سورج سجاولي
پٿرن جي شهر ۾ وجود وڃائيندڙ
سورج. . !
حبيب لغاري
ڄامشوري جون سحرانگيز
هوائون ڀل پيار جي پرچار جا قصا لکنديون هجن ۽ وفا جا نوان داستان رقم ٿيندا هجن، پر
اتي جدائي جي ڪهاڻي به لکجي ٿي، اها جدائي جيڪا گلن سان ڀريل زندگين کي بر بڻائي
ويندي آهي، هن حسين نگري جون حسين يادگيريون علم جي پانڌيئڙن جو اثاثو ته رهيون آهن
پر هي جيڪو پٿرن جو شهر آهي ان ۾ ڪيتريون راتيون رنجائي گذرن ٿيون ان جي خبر ته اهي
وجود ئي رکن ٿا جن تي ڪا قيامت ڪڙڪي ٿي، وبائن وارن هنن ڏينهن ۾ وبائن جي نظر ٿي
موتين جهڙا ماڻهو حياتي جي هنجه مان ٽٽل تسبيع جي داڻن وانگر ڇڻي رهيا آهن، الميو
رڳو اهيو به ناهي ته وبا حياتي کسي پئي، پر الميو اهيو به آهي ته علم مسيحائي سان واسطو
رکندڙ وجودن جي بيحسي وقت کان اڳ مريضن کي ڳڙڪايو ڇڏي.
ڄامشوري جي پٿريلي
سر زمين تي لمس اسپتال جي آلوده ڪمرن واري آئيسوليشن وارڊ جي در سامهون ڇٻر تي ويٺل
وجود ڄڻ ته سڏ جا منتظر آهن، اهو سڏ جيڪو پنج ڏينهن اڳ استاد موسيٰ لغاري جي موت
جو اعلان ٿي گونجيو هو ۽ ڪالھ سورج سجاولي جي موت جو نياپو ٿي آيو، سورج شاعري جي جهان
جو پانڌيئڙو به هو ته شهيد ڀٽي جو البيلو عاشق به. . . هو ان انقلابي شاعر جو پٽ
هو جنهن لئه سنڌو جون ٻئي ڪنڌيون جنت الفردوس هيون، سجاول جي سرزمين سان واسطو رکندڙ
سورج سجاولي پ پ جو سرگرم اڳواڻ به هو، پر هن کي سندس پارٽي جي بيحسي ۽ اسپتال عملي
جي لاپرواهي ماري وڌو.
سورج سجاولي جڏهن
زندگي جي اميد کڻي ڄامشوري جي پٽن ۾ اسپتال ڀيڙو ٿيو هو تڏهن کپري جي تعليمدان استاد
موسيٰ لغاري جي حياتي بچائڻ خاطر سندس وارث کيس کڻائي پهتا هئا، اهو مريض جيڪو پيرن
تي هلي اسپتال آيو هو، سنڀال نه ٿيڻ ۽ اسپتال عملي پاران آڪسيجن بند ڪرڻ سبب موت
جي منهن ۾ هليو ويو، ڄامشوري جي حسين رات جڏهن پنهنجا پر پکيڙيا هئا تڏهن رات جو ۱۱ وڳي واري ملاقات ۾ استاد موسيٰ کي وارث ميوا
۽ ماني کارائي آيا هئا ۽ پوءِ صبح جو ۱۱ وڳي ملاقات لئه ويا ته هو بيهوش هو، آڪيسجن بند هئي. . رڙيون
ڪري وارث ڊاڪٽرن کي آڪسيجن کولڻ لئه ٻاڏائيندا رهيا، جنهن بعد آڪسيجن کلي پر تيسين
هن جا گردا ساٿ ڇڏي چڪا هئا دل جو ڌڙڪو به وڌي ويو هو. . دانهن جو ڪو به داد نه ٿيو،
پ پ اڳواڻ عاجز ڌامراھ جڏهن سورج جي طبيعت پڇڻ لئه مک گيٽ تائين پهتو هو تڏهن سندس
اڳيان به اهيو مامرو اٿاريوسين، پر انصاف جي اميد نظر نه آئي، زندگي جي بحالي جي اوسيئڙي
۾ کليل اکيون اجهامي ويون، هڪ تعليمدان خاموشي سان ايئن هليو ويو جيئن اسڪول ۾ اوچتو
موڪل جو اعلان ٿيڻ تي شاگرد ڊوڙي ڪلاس مان نڪري ويندا آهن، خبر ناهي ته ان آرائين
مريض جو ڇا ٿيو، جنهن جا هٿ انهي ڪري به ٻڌل هئا جو هن اسپتال جي قيدخاني جهڙي وارڊ
مان نڪرڻ لئه جستجو ٿي ڪئي. . هن جي اکين ۾ اهيا التجا ڪندي ڳوڙها تري آيا ته “خدا
جي واسطي مونکي هتان وٺي هلو، پوءِ ڀل اوهين مونکي ڪهي ٻوٽيون ڪري جانورن کي کارائي
ڇڏجو” اسپتال جي وارڊ ۾ وارثن هوندي لاوارث ٿيل ان عورت جي وارثي به ٿي الائي نه
جنهن کي سندس مڙس اسپتال ۾ داخل ڪرائڻ بعد گم ٿي ويو، جنهن جي ڳولا جا پيرا کڻي جڏهن
فون تي رابطو ڪيوسين تڏهن هن عورت کان اڻڄاڻائي جو اظهار ڪندي فقط ايترو پڇيو ته
جيئري آهي يا گذاري وئي..
ڪورونا جي وبا سان
جهيڙيندڙ مريض سٺي خوراڪ، سٺي ماحول، ٻاجھ ڀريل رويي، سٺي سار سنڀال ۽ بهتر علاج
جا گهرجاءُ هوندا آهن، پر اسان وٽ اهيي سڀ ڳالهيون خواب بڻيل آهن، اسپتالن کي بهتر
بڻائڻ بدران انهن کي ڪوس گهر بڻايو ويو آهي، لمس ڄامشورو ۾ ته مريض سان گڏ سار سنڀال
لئه ڪنهن کي ويهڻ به نٿو ڏنو وڃي نه وري اسپتال عملو کيس پيئڻ لئه پاڻي فراهم ڪري ٿو،
نه وري سار سنڀال لهي ٿو، ۱۲ ڪلاڪن جي وٿي پڄاڻا جڏهن مائٽ ملڻ لئه وڃن ٿا
تڏهن اهي پاڻ سان پاڻي ۽ ميوا کڻي وڃن ٿا، اڪيلائي، خوف ۽ بيوسي واري ڪيفيت مريضن کي
ڪاوڙ طرف وٺي وڃي ٿي، جنهن سان بلڊپريشر وڌي ٿو ۽ ڪورونا وائرس دل تي به اثر انداز ٿئي
ٿو.
دنيا ۾ جتي ميڊيڪل جي
شعبي وڏي ترقي ڪئي آهي، هٿرادو دل تائين الائي ڇا ڇا ٺهي راس ٿيو آهي اتي اسان وٽ
اڄ به ڪاري وارا ڪک آهن، اسپتالون اڻڄاڻ ملازمن حوالي ڪيون ويون آهن، اهي ملازم جن
وٽ زندگيون بچائڻ لئه اُپاءُ وٺڻ جيتري ڄاڻ ته ناهي پر انهن وٽ احساس آشنا دل به ناهي،
اها دل جيڪا ٿوري تڪليف تي تڙپي اٿي، مرشد لطيف جي “ترس طبيبن ڇڏيو” واري ڳالھ به
سورهن آنا سچ آهي، ڪورونا آئيسوليشن وارڊ ۾ داخل ٻين مريضن جي ڀيٽ ۾ سورج جي طبيعت
ڪافي بهتر هئي، سنڌي ادبي سنگت جي ڪوششن سان جڏهن ثقافت کاتي سورج جي علاج لئه ڪجھ
ڏوڪڙن جي خيرات ڪڍي تڏهن ئي اسان چيو پئي ته سورج کي ڪنهن سٺي اسپتال منتقل ڪرايو پر
ايئن نه ٿي سگهيو، هڪ بهترين شاعر جي حياتي جو سج لهي ويو، خبر ناهي اڃا ڪيترا سورج
پٿرن جي شهر ۾ اجهامندا.
خبر ناهي هن مجرماڻي
غفلت جو ڪو نوٽيس وٺندو الائي نه پر سوال اهيو به اڀري ٿو ته جت پ پ حڪومت پنهنجن
اڳواڻن جي مالڪي ڪري نه سگهي ات ڀلا هڪ عام پورهيت جو علاج ڪيئن ممڪن ٿي سگهندو؟؟ ڇا
وارث سورج جون اهي التجائون وساري سگهندا ته هت مونکي ڇورا ماني به نٿا ڏين، مونکي
گهر وٺي هلو، ڇا سورج جي طبيعت پڇڻ لئه پهچندڙ عاجز ڌامراھ مريضن جي آڪسيجن بند ڪرڻ
واري مامري تي چپ جو روزو رکڻ واري جرم جو داغ پنهنجي ضمير تان لاهي سگهندو؟؟ ڇا
علم مسيحائي سان واسطو رکندڙ انهن طبيبن کان ڪير پڇاڻو ڪندو جيڪي بيحسي جا بت بڻجي
چڪا آهن.
(حبيب لغاري جي فيسبڪ
ٽائيم وال تي ۱۱ آگسٽ ۲۰۲۱ع تي رکيل)
سورج سجاولي
سورج ڪڏھن اجھاميو ناھي
ڄام صنم سنڌي
اڄ به اھي ڏينھن
ياد آھن جڏھن ۲۰۱۳ ۾ زرداريءَ جي حڪومتي دور ۾ ھزارا برادري جي ماڻھن جو وڏي تعداد ۾ ٿيل
قتلام کانپوءِ ھزارا ڪميونٽيءَ پر زور احتجاج شروع ڪيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي سڄي ملڪ
جا روڊ رستا وحدت المسلمين جي ڏنل ڌرڻي سبب بند ٿي ويا جيڪي مسافر جتي ھئا اھي اتي
ئي ڦاسي پيا ۽ ملڪ بدترين طور تي جام ٿي ويو ھر ماڻھو سخت پريشانيءَ جي عالم ۾ ھو
خاص ڪري گھرن کان پرانھين علائقن شھرن ڏانھن سفر تي نڪتل مسافر. مون کي ادا ضراب حيدر
(جنھن سان مون ٻن چينلن تي نوڪري ڪئي ھئي) فون ڪري ٻڌايو ته ادي اسلام آباد ڏانھن ڪنھن
ادبي سفر تي نڪتل ھئاسين پر اوھان جي شھر ۾ ڌرڻي سبب ڦاسي پيا آھيون ھڪ ادبي دوست
به گڏ آھي مون گھر ڳالھه ڪئي جيئن ته گھر ۾ شروع کان مھمان نوازي جي روايت عام رھي
ھئي سو ان مطابق امان ڀاءُ محمد امين کي حڪم ڏنو ته ادا وارا مسافر آھن سندن مھمان
نوازيءَ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏجو ڀائو ويو ۽ مھمانن کي وٺي آيو اوطاق تي سندن سڄو بندوبست
ڪيو ويو پاڻ ڌرڻي ختم ٿيڻ تائين اسانجا مھمان رھيا ڀائوءَ کين سائين راشد مورائي ۽
عظيم سنڌيءَ سان به ملاقاتون ڪرايون مون کي مختصر ملاقات ۾ جڏھن ادا پنھنجي ادبي
دوست سان تعارف ڪرايو ته ھي سورج سجاولي آھي ته ان وقت ادا سورج ٻڌايو ته ادي
اوھان منھنجي بابا سنڌ جي سدا حيات شاعر ”جنت الفردوس آھن ٻئي ڪنڌيون مھراڻ جون“جي
