; سنڌي شخصيتون: سومار علي سومرو

30 April, 2023

سومار علي سومرو

سومار علي سومرو

سنڌ جو هڪ اديب، صحافي ناليوارو مترجم

ڊاڪٽر محمد علي محمدي



سنڌ سونهاري اھڙا تہ املھ ماڻڪ موتي پيدا ڪيا آهن جو پارکو انھن کي پرکي نه سگھيا. ان ۾ ڪجھ قسمت جو کيل تہ وري معاشي مشڪلاتن جي ور چڙهي گمناميءَ جي زندگي گذارڻ تي مجبور ٿيا. منھن جي جن اديبن ۽ صحافين سان ملاقاتون ۽ ڪچھريون ٿيون انھن مان سومار علي سومرو پڻ ھڪ ھو. اھا ڳالھ آهي ۱۹۶۷ع جي جڏهن مان روزانه نواءِ انقلاب سکر ۾ ٻارن جو صفحو ترتيب ڏيندو ھوس تہ اتي اخبار جو ايڊيٽر تہ ھو مقبول صديقي، نيوز ايڊيٽرن ۾ خواجه سليم، م ص بلوچ ۽ سومار علي سومرو ھئا. سومار علي جي انگريزي توڙي سنڌي، فارسي توڙي اردو تي ڪمال جي دسترس ھئي. ان زماني ۾ خبرن جو ذريعو APP (ايسوسيئيٽ پريس آف پاڪستان)، ريڊيو پاڪستان، آل انڊيا ريڊيو ۽ ٻيا ريڊيو ھوندا ھئا. APP جي آفيس معصوم شاھ جي مناري جي لاھي کان ھيٺ ھئي. ڪجھ سال اڳ ان جو بورڊ نظر پڻ آيو ھو. اتي ٽيليپرنٽر تي خبرون ھڪ ڊگھي رول ذريعي نڪرنديون ھيون. ھڪ سائيڪل وارو ھر ڏھ منٽن کان پوءِ پيو سلپون آڻيندو ھو جن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ کان پوءِ انھن جو ترجمو نيوز ايڊيٽر ڪري، ايڊيٽر مقبول صديقيءَ جي حوالي ڪندا ھئا. مون محسوس ڪيو تہ سومار علي سومرو اھڙو تہ لاجواب ترجمو ڪندو ھو جو ايڊيٽر سلپ سڌو سنئون ڪمپوز ڪندڙ کي ڏيندو ھو. ڪمپوز ڪندڙ به اھڙا برک جو جھٽ پل ۾ ڪمپوز ڪري اچي پروف ريڊر جي سامھون رکندا ھئا.. ڪمپوز ڪرڻ وارا سکر ۾ اخبارن توڙي پريسن ۾ سکر ڀرسان فراش ڳوٺ جا پيرزادا ھوندا ھئا.


سومار علي سومرو جو ان کان اڳ سٺ جي ڏهاڪي ۾ سندس ترجمو ڪيل ڪتاب "جادو ۽ سائنس" جيڪو سنڌي ادبي بورڊ پاران ٽن جلدن ۾ ڇپايل پڙھي چڪو ھوس. سنڌ ۾ ترجما مرزا قليچ بيگ کان وٺي حنيف صديقي، سومار علي سومرو، سائين عطا محمد ڀنڀرو، حسين بادشاھ اچي وڃن ٿا. ڳالھ تي اچون ٿا تہ سچ پچ سومار علي سومرو جا ترجما ٽيڪنيڪلي سڀني کان اعلي معيار جا آھن. سومار علي سومرو ھڪ ھنڌ ٽڪي ڪم نه ڪندو ھو سکر کان پوءِ حيدرآباد ستر جي ڏهاڪي ۾ ھن مولانا مودودي جو ڪتاب پردو جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو. ھو ھميشه بيمار رھندو ھو، ھوٽل جا کاڌا، معجون ۽ انگور جو عرق به واپرائيندو ھو. مان ان زماني ۾ ”شاگرد“ رسالي ۾ سندس آتم ڪٿا چئن قسطن ۾ پڻ شايع ڪئي.. سندس زندگي جو مختصر تعارف ھيٺ ڏجي ٿو :

سومار علي ولد حاجي محمد پريل سومرو ۲۳ آڪٽوبر ۱۹۲۳ع تي شڪارپور شهر ۾ ڄائو. پرائمري تعليم خليفي غلام حيدر ڊکڻ جي ملان مدرسي شيدڪي کوهي شڪارپور ۾ ورتائين. جتان ۱۹۳۲ع ۾ چوٿون درجو پاس ڪري انگريزي اسڪول ۾ داخل ٿيو. ۱۹۳۲ع ۾ شڪارپور ۾ “نيو ايرا اسڪول” قائم ٿيو، جيڪو روهڙيءَ واري مسٽر مينگهراج کوليو هو. هن انهيءَ اسڪول ۾ داخلا ورتي. ۱۹۳۷ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول” شڪارپور ۾ داخل ٿيو جتان ۱۹۳۹ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. ان کان پوءِ ڪراچيءَ جي “ڊي جي سنڌ ڪاليج” ۾ داخل ٿيو. ۱۹۴۱ع ۾ انٽر جو امتحان ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ جي مسلمانن اميدوارن ۾ پهريون نمبر آيو، جنهن ڪري هڪ طرف يونيورسٽي ۽ ٻئي طرف ڪاليج مان اسڪالرشپ حاصل ڪيائين. ان کان سواءِ سنڌ سرڪار به کيس وظيفو ڏيڻ شروع ڪيو. هڪ سال کان پوءِ بيمار ٿيڻ سبب موٽي اچي شڪارپور جي “سي ائنڊ ايس ڪاليج” ۾ داخلا ورتائين، جتان ۱۹۴۳ ۾ بي اي (آنرس) پاس ڪيائين. سومار علي هالن ۾ قائم ٿيل نئين هاءِ اسڪول ۾ استاد جي حيثيت سان ملازمت جو آغاز ڪيو. ٻن سالن کان پوءِ ڪراچي جي ڪليڪٽر جي آفيس ۾ ڪلارڪ ٿيو. اتي ئي “هاير روينيو امتحان” پاس ڪري مختارڪار جو اميدوار ٿيو. ليڪن ڪن اڻٽر مجبورين سبب هي کاتو ڇڏڻو پيس. سومار علي صاحب ۱۹۵۸ع ۾ صحافت جي دنيا ۾داخل ٿيو. ڪجهه وقت لاءِ “سنڌ نيوز” (ڪراچي) ۽ “مهراڻ” (حيدرآباد) ۾ ڪم ڪيائين، ان کان پوءِ “هلال پاڪستان” (حيدرآباد) جو انچارج ايڊيٽر ٿيو. انهيءَ عرصي دوران سنڌي ادبي بورڊ ۾ به ڪم ڪندو رهيو. ان کان پوءِ “نواءِ سنڌ” (حيدرآباد) ۾ ڇهه سال نيوز ايڊيٽر ٿي رهيو. بعد ٽي سال کن “نواءِ انقلاب” (سکر) جو نيوز ايڊيٽر ٿي ڪم ڪيائين ان کان پوءِ پنج سال کن “خادم وطن” (حيدرآباد) ۾ ڪم ڪيائين. ۱۹۷۸ کان وٺي روزانه “مهراڻ” (حيدرآباد) ۾ نيوز ايڊيٽر رهيو. سومار علي صاحب صحافت کان سواءِ علم ادب جي به جوڳي خدمت ڪئي آهي، روزگار سانگي نصابي گائيڊون ۽ سونهان به لکيا اٿس. سندس ترجمو ڪيل هي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن: “جادو ۽ سائنس”، “اقتصادي ترقي جا رستا”، “عظيم سائنسدان”، “نالي ماتر آزادي”، “شاه ولي الله جو فلسفو” سندس ترجمو ٿيل ڪجهه ڪتاب اڃا مسودي جي حالت ۾ “سنڌي ادبي بورڊ” ۾ رکيا آهن. ڪجھ وقت “سنڌي انگريزي لغت تي به ڪم ڪيائين ،خبر ناهي تہ الائي شايع ٿي يا نه؟

سندس انتقال اسي جي ڏهاڪي جي آخر ۾ ٿيو. سندس وفات جي تاريخ ۽ تدفين معلوم ڪو نه اٿم.

 

(ڊاڪٽر محمد علي محمدي، پنوعاقل ۲۶ اپريل ۲۰۲۳ع جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۹ اپريل ۲۰۲۳ع تي کنيل)







سُومار علي سومرو

ادب جو گمنام خدمتگار

حسيب ناياب منگي

اُهو جيءُ جُڳ جُڳ يادگار رهندو آهي، جنهن سچائيءَ سان علم ڦهلايو ۽ خلوص توڙي انسان دوستيءَ جي واٽ وٺي خدمت کي پنهنجو مقصد بڻايو ۽ عاجزيءَ سان پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻ کانپوءِ ڪنهن مان به ڪنهن به قسم جي موٽ جي اميد نه رکي ۽ وقت جي حاڪم توڙي وسَ وارن جي ويجهو رهندي به پنهنجي عزتِ نفس کي سدائين پنهنجين مادي ضرورتن کان مٿانهون رکيو. اهڙيُن ئي وصفن سان مالامال سنڌ جي هڪ مشهور شخصيت سومار علي سومرو به هو، جنهن سنڌ جي علمي، ادبي ۽ صحافتي ميدان ۾ پنهنجي انفرادي ڪم سان پاڻ ملهايو. هُو نه رڳو پنهنجي لاءِ، پر ايندڙ نسلن لاءِ به فڪري لاٽ روشن ڪري ويو. سومار علي سومرو اُن شخصيت جو نالو آهي، جنهن زندگيءَ کي ڪن وڏن لقبن يا عهدن آڌار نه، پر پنهنجي علمَ، اصولن، صداقت ۽ عوامي جذبي تحت گذاريو. سندس فڪر، قلمي سگَهه، گفتگو ۽ ڪردار، اڄ به علم جي راهَه جي راهين لاءِ اونداهيءَ ۾ روشنيءَ جي لاٽ مثل آهي.

سومار علي سومرو، ۲۳ آڪٽوبر ۱۹۲۳ع تي شڪارپور جهڙي علمي، ادبي ۽ ثقافتي شهر ۾ ڄائو، جتي علم ۽ فڪر جي لاٽ اڳي ئي روشن هئي. منجهس جاکوڙَ، محنت ۽ ڄاڻ جي اُڃَ پيدائشي موجود هئي. سندس والد ــ حاجي محمّد پريل سومرو پيشي جي لحاظ کان ته بورچي هو، پر سخت محنت ۽ گهڻي چاھه مان هن پنهنجَن سڀني پٽن ــ سُومار علي، عطا محمّد، عبدالڪريم، غوث بخش ۽ دوست محمّد کي پڙهايو ۽ لائق بڻايو. سُومار علي سومري جي شروعاتي تعليم شڪارپور ۾ خليفي غلام حيدر جي مدرسي ۾ ٿي. ان کانپوءِ انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ’نيو ايرا اسڪول‘ ۾ داخلا ورتائين. اڳتي هلي ۱۹۳۹ع ۾گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور مان مئٽرڪ ڪاميابيءَ سان پاس ڪري، علم جي طلب جي تؤنسَ ۾ ڪراچيءَ پهتو، جتي ڊي. جي. سنڌ ڪاليج مان انٽر جو امتحان نمايان نمبرن سان پاس ڪيائين ۽ اتي داخل مسلمان شاگردن ۾ پهريون نمبر آيو. ۱۹۴۳ع ۾ فارسيءَ ۾ بي. اي. (آنرس) پاس ڪري، مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول هالا ۾ استاد مقرر ٿيو. جتي مقرريءَ واري مختصر عرصي دؤران مخدوم محمّد زمان طالب الموليٰ جي شفقت نصيب ٿيس. پر هالن ۾ استاد جي حيثيت سان پنهنجي قابليت جا جوهر ڏيکارڻ لڳو ئي مسَ، ته روينيو کاتي جو ’هائير ڪواليفائنگ‘ (اعليٰ حاصلات) جو امتحان پاس ڪري ڪراچيءَ ۾ روينيو کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. فرض شناس هئڻ ڪري ايمانداريءَ سان ملازمت ڪندو رهيو ۽ ۱۹۵۸ع ۾ مارشل لا سبب نوڪري ڇڏي صحافت جي ميدان ۾ قدم رکيائين.

سومار علي سومري جي علمي ڪارنامن ۾ سندس صحافتي ۽ ادبي خدمتون اڻ وسرندڙ آهن. هن ”نواءِ سنڌ“، ”نواءِ انقلاب“، ”خادمِ وطن“، ”هلال پاڪستان“، ”سنڌ نيوز“ ۽ ”مهراڻ“ جهڙين ناميارين اخبارن ۾ ’سينيئر نيوز ايڊيٽر‘ طور ڪم ڪيو. صحافت جي کيتر ۾ خبرن جي چونڊَ ۽ ايڊيٽنگ کان وٺي مضمون نگاريءَ ۽ سياسي تبصري نگاريءَ تائين، پنهنجي قلمَ سان سماجي اهميت جو پرچار ڪندي پڙهندڙن جي آگاهيءَ جو عمدو اهتمام ڪيائين. ذڪر ڪيل اخباري ادارن ۾ سندس لکڻيون نه رڳو اعليٰ ادارتي معيار جو مثال هيون، بلڪه پڙهندڙن جي سجاڳيءَ جو ڪم پڻ ڪنديون رهيون. سندس خبرون، مضمون توڙي ايڊيٽوريلَ سماجي، تعليمي، سياسي ۽ اخلاقي اهميت رکندڙ هوندا هئا. هو لفظن جي چونڊ ۾ انتهائي محتاط هوندو هو. تحرير ۾ سندس اسلوب سؤلو، سادو ۽ عام فهم هوندي به بيحد اثرائتو هو. هن اخبارن کي صرف خبرن جي رسائيءَ جو وسيلو نه بڻايو، بلڪه علم، شعور ۽ فڪر جي ترجمانيءَ جو پليٽ فارم سمجهيو. هن مطابق صحافت صرف واقعن جي رپورٽنگ جو نالو ناهي، پر اصل ۾ سماج جي ذهن سازيءَ، سچ جي ڳولا ۽ شعور جي ترويج جو نالو آهي.

سومار علي سومري هڪ کاهوڙي سنڌيڪار طور ڪيترائي اهم علمي ۽ ادبي ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا. سنڌي ٻوليءَ جي علمي خزاني ۾ سندس ترجمو ڪيل ڪتابَ  اهم جاءِ والارن ٿا. ”جادو ۽ سائنس“، ”اقتصادي ترقيءَ جا رستا“، ”عظيم سائنسدانَ“، ”نالي ماتر آزادي“ (مصنف: ذوالفقار علي ڀُٽو)، ”ڪشمير جو مسئلو“، ”پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي“، ”تقريرون“، ”ڀُوري ڇوڪري ــ حق جي ڳولا ۾“، ”سنڌ، مسلمانن جي فتح کان اڳ“ ۽ ”شاهه ولي الله جو فلسفو“ جهڙا سندس ترجمو ڪيل ڪتابَ، نه فقط نثر ۾ سلاستَ ۽ سؤلي ابلاغ جو مثال آهن، پر فڪري لحاظ کان به اهم آهن. انهن ڪتابن کي پڙهڻ سان محسوس ٿئي ٿو ته سومار علي سومرو رڳو ڪتابي ڄاڻ جو مٿاڇرو ترجمو ڪونه ڪندو هو، بلڪه انهن ۾ سمايلَ فڪر کي سمجهي، مقامي پڙهندڙن لاءِ قابلِ فهم بڻائڻ جو هنر پڻ ڄاڻندو هو. اهو ئي نه پر سندس لکيل ڪيتريون ئي درسي گائيڊون ۽ گرامرَ جا ڪتاب پڻ شايع ٿيا ۽ شاگردن جي رهنمائيءَ جو سبب بڻيا. ان کانسواءِ سندس هڪ وڏو خواب ”سنڌي ــ انگريزي لغت“ جي ڪم جي تڪميل به هو، جنهن تي هن وڏي عرصي کان ڪم ڪيو پئي. اهو منصوبو، سندس هڪ پُراسرار ۽ بلند حوصلي سان ڀريل خواب هو، جيڪو سندس علمي جوهرَ، عزمَ ۽ ذهني صلاحيتن جو غماز هو. هي اهڙو عرق ريزيءَ وارو ڪم آهي، جيڪو هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي. پر افسوس جو اهو اهم ڪم هو پنهنجي حياتيءَ ۾ مڪمل ڪري نه سگهيو.

سومار علي سومري جا ترجمو ٿيل ڪي ڪتاب اڃا مسودن جي صورت ۾ اڻ ڇپيل آهن، جن بابت ٻڌايو يا لکيو ويو آهي ته ڪجهه سنڌي ادبي بورڊ وٽ به موجود آهن. اها ڳالهه ثابت ڪري ٿي ته سومار علي سومري پنهنجي حياتيءَ ۾ ايترو مواد ترجمو ڪيو، جو اهو سندس حياتيءَ ۾ مڪمل ڇپجي به ڪونه سگھيو. علم، ڪتابن، لفظن ۽ ان جي پڙهندڙن سان سندس ناتو انتهائي سچو ۽ جذباتي هو. هن پنهنجي قلم کي ذميواريءَ سان ڪاڳر تي هلايو ۽ هر لفظ کي بامقصد بڻائڻ لاءِ تفڪر ۾ رهيو.

ذاتي حوالي سان وضعداري، سومار علي سومري جي شخصيت جو اهم گڻ هئي. هو پنهنجي شخصيتَ ۾ سادو ۽ بردبار انسان هو. وڏائيءَ، شهرت يا ڏيکاءَ کان سدائين پري رهندو هو. پنهنجي بيشمار ۽ بي مثال ادبي خدمتن باوجود، هو انهن جِي ڪڏهن به پاڻئُون تشهيرَ ڪونه ڪندو هو. هن لاءِ ادبي خدمتَ، نمائش نه، پر عبادت مثل هئي. هو عام ماڻهن سان عزت سان ملندو ۽ وس آهر سندن مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. هو نه صرف هڪ ادبي شخصيت هو، بلڪه هڪ خاموش سماجي ڪارڪن به هو، جيڪو سنڌ جي ماڻهن جي تعليم يافته، باشعور ۽ باضمير هجڻ جو خواهشمند هو.

سندس محفلن ۾ سدائين علم جي خوشبو پکڙيلَ هوندي هئي. گفتگو ۾ فڪر جو وزن ۽ چهري تي عاجزيءَ جو نور هوندو هئس. هو فقط روشن ضمير ئي نه، بلڪه سجاڳ ذهن به هو؛ فقط پڙهيل نه، پر سمجهندڙ به هو؛ فقط لکندڙ نه، پر فڪر پيدا ڪندڙ به هو.

سومار علي سومرو، حيدرآباد ۾ رهائش دؤران عمر جي آخري ڏينهن ۾ جڏهن بيمار ٿي پيو، ته سندس ٽئي پُٽَ کيس حيدرآباد مان شڪارپور وٺي آيا. لاڙڪاڻي جي سرڪاري اسپتال ۾ علاج واسطي داخل هو، ته علاج دؤران ئي ۲۴ آگسٽ ۱۹۸۴ع تي سندس ساھَه جي تند ٽٽي پئي ۽ هُو هي فاني جهان ڇڏي حقيقي مالڪ جي حضور وڃي پهتو. سندس آخري آرامگاھه شڪارپور ۾ ’ڪڙي عطا محمّد واري قبرستان‘ ۾ آهي.

سومار علي سومري جي زندگيءَ مان اها سکيا ملي ٿي ته علم کي فقط پنهنجيءَ ذات تائين محدود نه رکجي، پر ان کي سماج سان ونڊجي. علم، جيڪڏهن خلقِ خدا جِي ڀلائيءَ لاءِ استعمال نه ٿئي، ته اهو فقط ذخيره اندوزيءَ وانگر ئي رهجي وڃي ٿو. سومارَ اهو ئي علم پکيڙيو، جيڪو روشني ڏئي، سوال پيدا ڪري، جواب ڳولڻ تي مجبور ڪري ۽ انسان ۾ انسان دوستي پيدا ڪري. سندس شخصيت، فڪري سگهه، تخليقَ ۽ ترجمي جي ميدان ۾ ڪيل ادبي ڪارناما توڙي سندس ذاتي اخلاق، اڄ به سنڌ لاءِ فخر جو باعث آهن. سندس ڪردار، علم دوستي ۽ ذاتي عاجزي، سڀ سندس ذات جا روشن حوالا آهن.

اڄ سومار علي سومري جو هڪ سؤ ٻيون جنم ڏهاڙو آهي. اسان سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي هن خاموش خدمتگار کي سندس جنم ڏينهن تي عقيدت منجهان ياد ڪريون ٿا.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۵ آڪٽوبر ۲۰۲۵ع تي ڇپيل)


 

 

No comments:

راءِ ڏيندا