر چنڊ

25 April, 2023

محمد عمر چنڊ

محمد عمر چنڊ صاحب

زندگي جو مختصر احوال

اُستاد نظاماڻي



افسوس سائين محمد عمر چنڊ صاحب هان هن دنيا ۾ ناهي رهيو، سائين محمد عمر چنڊ صاحب جون حُرتحريڪ جي تاريخ لاءِ ڪيل خدمتون وساري نه ٿيون سگهجن. ذاتي طور مون سان سائين جو آخر تائين رابطو رهيو ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهندي هئي، سندس ادبي خدمتن جو مختصر احوال هن طرح آهي.


محمد عمر چنڊ ضلعي سانگهڙ جي تعلقي سنجهوري (هاڻوڪي تعلقي ڄام نواز علي خان) جي ”پراڻي نئون آباد“ ڳوٺ ۾ ۲۱سيپٽمبر ۱۹۴۴ع ڌاري ڄائو. (سرڪاري روينيو رڪارڊ ۾ هن ڳوٺ جو نالو ”ڌڻي پرتو راڄپر“ ڄاڻايل آهي، جو اڳي ڪنهن وقت اتي راڄپر رهندا هُئا. هيءُ ڳوٺ ”ديهه ۴۹ جمڙائو“ ۾ آهي.

محمد عمر ابتدائي تعليم نئون آباد ۾ حاصل ڪئي. نورمحمد هاءِ اسڪول حيدرآباد، نواب شاھ لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول کان هلندي نيٺ ڪنڊياري جي اسڪول ۾ ڪجھ وقت پڙهيو جتي ٻين استادن کان علاوه استاد الهه بخش سهتي به پڙهايو ٿي. جنهن سان خصوصاً سندن ادب، احترام ۽ نيازمنديءَ جو تعلق آخري وقت تائين رهيو. ڪنڊياريءَ کان پوءِ ٽنڊي ڄام جي هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو. ٽنڊي ڄام مان ئي مئٽرڪ جو امتحان خانگي اميدوار طور ۱۹۶۱ع ۾ پاس ڪيائين. وري سچل سرمست سائنس ڪاليج ۽ (پري مييڊيڪل) لاءِ، ۽ ٽي سال سنڌ ايگريڪلچر ڪاليج جون حاضريون ڀريندي، ۽ تعليم جا ميدان بدلائيندي، نيٺ سروري اسلاميه ڪاليج هالا نوان مان انٽر آرٽس ۱۹۶۶ع ۾ پهرين پوزيشن سان پاس ڪيائين. اُتاهين ئي ۱۹۶۸ع ۾ بي.اي فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين، ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي انگريزي ڊپارٽمنٽ ۾ داخلا ورتائين، پر سگهوئي انٽر ونگ ايڪسچينج (اوڀر _ اولهه پاڪستان جي پرڳڻن ۾ ڏي وٺ) جي رٿا واري اسڪالرشپ (Inter-Wing Exchange Programme) هيٺ ۱۹۶۸ع ۾ ڍاڪا يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيو. جتان ۱۹۷۰ع ۾ ايم. اي انگريزي ادب ۾ پوزيشن سان حاصل ڪيائين.

سال ۱۹۷۱ع ۾ پهريائين سروري اسلاميه ڪاليج هالا ۾ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي سڏ تي ليڪچرر مقرر ٿيو، پر سگهوئي هيءُ ڪاليج سنڌ سرڪار جي تحويل ۾ ڏنو ويو ۽ سرڪاري عملدارن پنهنجي خباثت واري طريقهءَ ڪار تي ڪاليج جي استادن کي سزا طور سنڌ جي پرانهن ڪاليجن ۾ بدلي ڪري ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو، ان سزا جي حصي ۾ محمد عمر ڪجهه وقت گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ موڪليو ويو جتي انگريزي پڙهايائين. پر سائين ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جي آڇ تي وري پهرئين جنوري ۱۹۷۲ع کان سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن ۽ ريسرچ ۾ شامل ٿيو ۽ اُتي پڙهائڻ لڳو. ۱۹۷۳ع ۾ آمريڪا جي يونيورسٽي آف الينواءِ (University of Illinois, Urbana-Champaign) ويو، جتان ٽيچنگ آف انگلش ايز اي سيڪنڊ لينگويج (Teaching of English as a Second Language) ۾ ماسٽرز ڪرڻ کانپوءِ پي ايڇ ڊي جو ڪورس شروع ڪيائين، پر مالي صورتحال جي غير موافق هُئڻ ڪري ان مهم کي اڌ ۾ ڇڏي، ايران ۾ ۱۹۷۵ع کان ۱۹۷۹ع تائين انگريزي پڙهايائين.

