; سنڌي شخصيتون: سيٺ پرشوتم سنگهه بجاج

28 April, 2023

سيٺ پرشوتم سنگهه بجاج

سيٺ پرشوتم سنگهه بجاج

حسيب ناياب منگي


 

شڪارپور ۾ بجاج آڪهه، شهر جي ترقي ۽ بهتري کانسواءِ شهرين کي هر حال ۾ سهارو ڏيڻ، ڏکئي وقت ۾ سندن مدد ڪرڻ ۾ ڪڏهن به پٺتي نه رهي. سيٺ پرشوتم سنگهه بجاج جيڪو شڪارپور جي مشهور سيٺ لڻيندا سنگهه بجاج جو پٽ هو. لڻيندا سنگهه بجاج کي ته شڪارپور جا ماڻهو سڏيندا ئي “ننگر سيٺ” هئا. اهڙي ريت ننگر سيٺ جا پٽ : سيٺ منگهومل، سيٺ ڪشنچند ۽ سيٺ پرمانند بجاج اُسريا ۽ پنهنجن پنهنجن ڪاروبارن سان گڏ عوامي خدمتن ۾ مصروف ٿي ويا ته سيٺ پرشوتم به انهن جي نقش قدم تي هلندي اڳتي نڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. پنهنجي وڏڙن کان وٺي هيءَ نه صرف شڪارپور شهر ۾ اسڪول، ڪاليج ۽ صحت مرڪز قائم ڪرائڻ لاءِ ڌن ڏيندا هئا پر شڪارپور اندر هلندڙ مسافر خاني جي سموري معاملن کي ڏسڻ ۽ سنڀال رکڻ سميت مختلف جاين تي شهرين کي علمي ۽ هنري سکيا ڏيڻ جي حوالي سان به خرچ ڀري ڏيندا هئا. سيٺ پرشوتم شڪارپور ۾ ۲۲ فيبروري ۱۹۰۵ع تي پيدا ٿيو هو، ننڍپڻ کان ئي هوشيار هئڻ سان گڏ سندس خيال ڪاروبار ۽ ڀلائيءَ جا ڪم سرانجام ڏيڻ ۾ لڳل هوندو هو. پنهنجي گهر ۾ سماجي خدمت وارو ماحول ڏسندي غريبن جي سيوا ڪرڻ ۾ کيس سڪون ملندو هو. واپاري معاملن کي ڏسڻ ۽ سياست ۾ پڻ هو گهڻي دلچسپي وٺڻ لڳو هو. هندستان جا نالي وارا سياستدان جڏهن شڪارپور ۾ عوامي ميڙ کي خطاب ڪرڻ يا سياسي پروگرامن ۾ شرڪت ڪرڻ ايندا هئا ته سندن گهر ۾ ئي ٽڪندا هئا. 

سيٺ پرشوتم سنگهه بجاج شڪارپور ۽ بمبئي مان جڏهن علم حاصل ڪيو ته پنهنجي ئي شهر ۾ هيٺين سطع جي سياست ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو. هو شڪارپور شهر ۾ ميونسپل جو ننڍڙي وهيءَ ۾ چيئرمين بڻيو ته روڊن ۽ رستن تي بيهي پنهنجي نگراني ۾ صفائي ڪرائيندو هو. صفائي ڪرڻ واري عملي جا جڏهن ڏک ۽ درد ٻڌڻ شروع ڪيائين ته پنهنجي توجه انهن ڏانهن ڌرڻ شروع ڪيائين. شڪارپور ۾ پٺتي پيل هريجن جي سارسنڀال لهڻ کي هن ئي شخص خاص ترجيح ڏني. هريجن جي لاءِ هن شڪارپور ۾ هڪ بئنڪ به قائم ڪئي. پاڻ بئنڪ جو چيئرمين ٿي رهيو. اها به خدمت سندس ئي حصي ۾ آئي ته هن شڪارپور ۾ ڀنگين جي لاءِ ڪالوني ٺهرائڻ ۾ سڀ کان وڌيڪ غريبن جي مدد ڪئي. شڪارپور ۾ جڏهن به ڪا بيماري منهن ڪڍندي هئي يا قدرتي آفت ايندي هئي ته سيٺ پرشوتم سنگهه کي شهرين جو تمام گهڻو فڪر ٿيڻ لڳندو هو. پاڻ گهوڙي تي چڙهي پاڙي پاڙي ۾ وڃي چڪر هڻندو هو غريب ۽ متاثر ماڻهن کان احوال وٺي انهن کي گهر ويٺي سامان پهچائي ويندو هو. “ننگر سيٺ” کانپوءِ هن کي شڪارپور جا ماڻهو پنهنجو همدرد سمجهندا هئا ۽ عزت جي نگاه سان ڏسندا هئا. شڪارپور کان علاوه به جتي مسڪين ماڻهن کي مدد جي گهرج ٿيندي هئي ته سيٺ پرشوتم سنگهه بجاج انڪار نه ڪندو هو. ڪٿي به جڏهن ڪو زلزلو ايندو هو ته سيٺ کاڌي پيتي جي سامان سان گڏ ڪپڙا ۽ پئسا به ان علائقي ڏانهن متاثر ماڻهن جي لاءِ موڪلي ڏيندو هو. سنڌ سميت بلوچستان جي علائقن ۾ جتي به بيمار ماڻهو هوندا هئا انهن جي علاج لاءِ مفت طبي ڪئمپ جو اهتمام ڪندو هو. شڪارپور ۾ جڏهن ننڍڙي عمر واري نينگري جي شادي, ڪنهن وڏي عمر واري مرد سان ٿيندي هئي ته سيٺ ڪرڪي اٿندو هو. اهو ئي نه پر ٻين سماجي براين جي خاتمي جي لاءِ پاڻ هميشه متحرڪ رهيو. ڪو دور هو جو شڪارپور ۾ اهو رواج عام هو ته هتان جون عورتون پنهنجي سهاڳ جي نشانيءَ جي طور تي نڪ ۾ نٿ پائينديون هيون، سيٺ پرشوتم سنگهه بجاج ان رسم جي خلاف ٿيندي، شڪارپور ۾ پنهنجي ڌرم پتنيءَ کي نڪ ۾ نٿ پهرائڻ کان انڪار ڪندي ڪوڪو پهرايو ته شڪارپور ۾ اهو چرچو عام ٿي ويو ماڻهن ڏانهس سواليه نظرون کڻڻ شروع ڪيون پر سيٺ پنهنجي ڏاهپ سان ان معاملي کي ختم ڪري عورتن کي ڪوڪو پائڻ جي رواج ڏانهن آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

شڪارپور هندو پئنچائت جڏهن به ڪو قدم کڻندي هئي ته سيٺ پرشوتم کي اعتماد ۾ ضرور ورتو ويندو هو. شهري به جڏهن ڪو علمي، سياسي، ڌرمي يا سماجي پروگرام توڙي ناٽڪ برپا ڪندا هئا ته سيٺ پرشوتم جي مدد کين حاصل هوندي هئي. شڪارپور! جنهن جي لاءِ هن گهراڻي تمام گهڻي خدمت ڪئي هئي تنهن جون حالتون تڏهن خراب ٿيون جڏهن ورهاڱو ٿيو. ورهاڱي سبب ههڙا عوامي خدمت گذار به ڪمزور ٿي ويا، سيٺ پرشوتم ڏک ۽ غم جي ڪيفيت ۾ روئيندو سڄي شهر جا چڪر هڻندو هو. ڪڏهن پنهنجي وڏڙن جي ٺهرايل لکي در واري پرائمري اسڪول ۽ چيلاسنگهه ۽ سيتلداس ڪاليج ڏانهن ويندو هو ته ڪڏهن مسافر خاني ۾ وڃي اتي ترسيل ماڻهن کي ماني کارائي سڪون حاصل ڪندو هو. شاهي باغ وڃي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي رهندو هو. ڏينهن جو ڏهه ڀيرا پنهنجي وڏڙن جي قائم ڪيل “آيرويدڪ ڪاليج” ۾ وڃي وقت گذاريندو هو. چوڙيگر بازار ۾ جيڪا غريبن جي لاءِ مفت علاج واري اسپتال قائم ڪئي هيائون، اتي وڃي مريضن جي خدمت ڪرڻ لڳندو هو. شڪارپور مان لڏي وڃڻ وقت، هن کي شهر جو اهو پيار محبت وارو ماحول اوپرو محسوس ٿيڻ لڳو، ڪالهه جيڪي هندو مسلم هڪ ٻئي جا ساٿي هئا، اهي هاڻي هڪ ٻئي جي لاءِ اوپرا بڻجي چڪا هئا، سو هيءُ ڳوڙها ڳاڙهيندو شهر کي پيار ڀرين نظرن سان ڏسندو، شڪارپور کي ڇڏي هندستان ڏانهن وڃي بئنگلور ۾ رهيو، سنڌ سميت شڪارپور جي ياد سندس من تان نه لهيو نه لٿي!

بئنگلور ۾ پنهنجي پتا سيٺ لڻيندا سنگهه بجاج جي نالي پٺيان اسڪول هلائڻ لاءِ رقم ڏنائين. هندستان ۾ سرڪاري ادارن ۽ تنظيمن جو ميمبر بڻيو، انسان دوست بڻجي مسڪينن جي مدد ڪيائين. غريب ماڻهن جي کاڌي، رهائش ۽ علاج واسطي بئنگلور ۾ مايا جا مٽ کولي ڇڏيائين. پنهنجي شڪارپور کان ڏور رهندي ۱۹۷۰ع واري ڏهاڪي ۾ ديهانت ڪيائين.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۸ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا