; سنڌي شخصيتون: عبدالرحيم عبد ڪنڀر

12 April, 2023

عبدالرحيم عبد ڪنڀر

عبدالرحيم عبد ڪنڀر

چمبڙ شهر جي زرخير زمين مان جنم وٺندڙ شاعر

اظھر امر/ ٽنڊو الهيار



شام جو سج لڙي چڪو رات جا تارا ظاهر ٿيڻ لڳا، اکيون ڪنهنجي آس ۾ تڙپي پيون. پر ڪو محبوب جيڪو الائي ڪهڙي پار هليو ويو. جنهن جي من ۾ آس جيڪا اڃان ڪجهه لکڻ لاءِ آنڌ مانڌ ڪندي رهي ٿي.....


ڪافي ڏينهن کان شهر جي شور کان باغي بڻجي ڳوٺ جي ويران گهٽين جو مسافر بڻجي ڪنهن شخص جي وڇڙي وڃڻ جي ڏک ۾ ماتم ڪري رهيو آهيان....

ڪنهن مهل وقت ملي ٿو ته اڪيلائي ۾ ويهي فيس بڪ تان دل وندرائيندو آهيان، پيارا رحيم! هاڻ دل نٿي لڳي هن درد وندي ديس ۾، بس جيون جا جيڪي چند ڏينهن ڏک گھارڻ ذميواريون کڻڻ لاءِ شايد ارپيا ويا آهن.

فيس بڪ دنياوي جهان ۾ رهندي، اوهان جون خوبصورت تخليقون ڪافي ڀيرا پڙهندو رهيو آهيان اڄ به جڏهن ڪنهنجي ياد ۾ اڪيلو ويٺو هئس، اوهان جو هڪ غزل جيڪو منهنجي نظر آڏو گذريو پڙهڻ کانپوءِ منهن تي هڪ عجيب تاثر تري پيو اکيون ڪنهنجي ياد ۾ ڀرجي ويون ..

موبائيل فون جي ڪي بورڊ ذريعي آڱرين کي تيزي سان ڊوڙائيندي اوهان جي قلمي تخليقن تي ويچار ونڊ ڪري ويٺس....

پاڻ هڪ ٻئي کي اڳ ئي سڃاڻون. کوڙ جاين تي ميل ملاقاتون به ٿيون، ڪجهه وقت ڪن دعوتن تي هلڻ لاءِ گڏجي سفر به ڪيو سين.

تون آئيني ۾ ڏسين ته ٿورو ئي سوچجان من!

ته مون کان وڇڙي ڇو تنهنجو چهرو ڦڪو ڦڪو آ

آئينو آرسي کي چئبو آهي، جنهن ۾ ڪنهنجو ڏسڻ به ڄڻ پنهنجي چهري جو ديدار ڪرڻ هوندو آهي.، مونکان وڇڙڻ کان پوءِ تنهنجو چهرو به ڦڪو ڦڪو لڳي ٿو. ڪمال جا خيال آهن، جيڪي شاعر قلم سان ڪاڳر تي اتاريا آهن.

بهار جي رُت! خزان جيان تون لڳين ٿي ڇالئه؟

صبح جو منظر به شام جهڙو ڦڪو ڦڪو آ.

پيارا تنهنجون هي سٽون پڙهڻ کان پوء محسوس ٿيو، مونکي سڀ رُتون ڄڻ خزان جيان لڳڻ لڳيون آهن. مون لاءِ ڄڻ صبح جو پهر به اداس توڙي شام ڄڻ قهر مثل ٿي لڳي. اوهان پنهنجي غزل جي رديف سان سٺو نڀاءُ ڪيو آهي.

سال مهينا ڏينهن چڙهندا لهندا رهن ٿا، عبد ڪنڀر جو غزل جيڪو سال جي پڄاڻي واري ڏينهن تي لکيو ويو. جنهن کي فيس بڪ تان پڙهيم، جيڪو اوهان به پڙهو......

جن ساڻ دل و روح جو رشتو آ “عبد” جو،

تن جان کان پيارن کي نئون سال مبارڪ.

جن سان روح جو رشتو هوندو آهي، تن کي “عبد” طرفان هي غزل نئين سال جو ارپيو ويو آهي.

ٻئي غزل جي هڪ بند ۾ “عبد” لکي ٿو،

صرف ڪئلينڊر اندر سالَ ئي تبديل ٿيا،

ديس پنهنجي جون سدا حالتون ساڳيون رهيون.

هي سٽون هر ان شاعر جي ذهن تي ترن ٿيون جنهن جي من ۾ ڪو تخليقڪار ويٺل هوندو آهي، هي شعر پڙهڻ کان پوء سال ۾ ڪئلينڊر ته تبديل ٿيندا آهن سال به تبديل ٿيندا آهن پر ديس ڌڻين / ديس جون حالتون ساڳيون جون ساڳيون رهن ٿيون.

رات ساڳي ڪا نه رهندي،

بات ساڳي ڪا نه رهندي.

“عبد” ڪنڀر جا غزل ڪمال جا آهن، جن ۾ قافيا توڙي رديف به تمام سٺا هوندا آهن. جيئن هي غزل جنهن جو رديف “ساڳي ڪانه رهندي”. قافيو رات / بات / تات / ڏات وغيره شامل آهن.

عبد جي ساڳين غزل جو هي بند ڪمال جو آهي،

عشق ڪڍبو شاعريءَ مان،

ڏات ساڳي ڪا نه رهندي.

عشق کي اگر شعر مان ڪڍي ڇڏجي، اُها ڳالهه سمجهه ۾ ضرور ايندي هي شعر ڪا معني نٿو رکي. شاعري مان عشق کي ڪڍي ڇڏڻ کان بهتر رهندو، اُهو ماڻهو شاعريءَ ئي نه ڪري....

باغ سُڪندو پو پکين جي،

لات ساڳي ڪا نه رهندي.

هي شعر به پڙهڻ وٽان آهي، باغن مان پکين جو لڏي وڃڻ کان پوءِ ساڳين رونق ڪانه رهندي. عبد جو تعلق جنهن علائقي سان آهي اُهو علائقو انبن/ ٻيرن/ ٻٻرن توڙي نمڻ سان سر سبز آهي.

جيئن وڻن سان پکين جو رشتو آ.

تيئن دلين سان دلين جو رشتو آ.

جيئن وڻن سان پکين جو رشتو، تيئن دلين سان دلين جو رشتو هجي سمجهي سگهجي ٿو. ڪيڏي نه باغ بهاري هوندي موسم به وڻندڙ هوندي اکين ۾ خوشين جا لڙڪ تري ايندا.

توسان سالن جو ساٿ ڪونهي ڪو

منهنجو توسان صدين جو رشتو آ.

عبد جنهن رشتي جي ڳالهه ٿو ڪري اُهو يقينن سالن جو نه ڄڻ صدين جو رشتو آهي. ڪيڏا نه خيال من کي وڻندڙ آهن.

ڏس ته مسڪين جي لٽن سان هي

ڪيڏو پختو چتين جو رشتو آ.

هي شعر پڙهڻ کانپوءِ پوءِ اکيون لڙڪن سان ڀرجي ويون، ڏس مسڪين جي لٽن / “ڪپڙن” سان هي چتين جو رشتو ڪيڏو نه پختو آهي.... هنن سٽن جو فلسفو تمام وڏو آهي جنهن کي سمجهڻ لاءِ شاعر کي سامھون ويهاري.... هنن سٽن جو مفهوم پڇجي.

سنڌ! تون پئي تڳين دعائن تي

ڇو جو توسان ولين جو رشتو آ

ھاءِ! هاءِ! سنڌ بلڪل ولين جي دعائن سان پئي هلي باقي پنهنجي سنگتين جا جيڪي افعال آهن، انهن کان گهرن ۾ ويٺل بي پهچ ماڻھو چڱا آهن سنڌ سان حقيقي ولين جو رشتو آهي.

 هڪ بيت جيڪو عبد ناظم جوکيو جي بيرحماڻي قتل تي لکيو.

بيت:

سدا رهندو ڪينڪي، ڌرتيءَ تي دولاب،

ڀوتارن سان ڀونء تي، ٿيندو هاڻ حساب،

ناظم* تنهنجو خواب، ساڀيان ٿيندو جلد ئي.

غزل

ورهين جي رفاقت ٻُڙي ٿي وئي.

الائي ڇو الفت ٻڙي ٿي وئي.

ڏٺم هن جي بارات، اکڙيون ڀنيون،

ملڻ جي به حسرت ٻڙي ٿي وئي.

نه سجدن ۾ ڪائي صداقت رهي،

اسان جي عبادت ٻڙي ٿي وئي.

زماني جا جهنجهٽ وڌيا ايترا

حياتيءَ مان فرصت ٻڙي ٿي وئي

ڪري ڌانڌلي چور ٿيا حڪمران،

حقيقي قيادت ٻڙي ٿي وئي.

غزل ويس جدت جو پائي ڇڏيو،

چون ٿا روايت ٻڙي ٿي وئي.

جڏهن ڀائرن ۾ پيو تفرقو،

سندن “عبد” طاقت ٻڙي ٿي وئي.

دل چوي ٿي “عبد” سان جلد هڪ دفعو ٻيهر ڪچھري ڪجي، مختلف موضوعن تي ڳالهيون ڪجن. سندس شاعري جي هر بند بابت پڇجي. اميد ته جيڪو لکيم اُهو قبول ڪيو ويندو.

 

(ڏھاڙي آجيان شڪارپور ۾ ۳۰ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


 

عبدالرحيم ’عبد‘ ڪنڀر

مختصر تعارف ۽ ويچار - فيس بوڪ انٽرويو (ايڪهَٺِين ڪڙي)

ترتيب: مٺل جسڪاڻي

عبدالرحيم ’عبد‘ ڪنڀر نوجوان آهي، سياڻو، سيبتو، محبتي، محنتي آهي، شاعر آهي، سندس مختصر تعارف ۽ ويچار اوهان جي نظر ڪجي ٿو. پنهنجي مثبت راءِ کان آگاهه ڪندا.

۱. وھان جو نالو؟

نالو عبدالرحيم، تخلص عبد، ادبي نالو عبدالرحيم ’عبد‘ ڪنڀر.

۲. ولديت ذات سميت؟

منهنجي والد صاحب جو نالو محمد دائود ڪنڀر آهي.

۳. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ ۽ ھنڌ سميت)؟

منهنجي ولادت ڳوٺ محمد دائود ڪنڀر، تعلقو چمبڙ، ضلع ٽنڊوالهيار ۾، ۲۸ فيبروري ۱۹۷۶ع ۾ ٿي. ٻه اڍائي سال ٿيا آهن، ته پنهنجو ڳوٺ ڇڏي، چمبڙ شهر ۾ رهائش پذير آهيان. ڇو ته پنهنجن ٻارڙن جي تعليم ۽ ڪاروبار جو مسئلو هو. منهنجو بابا سائين ۽ ٻيا ڀائر، اڃان ڳوٺ محمد دائود ڪنڀر ۾ ئي رهن ٿا. باقي منهنجو وڏو ڀاءَ محمد عثمان ٽنڊوالهيار رهائش پذير آهي. مون کي پنهنجي والدين کان الڳ رهڻ مناسب نه ٿو لڳي، پر ٻارن جي مستقبل خاطر ائين ڪرڻو پيو. ٻهراڙيءَ ۾ رهي ٻارن کي بهتر تعليم ڏيارڻ ڪجھ مشڪل آهي.

۴. تعليم؟

بي اي

۵. ڪرت (پيشو)؟

پنهنجو ڪريانه شاپ تي گذران اٿم. الحمد لله رب پاڪ جي ڪرم سان زندگي سٺي پئي گذري.

۶. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟

سڀ کان پهرين پنهنجي روزگار/ڪاروبار کي وقت ڏيندو آهيان. ان کانپوءِ سٺن ڪتابن جو مطالعو، بعد ۾ شعر و شاعري يا فيسبڪ کي وقت ڏيندو آهيان.

۷. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟ ڪو/ڪتاب به ڇپيا آھن يا؟

منهنجي اصل سڃاڻپ شاعر واري آهي. نثر به لکي سگهان ٿو، پر دڪانداري جي مصروفيتن سبب نثر کي وقت نه ٿو ڏيئي سگهان. ٽن چئن ڪتابن جيتري شاعري موجود اٿم. پنهنجو ذاتي ڪتاب ناهي ڇپرايو. ڪجھ گڏيل ڪتابن ۾ منهنجي شاعري شايع ٿيل آھي، جن مان ”امرتا غزل رنگ“، ”شعراءِ ٽنڊوالهيار“، ”هر گل جي خوشبو پنهنجي“، ”ادب آب حيات“، ”سخنور سنڌ ڌرتيءَ جا“ شامل آهن. ان کان علاوه ڪيترين ئي اخبارن، رسالن ۾ شاعري شايع ٿيل آهي.

۸. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟

مطالعي ۾ هر موضوع جا ڪتاب پڙهندو آهيان. معياري شاعري جي ڪتابن کي اوليت ڏيندو آهيان.

۹. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟

سير سفر سان طبيعت ۾ تازگي اچي ٿي. مشاهدي ۽ علم ۾ اضافو ٿئي ٿو.

۱۰. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟

ڪچهريون، اوطاقون سنڌ جي ثقافت رهيون آهن. ڪچهرين سان هڪٻئي جي حال احوال کان واقفيت ٿئي ٿي، هڪٻئي جي ڏکن سکن کي شيئر ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو. ڪنهن پريشاني يا مسئلي مان نڪرڻ لاءِ صلاح مصلحت ڪري، بهتر دڳ وٺي، ڪاميابي حاصل ڪري سگهجي ٿي. ڪچهريون محبتون وڌائڻ جو ذريعو آهن.

۱۱. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟

ادبي تقريبون ادب جي سڌاري ۽ تحرڪ پيدا ڪرڻ لاءِ ضروري آهن.

۱۲. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟

هر ماڻهوءَ کي سماجي ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ حال آهر حصو وٺڻ کپي. پهچ هجي ته رستي تي پاڻي جو نلڪو لڳرائجي. ايتري پهچ نه هجي ته ڪٿي پاڻيءَ جي نادي ئي رکجي. ماڻهن جي مرڻي پرڻي، ڏک سک ۾ شريڪ ٿي، پنهنجائپ جو احساس ڏيارجي.

۱۳. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟

پنهنجن عزيزن سان سدائين همدردي ۽ خير خواهي وارو رويو رکندو آهيان. حال آهر سندن ڏکئي وقت ۾ مدد ڪرڻ جي به ڪوشش ڪندو آهيان.

۱۴. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟

حال آهر سنگت سان نڀائڻ جي پوري ڪوشش ڪندو آهيان.

۱۵. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟

رنگ سفيد، خوشبو موتئي جي.

۱۶. اوھان جي پسند جي سواري؟

جيڪا ميسر هجي ۽ منزل تي رسائي.

۱۷. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟

خواهشن جو شمار ناهي. ڪهڙي ٻڌائجي؟

۱۸. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟

سدائين شاد هجن آباد هجن.

۱۹. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟

سنگت لاءِ به دعائون ۽ نيڪ تمنائون.

۲۰. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟

الله جي ٻڌايل صحيح رستي تي هلن. ڪنهن سان ڀلائي نه ڪري سگهن، ته برائي ته نه ڪن. ڪنهن به جاندار کي ايذاءُ نه ڏين.

۲۱. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو؟

زندگي تمام ٿورڙي آهي. جيترو ٿي سگهي، محبتون ورهايو. نفرتن جا ٻج نه ڇٽيو، ڇو ته نفرتن جي باه ايندڙ نسلن کي به ساڙي سگهي ٿي.

No comments:

راءِ ڏيندا