ڪجهه وقت وطن ۾ رهڻ کان پوءِ وري ۱۹۸۰ع ۾ عراق ۾ موصل يونيورسٽيءَ ۾ پڙهايائين. ۱۹۸۲ع ۾ واپس وطن اچي سنڌ يونيورسٽي ۽ سنڌ ايگريڪلچرل يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ پڙهايائين. سال ۱۹۸۵ع کان ۱۹۹۸ع تائين برونائي دارالسلام ۾ پڙهايائين. هاڻي نيوزيلينڊ ۾ آهي جتي پنهنجي تحقيق ۽ تعليم جي ڪم ۾ رُڌل رهي ٿو، ۽ سنڌ ۾ خاص حُر تحريڪ بابت تحقيق جي سلسلي ۾ ايندو رهندو آهي.

محمد عمر چنڊ جي علمي ۽ ادبي مُسافري جي سلسلي ۾ چئجي ته سندُس پهريون مضمون ”شاھ عبداللطيف جي ڪلام ۾ عشق حقيقيءَ جو تصور“ جي عنوان سان ۱۹۵۹ ڌاري ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز طرفان نڪرندڙ رسالي ۾ ڇپيو (جنهن زماني ۾ هو ٽئين درجي انگريزي ۾ پڙهندو هو، اڄڪلهه جي ستين ڪلاس ۾). ان کان پوءِ سندس ڪي مضمون جيجي زينت عبدالله چنه جي ”مارئي“ رسالي ۾ ڇپيا، ۽ پوءِ ماهنامه ”هلال پاڪستان“، ماهنامه ”نئين زندگي“،ٽماهي رسالي مهراڻ، ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپجندا رهيا. پروفيسر غلام مصطفيٰ شاھ صاحب ۽ محمد ابراهيم جوئي صاحب ۽ ٻين ”عورت ۽ نئين ٽهي“ يا اهڙي ڪنهن موضوع تي ڪانفرنس ڪوٺائي جنهن لاءِ پاڻ ”مارئي ۽ نئين ٽهي“ جهڙي ڪنهن عنوان سان مقالو لکي پڙهيائون جيڪو ان زماني ۾ ڪانفرنس جي طرفان ڇپيل ڪتاب ۾ شامل ٿيو، پوءِ وري علي محمد چنا صاحب نئين زندگيءَ رسالي ۾ ٻيهر ڇاپيو. ۱۹۸۵ع ۾ سندس ڪتاب لسانيات جي موضوع تي ”لسانياتي جاگرافي ۽ ٻوليءَ جون آراڌايون...“ وغيره جهڙي نالي سان(۱۹۸۵ع) ۾ ڇپيو جيڪو هاڻي سنڌي لئنگوج اٿارٽيءَ جي طرفان ”سنڌي ٻولي: لسانياتي جاگرافي، (ٻوليءَ جون) آراڌايون ۽ لفظي ترتيب“ جي نالي سان (۲۰۰۴ع) ۾ سڌاري وڌائي ڇپيو ويو.۽ دين اسلام تي ڪجھ ڪتاب سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ لکيا اٿس، جيئن ”عبادت، نماز ۽ دعا“ جيڪو علي نواز گهانگهري صاحب ”روشني پبليڪيشن“ طرفان ۲۰۱۰ع ۾ ڇاپيو آهي، ۽ انگريزيءَ ۾ ڪتاب روزن ۽ حلال ۽ حرام بابت تورات، انجيل ۽ قرآن جي احڪامات بابت ٻه ڪتاب، ٻارن تي دهشت جي خلاف هڪڙو ڪتاب ۽ ڌرتيءَ تي فساد نه پکيڙيو جهڙي نالي سان انگريزيءَ ۾ ڪتاب (Fasad: Laa Tufsidoo Fil Ardh ba’ad islaahihaa) جنهن کي سائين محمد ابراهيم جوئي صاحب سنڌ فلاسافيڪل سوسائٽيءَ حيدرآباد جي طرفان جون ۱۹۹۰ع ۾ ڇپرائي مفت تقسيم ڪيو. حر تحريڪ جي سلسلي ۾ سندس مضمون ”جهونگار“ ۽ ”منصور“

رسالن ۾ ڇپجندا رهيا آهن، پر محمد عمر (۲۰۰۳ع ۾) پاڪستان نيشنل ڊاڪيومنٽيشن سينٽر (ڪيبينيٽ ڊويزن) اسلام آباد مان حرن بابت اُهي ڪاغذات يا ڊاڪيومنٽس حاصل ڪري کڻي آيو جيڪي انڊيا آفيس لائبرري مان (جن کي عرف عام ۾ ليمبرڪ پيپرز ٿو چئجي)، ۽ سنڌ جي مختلف ضلعن (سکر، حيدرآباد، ٿرپارڪر، نوابشاھ ۽ ڪراچيءَ ڪليڪٽرن ۽ پوليس سپرنٽنڊنٽن ۽ سي آءِ ڊي جي ادارن، ۽ گورنر هائوس کان حاصل گهُرائي (آرڪائوز Archives) طور رکيا ويا آهن. انهن ڪاغذن بابت سندس مضمون سنڌي ادبي بورڊ جي سه ماهي رسالي ”مهراڻ“ ۽ سنڌ يونيورسٽي جي گراس روٽس (Grassroots) ميگزن، ۽ همدرد يونيورسٽي ڪراچي جي رسالي ”هسٽاريڪس“ (Historic us) ۾ ڇپيا. اهڙيءَ طرح سنڌ وارا انهن ڪاغذن جي موجودگيءَ کان روشناس ٿيا.

انهي ڪوشش کان اڳ ۱۹۹۲ ۽ ۱۹۹۳ع ۾ محمد عمر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کان حر تحريڪ بابت انٽرويو ڪيا هُئا. انهن انٽرويوز تي مُشتمل ڪتاب مرتب ڪيو ويو جيڪو سال (۲۰۰۳ع ۾) ”حر تحريڪ: انگريز سامراجيت خلاف حرن جي سؤ ساله جنگ“ نالي سان علي راز شر صاحب ”مشعل پبليڪيشن“ مان ڇاپيو. ان کان پوءِ سندن وڏو ڪارنامو حر تحريڪ متعلق انگريزي ءَ ۾ ڪتاب (Brutality of British Empire) آهي، جيڪو روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو حيدرآباد مان ۲۰۱۰ع ۾ ڇپيو، ۽ ٻيا مضمون يا ڪتاب لکڻ ۾ مصروف آهي.

حرن متعلق انگريزن جي اهڙي رويي متعلق بيٺڪي سامراج جي مقامي خيرخواهن جيڪي ڳالهيون لکيون ٿي سي هڪ قابض قوم جي نقطه نظر سان لکيل تاريخ جو حصو هُيون. چنڊ صاحب جيڪو ڪجهه لکيو آهي، اهو انگريز سامراج جي ڳٽن کان سنڌ قوم جي جان ڇڏائڻ جي هڪ تاريخ آهي. اهي ٻئي ڪتاب ڄڻ ته انگريزن جي سامراجي پروپيگنڊائي لکتن جي خلاف سنڌي ۽ انگريزي ٻولين ۾ مدلل جواب آهن. حر جماعت بابت انهن ٻن ڪتابن کان سواءِ سندن ٻيا ڪيترائي مقالا ۽ مضمون اسان جي ڪتابي سلسلي ”جهونگار“ جي مختلف اشاعتن ۾ ڇپجي چُڪا آهن. پاڻ نيوزيلينڊ مان ۲۰۰۳ع ۾ اچي ۲۰۰۶ جي نويمبر تائين سنڌ ۾ ويٺا انهيءَ ڪري ويٺا رهيا ته جيئن حر تحريڪ تي وڌيڪ تحقيق ڪري ڪتابي

صورت ۾ انگريزي توڙي سنڌيءَ ۾ آڻي سگهجن.

سندس وفات ۱۱ نومبر ۲۰۲۲ع صبح جو چاروڳي مقامي وقت نيوزيلينڊ آڪلينڊ ۾ ٿي آهي.

 

(استاد نظاماڻيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۱ نومبر ۲۰۲۲ع تي کنيل)


محمد عمر چنڊ

گل محمد عمراڻي

Prof Muhammad Umar Chand was the top student in BA and won scholarship from Federal government and went to Dacca University East Pakistan in 1966- 68 and did Masters in English literature. On his return as a student at English Department University of Sindh I had spoken to him in 1968, first time while he was returning after meeting Dr Arain who used to live in the old campus. My regular meetings with him were about Dr Baloch Anniversary programmes and at Sureah Badshah Anniversary on 20th March at Sanghar where he was the keynote speaker with Dr Baloch in his life and had my last meeting about two years ago at Dr Baloch Anniversary at Hyderabad. Learned in many languages but his communication in Arabic and Persian was superior and his knowledge of Islam was outstanding. Real genius amongst the other scholars of his enlightened class, now vanishing faster. A colossal loss to Education and Hur Movement related research work indeed. Arshad Baloch and Allah-Warayo Behan

 

(گل محمد عمراڻيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۱ نومبر ۲۰۲۲ع تي کنيل)


محمد عمر چنڊ

هڪ عالم، محقق

استاد نظاماڻي

افسوس سائين محمد عمر چنڊ صاحب هاڻ هن دنيا ۾ ناهي رهيو، سائين محمد عمر چنڊ صاحب جون حُرتحريڪ جي تاريخ لاءِ ڪيل خدمتون وساري نه ٿيون سگهجن. ذاتي طور مونسان سائين جو آخر تائين رابطو رهيو ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهندي هئي، سندس ادبي خدمتن جو مختصر احوال هن طرح آهي.

محمد عمر چنڊ ضلعي سانگهڙ جي تعلقي سنجهوري (هاڻوڪي تعلقي ڄام نواز علي خان) جي ”پراڻي نئون آباد“ ڳوٺ ۾ ۲۱سيپٽمبر ۱۹۴۴ع ڌاري ڄائو. (سرڪاري روينيو رڪارڊ ۾ هن ڳوٺ جو نالو ”ڌڻي پرتو راڄپر“ ڄاڻايل آهي، جو اڳي ڪنهن وقت اتي راڄپر رهندا هُئا. هيءُ ڳوٺ ”ديهه ۴۹ جمڙائو“ ۾ آهي.

محمد عمر ابتدائي تعليم نئون آباد ۾ حاصل ڪئي. نورمحمد هاءِ اسڪول حيدرآباد، نواب شاھه لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول کان هلندي نيٺ ڪنڊياري جي اسڪول ۾ ڪجھه وقت پڙهيو جتي ٻين استادن کان علاوه استاد الهه بخش سهتي به پڙهايو ٿي. جنهن سان خصوصي طور سندن ادب، احترام ۽ نيازمنديءَ جو تعلق آخري وقت تائين رهيو. ڪنڊياريءَ کان پوءِ ٽنڊي ڄام جي هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو. ٽنڊي ڄام مان ئي مئٽرڪ جو امتحان خانگي اميدوار طور ۱۹۶۱ع ۾ پاس ڪيائين. وري سچل سرمست سائنس ڪاليج ۽ (پري مييڊيڪل) لاءِ، ۽ ٽي سال سنڌ ايگريڪلچر ڪاليج جون حاضريون ڀريندي، ۽ تعليم جا ميدان بدلائيندي، نيٺ سروري اسلاميه ڪاليج هالا نوان مان انٽر آرٽس ۱۹۶۶ع ۾ پهرين پوزيشن سان پاس ڪيائين. اُتان ئي ۱۹۶۸ع ۾ بي.اي فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين، ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي انگريزي ڊپارٽمنٽ ۾ داخلا ورتائين، پر سگهوئي انٽر ونگ ايڪسچينج (اوڀر _ اولهه پاڪستان جي پرڳڻن ۾ ڏي وٺ) جي رٿا واري اسڪالرشپ (Inter-Wing Exchange Programme) هيٺ ۱۹۶۸ع ۾ ڍاڪا يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيو. جتان ۱۹۷۰ع ۾ ايم. اي انگريزي ادب ۾ پوزيشن سان حاصل ڪيائين.

سال ۱۹۷۱ع ۾ پهريائين سروري اسلاميه ڪاليج هالا ۾ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي سڏ تي ليڪچرر مقرر ٿيو، پر سگهوئي هيءُ ڪاليج سنڌ سرڪار جي تحويل ۾ ڏنو ويو ۽ سرڪاري عملدارن پنهنجي خباثت واري طريقهءَ ڪار تي ڪاليج جي استادن کي سزا طور سنڌ جي پرانهن ڪاليجن ۾ بدلي ڪري ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو، ان سزا جي حصي ۾ محمد عمر ڪجهه وقت گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ موڪليو ويو جتي انگريزي پڙهايائين. پر سائين ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جي آڇ تي وري پهرئين جنوري ۱۹۷۲ع کان سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن ۽ ريسرچ ۾ شامل ٿيو ۽ اُتي پڙهائڻ لڳو. ۱۹۷۳ع ۾ آمريڪا جي يونيورسٽي آف الينواءِ (University of Illinois, Urbana-Champaign)ويو، جتان ٽيچنگ آف انگلش ايز اي سيڪنڊ لينگويج (Teaching of English as a Second Language) ۾ ماسٽرز ڪرڻ کانپوءِ پي ايڇ ڊي جو ڪورس شروع ڪيائين، پر مالي صورتحال جي غير موافق هُئڻ ڪري ان مهم کي اڌ ۾ ڇڏي، ايران ۾ ۱۹۷۵ع کان ۱۹۷۹ع تائين انگريزي پڙهايائين.

ڪجهه وقت وطن ۾ رهڻ کان پوءِ وري ۱۹۸۰ع ۾ عراق ۾ موصل يونيورسٽيءَ ۾ پڙهايائين. ۱۹۸۲ع ۾ واپس وطن اچي سنڌ يونيورسٽي ۽ سنڌ ايگريڪلچرل يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ پڙهايائين. سال ۱۹۸۵ع کان ۱۹۹۸ع تائين برونائي دارالسلام ۾ پڙهايائين. آخر ۾ نيوزيلينڊ ۾ هو جتي پنهنجي تحقيق ۽ تعليم جي ڪم ۾ رُڌل رهيو.جتي هن پنهنجو دم ڌڻي حوالي ڪيو ۽ سندن تدفين جو بندوبست به اتي ئي ڪيو ويندو.

محمد عمر چنڊ جي علمي ۽ ادبي مُسافري جي سلسلي ۾ چئجي ته سندُس پهريون مضمون ”شاھ عبداللطيف جي ڪلام ۾ عشق حقيقيءَ جو تصور“ جي عنوان سان ۱۹۵۹ ڌاري ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز طرفان نڪرندڙ رسالي ۾ ڇپيو (جنهن زماني ۾ هو ٽئين درجي انگريزي ۾ پڙهندو هو، اڄڪلهه جي ستين ڪلاس ۾). ان کان پوءِ سندس ڪي مضمون جيجي زينت عبدالله چنه جي ”مارئي“ رسالي ۾ ڇپيا، ۽ پوءِ ماهنامه ”هلال پاڪستان“، ماهنامه ”نئين زندگي“،ٽماهي رسالي مهراڻ، ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپجندا رهيا. پروفيسر غلام مصطفيٰ شاھه صاحب ۽ محمد ابراهيم جوئي صاحب ۽ ٻين ”عورت ۽ نئين ٽهي“ يا اهڙي ڪنهن موضوع تي ڪانفرنس ڪوٺائي جنهن لاءِ پاڻ ”مارئي ۽ نئين ٽهي“ جهڙي ڪنهن عنوان سان مقالو لکي پڙهيائون جيڪو ان زماني ۾ ڪانفرنس جي طرفان ڇپيل ڪتاب ۾ شامل ٿيو، پوءِ وري علي محمد چنا صاحب نئين زندگيءَ رسالي ۾ ٻيهر ڇاپيو. ۱۹۸۵ع ۾ سندس ڪتاب لسانيات جي موضوع تي ”لسانياتي جاگرافي ۽ ٻوليءَ جون آراڌايون ...“ وغيره جهڙي نالي سان(۱۹۸۵ع) ۾ ڇپيو جيڪو هاڻي سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ جي طرفان ”سنڌي ٻولي: لسانياتي جاگرافي، (ٻوليءَ جون) آراڌايون ۽ لفظي ترتيب“ جي نالي سان (۲۰۰۴ع) ۾ سڌاري وڌائي ڇپيو ويو.۽ دين اسلام تي ڪجھه ڪتاب سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ لکيا اٿس، جيئن ”عبادت، نماز ۽ دعا“ جيڪو علي نواز گهانگهري صاحب ”روشني پبليڪيشن“ طرفان ۲۰۱۰ع ۾ ڇاپيو آهي، ۽ انگريزيءَ ۾ ڪتاب روزن ۽ حلال ۽ حرام بابت تورات، انجيل ۽ قرآن جي احڪامات بابت ٻه ڪتاب، ٻارن تي دهشت جي خلاف هڪڙو ڪتاب ۽ ڌرتيءَ تي فساد نه پکيڙيو جهڙي نالي سان انگريزيءَ ۾ ڪتاب (Fasad: Laa Tufsidoo Fil Ardh ba’ad islaahihaa) جنهن کي سائين محمد ابراهيم جوئي صاحب سنڌ فلاسافيڪل سوسائٽيءَ حيدرآباد جي طرفان جون ۱۹۹۰ع ۾ ڇپرائي مفت تقسيم ڪيو. حر تحريڪ جي سلسلي ۾ سندس مضمون ”جهونگار“ ۽ ”منصور“رسالن ۾ ڇپجندا رهيا آهن، پر محمد عمر (۲۰۰۳ع ۾) پاڪستان نيشنل ڊاڪيومنٽيشن سينٽر (ڪيبينيٽ ڊويزن) اسلام آباد مان حرن بابت اُهي ڪاغذات يا ڊاڪيومنٽس حاصل ڪري کڻي آيو جيڪي انڊيا آفيس لائبرري مان (جن کي عرف عام ۾ ليمبرڪ پيپرز ٿو چئجي)، ۽ سنڌ جي مختلف ضلعن (سکر، حيدرآباد، ٿرپارڪر، نوابشاھه ۽ ڪراچيءَ ڪليڪٽرن ۽ پوليس سپرنٽنڊنٽن ۽ سي آءِ ڊي جي ادارن، ۽ گورنر هائوس کان حاصل گهُرائي (آرڪائوز Archives) طور رکيا ويا آهن. انهن ڪاغذن بابت سندس مضمون سنڌي ادبي بورڊ جي سه ماهي رسالي ”مهراڻ“ ۽ سنڌ يونيورسٽي جي گراس روٽس (Grassroots) ميگزن، ۽ همدرد يونيورسٽي ڪراچي جي رسالي ”هسٽاريڪس“ (Historic us) ۾ ڇپيا. اهڙيءَ طرح سنڌ وارا انهن ڪاغذن جي موجودگيءَ کان روشناس ٿيا.

انهي ڪوشش کان اڳ ۱۹۹۲ ۽ ۱۹۹۳ع ۾ محمد عمر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کان حر تحريڪ بابت انٽرويو ڪيا هُئا. انهن انٽرويوز تي مُشتمل ڪتاب مرتب ڪيو ويو جيڪو سال (۲۰۰۳ع ۾) ”حر تحريڪ: انگريز سامراجيت خلاف حرن جي سؤ ساله جنگ“ نالي سان علي راز شر صاحب ”مشعل پبليڪيشن“ مان ڇاپيو. ان کان پوءِ سندن وڏو ڪارنامو حر تحريڪ متعلق انگريزي ءَ ۾ ڪتاب (Brutality of British Empire) آهي، جيڪو روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو حيدرآباد مان ۲۰۱۰ع ۾ ڇپيو، ۽ ٻيا مضمون يا ڪتاب لکڻ ۾ مصروف آهي.

 

حرن متعلق انگريزن جي اهڙي رويي متعلق بيٺڪي سامراج جي مقامي خيرخواهن جيڪي ڳالهيون لکيون ٿي سي هڪ قابض قوم جي نقطه نظر سان لکيل تاريخ جو حصو هُيون. چنڊ صاحب جيڪو ڪجهه لکيو آهي، اهو انگريز سامراج جي ڳٽن کان سنڌ قوم جي جان ڇڏائڻ جي هڪ تاريخ آهي. اهي ٻئي ڪتاب ڄڻ ته انگريزن جي سامراجي پروپيگنڊائي لکتن جي خلاف سنڌي ۽ انگريزي ٻولين ۾ مدلل جواب آهن. حر جماعت بابت انهن ٻن ڪتابن کان سواءِ سندن ٻيا /ڏسو صفحو ۷ بقايا ۰۱

ڪيترائي مقالا ۽ مضمون اسان جي ڪتابي سلسلي ”جهونگار“ جي مختلف اشاعتن ۾ ڇپجي چُڪا آهن. پاڻ نيوزيلينڊ مان ۲۰۰۳ع ۾ اچي ۲۰۰۶ جي نومبر تائين سنڌ ۾ ويٺا انهيءَ ڪري ويٺا رهيا ته جيئن حر تحريڪ تي وڌيڪ تحقيق ڪري ڪتابي صورت ۾ انگريزي توڙي سنڌيءَ ۾ آڻي سگهجن.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۱ نومبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا