اشوڪ خاموش
نوجوان ليکڪ ۽ شاعر جا ويچار
ڳالھ ٻولھ: صدام ساگر
نوجوان ليکڪ ۽ شاعر
اشوڪ خاموش، ٿرپارڪر جي ڳوٺ ڌاراڙ ۾ ۲ جنوري ۱۹۹۴ع ۾ ممون مل جي گهر ۾ اک کولي. هن ابتدائي ۽ پرائمري تعليم
اباڻي ڳوٺ مان ئي حاصل ڪئي، مڊل ڪلاس جي تعليم ڳوٺ پاٻوهر مان حاصل ڪئي، مئٽرڪ هاءِ
اسڪول مٺي، انٽر اڳوڻي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ۽ هاڻوڪي صادق فقير ڪاليج مان پاس ڪئي
۽ وڌيڪ تعليم سنڌ يونيورسٽيءَ مان پرائي، جتان سنڌي ادب مان ماسٽرز جي ڊگري وٺڻ کانپوءِ
هاڻي پرائمري استاد طور فرض انجام ڏئي رهيو آهي. اشوڪ خاموش، ليکڪ، سماجي ڪارڪن هجڻ
سان گڏوگڏ بهترين ڪمپيئر پڻ آهي.
شاعري پڙهڻ جو شوق
ته ننڍپڻ کان ئي هيس، اسڪول ۾ پڙهڻ دوران ڪاپين تي مختلف شاعرن جي شاعري لکڻ، پڙهڻ،
ياد ڪرڻ ۽ پوءِ آهستي آهستي اها شاعري مختلف اسٽيجن تي پيش ڪرڻ، اها ننڍپڻ جي ڪِرت
هيس اهڙي ريت ٻالڪپڻ جو پنڌ ڪندي جواني ۾ لکڻ جهڙي وسيع ڏات جي آغوش ۾ پناھ وٺڻ جي
ڪوشش ڪئي، باقي وقت ۽ حالتن سندس لکڻين، تحريرن ۽ شاعري ۾ نواڻ آندي ۽ نوان موضوع
ڏنا. مثال طور محبوب سان پيار واريون ڪهاڻيون لکندي لکندي وقت ۽ حالتن جي ستم ظريفي،
ڌرتيءَ جو درد ۽ مظلوم ديس واسين جي دانهن کيس جاڳايو، اهڙي ريت سندس تخليق جا موضوع
وڌڻ ويجهڻ لڳا. ان کانپوءِ ڪنهن شاعر کان متاثر ٿي شاعري ناهي ڪئي، باقي شاعري ۾ پناھ
وٺڻ کانپوءِ سنڌي ادب جي ڪافي شاعرن کان متاثر ٿيس، جنهن ۾ شاھ عبداللطيف، سچل، سامي،
اياز، بيوس، بخاري ۽ گدائي شامل آهن.
ادب جي وصف کي بيان
ڪندي چوندو آهي ته ادب ٽن اکرن تي مشتمل هڪ ننڍڙو لفظ آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ واري ٽن جلدن واري تحقيق ۽ تصنيف ٿيل سنڌي لغت ۾ هن ننڍڙي لفظ جي مون معنيٰ
ڏٺي ته اهو لفظ تمام وسيع لڳو. “اهو علم (علم ادب) جنهن ۾ لغت، تاريخ، فلسفو، نثر
توڙي نظم ۽ انهن جي قاعدا قانون سڀ اچي وڃن ٿا”. پوءِ سمجهڻ جي ڪوشش ڪيم، تڏهن اهو
معلوم ٿيو ته اهو ادب ئي آهي جيڪو ملڪن ۽ ڌرتيءَ تي رهندڙ قومن کي تاريخي جيئندان بخشيندو
آهي. ائين چئجي ته ادب قومن جي چٽي ۽ سچي پچي تصوير هوندو آهي.
ادب جي سماجي ڪارج
بابت سندس چوڻ آهي ته ادب سماج جو آئينو هوندو آهي ڪنهن به سماج جو ادب پڙهڻ سان سماج
پورو جو پورو اسان جي خيال ۾ اچي ويندو آهي جهڙي ريت اسان لطيف جي سر مارئي کي کڻي
ڏسون ته ان ۾ اسان کي ٿر جي رهڻي ڪهڻي، ريتن رسمن، رواجن، زميني ڦير گهير، ماڻهن
جي ڌنڌي ۽ روز مرھ جي زندگي ويندي انهن جا کاڌا وغيره سڀ جا سڀ ذهن ۾ اچي وڃن ٿا، اهڙي
ريت اسان اهو چئي سگهون ٿا ته ادب سماج جو آئينو هوندو آهي، اهو به چئي سگهجي ٿو
ته ادب سماج تي اثر انداز ٿيندو آهي ته سماج به ادب ۾ پنهنجا اثر ڇڏيندو آهي. جڏهن
ته اديب سماج جا ڊاڪٽر هوندا، اهي سماج جي هر ننڍي سٺائي توڙي خرابي کي باريڪ بيني
سان ڏسندا آهن.
ٻاراڻي ادب تي ڪم
نه ٿيڻ جي ڪارڻ بابت اشوڪ جو چوڻ آهي ته اسان جي ادب جو انتهائي سنگين ۽ ڌيان طلب
پهلو ٻاراڻو ادب آهي. ٻاراڻو ادب ڪچڙن ذهنن جي آبياري ڪندو آهي. سچ اهو آهي ته اسين
تاريخ جي جنهن جديد دور مان گذري رهيا آهيون ان ۾ ٻاراڻي ادب ۾ جدت انتهائي ضروري
آهي. اها جدت جيڪا ٻارن جي سوچن، خيالن ۽ فڪري حوالي سان آبياري ڪري. اسان جي ٻاراڻي
ادب سان وڏو الميو اهو آهي ته اسان وٽ لطيف جهڙو عظيم شاعر آهي پر افسوس سان چوڻو
ٿو پوي ته اسان جي ٻاراڻي ادب ۾ لطيف جي پرچارڪ بلڪل نه هجڻ برابر آهي، وڏي ستم
ظريفي اها به آهي ته اسان جي پرائمري جي ٻارن کي لطيف جي نالي جي به خبر ناهي، ضرورت
ان ڳالھ جي آهي ته ٻاراڻي ادب ۾ جيڪو شاعري وارو حصو آهي ان ۾ جديد شاعري پڻ پڙهائي
وڃي جنهن ۾ استاد بخاري، شميشر الحيدري، شيخ اياز، تاجل بيوس، ابراهيم منشي، ايوب کوسي
۽ ٻين جو شمار هجڻ ضروري آهي ان کانسواءِ چوٿين ۽ پنجين ڪلاس کان ويندي ڪاليج تائين
سنڌي جديد افسانوي ادب کي پڙهايو وڃي، جنهن ۾ رسول بخش پليجي، نسيم کرل، علي بابا،
امر جليل کان ويندي ٻين ڪيترن ئي اديبن جا سياسي سماجي نثر جا انبار ملن ٿا، جنهن
سان ٻارن جي سماجي، سياسي، ماحولياتي، جنسياتي حوالي سان مڪمل تربيت ٿي سگهي ٿي، ڏٺو
وڃي ته هن وقت ٻاراڻي ادب ۾ جدت جي ضرورت آهي.
ٿرپارڪر ۾ افسانوي ادب
گهٽ لکجڻ بابت سندس چوڻ آهي ته اسان وٽ ٿر ۾ افسانوي سان گڏ ادب جون ٻيون به ڪافي
نثري صنفون آهن جنهن تي ڪم تمام گهٽ مطلب ته نه هجڻ برابر ٿي رهيو آهي. منهنجي
خيال ۾ ان جو وڏو سبب اهو ٿي سگهي ٿو ته هتي عام طرح ادبي ويهڪون ۽ اسٽڊي سرڪل گهٽ
ٿين ٿا. ٻيو سبب اهو به آهي ته هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج ۾ به افسانوي ادب نه پڙهايو ويندو
آهي ۽ هتي ڪابه يونيورسٽي نه هئڻ سبب ادبي ڪلاس نه هلڻ ڪري به هي صنف متاثر ٿي سگهي
ٿي.
ادب ۾ تنقيد جي اهميت
۽ ضرورت تي ڳالهائيندي اشوڪ خاموش چيو ته مون اختر حفيظ جي هڪ مضمون ۾ پڙهيو هو ته
“سنڌي ادب جي ڪجھ روايتن مان تنقيد جي روايت دم ٽوڙي چُڪي آهي، تنقيد جي بدران تعريف
جي روايت جاءِ وٺي ڇڏي آهي، ظاهر آهي ته جنهن ادب ۾ تنقيد جي روايت کي ادب جي بي عزتي
سمجهيو وڃي انهيءَ ادب جي ڪهڙي حالت ٿيندي، انهيءَ جو اندازو لڳائڻ گهڻو ڏکيو ڪونهي”.
هر ادب جي لاءِ تنقيد انتهائي ضروري هوندي آهي، تنقيد ادب کي خوبصورت بڻائي ٿي ۽ اسان
کي ادب جي زواليت جا سبب ٻڌائي ٿي. اسان جي سنڌي سماج ۾ اديبن سان گڏ نقادن جي تمام
گهڻي کوٽ آهي. نقاد کي تخليقڪار کان وڌيڪ پڙهيل لکيل هجڻ کپي ۽ هوءَ جنهن به صنف تي
تنقيد ڪري ته ان صنف تي نقاد کي پوري طرح دسترس هجڻ کپي. تنقيد جي بهترين خوبي بحث
ڪرڻ آهي ۽ بحث ذهنن جي آبياري ڪندو آهي. هڪ ته اسان وٽ تنقيد رهي ناهي ۽ جيڪڏهن انڌي
منڊي آهي به صحيح ته اها بلڪل محدود ٿي چڪي آهي ادبي، فني ۽ فڪري تنقيد ڪرڻ بدران
شخصي تنقيد ڪئي ويندي آهي، جنهن ڪري اڪثر تنقيد ڪندڙ تخليقڪار ذاتيات تي لهي پوندا
آهن ۽ ٻيو ته اسان جا تخليقڪار پنهنجي تخليق تي ٿيندڙ ادبي تنقيد کي برداشت به
ناهن ڪندا. تنهن ڪري انهن کي اها ڳالھ سمجهڻ گهرجي ته ادب جي لاءِ تنقيد نهايت ئي ضروري
آهي.
شاعري بابت سندس
موقف آهي ته لفظ شعر اصل ۾ شعور مان ورتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي، عقل، ڄاڻ، دانش. جڏهن
ته شعر لفظ جي معنيِٰ آهي ڄاڻ، دريافت، ۽ بيت يا نظم. شاعري ان دانشمنديءَ جو نالو
آهي جيڪا هجومن ۾ اڪيلائي محسوس ڪرائي ۽ تنهائي هڪ جٽادار ڪاروان محسوس ڪرائي، شاعري
ماڻهو جي اندر جي اڌمن ۽ امنگن جي اپٽار آهي. شاعر سوچن ۽ خيالن جي بي ترتيب رواني
جو نالو آهي. ماڻهو شاعري کي الهامي چوندا آهن پر اهو حقيقت ۾ نه آهي اها اسان جي
پنهنجي معاشري جي ئي پيداوار آهي. مثال طور: بادشاهي نظام ۾ قصيدن واري شاعري
هوندي آهي، ظلم، جبر ۽ ڏاڍ واري نظم شاعري مزاحمتي هوندي آهي، مطلب ته جهڙو سماج هوندو
آهي تهڙي ئي شاعري تخليق ٿيندي آهي، اسان وٽ ادب جا ۲ ڀاڱا آهن، هڪڙو نثر ۽ ٻيو نظم. نظم ۾ سموري
شاعري اچي وڃي ٿي. اسان جي سنڌي شاعري خاص ٻن حصن ورهايل آهي. هڪ ڪلاسيڪل شاعري
جيڪا وديا تي آڌاريل آهي جيڪا اسان کي هندي ادب کان ملي، ٻيو علم عروض يا عروضي شاعري
جيڪا اصل عربي ٻولي جي آهي پر اسان وٽ فارسي کان ئي پهتي. بهرحال اسان ٿلهي ليکي اهو
چونداسين ته شاعري ادب جي اها صنف آهي جنهن جي ذريعي اسان وڏا وڏا قصا ۽ ڪهاڻيون به
ڪجھ سٽن ۽ چند الفاظن ۾ بيان ڪري سگهون ٿا.
ٿر جي نوجوانن جي لکڻين
بابت ڳالهائيندي اشوڪ خاموش چيو ته سنڌ سميت ٿر ۾ پُڻ سٺو ۽ مزاحمتي ادب سرجي رهيو
آهي پر تمام تمام گهٽ مقدار ۾ . ٿر جي اڀرندڙ ۽ نوجوان تخلقيڪارن جي ڀيٽ ۾ وڏن اديبن
۽ ليکڪن ۾ ماٺار ڇانيل آهي. وڏو الميو اهو پڻ آهي ته وڏن اديبن ۽ نوجوانن جي وچ ۾ هڪ
وڏو ڪميونيڪشن گيپ Communication Gap نظر اچي ٿو، جيڪي پڙهيل لکيل ادب جا سٺا
پارکو ۽ ڄاڻيندڙ آهن اِهي نوجوانن جي مالڪي ۽ تربيت نه ڪري رهيا آهن.
ٿر جا نوجوان جيتري
قدر Creative Mind
آهن انهي حساب سان تربيت اٽي ۾ لوڻ برابر
آهي، ان ڳالھ ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونه ٿيندو ته تعليم ۽ سياست هڪ ئي سڪي جا ۲ پاسا آهن، پر اسان وٽ شاگردن توڙي نوجوانن
کي سياست جهڙي جديد ۽ ضروري سبجيڪٽ کان پري رکي پيو وڃي، ٻي ڳالھ اها پڻ آهي ته اسان
وٽ سڄي سنڌ ۾ نظرياتي سياست ختم ٿي چڪي آهي، هتي صرف سياست جي نالي پٺيان سرمائيداري
۽ جاگيرداري نظام پيو هلي. ٿر جي نوجوانن سان هڪڙو وڏو الميو اهو پڻ رهيو آهي ته انهن
کي هتي ڪو مقامي سياسي ۽ نظرياتي اڳواڻ مليو ناهي ان ڪري ٿر جو نوجوان سياست ۾ جيترو
اڳڀرو هجڻ گهرجي اوترو ناهي. جيڪي ڪجھ نوجوان سياست ۾ سرگرم آهن انهن کي نظرئي، منشور،
قيادت ۽ سياست بابت خبر ئي ناهي، ان جو سبب اهو آهي ته سياسي تربيت ختم ٿي چڪي آهي.
پسند جي شاعرن بابت
ڳالهائيندي چيائين ته هونءَ ته ڌرتيءَ جا سڀ شاعر پسند آهن جنهن جي شاعريءَ ۾ ڌرتي
جي مظلوم ماڻهن جي پُڪار ۽ دانهن هوندي آهي جنهن جي شاعريءَ ۾ ڌرتي جو درد سمايل هوندو
آهي. باقي ٿر جا جيڪي اعليٰ پائي جا شاعر آهن جن مان آئون تمام گهڻو متاثر آهيان، جنهن
۾ امام علي جنجهي، امر ساهڙ، امر رائسنگھ راجپوت ۽ نثار بلوچ شامل آهن.
پنهنجي لکڻين تي موقف
اٿس ته سڀ کان پهرين ته ادب جو شاگرد هئڻ جي ناتي اهو چوندس ته ماڻهو جنهن ماحول ۾
رهي ٿو ان ماحول کان متاثر ٿي جيڪو ڪجھ لکندو آهي اهو لکڻ ئي هن جي مطمئن هجڻ جو ثبوت
هوندو آهي. باقي منهنجي تخليق توڙي جو ادبي ماپن، علم عروض ۽ بحر وزن تي سئو سيڪڙو
پورو نه لهندي هجي پر پوءِ به آئون ان خيال جو آهيان اها منهنجي اڌمن ۽ امنگن جي ترجماني
آهي ۽ ڪوشش ڪندو آهيان ته ادبي معيارن تي پورو لهان.
ان سوال ته ڪتاب توهان
جي زندگيءَ ۾ ڪيتري تبديلي آندي آهي اشوڪ جو چوڻ آهي ته منهنجي زندگيءَ ۾ ڪتابن جو
جيڪو سونهري دور رهيو آهي اهو سنڌ يونيورسٽيءَ جا ۴ سال رهيا آهن، اهي ڪتاب جن مون کي سنڌي ادب
جي چوٽي جي اديبن کان ويندي دنيا جي ٻين قومن جي ادب ۽ خيالن کان واقف ڪيو، ڪتاب خيالن
۾ پختگيءَ پيدا ڪندا آهن ۽ ماڻهو جي لکڻين کي بالغ ٿيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن. مون
کي ڪتابن وڌيڪ سوچڻ تي مجبور ڪيو ۽ پوءِ منهنجي سوچڻ ۽ لوچڻ جي سگھ وڌڻ لڳي. چوندا
آهن ته “ادب ماڻهو کي مٺي ننڊ نه سمهاريندو آهي پر ماڻهو کي وڌيڪ بيچين ڪندو آهي”.
اڄ ڪلھ جي ايوارڊن کي
ڪهڙي نگاھ سان ڏسو ٿا؟ جيئن ته ڪجھ ڏينهن اڳ ينگ ايوارڊز تقريب ۾ ”ممتاز مولائي”
کي بهترين شاعر ۽ فنڪار طور ايوارڊ طور نوازيو ويو ۽ ان ايوارڊ وارا فوٽو پڻ سوشل
ميڊيا جي زينت بڻيا ۽ اديبن ۽ شاعرن پڻ تنقيد ڪئي، ان حوالي سان توهان جي ڇا راءِ
آهي؟
اڄ ڪلھ ايوارڊ صرف سستي
شهرت تائين محدود ٿي چڪا آهن، حالانڪ ايوارڊ ڏات شناسي جي حوالي سان ڏات ڌڻين کي
مڃتا لاءِ ڏنا ويندا آهن پر اڄ جي دور ۾ اها حقيقي مڃتا تمام گهٽ رهي آهي. اسان وٽ
ايوارڊ هاڻي پنهنجا نوازي تائين محدود ٿي ويا آهن.
آخر ۾ پڙهندڙن ۽ قوم جي نوجوانن لاءِ پيغامڏيندي چيائين ته وڌ کان وڌ لطيف پڙهو ۽ لطيف جي فڪري پرچارڪ ڪريو، پنهنجي هر تخليق ۾ لطيف جي ڏاهپ ۽ دانشمندي سمايو. ٻيو ته آئون پاڻ شاگرد آهيان تنهن ڪري قومن ۽ نسلن کي پيغام هميشه آئيڊيل ليڊر ڏيندا آهن، پر مون کي هتي ويٽنام جي ڪامريڊ هوچي منھ جا لفظ ياد ٿا اچن، کين جڏهن ۱۹۴۲ع ۾ چين جي جيل ۾ قيد ڪيو ويو هو تڏهن جيل مان پنهنجي ديس جي شاعرن کي خط لکي اهو چيائين هو ته “شاعر، پنهنجي شعرن کي بحر، وزن ڏئي ورتو. . . هاڻي انهن کي جنگ جو فن سيکاريو ته توهان جا شعر گوليون بڻجي قوم ۽ عوام جي دشمنن جون دليون چيرين”.
No comments:
راءِ ڏيندا