تخليقڪار سرويچ سجاولي تي ڪافي سال اڳ ڪالم لکيو ھو جنھن سبب مون اخبار وارن کي
فون ڪري اوھان لاءِ ٿورا مڃيا ۽ اوھان جو نمبر گھريو ھو پر انھن نُ ڏنو مان تڏھن
کان اوھان کي پنھنجي ڀيڻ سمجھي ياد ڪندو رھندو ھئس پر اھا خبر نه ھئي ته مالڪ ڌرڻي
سبب مون کي اوھان سان ملاقات جو موقعو ڏيندو. مان بيحد خوش آھيان ته جنھن کي سالن
کان غائبانه ڀيڻ ڪيو ھئم اڄ معجزاڻا طور انھن وٽ اچي پھتو آھيان سندس خوشي ۽ اتساھ
ڏسڻ وٽان ھو پاڻ ڪتاب ۽ کوڙ دعائون ڏئي خلوص جو اڻ کٽ رشتو جوڙي روانا ٿيا.
ان ڏينھن کانپوءِ جڏھن
به ۲۲ آڪٽوبر تي بابا سرويچ سجاولي جي ورسي تقريب ٿي ته پاڻ ھر ڀيري مون کي ڪمپيئرنگ
لاءِ دعوت ڏيندا رھيا پر سفر پري ھجڻ ۽ ڪن مجبورين سبب وڃڻ نه ٿيندو ھو جڏھن ۲۰۱۸ ۾ مان پھريون ڀيرو سجاول بابا سرويچ جي ورسيءَ ۾ ويس ته اتي پنھنجو آڌرڀاءُ
ڏسي ائين لڳو ڄڻ ھڪ ڀيڻ سالن کان سڪايل ڀاءُ جي گھر آئي ھجي ھر ڪنھن کي پنھنجو منتظر
ڏٺم سندن خلوص ۽ اڪير ڏسي محسوس ٿيو ته رشتا رڳو رت جا ناھن ٿيندا ڪي ڪي املھ ماڻڪ
انسان ادا سورج جي صورت ۾ جنم وٺي اھو ثابت ڪندا آھن ته خلوص سڀ کان مٿانھون ۽ اتم
آھي.
ھر ڪو مون کان اڳئي
واقف ھو ڇو ته ادا سورج جو سڀني سان منھنجو غائباڻو تعارف ڪرايل ھو جڏھن سرويچ نگر
۾ داخل ٿيندي ئي مائيڪ تي پنھنجو نالو اٻاٻ مان ھر ھر ڀليڪار لاءِ ٻڌم ته اھو
اخلاص ڏسي دل ڀرجي آئي ۽ ايڏي سفر تان ساھي پٽڻ بجاءِ بنا دير وڃي اسٽيج جا فرض سنڀاليم
توڙي جو مون لاءِ علائقو، شاعر، پروگرام جو طريقيڪار ۽ عوام جو وڏو تعداد سڀ ڪجهھ
نئون ھو پر پوءِ به ڪا اوپرائپ محسوس نه ٿي ائين لڳو ڄڻ مان ورھين کان وٽن ايندڙ
ھجان سياسي، سماجي، عوامي، ۽ ادبي ھر فرد جو سڀاءُ پنھنجائپ جو احساس ڏياري رھيو
ھو گھر ڀاڀي ۽ منھنجي سڪيلڌي ڀائٽي زمرد جون محبتون ڏسي پڪ ٿي ته ڀائر ڀيڻن جا سڀ
کان وڏا ايمبسڊر ٿيندا آھن جيڪي ڀيڻن جي پذيرائي ۾ وسان ناھن گھٽائيندا سڄي سرويچ
نگر جون ڏنل عزتون ان ڳالهھ جو ثبوت لڳيون. پروگرام دوران ئي ادا سورج مون کي
کلندي چيو ته ”ادي ھاڻي بابا جي ھر ورسي جي پروگرام جو ذمو اوھان کڻو“ته مون کلي
چيو ادا پوءِ ته ادبي ٺيڪيدار بنجي ويندس، رشتا جوڙڻ ۽ نڀائڻ ڪير ادا سورج کان سکي
ھان.
ھُو فراغت ۾ رھندڙ ڪو
بيڪار ماڻھو نه ھئو بلڪه پاڻ تي رکيل عظيم اڳواڻ شھيد ڀٽي جي نالي ذوالفقار جي اثر
جيان ھو تمام متحرڪ پرجوش، پرخلوص، سچو ۽ انقلابي انسان ھو پيپلز پارٽيءَ جي قيادت
سان عشق کيس ورثي ۾ مليو ھو پاڻ سپاف کان سجاول ضلعي جي انفارميشن سيڪريٽري ۽ سنڌ ڪائونسل
جو ميمبر ھجڻ تائين ڪڏھن به عھدن کي خاطر ۾ نه آڻيندي پارٽيءَ لاءِ بنا ڪنھن لالچ
جي روپوشين، صعوبتن، جيلن ۽ ڪيسن کي منھن ڏيندو ۽ بي لوث جذبي تحت ڪم ڪندو رھيو ھر
سال شھيد راڻيءَ جي ورسي تي ويندي پنھنجي ھن ڀيڻ وٽ کن پل لاءِ به حاضري ضرور ڀريندو
ھو ايتريقدر جو ھڪ ڀيري فيمليءَ سوڌو ٻه ٽي ڏينھن اسان کي ميزبانيءَ جو شرف بخشي
پوءِ پاڻ ڳڙھي خدا بخش روانا ٿيا. محترمه سان سندن روح جو رشتو ھو سندس شھادت تي
لکيل ملڪ جو طويل ليکيو ويندڙ نظم:
”ادي او بينظير
تو تي الله جون رحمتون ھونديون،
شھيد جن آ ڪيو تو
کي، انھن تي لعنتون ھونديون. “
لکيو جيڪو ھر جلسي
۾ بيحد مقبول ٿيو، شاعري به کين وراثت ۾ مليل سوغات ھئي منجھن عوامي، انقلابي ۽
رومانوي رنگ سٽن ۾ سرجي ايندا ھئا پاڻ منھنجي شاعري جي اصلاح جو ڪم به دل سان ڪندا
رھيا کين وڏي خواھش ھئي ته منھنجي پھرئين ڪتاب جو مھورت سندس شھر ۾ به ٿئي پاڻ عوامي
آواز اخبار جا ضلعي رپورٽر ھجڻ سان گڏوگڏ سجاول پريس ڪلب جا صدر ۽ بھترين ڪمپيئر ۽
مقرر پڻ ھئا. تاريخ جي ڄاڻ ھجي يا سياست جي، اسلامي موضوع ھجن يا عبادت گذاري ھر ڪم
۾ مون کين اڳ ڀرو ئي ڏٺو روزا رکندي، اعتڪاف ڪندي يا محرم پاڪ جي ڏھاڙن ۾ ڪڏھن به مون
کي دعا ڪرڻ نه وساريندا ھئا ڪو سال اھڙو ياد ناھي جو پاڻ منھنجي سالگره تي سھڻيون
سٽون سرجي”
”مبارڪ
سالگره تنھنجي ھجي تو کي صنم راڻي،
سدا تون سنڌ ۾ سوڍي
وٺين ھر ھر جنم راڻي،
سدا ماڻين مزا موجون،
لڳي ڪوسو نه واءُ توکي،
خوشين جا خزانا سڀ
چمن تنھنجا قدم راڻي،
نرمل نيڪ نياڻي تون،
جھلڪي پيار ٿو تو مان،
سدا سوڀون مٺي ماڻين
ڏکيو ڪو ڏينھن نه اچي تو تي،
دعا سا پاڪ پرور
کان اھا ئي بس اٿم ته راڻي،
رشتو روح جو تو سان
رکيو سورج سجاولي آ،
مون لئه تون مٺي آھين
عظيم بلڪل اوتم راڻي“
ھر سال نين سٽن سان
ڀيٽي ڏسي پاڻ کي فخر ۽ عاجزي واري احساس ۾ واسيل محسوس ڪندي ھئس ته ڌرتي ماءُ مون
کي اھڙو عظيم ڀاءُ ڏنو آھي جيڪو پنھنجي نالي جيان واقعي ھن ڌرتيءَ جو سورج آھي. فرح
لاشاري جي آواز ۾ منھنجي شاعري ” ڇا گذري ٿو منھنجي دل تي“ جي جڏھن رڪاڊنگ ٿي تڏھن
مون کي پاڻ فيمليءَ سميت حيدرآباد رڪارڊنگ لائيو ڏسڻ لاءِ گھراين ۽ پاڻ تيسين موجود
رھيا جيسين اسين واپس نه ورياسين.
ضلعي سجاول جي
جرنلسٽ فورم جو باني صدر سرويچ سجاولي اڪيڊمي جو چيئرمين، ثقافت کاتي جي ريجنل ايڊوائيزري
ڪميٽي جو ميمبر ۽ سنڌي ادبي سنگت جو ڪيترائي سال لڳاتار سيڪريٽري رھندڙ ڌرتيءَ جو
با ضمير، ارڏو، اڏول، اڻ ٿڪ، بيباڪ، بھادر، جوشيلو ۽ سچو سپوت بقول سندن:
”امانت قوم
جي آھيان ۽ ورثو مان ته وانگين جو،
سھاڳڻ سنڌ جو سوڍو،
جگر ۽ جان جھانگين جو،
مست مجذوب مان ماڻھو،
ديوانو سنڌ جو سورج،
آھيان سرمست سجاول
جو ۽ مجنون مان ته مانجھين جو“
جيڪو سڄي سنڌ کان ڪھي
ايندڙن کي سرويچ نگر ۾ مرڪي ڀليڪار ڪندو رھندو ھو جڏھن ان تي ڏکيو وقت آيو ته شينھن
جيان للڪار ڪري ھر ڪنھن جي ڏک سک ۾ ڪم ايندڙ ھن مانجھي مرد ۽ سنڌ جي سدوري پٽ کي ڪنھن
به سڏ نه ورنايو ۽ ھو جيڪو ڄڻ ته آيو ئي محبتون ورھائڻ، مرڪون پکيڙڻ، تاريخ رقم ڪرڻ
۽ دلين تي نقش ٿيڻ لاءِ ھو سو بنا ڪنھن کي ميار ڏيڻ جي ائين ئي اوچتو اوچتو ۽ تڪڙو
تڪڙو ۸ آگسٽ ۲۰۲۱ تي سڄي سرويچ نگر سان گڏوگڏ سنڌ کي به اونداهو ڪري ھليو ويو مان جڏھن ھڪ ڀيرو
ٻيھر سرويچ نگر پھتس ته ھن ڀيري ڪيفيت ابتڙ ھئي پھرين مرڪ، اٻاٻ، اتساھ ۽ خوشي ھئي
ھاڻي اداسي، ڏک، لڙڪ ۽ ماٺار ڇانيل ھئي جيڪو ڀاءُ منھنجي سرويچ نگر اچڻ تي ڄڻ ته سڀ
اجرڪ منھنجي مٿي تي پارائڻ پيو چاھي اڄ اھو پاڻ اجرڪن جي اوٽ ۾ لڪل ھو سندس گرجدار
آواز ”ادي صنم کي سرويچ نگر اچڻ تي دل جي گھراين سان ڀليڪار ٿا چئون“ ھر ھر منھنجي
ڪنن سان ٽڪرائجي ڄڻ ته سرويچ نگر جي سورج جي وڇوڙي جا پار پيو ڪڍي. ”اڄ نه اوطاقن ۾
طالب تنوارين“ جون سٽون صحيح معنيٰ ۾ ان ڏينھن سمجھه ۾ آيون. پاڻ آخري ڀيرو امان
جي وڇوڙي کان پوءِ اسان وٽ آيا ھئا پر خبر نه ھئي ته سگھو ئي ھُو پاڻ وڇڙڻ وارا آھن.
ھن بي لوث ۽ بي غرض انسان ڪڏھن ڪنھن کان ڪا طمع نه رکي پر ھُو ڄڻ ته ڏيڻ لاءِ ڄائو
ھو، ھُو ويڙھا واسين لاءِ آيو ھو سو پنھنجي مقصد ۾ مگن ٿي ڪرت ڪندو رھيو.
مونکي بيحد ڏک تڏھن
رسيو جڏھن ادا سورج سجاولي کي سڄو سال گذري ويو پر ادب، سياست، صحافت ۽ عوام لاءِ
زندگي ارپيندڙ ھن ارڏي پٽ جي پھرين ورسي آئي ته ڪنھن به فورم تان سندس لاءِ ڪا تقريب
منعقد نه ڪئي وئي.
ھو ڪتابن جو خالق ۽
ملڪ جي ناليوارن فنڪارن ۾ ڳايو ويندڙ ۽ سنڌ جي لازوال شاعر جو پٽ ھو، ھُو پيپلز
پارٽي لاءِ ڏينھن رات جاکوڙيندڙ ڪارڪن/ عھديدار ھو، ھُو سچ جو قلم کڻندڙ صحافي ھو،
ھُو عوامي ڀلائي جا ڪم ڪندڙ ۽ علاقي واسين لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ گھڻ رخي شخصيت جو مالڪ
ھو ڪو ته کيس خراجِ عقيدت لاءِ اڳتي اچي ھان سندس حياتي ۾ سندس لاءِ ڪنھن اداري ڪتاب
ڇپائڻ جو ڪم پي ڪيو ان جي پر گھور لھڻ به ڪنھن ادبي تنظيم ضروري نه سمجھو نه وري سندس
اڪيلي نياڻي ۽ ونيءَ کي ئي ڪو آٿت ڏنو.
افسوس آھي اھڙن
ثقافتي ادارن، ادبي تنظيمن ۽ سياسي اڳواڻن تي جيڪي پنھنجي مخلص ماڻھن کي وساريندي
۽ نظرانداز ڪندي دير نٿا ڪن. جيڪي سنڌي ادبي سنگت، ثقافت کاتي ۽ سياسي پارٽين ۾ ويھي
اڄ سنڌ جي سورج کي وساري سگھن ٿا اھي سڀاڻي اھا ئي روش ٻين سان ڪندي به دير نه ڪندا
انھن ماڻھن کي ضرور فڪر ڪرڻ کپي جيڪي انھن جي پٺيان لڳي عوامي شاعرن ۽ عوامي
شخصيتن کي فراموش ڪري رھيا آھن ڇو ته ادا سورج سج ھو ۽ سج کي اوندھ جي پرواھ ناھي
ھوندي سج جو ڪم ئي اڀ تي اڀري روشني پکيڙي وڃڻ ھوندو آھي. ادا سورج جو ڀلي ھتي قدر
ڪرڻ وارا نه به ھجن تڏھن به محشر ۾ کيس مانُ ضرور ملندو بقول سندن:
قدر ڪونه جيئري ڪيو
ڪنھن اسانجو،
مگر مئي کان پوءِ وڏو
ملھه ٿيندو،
حشر منجهھ ھوندا ھتي
ماڻھو سارا،
جھجي جڳ ويندو گھڻو
ھل ٿيندو.
(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۶ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا