; سنڌي شخصيتون: پروفيسر سليم سولنگي

14 April, 2023

پروفيسر سليم سولنگي

پروفيسر سليم سولنگي

دادُو جو شيڪسپيئر

رفيق کوسو



هن دنيا ۾ ڪي ماڻهو تاريخ بڻجندا آهن ۽ انهن تاريخ بڻجندڙن جي وچ ۾ ڪي اهڙا به انسان هوندا آهن جيڪي پنهنجي اندر ۾ سڀ کان وڏي تاريخ هوندا آهن ۽ پنهنجي اندر جي تاريخ ۾ جيئندا آهن، اُهي مهان هوندا آهن! دنيا جي لوڀن کان پري سچ جي گمنامي ۾ پناھ وٺندا آهن. شايد هو دنيا جي روين کي گهرائيءَ سان ۽ جلد سمجهي ويندا آهن، تنهنڪري دنيا جي جڙتو بدلجندڙ تاريخ کان منهن موڙي اهڙا انسان سقراط چواڻي “پنهنجي پاڻ کي سڃاڻڻ جي جستجو ۾ لڳي ويندا آهن” ۽ سدائين اوجهل رهندا آهن ماڻهن ۽ دنيا جي نظرن کان. تاريخ جو حصو اهڙا ماڻهو به هوندا آهن، جيڪي صرف انهن ماڻهن کي نظر ايندا آهن، جيڪي اُنهن کي سمجھي سگهندا آهن ۽ اهڙن ماڻهن ۾ دادو جي “استاد بخاري ڪاليج” جي انگريزي ادب سان تعلق رکندڙ پروفيسر سليم سولنگي صاحب به هو، جنهن کي دادو جا ماڻهو دادو جو شيڪسپيئر به سڏيندا هئا ته ڪي وري کيس دادو جو “آڪسفورڊ يونيورسٽي” به سڏيندا هئا.


سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز جو جڏهن به دادو شهر مان گذر ٿيندو هو ته هو دادو شهر ۾ سائين سليم صاحب سان ملڻ بنا انهيءَ شهر مان نه گذرندو هو ۽ اياز پنهنجي لکيل ڪتاب “ڪراچي جون راتيون ۽ ڏينهڙا” ۾ سائين سليم لاءِ ائين به لکيو آهي “هڪڙي دفعي مونکي منهنجي ٻاهرئين ملڪ جي دوست چيو ته اياز تون وڏو شاعر آهين سنڌ جو پر افسوس جو اسان کي تنهنجي شاعري پڙهڻ نصيب نه ٿي ۽ هاڻي ڪيئن به ڪري پنهنجي شاعري انگريزي ۾ ترجمو ڪري اسان کي پڙهاءِ. ”شيخ اياز وڌيڪ لکي ٿو ته “مون وٽ وقت جي قلت هئڻ سبب مان پنهنجي شاعري کي انگريزي ۾ ته ترجمو نه ڪري سگهيُس پر انهي وقت مونکي دادو ۾ منهنجو دوست سليم سولنگي ياد اچي ويو جيڪو (ڊگري ڪاليج دادو) استاد بخاري ڪاليج ۾ انگريزي جو اُستاد آهي ۽ هڪڙي دفعي دادو کان گذرندي مان پنهنجي ڪجھ چونڊ شاعري سليم سولنگي کي انگريزي ۾ ترجمي ڪرڻ لاءِ ڏئي ڇڏي، ۽ جڏهن سليم سولنگي جو انگريزي ۾ ترجمو ٿيل پنهنجي شاعري کي پڙهيو ته ائين پيو لڳي ڄڻ اها شاعري سليم صاحب انگريزي ۾ لکي هجي. ”

سليم سولنگي جي پيدائش دادو جي هڪڙي ڳوٺ دين محمد شاهاڻي ۾ ٿي، ۽ اتان کان سائين پنهنجي تعليم سنڌي مئٽرڪ تائين حاصل ڪئي. جنهن کانپوءِ پاڻ پهريان پرائمري استاد ٿي ڪري سنڌ جي تعليمي خدمت ڪئي ۽ مئٽرڪ جي سند حاصل ڪرڻ بعد ريگيولر تعليم حاصل ڪرڻ بدران سائين انٽر آرٽ پرائيويٽ ۾ داخلا وٺي ڇڏي، بعد ۾ گريجوئيشن آرٽ (پرائيويٽ) پهرئين ڊويزن ۾ پاس ڪرڻ کانپوءِ ماسٽرز انگريزي ادب (پرائيويٽ) ۾ داخلا وٺي ڇڏي ۽ انگريزي ادب ۾ پرائيويٽ ماسٽرز جي سند حاصل ڪرڻ کانپوءِ انگريزي جو ليڪچرر بڻيو. سليم سولنگي جو وجود ۽ ذهن ادب، فلسفو، تاريخ ۽ ٻولين تي هر لحاظ کان حاوي رهيو هو، جنهن لاءِ “هن جا شاگرد اهو به چئي ڏيندا آهن ته سائين سليم سولنگي صاحب هڪ گهمندڙ ڦرندڙ لائبرري هيو.”

۱۹۷۶ع دوران شيخ اياز کي جڏهن سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر بڻايو ويو، تنهن وقت شيخ اياز سائين سليم کي سنڌ يونيورسٽي جي انگريزي ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچرر جي حيثيت سان سنڌ جي شاگردن کي ادب پڙهائڻ جي آڇ ڪئي، جيڪا سائين سليم نه قبولي ۽ سائين دادو جي ڊگري ڪاليج ۾ پڙهائڻ کي ترجيح ڏني. ان کانپوءِ انهيءَ ساڳي سال شيخ اياز پنهنجا ٻه سو کان وڌيڪ بيت، وايون ۽ آزاد نظم سائين سليم کي انگريزي ۾ ترجمي لاءِ ڏئي ڇڏيا هئا، جيڪي سائين سليم ته ترجمو ڪيا هئا پر انهي وقت جنرل ضياءُ جي مارشل لا جي سخت قانون سبب اُهي بيت ڪتاب جي شڪل ۾ ڇپجي نه سگهيا، ۽ پوءِ انهن مان ڪجھ چونڊ ترجمو ٿيل شاعري بعد ۾ “برسات” نالي هڪڙي هفتيوار مئگزين ۾ ڇپيا هئا. انهي وقت شيخ اياز سائين سليم کي انگلينڊ مان انگريزي ادب ۾ ايم فِل ۽ پي ايڇ ڊي ڪرڻ جي آڇ ڪئي پر سائينءَ اهو چئي انڪار ڪري ڇڏيو ته “اياز مان سمجهان ٿو ته اِهي سڀ شيون وقت جو زيان آهن. ”

سليم سولنگي انگريزي ٻولي جو ايترو ته ڄاڻو هو جو هڪڙي دفعي انگلينڊ ۾ پڙهندڙ هڪ شاگرد پنهنجي هڪڙي انگريز دوست کي سنڌ گهمائڻ لاءِ وٺي آيو ۽ آخر ۾ هُن کي سائينءَ سان ملائڻ وٺي آيو، جتي ڪچهري کانپوءِ اهو انگريز ماڻهو سائين سليم سان ڳالهائيندي وائڙو ٿي ويو ۽ سائينءَ کي چئي ڏنائين ته “توهان جيڪا انگريزي ڳالهايو پيا، اُها انگلينڊ ۾ اسان جون راڻيون ۽ بادشاھ ڳالهائيندا آهن. ”

سائينءَ، اياز کان علاوه شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ کي به انگريزي ۾ ترجمو ڪيو هو ۽ سائينءَ جو لطيف کي ويٺي ويٺي ترجمو ڪرڻ سائينءَ جي پنهنجي لطيف سان محبت جو اظهار هيو ۽ اهي ترجما سائين جي پنهنجي ملڪيت هئا پر هڪ دفعي سائين سليم جي ترجمو ٿيل لطيف جي بيتن جون ڪاپيون ذوالفقار ڀٽو جي پوٽِي فاطمه ڀٽو جي هٿ لڳيون، جنهن سائينءَ سان ملڻ ٿي چاهيو. هُن ڪجھ ماڻهو دادو موڪليا ته جيئن اُهي سائين سليم کي دادو مان رسِيو ڪري اسلام آباد وٺي اچن. پر سائين سليم انهن کي هي لفظ چئي واپس ڪري ڇڏيو ته “فاطمه اسان جي نياڻي آ جي هُوءَ هتي اچڻ چاهي ته هُن لاءِ لک عزتون پر معاف ڪجو مان نٿو هلي سگهان جو مون وٽ ايترو وقت ناهي. ”

۱۹ جنوري ۲۰۰۸ع ڌاري سائين سليم سولنگي گلي جي ڪينسر سبب ٻاهٺ سالن جي عمر ۾ هن فاني دنيا کي الوده چئي ابدي ننڊ سمهي رهيا ۽ انهي گلي جي ڪينسر جو سبب سائين جي چين سموڪنگ هئي جنهن لاءِ ڊاڪٽرن سائينءَ کي چيو هو ته توهان کي ٿروٽ ڪينسر آهي تنهنڪري توهانکي سگريٽ نه پيئڻ کپن. جنهن تي سائين سليم ڊاڪٽر کي جواب ڏنو هو ته “ڪهڙي پڪ آ ته سگريٽ ڇڏڻ سان زندگي بچي ويندي!” ۽ انهي ڏينهن دادو وارن کان هنن جو هڪڙو عالم ۽ استاد وڇڙيو هو، جنهن کانپوءِ سائينءَ جي هڪڙي شاگرد لياقت ٿهيم سائين سليم تي هڪڙو بلاگBlog  به لکيو هو، جنهن جو ٽائيٽل گرامر آف لائيف هو. سائين انگريزي کان ويندي فارسي، عربي ۽ سنڌي ٻولي جي گرامر جا تمام وڏا ڄاڻو هئا. سندس وڇوڙي واري ڏينهن دادو جي هر ماڻهوءَ جي اک آلي ۽ دل اداس هئي.


 

سليم سولنگي

تن ۾ جا طاقت، سا ساري بخاري ڀونءِ جي - سائين جي ٻارهين ورسي لاءِ لکيو ويو

لياقت ٿهيم

ٻه ٽي ڏينهن اڳ دادو ۾، سائين سليم جي گھر پئي ويس. رات جو ٽائيم هو. روڊ تي گھپ اونداهي هئي. رستو ڀلجي اڳتي نڪري ويس. هيڏانهن هوڏانهن ڏٺم پر سائين جي گھر جي اها گھٽي مونکي ڏسڻ ۾ نه آئي. محسوس ڪيم ته شهر جي آخري ڪنڊ تي اچي پهتو آهيان. اتان موٽيس. موٽندي هڪڙي حجام وٽان ڏاڙهي ٺهرايم. سندس سيلون ٻاهران ڀت رڌڻ جون ديڳون به پيل هيون. چيائين ته ’سر، راڌي جو ڪم به ڪندو آهيان. ‘نوجوان ماڻهو هو. منهنجي اکين تي عينڪ ۽ ٻيو اسٽائيل ڏسي ڏاڍي ڌيان، ادب ۽ احترام سان منهنجي شيو ڪيائين.

مان ٻاراڻي عمر کان هن شهر ۾ اچڻ لڳو آهيان. پر هاڻي ائين ٿو لڳيم ته دادو ۾ پيدل گھمڻ لاءِ موٽر سائيڪل تي هلڻ گھرجي. روڊ ڀڳل، ڊاڳ جا ڍير ۽ فل رفتارموٽر سائيڪلون. ڄڻ ته ڏھ پندرهن هزار موٽر سائيڪلون هڪ ئي وقت ۾ شهر ۾ گھڙي آيون هجن. اَٺ آڏو پندرهن پٺيان. فوٽ پاٿن مٿان، بازارن ۽ باغن ۾، ايستائين جو مُقامن ۾ به موٽر سائيڪلون ٿيون ڊوڙن. مان سمجھان ٿو ماڻهو فقط گھرن ۾ موٽر سائيڪلون نه ٿا هلائين.

اهي ڳالهيون سوچيندو، سائين جي گھر ويندڙ گھٽي ۾ پهتس. سائين پنهنجي عمر جي آخري حصي ۾ هن ڪالوني ۾ گھر خريد ڪري اچي رهيو هو. ٻاهرين گھٽي ۾ هڪ ڇولا کپائيندڙ گاڏي تي ڇولا کڻي بيٺو هو. مون در مٿان لڳل گھنٽي وڄائي ۽ بيهي انتظار ڪرڻ لڳس. گاڏي واري همراھ مونکي ڏٺو ۽ چيائين ’ڀائو اها گھنٽي ڪانه وڄندي، در کڙڪايو. ‘در کڙڪايم. سائين جو ننڍو پٽ ’منصور’نڪري آيو. خير عافيت ڪئي سين. مونکي چيائين ته ’اندر هلي ويهو. ‘ساڻس گڏ اندر آيس ۽ گھر جو آڳر ٽپيس ته ورانڊي ۾ سائين سليم جي گھرواري ڏٺم. ڪرسي تي ويٺي هڪڙي تغاري ۾ پيل ٽانڊن مٿان هٿ پئي سيڪيائين. ويچاري بيمار، عمر رسيده، برجستي عورت، مونکي ڏسي اٿي بيٺي.

سائين جي ڪٽنب جا سڀ ماڻهو-ننڍا توڙي وڏا- ٿورو ڳالهائيندڙ، حيادار، ڳالهائڻ جا مٺا، محنتي، سادگي پسند ۽ غريب دوست آهن. سائين چوندو هو، ’پٽ، ٻين جي پچار نه ڪريو. ‘مون هنن وٽ ڪڏهن ڪنهن ماڻهو جي گلا ناهي ٻڌي، نه ئي ڪنهن جي شڪايت ڪندا. ڪڏهن ڪڏهن سخت مالي ۽ سماجي مسئلن ۾ به پئجي وڃن ٿا. پر ڪيڏي به تنگي هجي ڪنهن کي سوال نه ڪندا.

سائين سليم اعليٰ انساني خصلتن وارو شخص ۽ عالمي ادب، فلسفي، سياسي نظرين، نفسيات، تعليم، ۽ ٻولي جي شعبن ۾ وسيع ڄاڻ رکندڙ، روشن دماغ ۽ روشن ضمير استاد هو. جيڪي به شاگرد وٽس پڙهيا سي مون سان شايد متفق ٿين ته کين وري اهڙو استاد نه مليو جيڪو سائين جي جتي ۾ پير وجھي سگھي. اهي شاگرد منهنجي انهي ڳالھ سان به سهمت ٿيندا ته سندن ڪيريئر جو بنياد ( سائين) سليم جي مرهون منت آهي ۽ جيڪڏهن سليم سان سندن ملاقات نه ٿئي ته هو زندگي ۾ ڪٿي به پهچي نه سگھن ها.

سائين جي گھرواري سائين جي سئوٽ به ٿئي. ٻئي ساڳئي ڳوٺ جا آهن. ڳالهيون ڪندي سائين جي ننڍپڻ جا ۽ سندس امڙ بابت ڪجھ واقعا ٻڌايائين. ڪجھ ڳالهيون سائين جي سائين جي ذاتي سڀاو بابت به هيون. هي ڳالهيون اڌ صدي اڳ جي سنڌ جون آهن ۽ انهن کي انهي تناظر ۾ ڏسڻ گھرجي. اهو سمورو تذڪرو جيڪو سائين جي ننڍپڻ واري حياتي جي هڪ حصي جيان آهي، سو جيئن جو تيئن هتي لکان ٿو. چوڻ لڳي:

“سليم کي جيڪو ڏٺوَ. . . سو سڄو ماءُ جو اثر هوس. پنهنجي ماءُ سان گھڻو انس هوس. نانو ڳوٺ ۾ حڪيم هئن. کيس هڪڙي نياڻي هئي جيڪا پوءِ منهنجي سس ٿي. ڪم ڪار لاءِ وٽن گھر ۾ ڪو ڇوڪرو ڪونه هوندو هو سو اها مائي دوائون ٺاهڻ ۾ پنهنجي پيءَ جي مدد ڪندي هئي. هلندي هلندي حڪمت ۾ ايڏي هوشيار ٿي وئي جو اڄوڪا ڊاڪٽر به نه پڄنس. ”

“اها مائي پڙهيل نه هئي پر پڙهيل ماڻهن لاءِ وڏي عزت هيس. ڳوٺ ۾ اسان جا گڏيل گھر هوندا هئا. گھر ۾ کوھ به هوندو هو جنهن مان سڄي آڪھ جو پاڻي ڀريندا هئاسين. گھرن جو سمورو ڪم ڪار ڪنديون به هيوسين پر اها مائي چوندي هئي ته ’امان، ڪم ته نوڪر به ڪري ڏيندو، ماني به پچائي ڏيندو ته ٿانو به ڌوئي ڏيندو، سڀ ڪم ڪري ڏيندو. پر توهان جي ٻه ٽي درجا پڙهي پئو ته مڃيانوَ. ‘سليم پنهنجي ماءُ جون اهي ڳالهيون ويهي ٻڌندو هو. وڏي داناءُ مائي هئي. سندس پيءَ به رڳو حڪيم ڪونه هو. عربي ۽ فارسي ۾ استاد هو.

“سليم وٽ هڪڙي سائيڪل هوندي هئي. انهي تي چڙهي انگريزي اخبار وٺڻ لاءِ روز ڳوٺان دادو ويندو هو. انگريزي اخبار دير سان ايندي هئي. سياري توڙي اونهاري دادو مان اخبار وٺي ايندو هو. چوندو هو مونکي روز اخبار گھرجي ٿي. پوءِ چمني تي دير تائين اخبار ويهي پڙهندو هو. وري لالٽين ورتوسين ته انهي تي ويهي پڙهندو هو. ”

“تڏهن مِشن تي هٿ سان سَيون ٺاهيندا هئا. سندس ماءُ اهي سَيون ٺاهي پراڻين اخبارن تي سُڪڻ لاءِ رکي ڇڏيندي هئي. چوندي هئي ته رات جو دير تائين ٿو پڙهي، بک لڳيس ته تڪڙ ۾ ڪيئن ماني پچايان؟ سيون کڻي، پاڻي ۾ اوٻاري ۽ مٿان کنڊ وجهي ڏيانس ته جيئن پيٽ ۾ ڪجھ هجيس. ماني به ائين ٺاهيندي هئي جو خبر هوندي هيس ته سليم کي بک لڳي ته ماني تيار هجي. مائي چوندي هئي ته منهن جو پٽ بکئي پيٽ نه پڙهي. گھرن ۾ مال تمام گھڻو هوندو هئن. کير جا هنڍا ائين ڀريا پيا هوندا هئا جو پاڻي بدران کير پيئبو هو. جڏهن مينهون مڙبيون هيون ته سليم به ماءُ ڀرسان وڃي ويهي رهندو هو. پوءِ تازو ڏڌل گرم گرم کير گاگھر مان ڪڍي پيئاريندي هئس.

“سليم جڏهن نوڪري لاءِ لنواري شريف ويو ته مائي کي ڏاڍي ڳڻتي هوندي هئي. چوندي هئي ته الاءِ ڪٿي ٿو رهي، ماني ڏينس ٿا الائي نه. سليم چوندو به هوس ته ’امان هو سٺا ماڻهو آهن، مونکي پنهنجي گھر ۾ رهايو اٿن. ‘ته به پريشان هوندي هئي. بدين ۾ نوڪري وارن ڏينهن ۾ جڏهن ڳوٺ واپس ايندو هو ته رات جو ٻئي ماءُ پٽ ڪو وقت ڪچهري ويهي ڪندا هئا. پوءِ اٿڻ مهل سليم چوندو هو، ’ امان، صبح جو هليو ويندس. ‘ايترو چوندو هو ۽ مائي جو ڄڻ ته منهن ئي لهي ويندو هو. نيٺ نه مُڙي. هڪڙي دُهري ۽ ٻيو ڪجھ سون هوندو هيس. پنهنجي مڙس کي چيائين ته ’هي سڀ ڏئي اچ ۽ مونکي پنهنجو پٽ موٽائي آڻي ڏي. جنهن کي وڻيئي تنهن کي اهو سون وڃي ڏي، سليم کي موٽائي اچ. ‘نيٺ پنهنجي پٽ جي بدين مان بدلي ڪرايائين.

“سليم کي پنهنجي ڀائرن جي پڙهائي جو گھڻو اونو هوندو هو. موندر ۾ ماستري مليس ته اوڏانهن به سائيڪل تي ٻنهي ڀائرن کي کڻي ويندو هو. هڪڙي کي اڳيان ويهاريندو هو ٻئي کي پٺيان. ڳوٺان دادو لڏي آيا ته به پڙهائي لاءِ. دادو ۾ هڪڙي ڪرايي جي جاءِ ۾ اچي رهيا. اتي سندس ڀائرن کي ماني ٽڪي جي ڏاڍي تنگي هئي سو چيائين ته هاڻي دادو لڏي ٿا هلون. ڳوٺ ۾ جيڪا جاءِ هين اها ڪجھ کپايائون، ڪجھ وري اسان جا جيڪي قرب وارا هئا تن چيو ته ’توهان هونئن به وڃو ٿا، اسانکي ڏئي وڃو. ‘اسان دادو ۾ مسواڙ تي هڪڙي جاءِ وٺي اچي ويـٺاسين.

“هڪڙي ڏينهن سليم جي ماءُ ڪپڙا ڌوتا، دال به باھ تي رکيائين. هڪڙي مائي اسانکي کير ڏئي ويندي هئي. اهو کير به مائي کان ورتائين. گھر ڀرسان خالي پلاٽ هوندو هو. اتي ڪپڙن سڪائڻ لاءِ لوهي تار لڳل هوندي هئي. هي مائي ڪپڙا کڻي اتي وجهڻ وئي. انهي لوهي تار سان ڪا بجلي جي تار گڏجي وئي هئي. هن مائي جيئن جو ڪپڙو ڇنڊي، تار مٿان ڦٽي ڪيو ته انهي کڻي ورتس. پير اگھاڙا، ڪچي زمين. اسانکي به ڪا مهل خبر نه پئي. سليم گھر ۾ آيو ته ماءُ جي پڇا ڪندو انهي پلاٽ ڏي ويو. ڏسي ته مائي هيٺ ڪري پئي آهي. چيائينس ته ’امان ڪري پئي آهين ڇا؟’ماءُ کي وڃي کنيائين پر پاڻ کي به ڇاٽ لڳس. پوءِ مونکي سڏ ڪيائين. مان وڃي جو ڏسان ته مائي هيٺ ڪري پئي آهي ۽ سليم کيس ڀاڪر ۾ وجهي پيو پوئتي ڇڪيس. مونکي چيائين ته ’امان کي ڌڪ لڳو آهي وڃي مين سُچ بند ڪر. ‘

“ابا، مين سچ بند ڪيوسين. مائي کي جيئن تيئن ڪري اندر کڻي آياسين ۽ کٽ تي اچي سمهاريوسينس. پاڙي جي هڪڙي مائي چيو ته پاسن کان ڪاٺ رکوس. ڪاٺوڙي کٽ تي ته اڳيئي ليٽيل هئي. مان اکري کڻي اها ٻانهن جي ڀرسان رکي ڇڏي مانس. پر مائي ۾ ساھ ڪونه هو. ڊاڪٽر کي وٺي آيا. انهي چيو ته مائي ڌڪ لڳڻ سان مري وئي آهي. پوءِ ميت کي ڳوٺ کڻائي وياسين. انهي سال برسات به ڏاڍي پئي هئي. ايڏي برسات جو جنهن ڪار ۾ لاش کڻي وياسين تنهن جي درين تائين به پاڻي هو. انهي ڳالھ کانپوءِ سليم ڳوٺ وڃڻ بند ڪيو. چوندو هو مان نٿو سهي سگھان. ائين وقت گذرندو ويو. ”

“شاگرد پڙهڻ لاءِ ايندا هئس ته انهن جو گھڻو خيال ڪندو هو. اونهارو هجي ته انهن لاءِ ٿڌيون بوتلون گھرائيندو هو. جي سيارو هجي ته چانهن ٺهرائيندو هو. ماني جو وقت هجي ته ٻاهرين شاگردن کي ماني به کارائيندو هو. هن نئين جاءِ ۾ اچي ويٺاسين ته ماڻهن چيو ته شهر کان ٻاهر آهي اتي پڙهڻ لاءِ ڪير ايندو. چيائين ته ’جن کي پڙهڻ جو شوق هوندو سي پاڻهي ئي ايندا. ‘پوءِ هتي به جام شاگرد ايندا هئس. چوندو هو ته ’مان ڪنهن جي در تي نه ويندس. ڪير مونکي ائين نه چوي ته ٽيوشن وارو آيو آهي. ‘اها ڳالھ کيس نه وڻندي هئي. چوندو هو ته جن کي پڙهڻو آهي سي هتي اچن. سراج (سندس پٽ) جي پڙهائي لاءِ چوندي هئي مانس ته انهن جي پڙهائي تي ڌيان ڏي. چوندو هو ته ’ٻار پنهنجي شوق سان پڙهندو ته سٺو پڙهندو. پڙهائي ڪا سُتي ناهي جو ٻار کي زوري پيارجي. ‘

“ڪنهن جي اوطاق تي نه ويندو هو. جيڪڏهن شادي هجي ته به چوندو هو ته شادي کائي موٽي اچو، ٻين جي گھرن ۾ نه رهو. کاڌي ۾ ڪوفتا وڻندا هئس. ٻيو ساڳ وڻندو هوس. ماني صفا گھٽ کائيندو هو. بيمار ٿيو ته پٽڙي دال ٺهرائيندو هو. ڳلي ۾ سور رهندو هوس. ڪي ٻه ٽي چمچا کائيندو هو.

“ابا! سراج هڪڙي اسڪول ۾ نوڪري تي هو. مان بيمار ٿي آهيان ته مونکي دوا کارائڻ، اٿارڻ ويهارڻ، ماني کارائڻ جو ڪم هي ڪندو آهي. ٻه ٽي ڀيرا اسڪول کان دير ٿيس. سو اسڪول وارن نوڪري کان جواب ڏئي ڇڏيو اٿس. ‘

“مان سليم جي ماءُ جي ڏاڍي خدمت ڪندي هيس پر تڏهن به چوندو هو ته ’اڃان ٿورو آهي. ”


سائين سليم

اسانجو استاد - ارڙهن جنوري تي سندس ورسي لاءِ لکيو ويو

لياقت ٿهيم

دادو ڊگري ڪاليج ۾ انگريزي جو استاد هو. سڀ شاگرد کيس ’سائين سليم‘ سڏيندا هئا. مان جڏهن ساڻس مليس تڏهن پنجيتاليھ سالن جو هو پر تڏهن به ڏاڍو سهڻو ماڻهو نظر ايندو هو. قد جو ڊگھو، ڪڻڪ رنگو، بت ۾ ٿورو ڀريل پر ٿولھ مائل نه، وار گھاٽا، هلڪيون مُڇيون، ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ تمام سيبتو، دل چئي ته سڄو ڏينهن ويٺو ٻُڌجيس، سٺا سِبيَل ڪپڙا پائي، انگريزي ٻولي ۽ ادب جو هوشيار ترين استاد، روشن ضمير ماڻهو ۽ دادو شهر جو پراڻو رهواسي هو. بيشمار اهڙا شاگرد هوندا ۽ آهن جن جو ڪيريئر ۽ ذهني ڪايا پلٽ سائين سليم جي مرهون منت آهي ۽ جيڪڏهن سائين وٽ نه پڙهن ها ته شايد زندگي ۾ ڪٿي به پهچي نه سگھن ها.

دادو ڪاليج ۾ جڏهن يارهون درجو پڙهڻ آيس ته سائينءَ سان واسطو ٿيم. جنرل ضياءَ کي مُئي اڃان گھڻو وقت نه ٿيو هو. ملڪ ۾ سياسي هلچل ۽ شعور جو هڪ نئون دور شروع ٿيو هو. دادو ڪاليج ۾ اسانجي شاگرد فيڊريشن جو نئون نئون يونٽ کليو هو جنهن جو مان قسمت سان سيڪريٽري جنرل وڃي لڳو هئس. صبح جو ڪاليج، منجهند جو آءِ آءِ قاضي لائبريري ۽ شام جو پارٽي آفيس. دادو شهر شخصي، سياسي ۽ ذهني آزادي سان سرشار- جُوانن جي ملڪ جو دارالخلافو لڳندو هئم.

سائين تڏهن ڪاليج روڊ تي، سينيما جي سامهون واري گھٽي اندر هڪ پاڙي ۾ رهندو هو. هڪڙي ڏينهن پُڇائيندو پُڇائيندو شاهاڻي پاڙي سندس گھر وڃي پهتس. ٻه -ماڙ ننڍڙو گھر هئس جنهن ۾ پنهنجن ٻارن ٻچن سان رهندو هو. دروازي کڙڪائڻ تي ٻاهر نڪري آيو. کيس عرض ڪيم ته انگريزي سکڻ ٿو گھران، ڪلاڪ کن پڙهايو. چيائين ته مون وٽ هن مهل گھڻا شاگرد آهن، ٽائيم ڪڍي نٿو سگھان. کيس منٿ ڪيم. مڃي ورتائين. صبح جو ستين وڳي اچڻ جو چيائين. ائين وٽس وڃڻ شروع ڪيم. سياري جا ڏينهن هئا. سج اڀرڻ کان اڳ جوهي مان بس تي نڪرندو هوس. ستين بجي تائين سائين وٽ پهچي ويندو هوس. دادو پهچندو هوس ته سج مس نڪتل هوندو هو. پوءِ تمام تڪڙو هلندو، تقريبن ڊوڙندو سندس گھر پهچندو هوس. نئين اسٽان ۽ سندس گھر تائين ٻيو نه ته به ڏيڍ ڪلوميٽر جو پنڌ هو.

تن ڏينهن ۾ پنهنجي گھر جي ڀرسان مسواڙ تي هڪڙي ڪمري واري جاءِ ورتي هئائين جتي پڙهائيندو هو. سندس پٽ ’سراج‘ ڪمرو کولي ڏيندو هو. ڪمري ۾ پنج کن ڪاٺوڙيون ڪرسيون ۽ هڪ ننڍي ميز پئي هوندي هئي. مٿان هڪ عدد بلب پيو ٻرندو هو. بس، ٻيو ڪجھ به نه. پر زندگي ۾ جيڪا خوشي مونکي انهن ٻن مهينن ۾ ملي سا نه انهي کان اڳ ملي هئم نه انهي کانپوءِ ڪڏهن ملي. پاڻ انهي وقت ننڊ مان اٿي ايندو هو. انگريزي ته سيکاريندو ئي هو پر ساڳئي وقت رات جيڪو ڪتاب يا مضمون پڙهي ستو يا ريڊئي تي جيڪا انگريزي شارٽ اسٽوري يا ڊرامو ٻڌائين تنهن بابت به پيو حال اوريندو هو. ڪڏهن ڪڏهن جي ڪمري ۾ ٻهاري ڏنل نه هجي ته پوءِ پنهنجي گهر اندر گھرائي وٺندو هو. ڪڏهن وري سياري ۾ ڇت تي ڪرسيون وجھرائي پڙهائيندو هو. مان وٽس ڪلاڪ پڙهي پوءِ اتان ئي ڊگري ڪاليج دادو ويندو هوس. سائين ٿورو دير سان ڪاليج ايندو هو- ٽانگي تي چڙهي.

سائين سليم جي نالي کان مان اڳ ۾ واقف هئس. منهنجا ڪجھ مائٽ سائين وٽ گھڻو اڳ پڙهي چڪا هئا تنهنڪري جوهي جي شاگرد طبقي ۾ سندس وڏي ساراھ پئي ٻڌبي هئي. انهن ئي مائٽن مان هڪڙي مونکي چيو ته انگريزي سِک ۽ سليم کان سِک. ٻيو وري اسانجي گھر ۾ ’برسات‘ رسالي جا ڪجھ پراڻا پرچا پيل هئا. انهن مان هڪڙي پرچي ۾ شيخ اياز تي ڇپيل هڪ خاص ايڊيشن هو جنهن ۾ سندس انٽرويو ۽ شاعري جا ترجما ڏنا هئائون. اياز جا سئو- سوا کن نظم ۽ وائيون سائين سليم انگريزي ۾ ترجمو ڪيون هيون جن مان ٻارهن چونڊ نظم ۽ وائيون مترجم جي فوٽو سان گڏ رسالي ۾ ڇپيل هيون. اياز جن وقتن ۾ سنڌ يونيورسٽي جو وائس چانسلر هو تڏهن سائين سليم اتي وڃي ساڻس ملندو هو. بعد ۾ جڏهن سائين سان واسطو ٺهيم ته ٻڌائيندو هو ته اياز مونکي پٽن وانگر ڀائيندو هو ۽ پاڻ سان گڏ ويهاري ماني کارائيندو هو (اهي ترجما پهرين دٻائي سٻائي ڇپجڻ کان روڪيا ويا ۽ پوءِ هٿ وٺي گم ڪيا ويا).

شيخ اياز تمام گھڻو وڻندو هئس. ڳالهائڻ مهل پنهنجي ڳالھين ۾ شيخ اياز جي شاعري کي به ڪنهن ڪنهن مهل پيو استعمال ڪندو هو. صحيح هو يا غلط، پر اياز کي سنڌ جو وڏي مان وڏو شاعر سمجهندو هو. سنڌ جي صوفي شاعري کي زماني جو زبون ٿيل ادب سمجھندو هو. هو ادب ۾ ’خيال‘ کي اهم سمجھندو هو-روايت کي نه. چوندو هو ته صوفي شاعري ۾ ڳالھ جو ورجاءُ گھڻو آهي-نوان خيال گھٽ آهن. نئين سنڌي شاعري جي رومانويت کيس صفا نه وڻندي هئي. شعر ۽ ادب ۾ باغي ۽ سرڪش خيال گھڻا پسند هئس.

شاگرد پڙهڻ لاءِ ايندا هئس ته انهن جو خيال ڪندو هو. اونهارو هجي ته انهن لاءِ ٿڌيون بوتلون گھرائي ۽ جي سيارو هجي ته چانهن ٺهرائيندو هو. ماني جو وقت هجي ته ٻاهريَن شاگردن کي ماني به کارائيندو هو. ملڻ مهل هميشھ اٿي بيهي، هٿ کولي ڀاڪر پائي ملندو پوءِ ٻئي هٿ ملائي خير عافيت پڇندو. ڪڏهن به سکڻو هٿ نه ملائيندو نه ئي مصنوعي يا ڏيکاءُ خاطر خوشي ڏيکاريندو. موڪلائڻ مهل به در تائين ڇڏڻ ايندو هو. شاگردن سان تمام گھڻي صبر ۽ ٻاجھ سان هلندو هو. چوندو هو ته ’سچ جو سلو آهستي آهستي اسرندو آهي. انهي کي سٽ ڏئي وڏو ناهي ڪبو.‘

اٿندي ئي پڙهائڻ شروع نه ڪندو هو. بلڪه پهريان ڏھ-ٻارهن ڏينهن ٿورو گھڻو سيکاري رهيل وقت ۾ رڳو ڪچهري ويهي ڪندو هو. شاگرد ۾ پهرين پڙهڻ جو دلي شوق پيدا ڪندو هو ۽ پڙهائڻ ۾ ايڏي ته دلچسپي پيدا ڪندو هو جو ڀلي ڪيڏو به جڏو شاگرد هجي پر ڇهن ستن مهينن ۾ انگريزي جو ڪوبه ڪتاب پڙهي وڃي. جيڪا ڳالھ توهان ڏهن سالن ۾ نه سمجھي سا اڌ ڪلاڪ ۾ سمجهائي وٺي. سندس ڪي شاگرد سال ٻن ۾ انگريزي لکڻ به شروع ڪندا هئا. باقي سندس ڪچهري جي ڪهڙي ڳالھ ڪجي! مان سائين وٽ ڪي ٻه- ٽي مهينا پڙهيس. ڪيئي سال گذري ويا آهن پر سندس انقلابي ذهن، بي عيب شخصيت ۽ علمي ڳالهين جو اثر اڄ به محسوس ٿئيم ٿو. ڳالھ ٿوري ڪندو هو پر اهڙي جو دل تان ورهين جا ٻوجھ لهي وڃن. مان سمجھان ٿو دادو ۾ سندس جهڙو ڪو عالمي ادب، علمي تنقيد ۽ لسانيات پڙهيل ماڻهو نه هو. انگريزي جو پهريون ڪتاب سائين کان وٺي پڙهيم. ليو ٽالسٽائي جو ’وار ائنڊ پيس‘ پڙهڻ لاءِ ڏنو هئائين. ٻه مهينا کن پئي پڙهيم. انهي کانپوءِ ٽالسٽائي جو ٻيو ناول ’ائنا ڪاريننا‘ ڏنائين. پابلو نيرودا جي شاعري جا مجموعا به پهريون ڀيرو سائين وٽ ڏٺم. گورڪي جي آتم ڪهاڻي جا ٻه واليوم، روسي نقادن جا ڪجھ ٻيا ڪتاب ۽ برٽينڊ رسل جا ڪجھ جڳ مشهور ڪتاب به پهريون ڀيرو اتي ڏٺم. ڪتاب پڙهڻ جي-مزو وٺي پڙهڻ جي، آهستي آهستي پختي عادت وجهندو هو. ڪتاب پڙهي واپس ڪندو هومانس ته نه وٺندو هو. چئي: اهو هاڻي توهانجو انعام آهي- ڀلي پاڻ وٽ رکو. پوءِ انهي مصنف ۽ ڪتاب بابت پنهنجي علمي راءِ ويهي ڏيندو هو. آواز ۾ هڪ وڻندڙ رِڌَم، هڪ قدرتي جهانءِ هوندي هئس. رڳو ڳالهائڻ نه، تحرير به ائين هئس. جيئن هن لکڻي ۾ لکيائين:

“ڪَلا، ساهت ۽ سڀيتا جو سَت، رت ۽ تت آهي، اسان گونگن جي گرج آهي، جُٺ جهڙي جيون جي انت جو اعلان آهي. مڙني محاذن تي وڙهو ۽ ڌرتي جي نڌڻڪن ڌڻين کي ڪجھ ڏئي وڃوسُرت ۽ جرئت. مٽي جي مُٺ کي بدلائي وڃو ڪنهن گيت ۾، گونج ۾، پڪار ۾، للڪار ۾. اوتي وڃو رُت رنگن ۾، زندگي نِراجي نغمن ۾، ساھ پساھ ستايلن جي ساهت ۾، ضمير ۾، زبان ۾. توهان وٽ ڪلا ڪيترن ئي جھروڪن مان جهاتيون پائي ٿي، ڀل انجا جلوه ٻاٽ جي ڇاتي ۾ ٻاڻ ٿي لڳن. ائين ڪاري رات ڪُسي وڃي ۽ رت رَتي اوڀر مان ڪا سرخ صبح نروار ٿئي.‘

..................... .................................

اسانجي گھر ۾ سوويت ادب ۽ ٻيو ڪميونسٽ مواد پراڻن وقتن کان اچڻ شروع ٿيو هو. مان اڃان سنڌي پڙهڻ به نه سکيو هئس جو ڪميونسٽ انقلابين جا ڪتاب گھر ۾ پيل ڏٺا هئم. مطلب ته مونکي اها به خبر نه هئي ته اهي ڪير آهن-تڏهن کان اهي ڪردار ڏسڻ شروع ڪيا اٿم. اهو انهي ڪري جو منهنجا سڀئي وڏا ڀائر پاڪستان جي ڪميونسٽ تحريڪ جا سرگرم ڪارڪن هئا. هي ڪتاب ٽن ٻولين-سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ هئا. گھر ۾ جنهن کي وڻي ته سياسي ڪتاب پڙهي ۽ جيڪو ادب پڙهڻ چاهي سو ادب پڙهي- پر هئو فقط ترقي پسند مواد-ٻيو ڪوبه نه. پڙهي ۽ پوءِ ٻين کي سمجهايو يعني سياسي ڪم. سياسي پارٽي وري ٽن سطحن تي: ٻارن ۾، شاگردن ۾، ٿوري گھڻي هارين ۽ شهر جي ٻيڙي مزدورن ۽ حمالي مزدورن ۾. انهن سڀني جو رهنما ڪلاس شاگرد هئا جيڪي پارٽي ورڪر هئا. اسانجن اهڙن ترقي پسند خيالن جي ڪري ۽ ڪجھ وري ماڻهن جي رجعت پسند ذهنيت جي ڪري ته فلاڻا نيچ ذات ماڻهو اڇو ڪپڙو به ڇو ٿا پائين، شهر جي ماڻهن اسانکي دل تي چيڀاٽيو، معاشي طور برباد ڪرڻ جي بلڪه مارڻ جي ڪوشش به ڪيائون. ڪيئي سال انهي تعصبي ۽ تنگ ماحول ۾ رهڻ ڪري مان سخت شڪسته دلي جو شڪار ٿيس- بلڪه بيمار ٿي پيس. ڪجھ اهڙي سمي ۾ دادو اچڻ وڃڻ لڳس ۽ سائين سان وڃي مليو هئس. مون سائين وٽ اهڙا ڪيئي شاگرد ڏٺا جيڪي اندران ئي اندران ڀَڳل ڀُريل ۽ بلڪل برباد ٿي سائين وٽ پهتا ۽ نوبنا انسان ٿي نڪتا. چوندو هو: ’مهانگا گھر نه، ڀلا انسان ٺاهيو.‘

................ .................. ...............

سائين سليم هڪ غريب حڪيم جو پٽ هو. ڏاڏو ۽ نانو به حڪيم هئن. دادو شهر کان ڇھ- ست ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ڳوٺ دين محمد شاهاڻي ۾ پڙهي وڏو ٿيو هو. سندن ڳوٺ ۾ بجلي ڪانه هوندي هئي. صبح جو اسڪول ويندو هو، اتان موٽي سائيڪل تي چڙهي ’ڊان‘ اخبار وٺڻ لاءِ دادو ويندو هو. انگريزي اخبارون تڏهن منجهند جو دير سان اينديون هيون. ڇھ ڪلوميٽر سائيڪل هلائي دادو مان اخبار وٺي ايندو هو. هاڻي ته خير انهي رستي تي وسهن ٿي وئي آهي پر پراڻن وقتن ۾ اهو روڊ صفا ويران هوندو هو. اخبار گھر رکي، ٿوري دير ٻني تي ڪم ڪري پوءِ آڌي رات تائين چمني تي ويهي پڙهندو هو. لالٽين نه هوندي هئن. لالٽين ۽ گئس جا گولا رڳو وڏيرن جي گھرن ۾ هوندا هئا.

نوجواني ۾ پنهنجي ڀائرن کي پڙهائڻ ۾ به وڏا جهد ڏنائين. دادو ڀرسان موندر ۾ ماستري مليس ته اوڏانهن به سائيڪل تي ٻنهي ڀائرن کي کڻي ويندو هو. هڪڙي کي اڳيان ويهاريندو هو ٻئي کي پٺيان.

سندس ڀاءُ ڊاڪٽر حڪيم ٻڌائيندو هو ته ’هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ سڀ ڀائر دادو ۾ هڪڙي ڪرايي جي جاءِ ۾ اچي رهياسين. اتي سڀني کي ماني ٽڪي جي ڏاڍي تنگي ٿي. ڳوٺن ۾ بجلي ڪانه ٻيو علاج نه ٿئي. هڪڙي ڀيري سليم کي کانڀاڻي جو ڀينڊ منهن ۾ لڳو هو. بيهوش ٿي ويو هو ۽ نڪ مان رت نه پئي بيٺس. پوءِ اسان چارئي ڀائر کيس کٽولي تي وجهي، اها کٽ کڻي ڇھ ڪلوميٽر ڊوڙندا دادو اسپتال پهتاسين جتي سندس علاج ٿيو. انهي بعد دادو لڏي آياسين.‘

سائين سليم جي رسمي تعليم فقط ڏھ درجا هئي. مئٽرڪ کانپوءِ پرائمري ماستري ڪندي، ايم اي تائين پاڻ پڙهيو. بنيادي طور تي پاڻ-پڙهايل (سيلف ٽاٽ) ماڻهو هو. دادو مان ٻارهن درجا پاس ڪري ٽيچر طور گورنمنٽ مڊل اسڪول بدين، ڇتو چنڊ (ٺٽو) ڦڪا ۽ موندر ۾ نوڪريون ڪيائين. انهي بعد پرائيويٽ طريقي سان انگريزي ۾ ايم اي ڪيائين. سندس باري ۾ مشهور هو ته زباني امتحان دوران پروفيسر خميساڻي، انگريزي تي سندس دسترس ۽ ايڏي وسيع ادبي ڄاڻ ڏسي کيس ڏاڍي شاباس ڏني هئي. ايم اي ڪرڻ کانپوءِ مهراڻ ڪاليج موري ۽ گورنمنٽ ڪاليج ڪنڌ ڪوٽ ۾ پڙهايائين. پوءِ آخري وقت تائين ڊگري ڪاليج دادو ۾ پڙهايائيندو رهيو.

ڪجھ عرصو اڳ جڏهن سائين بابت هڪ مضمون لکڻ لاءِ سندس گھرڀاتين کان ڪجھ معلومات ورتم ته ٻڌايائون ته سائين تي پنهنجي ماءُ جو وڏو اثر رهيو. ماءُ سان گھڻو انس هوس. انهي مائي جو پيءُ يعني سائين جو نانو هتان جو هڪ مڃيل حڪيم هو. عربي فارسي ۾ به استاد هو. اها مائي دوائون ٺاهڻ ۾ پنهنجي پيءَ جي مدد ڪندي هئي ۽ هلندي هلندي حڪمت ۾ ايڏي هوشيار ٿي وئي جو پنهنجن وقتن جا ڊاڪٽر به کيس نه پُڄن- ايڏي ته داناءُ مائي هئي. گھرن ۾ مال تمام گھڻو هوندو هئن. کير جا هنڍا ائين ڀريا پيا هوندا هئا جو پاڻي بدران کير پيئبو هو. سندس ماءُ مال جي سار سنڀال ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ هئي. جڏهن مينهون مڙبيون هيون ته ننڍڙو سليم ماءُ ڀرسان وڃي ويهي رهندو هو. پوءِ تازو ڏڌل گرم گرم کير گاگھر مان ڪڍي پيئاريندي هئس. تڏهن مِشن تي هٿ سان سَيون ٺاهبيون هيون. اهي سَيون ٺاهي پراڻين اخبارن تي سُڪڻ لاءِ رکي ڇڏيندي هئي. چوندي هئي ته رات جو دير تائين ٿو پڙهي، بک لڳيس ته سيون پاڻي ۾ اوٻاري ۽ مٿان کنڊ وجهي ڏيانس ته جيئن پيٽ ۾ ڪجھ هجيس. ماني به ائين ٺاهيندي هئي جو خبر هوندي هيس ته سليم کي بک لڳي ته ماني تيار هجي. مائي چوندي هئي ته منهنجو پٽ بکئي پيٽ نه پڙهي.

سائين ۾ انقلابي لاڙا بدين ۾ نوڪري ڪرڻ دوران پيدا ٿيا. جڏهن پرائمري ٽيچر ٿيو ته پهرين پوسٽنگ لُنواري شريف بدين ۾ ٿيس جتي مرحوم ’ڊاڪٽر آزاد‘ وٽ وڃي رهيو. جيترو وقت لنواري ۾ رهيو ڊاڪٽر آزاد جي گھر ۾ رهيو. ڊاڪٽر آزاد اتي هوميوپيٿڪ ڪلينڪ هلائيندو هو. ڪامريڊ ماڻهو هو. سائين سليم کي پنهنجي اولاد وانگر ڀائيندو هو. انهي سندس سياسي تربيت ڪئي. وڏيرا شاهي کي ڊاهي غريب طبقي جي حاڪميت ڪيئن آڻبي سو انهي ڊاڪٽر آزاد سمجھايس.

ڪجھ سال اڳ جڏهن منهنجي بدين ۾ بدلي ٿي ته اتي ’ڊاڪٽر آزاد‘ جي پڇا ڪيم. سندن لنواري وارو گھر ٻوڏن ۾ ڊهي ويو هو. بدين ۾ ڊاڪٽر آزاد جي ڏوهٽِي سان مليو هئس. اها ادڙي بدين ۾ هڪ خانگي اسڪول هلائيندي آهي. پنهنجي وڏن جون ڪافي ڳالهيون ٻڌايائين. ڊاڪٽر آزاد جا ٻه پٽ گذاري ويا آهن باقي هڪڙو پٽ اڃان جيئرو اٿس. سانگهڙ ۾ انجنيئر آهي. خدا بخش ’آزاد‘ نالو اٿس. خدا بخش جو ڏس پتو هٿ ڪري کائنس انهي وقت جي ڪجھ ڳالهين بابت پڇيم. ڏاڍو خوش ٿيو. ٻڌايائين ته منهنجي وڏي ڀاءُ عبدالرحمٰن ’نقاش‘ ۽ سليم جي پاڻ ۾ ڀائرن جهڙي دوستي هئي. سليم دادو مان ايندو هو ته ٻئي ڄڻا ادب ۽ سياست تي وڏي دير تائين ڪچهري ڪندا هئا ۽ مان کين ويهي ٻڌندو هوس (عبدالرحمٰن نقاش بعد ۾ انگريزي ۽ سنڌي جو مشهور صحافي ٿيو. عالمي اداري سيو دا چلڊرين ۾ اهم عهدي تي رهيو. ڪيئي سال اڳ هڪ روڊ حادثي ۾ گذاري ويو آهي).

سائين سليم ڪتابن جو تمام گھڻو شوقين هو- اهي هن لاءِ اهڙي ڪا بلڊ بئنڪ هئي جنهن مان کيس ذهني توانائي ۽ طاقت ملندي هئي. دادو کان ٻاهر نه ويندو هو پر تڏهن به وٽس نئين کان نوان ڪتاب ڏسڻ ۾ پيا ايندا هئا. تعليم ۽ تدريس، سنڌي توڙي عالمي ادب، سياست، صحافت، اقتصاديات، تعليمي نفسيات ۽ لسانيات سندس خاص شوق هئا. انهن موضوعن تي وسيع ڄاڻ هئس. پڙهائڻ دوران شاگردن کي ڪا ڳالھ سمجھائي، ڪم ڏئي، پاڻ وري ڪو ڪتاب کولي ويهي پڙهندو. پڙهڻ مهل چهري تي مڪمل اطمينان هوندو هئس- نه ڪا تڪڙ، نه ٿَڪ نه ئي وري ڪو منهن تي گُھنج. شخصيت ۾ مڪمل ٺهرائو هئس.

تمام گھٽ، پر ڪڏهن ڪڏهن ڪو ڪم چوڻو هجيس يا طبيعت پڇڻي هوندي هئس ته مون ڏانهن جوهي واري ائڊريس تي خط پٽ به لکندو هو-انگريزيءَ ۾. اکر ننڍڙا ۽ تمام صاف هوندا هئس. سنهڙي نِب واري پين سان، ڪاغذ جو ٽُڪرو ڦاڙي انهي تي لکندو هو. اهي خط ڪو وقت بچائي رکيم پر بچي نه سگهيا.

پگھار مان جيڪو مليس تنهن تي ئي ڪفايت ڪندو هو. ٻيو وري ڇوڪرن کي انگريزي پڙهائڻ مان ٿورا گھڻا پئسا ڪمائي وٺندو هو. پر پئسي ڏوڪڙ جي ڪا لالچ ڪانه. نه ئي وري ملڪيتون ٺاهڻ جي وٺ پڪڙ. ڪاليج ويندو هو ته سٺو سوٽ پائي ويندو هو. گھر ۾ هميشھ سادا پر ڌوتل اڇا ڪپڙا پائي. ماني تمام گھٽ کائي. سياري-اونهاري منجهند جو ڪلاڪ کن ننڊ ضرور ڪري ۽ پوءِ رات جو دير تائين ويهي پڙهي. انهي ٽائيم ٽيبل تي آخري وقت تائين هليو. اٿڻي ويهڻي ۾ ٺيٺ سنڌي پر نئين زماني جو نئين کان نئون انسان به هو.

ڪن وقتن ۾ دادو جي علامه آءِ آءِ قاضي لائبريري ۾ ادبي سنگت جون گڏجاڻيون ٿينديون هيون. تڏهن استاد بخاري، محمد بخش سميجو، فتاح هاليپوٽو، عثمان ميمڻ، نازڻ کيڙو، نور گھلو جهڙا ادبي مشاهير دادو واري ادبي سنگت جا ميمبر هئا. سائين سليم سنڌي ادبي سنگت دادو جو ٻه ڀيرا سيڪريٽري رهيو. سندس ڪجھ همعصر اديبن جو چوڻ آهي ته استاد بخاري کي عشقيه شاعري مان عوام دوست انقلابي ادب طرف آڻڻ وارو به سليم هو. اها ڳالھ عثمان ميمڻ ۽ بشير سيتائي پنهنجن مضمونن ۾ لکي آهي. مرحوم عثمان ميمڻ لکيو آهي ته سليم، استاد بخاري کي چوندو هو ته ’استاد! شاعري اُها جيڪا ننڊ ڦٽائي. اها عشقيه غزلون ٻڌائي ماڻهن کي نشو نه ڏي.‘

سائين سليم، شيخ اياز جي چونڊ شاعري جو خوبصورت انگريزي ترجمو ڪيو هو. ڪڏهن ڪڏهن اهي شعر ۽ انهن جا ترجما پاڻ به ٻڌائيندو هو. انهن ترجمن کي سنڌي بحر وزن وانگر رکيو هئائين يعني جيڪڏهن بيت آهي ته انهي جي ترجمي کي به ٻه-سِٽي بيت واري ميٽر تي ترجمو ڪيو هئائين. مون اياز جا ٻيا انگريزي ترجما به پڙهيا آهن ۽ اعتماد سان چئي سگھان ٿو ته سائين سليم سڀ کان معياري ترجما ڪيا آهن. معلوم ناهي ته اهي ڇو ڇپجي نه سگھيا. سائين انهن ترجمن جي نه ڇپجڻ بلڪه زيان ٿيڻ تي سخت رنجيده ٿيو هو. اها ڳالھ ڪنهن کي چَئي نه هُئائين؛ سندس ڊائرين ۾ ائين لکيل آهي.

جيتوڻيڪ هر طرح سان لائق استاد هو ۽ اياز کيس پنهنجي اولاد جيان سمجهندو هو پر تڏهن به شيخ صاحب جڏهن سنڌ يونيورسٽي ۾ نوڪري جو آرڊر موڪليس ته چيائين ته نه ڪندس-معاوضي ۾ ورتل نوڪري نه گھرجي. انهي بعد اياز ڏي گھڻو ويندو به نه هو ته متان سندس باري ۾ ماڻهو ڪا اهڙي تهڙي ڳالھ ڪري وٺن . تن وقتن ۾ ماڻهو عزت، ڪارپت ۽ ساک کي سڀڪجھ سمجھندا هئا. موت اچي پر مهڻو نه ملي. ڪنهن جي اوطاق تي نه ويندو هو. دادو جا ڊپٽي ڪمشنر ۽ ٻيا ڪامورا ڪڙا منٿون ڪندا هئس، گاڏيون اماڻيندا هئس-پر نه ويندو هو.

ڪجھ سال اڳ سائين فتاح هاليپوٽي خطن جو هڪ مجموعو ڇپرايو جنهن ۾ اهي خط ڏنا ويا آهن جيڪي مختلف ماڻهن سائين فتاح کي مختلف وقتن ۾ لکيا آهن. ڪتاب جو نالو آهي ’پيارا فتاح‘. انهي مجموعي ۾ سائين سليم جا چار خط به شامل ڪيا ويا آهن. ۱۹۷۷ ۾ لکيل سندس هڪ خط هتي رکجي ٿو جنهن مان پڙهندڙن کي سندس اعليٰ آدرشن جي هڪ جهلڪ ملندي. سائين حرف به حرف ائين هو جيئن هتي لکيو اٿس.

’پيارا ڀاءُ

ٿهيم نوجوان توهان جي چِٺي آندي هئي جنهن ۾ توهان تفصيلي خط لکڻ جو به ذڪر ڪيو هو ۽ مان انتظار ۾ ئي هوس ته توهان جو خط مليو. مهرباني. ان ڏينهن واقعي اوهانکي ڪي قدر رنج ڪري هليو آيس. واپس اچڻو ئي هو انڪري نه ترسيس. جيڪڏهن ڏينهن ٻه رهڻ جي گنجائش هجي ها ته رهي پوان ها.

ادا! پنهنجي ذات جو ڇيد ڪندي شعوري نه ته گھٽ ۾ گھٽ لاشعوري بدديانتي جو ڪجھ امڪان هوندو ئي آهي. انڪري پنهنجي متعلق رڳو ذاتي راءِ کي به ڪافي نه سمجھندو آهيان. دوستن ۽ دشمنن جي مدد سان پاڻکي ڏٺو اٿم، ٺاهيو اٿم. دوستن ۾ پيئرن جهڙي دوست مرحوم ڊاڪٽر آزاد، هن جو مفلوج پٽ ’نقاش‘، محمد بخش سميجي ۽ عثمان ميمڻ مونکي منهنجي ’مان‘ ڳولهڻ ۽ انکي ڪارائتو بنائڻ ۾ مدد ڪئي.

ان ڏس ۾ ٻالجتيءَ واري زماني ۾ ئي منهنجي نهٺي انفراديت تقريبن نسواني نٻلتا جهڙي قائم ڪرڻ ۾ منهنجي ماءُ ۽ مرحوم ناني (جنهن کي بابا چوندو هوس) ڪافي ڪردار ادا ڪيو. هنن مونکي داخليت پسند (انٽرو ورٽ) بنائي ڇڏيو. منهنجي مٿان هڪ شيل چڙهندو ويو، بزدل ٿي ويس پر ان بزدلي جيڪا اڪيلائي ڏني تنهن ٻهراڙي جي ڪثيف ۽ گدلي ماحول کان محفوظ ڪري ڇڏيو. پڙهڻ ۽ ناني جو پيار منهنجي لاءِ سرور جا چشما بنجي ويا.

مئٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ بي ظرف ۽ ڪميڻن وڏيرن جي پٺيان سال کن ڀٽڪڻ، ذلتن سهڻ بعد جڏهن ۶۳ ۾ لنواري شريف (ضلع بدين) ۾ ماستري ملي تڏهن مرحوم ڊاڪٽر آزاد (هوميوپيٿ) سان ڏيٺ ويٺ ٿي. گورڪي جهڙي کهري شڪل صورت جو اڌڙوٽ، اڌ فولاد اڌ ميڻ هو-دهريو صوفي هو. ڪوريئڙي جي ڄار ۾ ڦاٿل شينهن يا شايد معاشي مجبورين هن جا سگھارا پنجا اپاهج ڪري ڇڏيا هئا. هي انوکو انسان جنهن پويان ڪو نشان نه ڇڏيو آهي ۽ ناني وانگر هن جي ڏکويل زندگيءَ جي ياد اڃان تائين به منهنجي ڏيل کي ڏنڀ ڏيندي رهندي آهي، ڪاري ۽ ڀوائتي ڪڪر وانگر منهنجي وجود تي ڇانئجي ويو. هن جي باغيانه گرج ڪڏهن ڪڏهن ڪنبائي ڇڏيندي هئي. کنوڻ جيان کجندو هو ته ڪجھ لمحن لاءِ ديد گم ٿي ويندي هئي پر هن جي پيار جي ٿڌي ٿڌي وسڪار نه وسري نه اٿم ۽ هن ٽيهٺ ۾ ئي مارڪس، انگرسال ۽ فرائيڊ جي فڪر کان واقف ڪرايو هو. منهنجي بزدلي نفرت جهڙي سگھاري جذبي ۾ بدلجڻ لڳي. مان پاڻکي ڪجھ سمجھڻ لڳس. ڪتابن سان رشتو وڌيڪ مضبوط ٿي ويو. دوستي جي معاملي ۾ وڌيڪ ’سليڪٽو‘ ٿي ويس، اڇاترن واسطن مان جان آجي ٿي وئي...

اوهان سان ڪچهرين لاءِ دل گھرندي آهي پر رڳو انهي سبب جي ڪري نه ايندو آهيان. بيدل ۽ توهان جي ويجهو اچڻ ۾ مونکي ڪابه شعوري ڪوشش نه ڪرڻي پوندي آهي. ڪي اهڙا ماڻهو به ڏٺا اٿم جن جي ماٺ به وڻندي آهي. سندن چهرن مان ڪلا جي جوت جرڪندي محسوس ٿيندي آهي. اياز، بيدل ۽ توهان سان ويهندي ساڳيو سرور ملندو اٿم. ائين لڳندو آهي ڄڻ ڪومل معصوميت جي مهڪ ۽ ڪلا جي تيز ڌار جي چمڪ منهنجي اعصابن کي سرور ڏئي، شعور ۽ تصور کي تيز ڪري رهيون آهن ۽ هونئن به فنڪار جي غضبناڪ تخليق ۾ مونکي ظلم جون ڌڄيون اڏنديون محسوس ٿينديون آهن. اهڙي غضبناڪ تخليق جي جوت اوهانجي چهري تي به ڏٺي اٿم.

انڪري اوهان سان پيار اٿم. غريب آهيان. غريبن جا يار وڻندا آهن. غربت جا ڪات اڃان تائين ڪُکين ۾ کتل آهن. فنڪار ناهيان جو درد ۽ پيڙا کي للڪار جي پڙلاءُ ۾ بدلائي سگھان. تنهنڪري جو به اسانجي پيڙا ۽ ڪروڌ جي ڳالھ ڪندو آهي سو وڻندو آهي. ادا! في الحال ته انساني تعلق جو معيار اهوئي رکيو اٿم ۽ ’جيئڻ جو جواز‘ به اهڙي ئي تعلق ۾ ڏٺو اٿم. مان اجهو اهو آهيان. شخصي ڪرب ۽ اذيت، مايوسي ۽ محرومي تي گھٽ توجھ ڏيندو آهيان.....خود فراموشي ۾ ئي خيريت سمجھان ٿو. مڃيَم، جيون جي جبر جانڊھ جي پڙن ۾ پِيٺو اٿم، پر ڪَئين پيا پِيسجن. انڪري انفرادي نجات لاءِ نٿو سوچيان ۽ هونئن به زندگي اڳيان هميشه پينوءَ وانگر پاند پکيڙي رکڻ چڱو به ناهي. ڪجھ ڏيڻو به ته آهي. هڪ روسي شاعره جي نظم پڙهي اٿم. توهان لاءِ ان جو ترجمو الڳ پني تي لکان ٿو. ڪجھ چڱي آهي.

’سندم اکين سان، مري ويندس پوري ريت

وري نـ ايندس، سچ پچ نـ ايندس

واقعي فنا ٿي ويندس،

گاھ جي ساوڪ، گلن جي سڳنڌ ۽ نڪي ڀونئرن جي روپ ۾ پڌرو ٿيندس،

سرشٽي جي چڪر ۾ نـ هوندس....

مونکان پوءِ منهنجي مٽي ۾ مان نـ هوندس. سڀ شاعر ائين ئي پيا آهن

قبرستان ۾، مٽي جي ڍير هيٺان ڪجھ بـ ناهي

تون ايندين، ڇٽِي تي ٽيڪ ڏئي خالي قبر تي بيهي لڙڪ اگھندين

۽ پوءِ ڪو نينگر منهنجي نظم پڙهندو

۽ ڌرتي کي منهنجي اکين سان ڏسندو.”

....... ................. ........................

ريٽائرمنٽ کان ڪجھ عرصو اڳ سائين سليم، شاهاڻي پاڙي وارو اهو گھر ڇڏي، پير بخش ڪالوني ڀرسان پنهنجو سادو سودو گھر وٺي اتي رهڻ لڳو هو. عمر جي آخري حصي ۾کيس ڳلي جو ڪئنسر ٿيو. علاج معالجي لاءِ گھڻوئي چيائونس پر جواب ڏئي ڇڏيائين. انهي جو هڪڙو سبب اهو هو جو پنهنجي بيماري پٺيان پئسا ڏوڪڙ خرچ ڪري پنهنجي ڪٽنب کي معاشي مسئلن ۾ وجهڻ نٿي گهريائين. ڪنهن کي سوال ڪرڻ جو ته وٽس سوال ئي پيدا نٿي ٿيو. انهي جسماني ۽ ذهني تڪليف ۾ وڏو وقت گذاريائين پر ڪڏهن ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍيائين. نه ڪنهن کي ڪجھ چيائين نه ڪنهن کان ڪجھ گھريائين نه ڪنهن کي ڏوراپا ڏنائين يا ڏيارائين ته مان توهان سان هيڏو چڱو هليس پر منهنجي واهر نه ڪيوَ.

ماني هونئن به صفا گھٽ کائيندو هو. بيمار ٿيو ته پٽڙي دال ٺهرائيندو هو. ڳچي ۾ سور رهندو هوس. ڪي ٻه ٽي چمچا کائيندو هو. صبر سان وقت گذاري ۱۸ جنوري ۲۰۰۸ تي دم ڏنائين.

اهو هو اسانجو استاد، سائين سليم!

 

(لياقت ٿھيم جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۸ جنوري ۲۰۲۳ع تي کنيل)



پروفيسر سليم سولنگي

سنڌيانا

نامور اُستاد، اديب ۽ مترجم محمد سليم ولد حڪيم محمد هاشم سولنگي، ۱۴ جنوري ۱۹۴۵ تي ڳوٺ دين محمد شاهاڻي تعلقي دادوءَ ۾ جنم ورتو. هن پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي، جڏهن ته مئٽرڪ گورنمينٽ پرمانند هرداس مل هاءِ دادوءَ مان ڏنائين، انٽر ۽ بي. اي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادوءَ مان پاس ڪيائين، تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڦلجيءَ ۾ استاد مقرر ٿيو. مختلف اسڪولن ۾ پڙهائڻ بعد ۱۹۷۲ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم اي انگريزيءَ ۾ ڪري گورنمينٽ ڪاليج ڪنڌڪوٽ ۾ انگريزيءَ جو ليڪچرار ٿيو. ترت سندس بدلي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادوءَ ۾ ٿي، جتان ۲۰۰۷ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جي پد تان رٽائر ڪيائين.

سليم سولنگيءَ کي انگريزي ٻوليءَ تي ڪافي دسترس حاصل هئي، سليم سولنگيءَ انگريزي ٻوليءَ ۾ شيخ اياز جي شاعريءَ جو پهريون مترجم شمار ٿئي ٿو، هن اياز جا ڪافي شعر انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيا. اياز جي ترجمو ڪيل شاعري جڏهن شايع ٿي ته شيخ اياز نه رڳو سندس ترجمي کي پسند ڪيو، پر کيس سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر مقرريءَ جي آڇ ڪئي پر هن اها آڇ معذرت سان قبول نه ڪئي. ان کانپوءِ هن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ ۽ استاد بخاريءَ کي به انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو. ان کانسواءِ به هن انگريزي ادب جون ڪجهه چونڊ ڪهاڻيون به سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيون، جن تي کيس سنڌ جي مهان ليکڪ ۽ شاهه سائينءَ جي شارح منگهارام ملڪاڻيءَ طرفان شابس جو خط موصول ٿيو، سليم سولنگيءَ، شيخ اياز ۽ استاد بخاريءَ جي شاعري جو بهترين شارح هو. ٻه ڀيرا سنڌي ادبي سنگت دادوءَ شاخ جو سيڪريٽري به رهيو. استاد بخاري جيڪو به نظم لکندو هو، اهو سليم سولنگي کي ضرور ڏيکاريندو هو، سليم سولنگيءَ کي انگريزي ۽ سنڌي زبانن تي دسترس حاصل هئي. هو بهترين استاد هو.

هن جن به شاگردن تي ڌيان ڏنو اهي اهم عهدن تي پهتا جن مان ڪي اڄ دادوءَ ۾ اسڪول هلائي رهيا آهن. سندس دوستن جي دائري ۾ شيخ اياز، استاد بخاري، خان ملڪاڻي، احمد خان ملڪاڻي، فاروق سولنگي، محمد بخش سميجو، محمد عثمان ميمڻ، ڊاڪٽر نظير چارڻ، تاج جويو وغيره رهيا آهن. سليم سولنگي سڄي عمر ترقي پسند ادب ۽ خيالن جو پرچارڪ رهيو.

هن دل جي دوري سبب، ۱۸ جنوري ۲۰۰۸ع تي وفات ڪئي، کيس دادوءَ جي قبرستان لال هنديءَ ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

 

(انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا تان کنيل)



پروفيسر سليم سولنگي

بشير سيتائي

پروفيسر سليم سولنگي سان منهنجو غائبانه تعارف ان وقت ٿيو هو، جڏهن مون سندس لکيل هڪ خط ’سوجھرو’(۱۹۷۴) ۾ پڙهيو هو، جيڪو ان دور جي، ان ادبي بحث جي سلسلي ۾ لکيل هو ته ’اديب کي جانبدار هئڻ گھرجي يا نه‘. سوجهرو رسالي ۾، ان ڇِڙيل بحث ۾ چند ناميارن اديبن حصو ورتو هو. ان ۾ سليم صاحب، ذوالفقار راشدي جي موقف ’اديب غيرجانبدار هجڻ گھرجي’جي رد ۾ هڪ مدلل خط لکي، اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اديب کي ڪميٽيڊ هئڻ کپي. ياد رهي ته اهو ادبي خط، محترم ذوالفقار راشدي صاحب جي ڪتاب ’ڪسوٽي’۾ ڇپيل آهي.

سليم سولنگي جي ان خط، لکڻيءَ جي انداز ۽ مدلل طريقي، مونکي ڏاڍو متاثر ڪيو. خط مان لڳو ته هو صاحب، عالمي ادب تي گھري نظر رکي ٿو ۽ هن خصوصن اشتراڪي ادب ۽ نظرئي جو بغور مطالعو ڪيو آهي. مگر اها خبر نٿيَ پئي ته هو ڪير آهي، ڪٿان جو رهاڪو آهي ۽ سندس پيشو ڇا آهي. نيٺ پڇا ڳاڇا کانپوءِ خبر پئي ته هو صاحب ساڳئي منهنجي ضلعي دادوءَ جو آهي.

انهن ڏينهن ۾ روزگار جي حوالي سان مان دادو ضلعي کان ٻاهر ٽنڊي باگي لاڙ ۾ هوس. دل ۾ هڪ آرزو پهلو بدلائيندي رهي ته جڏهن به دادو وڃڻ ٿيو ته اهڙي ڏاهي، ترقي پسند سوچ جي مالڪ ۽ عالمي ادب جي ڄاڻو سان روبرو ملندس ڇوته زندگي ۾ اهڙن ماڻهن سان ملڻ جو هميشھ اشتياق پئي رهيو آهي. حيرت ان ڳالھ تي هيم ته دادوءَ جي مڙني اديبن سان ڏيٺ ويٺ ۽ دعا سلام آهي، آخر هن شخص سان منهنجي ملاقات هيل تائين ڇو نه ٿي آهي. دادو جي ھڙي پسمانده علائقي ۾، جتي عالمي ادب کي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ لاءِ نه ته لائبريريون آهن ۽ نه اهڙي قسم جا ذهن آهن، اتي اهڙي ريگزار ۾ ھڙو تناور درخت اوچتو ڪيئن نمودار ٿيو آهي!

سال ۱۹۸۹ ۾ روزگار سانگي لاڙ واري حصي مان ڦري گھري جڏهن دادو ۾ اچي مڪمل رهائش اختيار ڪيم ته پنهنجي ديرينه خواهش جي تڪميل لاءِ مون سليم صاحب جو پڇايو ته هو دادو ۾ ڪٿي رهي ٿو. تڏهن مونکي ٻڌايو ويو ته هو صاحب هندن جي پنچائت گھر ڀرسان شاهاڻي پاڙي ۾ رهندو آهي. دادو ڪاليج ۾ انگريزي جو استاد آهي، پنهنجو ٽيوشن سينٽر اٿس جتي شاگردن کي انگريزي سيکاريندو آهي.

نيٺ هڪ ڏينهن فون تي پنهنجو تعارف ڪرائي، ساڻس ملڻ جو وقت ورتم ۽ عين ان ڏنل ٽائيم تي، شاهاڻي محلي ۾ پهتس. پنهنجي گھر جي ننڍڙي ڪمري ۾ ويهاريائين جيڪو سڄو سارو انگريزي ادب ۽ فلسفي جي ڪتابن سان سٿيو پيو هو. هڪ ننڍي ڪتبخاني جو ڏيک پئي ڏنائين. رسمي دعا سلام بعد، مون کيس پنهنجي زندگي جي ڪاروبار بابت ٻڌايو ۽ ان ڪچهري دوران ئي مون کيس ٻڌايو ته مون کي اوهان وٽ اوهان جي لکيل خط ئي ڇڪي آندو آهي. پندرهن سال اڳ مون توهان جو خط سوجهرو رسالي ۾ پڙهيو هو ۽ تڏهن کان وٺي توهان سان ملڻ جي حسرت پئي رهي آهي. اوهان جي خط مونکي چڱو متاثر ڪيو هو ۽ مان حيران هوس ته آخر ڪهڙو شخص آهي جنهن جي ملاقات کان مان هينئر تائين محروم آهيان. اوهان جو ان خط ۾ هڪ واضح موقف ۽ مدلل انداز هيو ۽ جنهن نطرئي کي هٿي ڏئي رهيو هو ان جي وڌيڪ رد ۾ وڃڻ لاءِ اوهان ٻين جون راهون ئي مسدود ڪري ڇڏيون هيون.

چوڻ لڳو ته، ’ادا، اهو خط مون ذوالفقار راشدي جي خط جي موٽ ۾ لکيو هو. راشدي صاحب پنهنجي ڳالھ تان دستبردار ٿيو الائي نه پر ايترو چوان ته هو هتي مون وٽ اچي مون سان مليو هو، فقط اهو ڏسڻ لاءِ ته اهو شخص ڪير آهي‘.

ان ڪچهري کانپوءِ سليم سولنگي سان منهنجين ملاقاتن جو سلسلو شروع ٿي ويو هو پر ڇڊا ڇڊا ملندا هئاسين. انهي دوران مون پنهنجي پٽ فياض کي به هن جي ٽيوشن سينٽر ۾ داخل ڪرايو هو. اهو به اسان وچ ۾ رابطي جو ذريعو رهيو. سليم سولنگي صاحب ڳوٺ دين محمد شاهاڻي لڳ دادو ۾ جنم ورتو. هن ايم اي (انگريزي) تائين علم جي تحصيل ڪئي ۽ ايڇ ايس ٽي جي حيثيت سان عزت ڀرئي پيشي جي شروعات ڪيائين. انهي دوران سندس علميت، فهم ۽ فراست کيس هڪ ننڍڙي ڳوٺ کان دادو جهڙي شهر طرف وٺي آئي. اڳتي هلي دادو ڊگري ڪاليج ۾پروفيسر جي عهدي تائين پهتو.

هن سڄي ڄمار علم جي جستجو ۽ ڦهلاءُ ۾ گذاري. انگريزي ادب ۽ ٻولي جي ترويج ڪندي ڪيئي قابل شاگرد پيدا ڪيائين جن ۾ ڪي ماهر وڪيل، ڪي استاد، ڪي پروفيسر ته ڪي وري ٻين شعبن ۾ اعليٰ عهدن تي ڪم ڪري رهيا آهن ۽ انهن مان ڪيئي پنهنجا خانگي ادارا ۽ ٽيوشن سينٽر کولي علم جي جوت جلايو ويٺا آهن.

سليم سان منهنجون جيڪي به ملاقاتون ٿيون وٽس خلوص ۽ محبت م فرق نه آيو. پاڻ ڪنهن ٻئي ڏانهن گھٽ ويندو هو باقي دوستن کي پاڻ وٽ گھرائي وٺندو هو يا دوست ئي کانئس وقت وٺندا هئا. ڪچهري دوران مختلف خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي هئي ۽ محسوس ٿيندو هو ته سندس وسيع مطالعو آهي ۽ کيس عالمي ادب تي ڪافي دسترس آهي. سندس ڪچهرين مان هرڪو نوان نوان خيال ۽ جيئڻ جا نوان نوان اتساھ کڻي اٿندو هو. ائين محسوس ٿيندو هو ته زندگي جا هي پل جيڪي سليم سولنگي صاحب وٽ ويٺاسين سي ڏاڍا سڦل گذريا. سندس پسند جو موضوع فلسفو هو. سقراط، هيگل، ڪانٽ، ڊانٽي، نطشي، مارڪس ۽ لينن کي نهايت بهتر انداز سان بيان ڪرڻ جو ڏانءُ رکندو هو. هو شاگردن ۽ دوستن کي نون لاڙن ۽ خيالن سان آراسته ڪرڻ چاهيندو هو. هن وٽ جيڪو به ويندو هو پنهنجي ڄاڻ ۾ بي انداز اضافو ڪري اٿندو هو ۽ ڪنهن نظرئي جي پوري سياق سباق کان واقف ٿي اٿندو هو. سنڌ جي ڪن نامور اديبن وٽ به سندس غائبانه تعارف هوندو هو. سندس سڃاڻپ وڌائڻ ۾ سندس وسيع مطالعي، فڪر ۽ فراست جو هٿ هيو جو سندس لکڻين مان ظاهر ٿيندو هو. کيس هر جاءِ تي ڄاتو سڃاتو ويندو هو.

سليم جي پيشي وراڻي مصروفيت ۽ عديم الفرصتي کيس ڪل وقت اديب نه بئائي سگھي، پوءِ به هن جيڪي تخليقون ۽ تحريرون ڇڏيون آهن، توڙي جو انهن جو تعداد آڱرين تي ڳڻڻ جيترو مس آهي، سي سگھاريون آهن. هن شيخ اياز جي واين ۽ بيتن کي انگريزي ويس ڏنو ۽ سنڌ جي ڪن ٻين چونڊ شاعرن جي نظمن، بيتن ۽ واين کي ترجمو ڪيائين. سندس اهي ترجما يونيورسٽي ۽ ڪاليج جي مئگزينن ۽ ٻين رسالن ۾ پڻ ڇپيا ۽ ڪجھ وري ڇپجڻ کا رهجي ويا. ان ڳالھ ۾ ڪو شڪ ناهي ته دادو جي اديبن ۽ شاعرن جي ذهني تربيت ڪرڻ، مغربي فلسفا سمجهائڻ ۽ دنيا جي اهم ادبي نظرين کان واقف ڪرڻ ۾ سليم جو وڏو هٿ رهيو. هتان جا وڏا اديب ۽ شاعر جن جو مطالعو ٻڙي هو ۽ فلسفي کان وانجهيل هئا سي سندس ڪچهرين، علمي بحثن ۽ ليڪچرن مان فيضياب ٿيندا رهيا.

ڪافي دوستن کي شڪايتون آهن ته سليم صاحب آخر ۾ انهن کان دور دور ۽ ڪشان ڪشان رهيو. هو وٽن نه ايند هو ۽ نه ئي کين گھرائيندو هو. اگر هو وٽس ويندا هئا ته عدم فرصت جو بهانو بنائي کين ڊگھين ڪچهرين کان لنوائي ڇڏيندو هو ۽ آخري ڄمار ۾ تنهائي پسند ٿي ويو هو. ان ڳالھ ۾ ڪو شڪ ناهي ته هو آخري ڄمار ۾ خلوت نشيني کي ترجيح ڏيندو هو. ان جو ڪارڻ منهنجي خيال ۾ اهو ٿي سگھي ٿو ته ڪجھ دوست سندس فلسفياڻي فڪر کان گھڻو هيٺ هئا ۽ سندس ڳالهين کي ماڻهن ۾ غلط رنگ ڏئي پيش ڪندا هئا. نتيجواهو نڪتو ته سليم سولنگي لاءِ اها راءِ عام ٿي وئي ته هو هڪ آزاد خيال ۽ مذهب کان عاري ماڻهو آهي.

اهي ڳالهيون عام ماڻهن وٽ، جيڪي نهايت سطحي سوچ جا هئا، کيس ناپسنديده شخصيت بنائينديون رهيون ۽ ان روئيداد هن لاءِ سماجي ۽ معاشي تڪليفون پيدا ڪيون. انڪري، هن دوستن جو حلقو وسيع کان وسيع تر بنائڻ بدران نهايت محددو ڪري ڇڏيو ۽ وڌيڪ دوستيون رکڻ، ناتا نڀائڻ بند ڪري ڇڏيا. هو پنهنجا ڏک درد به ڪنهن کي نه ٻڌائي سگھندو هو ۽ اسان به کيس حالتن کان خائف هئڻ ۽ محدود ٿي وڃڻ جون ميارون ڏيندا هئاسين.

سال ۲۰۰۷ ۾ مون خيال ڪيو ته دادو ضلعي جي عالمن، اديبن ۽ شاعرن جي هڪ ڊائريڪٽري تيار ڪيان جنهن ۾ ڪنهن عالم ۽ اديب جون رڳو ڇپيل تخليقون شامل نه هجن پر ان جي زندگي جو مختصر خاڪو به ڏنل هجي. ان سلسلي ۾ منهنجو ڪيترن ئي اديبن سان روبرو ملڻ ٿيو ۽ مون هڪ سوالنامو به تيار ڪيو جيڪو اديبن کي پاڻ ڀري ڏيڻو هو. جيئن ته سليم سولنگي صاحب جي علمي حيثيت مون وٽ تسليم شده هئي ان ڪري مون پنهنجي هڪ ادبي ساٿي نوجوان شاعر ابل ٻٻر هٿان کيس اهو فارم موڪليو. پر ابل، هر ڀيري اهو فارم ڀرائڻ ۾ ناڪام رهندو آيو. مان به مڇڏو، سو ابل تي ناراض رهندو آيس. نيٺ ابل ٻٻر جي بار بار در تي اچڻ سبب، هڪ ڀيري سليم صاحب پاڻ اٿي در تي آيو. ابل کيس بيٺي بيٺي سڀ ڪجھ ٻڌايو ۽ کيس اهو به چيائين ته بشير صاحب تمام گھڻي تاڪيد ڪئي آهي ته توهان جو نالو هن ڪتاب ۾ هر صورت ۾ اچڻ گھرجي.

پروفارما وٺي، در تي ئي پڙهي، سليم صاحب وراڻيو ته، ’ادا! نه مان عالم آهيان نه اديب. بشير کي منهنجا سلام ڏيئي عرض ڪجو ته هن فارم ڀرڻ کان مان قاصر آهيان ۽ بار بار توکي تڪليف نه ڏئي. ‘

اڄ سليم صاحب اسان وٽ موجود ڪونهي. هڪ هڪ شاگرد کان ويندي هڪ هڪ دوست تائين سليم صاحب جا نقش نگار ۽ يادگيريون سڀني وٽ محفوظ آهن. هرڪو کيس مختلف زاوين کان ڏسندو هوندو ۽ پاڻ وٽ ذهن ۾ ان لاءِ مخصوص خاڪو ٺاهيندو هوندو. مگر مان اڄ به جڏهن هن لاءِ هي اکر لکي رهيو آهيان ته منهنجا نيڻ نَم آهن. هُن ۾ ڇا ته صلاحيتون هيون! منهنجي نظر ۾ هو ڏاهن کان ڏاهو انسان، هڪ باڪردار ۽ بااخلاق ماڻهو، ذميوار استاد، سنڌي سان گڏ انگريزي ادب ۽ ٻولي جو ماهر جنهن جو نظير ويجهي تر ۾ ڪونهي، هڪ عالم، هڪ فلسفي ۽ سٺن دوستن جو سٺو دوست هو. سندس خال هميشھ خال رهندو ۽ دادو کي اهڙو مهان ماڻهو پيدا ڪرڻ ۾ صديون لڳنديون. 

No comments:

راءِ ڏيندا