; سنڌي شخصيتون: سيٺ پرشوتم سنگهه بجاج، حسيب ناياب منگي،
Showing posts with label سيٺ پرشوتم سنگهه بجاج، حسيب ناياب منگي،. Show all posts
Showing posts with label سيٺ پرشوتم سنگهه بجاج، حسيب ناياب منگي،. Show all posts

28 April, 2023

سيٺ پرشوتم سنگهه بجاج

سيٺ پرشوتم سنگهه بجاج

حسيب ناياب منگي


 

شڪارپور ۾ بجاج آڪهه، شهر جي ترقي ۽ بهتري کانسواءِ شهرين کي هر حال ۾ سهارو ڏيڻ، ڏکئي وقت ۾ سندن مدد ڪرڻ ۾ ڪڏهن به پٺتي نه رهي. سيٺ پرشوتم سنگهه بجاج جيڪو شڪارپور جي مشهور سيٺ لڻيندا سنگهه بجاج جو پٽ هو. لڻيندا سنگهه بجاج کي ته شڪارپور جا ماڻهو سڏيندا ئي “ننگر سيٺ” هئا. اهڙي ريت ننگر سيٺ جا پٽ : سيٺ منگهومل، سيٺ ڪشنچند ۽ سيٺ پرمانند بجاج اُسريا ۽ پنهنجن پنهنجن ڪاروبارن سان گڏ عوامي خدمتن ۾ مصروف ٿي ويا ته سيٺ پرشوتم به انهن جي نقش قدم تي هلندي اڳتي نڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. پنهنجي وڏڙن کان وٺي هيءَ نه صرف شڪارپور شهر ۾ اسڪول، ڪاليج ۽ صحت مرڪز قائم ڪرائڻ لاءِ ڌن ڏيندا هئا پر شڪارپور اندر هلندڙ مسافر خاني جي سموري معاملن کي ڏسڻ ۽ سنڀال رکڻ سميت مختلف جاين تي شهرين کي علمي ۽ هنري سکيا ڏيڻ جي حوالي سان به خرچ ڀري ڏيندا هئا. سيٺ پرشوتم شڪارپور ۾ ۲۲ فيبروري ۱۹۰۵ع تي پيدا ٿيو هو، ننڍپڻ کان ئي هوشيار هئڻ سان گڏ سندس خيال ڪاروبار ۽ ڀلائيءَ جا ڪم سرانجام ڏيڻ ۾ لڳل هوندو هو. پنهنجي گهر ۾ سماجي خدمت وارو ماحول ڏسندي غريبن جي سيوا ڪرڻ ۾ کيس سڪون ملندو هو. واپاري معاملن کي ڏسڻ ۽ سياست ۾ پڻ هو گهڻي دلچسپي وٺڻ لڳو هو. هندستان جا نالي وارا سياستدان جڏهن شڪارپور ۾ عوامي ميڙ کي خطاب ڪرڻ يا سياسي پروگرامن ۾ شرڪت ڪرڻ ايندا هئا ته سندن گهر ۾ ئي ٽڪندا هئا.