; سنڌي شخصيتون: سومار علي سومرو

30 April, 2023

سومار علي سومرو

سومار علي سومرو

سنڌ جو هڪ اديب، صحافي ناليوارو مترجم

ڊاڪٽر محمد علي محمدي



سنڌ سونهاري اھڙا تہ املھ ماڻڪ موتي پيدا ڪيا آهن جو پارکو انھن کي پرکي نه سگھيا. ان ۾ ڪجھ قسمت جو کيل تہ وري معاشي مشڪلاتن جي ور چڙهي گمناميءَ جي زندگي گذارڻ تي مجبور ٿيا. منھن جي جن اديبن ۽ صحافين سان ملاقاتون ۽ ڪچھريون ٿيون انھن مان سومار علي سومرو پڻ ھڪ ھو. اھا ڳالھ آهي ۱۹۶۷ع جي جڏهن مان روزانه نواءِ انقلاب سکر ۾ ٻارن جو صفحو ترتيب ڏيندو ھوس تہ اتي اخبار جو ايڊيٽر تہ ھو مقبول صديقي، نيوز ايڊيٽرن ۾ خواجه سليم، م ص بلوچ ۽ سومار علي سومرو ھئا. سومار علي جي انگريزي توڙي سنڌي، فارسي توڙي اردو تي ڪمال جي دسترس ھئي. ان زماني ۾ خبرن جو ذريعو APP (ايسوسيئيٽ پريس آف پاڪستان)، ريڊيو پاڪستان، آل انڊيا ريڊيو ۽ ٻيا ريڊيو ھوندا ھئا. APP جي آفيس معصوم شاھ جي مناري جي لاھي کان ھيٺ ھئي. ڪجھ سال اڳ ان جو بورڊ نظر پڻ آيو ھو. اتي ٽيليپرنٽر تي خبرون ھڪ ڊگھي رول ذريعي نڪرنديون ھيون. ھڪ سائيڪل وارو ھر ڏھ منٽن کان پوءِ پيو سلپون آڻيندو ھو جن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ کان پوءِ انھن جو ترجمو نيوز ايڊيٽر ڪري، ايڊيٽر مقبول صديقيءَ جي حوالي ڪندا ھئا. مون محسوس ڪيو تہ سومار علي سومرو اھڙو تہ لاجواب ترجمو ڪندو ھو جو ايڊيٽر سلپ سڌو سنئون ڪمپوز ڪندڙ کي ڏيندو ھو. ڪمپوز ڪندڙ به اھڙا برک جو جھٽ پل ۾ ڪمپوز ڪري اچي پروف ريڊر جي سامھون رکندا ھئا.. ڪمپوز ڪرڻ وارا سکر ۾ اخبارن توڙي پريسن ۾ سکر ڀرسان فراش ڳوٺ جا پيرزادا ھوندا ھئا.


سومار علي سومرو جو ان کان اڳ سٺ جي ڏهاڪي ۾ سندس ترجمو ڪيل ڪتاب "جادو ۽ سائنس" جيڪو سنڌي ادبي بورڊ پاران ٽن جلدن ۾ ڇپايل پڙھي چڪو ھوس. سنڌ ۾ ترجما مرزا قليچ بيگ کان وٺي حنيف صديقي، سومار علي سومرو، سائين عطا محمد ڀنڀرو، حسين بادشاھ اچي وڃن ٿا. ڳالھ تي اچون ٿا تہ سچ پچ سومار علي سومرو جا ترجما ٽيڪنيڪلي سڀني کان اعلي معيار جا آھن. سومار علي سومرو ھڪ ھنڌ ٽڪي ڪم نه ڪندو ھو سکر کان پوءِ حيدرآباد ستر جي ڏهاڪي ۾ ھن مولانا مودودي جو ڪتاب پردو جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو. ھو ھميشه بيمار رھندو ھو، ھوٽل جا کاڌا، معجون ۽ انگور جو عرق به واپرائيندو ھو. مان ان زماني ۾ ”شاگرد“ رسالي ۾ سندس آتم ڪٿا چئن قسطن ۾ پڻ شايع ڪئي.. سندس زندگي جو مختصر تعارف ھيٺ ڏجي ٿو :

سومار علي ولد حاجي محمد پريل سومرو ۲۳ آڪٽوبر ۱۹۲۳ع تي شڪارپور شهر ۾ ڄائو. پرائمري تعليم خليفي غلام حيدر ڊکڻ جي ملان مدرسي شيدڪي کوهي شڪارپور ۾ ورتائين. جتان ۱۹۳۲ع ۾ چوٿون درجو پاس ڪري انگريزي اسڪول ۾ داخل ٿيو. ۱۹۳۲ع ۾ شڪارپور ۾ “نيو ايرا اسڪول” قائم ٿيو، جيڪو روهڙيءَ واري مسٽر مينگهراج کوليو هو. هن انهيءَ اسڪول ۾ داخلا ورتي. ۱۹۳۷ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول” شڪارپور ۾ داخل ٿيو جتان ۱۹۳۹ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. ان کان پوءِ ڪراچيءَ جي “ڊي جي سنڌ ڪاليج” ۾ داخل ٿيو. ۱۹۴۱ع ۾ انٽر جو امتحان ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ جي مسلمانن اميدوارن ۾ پهريون نمبر آيو، جنهن ڪري هڪ طرف يونيورسٽي ۽ ٻئي طرف ڪاليج مان اسڪالرشپ حاصل ڪيائين. ان کان سواءِ سنڌ سرڪار به کيس وظيفو ڏيڻ شروع ڪيو. هڪ سال کان پوءِ بيمار ٿيڻ سبب موٽي اچي شڪارپور جي “سي ائنڊ ايس ڪاليج” ۾ داخلا ورتائين، جتان ۱۹۴۳ ۾ بي اي (آنرس) پاس ڪيائين. سومار علي هالن ۾ قائم ٿيل نئين هاءِ اسڪول ۾ استاد جي حيثيت سان ملازمت جو آغاز ڪيو. ٻن سالن کان پوءِ ڪراچي جي ڪليڪٽر جي آفيس ۾ ڪلارڪ ٿيو. اتي ئي “هاير روينيو امتحان” پاس ڪري مختارڪار جو اميدوار ٿيو. ليڪن ڪن اڻٽر مجبورين سبب هي کاتو ڇڏڻو پيس. سومار علي صاحب ۱۹۵۸ع ۾ صحافت جي دنيا ۾داخل ٿيو. ڪجهه وقت لاءِ “سنڌ نيوز” (ڪراچي) ۽ “مهراڻ” (حيدرآباد) ۾ ڪم ڪيائين، ان کان پوءِ “هلال پاڪستان” (حيدرآباد) جو انچارج ايڊيٽر ٿيو. انهيءَ عرصي دوران سنڌي ادبي بورڊ ۾ به ڪم ڪندو رهيو. ان کان پوءِ “نواءِ سنڌ” (حيدرآباد) ۾ ڇهه سال نيوز ايڊيٽر ٿي رهيو. بعد ٽي سال کن “نواءِ انقلاب” (سکر) جو نيوز ايڊيٽر ٿي ڪم ڪيائين ان کان پوءِ پنج سال کن “خادم وطن” (حيدرآباد) ۾ ڪم ڪيائين. ۱۹۷۸ کان وٺي روزانه “مهراڻ” (حيدرآباد) ۾ نيوز ايڊيٽر رهيو. سومار علي صاحب صحافت کان سواءِ علم ادب جي به جوڳي خدمت ڪئي آهي، روزگار سانگي نصابي گائيڊون ۽ سونهان به لکيا اٿس. سندس ترجمو ڪيل هي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن: “جادو ۽ سائنس”، “اقتصادي ترقي جا رستا”، “عظيم سائنسدان”، “نالي ماتر آزادي”، “شاه ولي الله جو فلسفو” سندس ترجمو ٿيل ڪجهه ڪتاب اڃا مسودي جي حالت ۾ “سنڌي ادبي بورڊ” ۾ رکيا آهن. ڪجھ وقت “سنڌي انگريزي لغت تي به ڪم ڪيائين ،خبر ناهي تہ الائي شايع ٿي يا نه؟

سندس انتقال اسي جي ڏهاڪي جي آخر ۾ ٿيو. سندس وفات جي تاريخ ۽ تدفين معلوم ڪو نه اٿم.

 

(ڊاڪٽر محمد علي محمدي، پنوعاقل ۲۶ اپريل ۲۰۲۳ع جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۹ اپريل ۲۰۲۳ع تي کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا