; سنڌي شخصيتون: پروفيسر تحسين ڪوثر انصاري

27 April, 2023

پروفيسر تحسين ڪوثر انصاري

پروفيسر تحسين ڪوثر انصاري

سنڌ جِي قابلِ تحسين تعليمدان

نصرت سڪندر



سنڌ جِي ناميارِي تعليمدان، تعليمي منتظم ۽ نصاب جي ماهر، پروفيسر تحسين ڪوثر جو جنم ۲۸ اپريل ۱۹۶۳ع تي، ڀلاري ڀٽائيءَ جي پاڙي ۾، تڏهوڪي ضلعي حيدرآباد ۽ هاڻوڪي مٽياري ضلعي جي تاريخي ۽ ثقافتي شهر هالن (هالا نوان) ۾ هڪ پڙهيل ڳڙهيل علمي گهراڻي ۾ ٿيو. سندس والد انجنيئر عبدالغفار انصاري، ورهاڱي کانپوءِ شروع وارين بئچز ۾ تعليم حاصل ڪندڙ سنڌي تعميراتي (سِول) انجينئرز مان هڪ هو، جنهنکي ٽن پٽن ۽ ٽن نياڻين جو اولاد ٿيو، جن مان چوٿِين نمبر نياڻي تحسين هئي. سندس مثالي پرورش دؤران سندس توڙي سندس ٻين ڀينرن جي تعليم تي پڻ پُٽن جي تعليم جيان خاص ڌيان ڏنو ويو. تحسين جِي پرائمري تعليم تي ملڪ جي سياسي اُٿل پُٿل وڏي اثر انداز رهي. کيس ۱۹۶۸ع ۾ پرائمري تعليم لاءِ هالن جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، پر جلد ئي پنهنجي والد جي ملازمت سبب سندس خاندان کي عارضي طور اوڀر پاڪستان (هاڻوڪي بنگلاديش) لڏي وڃڻو پيو، جنهنڪري تحسين پنهنجي پرائمري تعليم جو سلسلو، بنگلاديش جي شهر چٽاگانگ جي ’فاطمه پرائمري اسڪول‘ ۾ جاري رکيو. سُتت ئي ننڍي کنڊَ جي سياسي حالتن وڏي قلابازي کاڌي ۽ ڊسمبر۱۹۷۱ع ۾ اوڀر پاڪستان، اولهه پاڪستان کان ڌار ٿيڻ جو سانحو پيش آيو، ته سندس خاندان کي موٽي باقي بچيل پاڪستان ڏانهن ورڻو پيو. اهڙيءَ طرح تحسين، پرائمري تعليم جا پنج درجا حيدرآباد جي ماڊل اسڪول سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس مان ۱۹۷۵ع ۾ مڪمّل ڪيا. جنهن بعد هن ’گورنمينٽ گرلس مِيران اسڪول‘ مان اٺون درجو پاس ڪري، ۱۹۸۰ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. ان کانپوءِ هن ’ڊاڪٽر ايڇ آءِ زبيري ڪاليج‘ حيدرآباد مان ۱۹۸۲ع ۾ انٽرميڊيٽ جو امتحان پاس ڪيو. تعليم ۾ خاص دلچسپيءَ سان گڏوگڏ تحسين، ٻاراڻي وهيءَ کان راند روند ۾ پڻ چست رھي.


اعليٰ تعليم جي حوالي سان هن سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان سائنس ۾ بيچلرس ــ ’بِي. ايس. سي‘ ڪرڻ کانپوءِ اتان ئي اقتصاديات جي شعبي ۾ ايم. اي. ڪئي. جنهن کان گھڻو پوءِ، سال ۲۰۰۰ع ۾ هن سنڌي ادب ۾ پڻ ماسٽرز جي ڊگري حاصل ڪئي. پنهنجي پوري تعليمي ڪيريئر دؤران هُوءَ پڙهڻ لکڻ ۾ ڀَڙُ رهي. تعليم جي کيتر سان پيشاوراڻي وابستگيءَ جي ارادي تحت، تحسين ڪوثر، تعليم ۾ گريجوئيشن ۽ ماسٽرس (بي. ايڊ. ۽ ايم. ايڊ.) جُون ڊگريون سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام مان حاصل ڪيُون. ۱۹۹۱ ۾ تعليم ۾ سندس ڪيل ماسٽرس (ايم. ايڊ) جي اسپيشلائيزيشن ’تعليمي انتظام‘ (ايجوڪيشنل ايڊمنسٽريشن) ۾ هئي، جيڪا يقيناً کيس سندس پوري ڪيريئر ۾ ڪم به آئي.

تحسين انصاريءَ جي عملي زندگيءَ جي شروعات، روشن تارا اسڪول حيدرآباد ۾ تدريسي خدمتون انجام ڏيڻ سان ٿي. جنهن بعد ڪجهه عرصو پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ علم جا ڏيئا روشن ڪرڻ کانپوءِ ۱۹۹۵ع ۾ ’هاءِ اسڪول ٽيچر‘ (ايڇ. ايس. ٽيءَ) طور گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول بدين کان سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي ۾ پنهنجي تدريسي خدمت جو آغاز ڪيائين. پيشاوراڻي واڌاري جي سفر کي اڳتي وڌائيندي، سال ۲۰۰۱ع ۾ حيدرآباد جي استادن جي تربيت جي تاريخي اداري ’گورنمينٽ ڪاليج آف ايجوڪيشن (فار مين)‘ ۾ ليڪچرار مقرر ٿي. ۱۲ سالن کان وڌيڪ تدريسي تجربي کانپوءِ کيس ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪَ عرصو استادن جي تربيت، چڪاس (اسيسمينٽ) ۽ نصاب جي تياريءَ توڙي نظر ثانيءَ جو تجربو حاصل ڪرڻ جو موقعو مليو، جنهن لاءِ پاڻ ’ڊائريڪٽوريٽ آف ڪرِيڪيولم اسيسمينٽ اينڊ ريسرچ سنڌ‘ (اڳُوڻي بيورو آف ڪريڪيُولم) ڄامشوري سان وابسته رهڻ کانسواءِ سال ۲۰۰۳ع ۾ تعليمي چڪاس واري صوبائي اداري ــ ’پراوينشل ايجوڪيشن اسيسمنٽ سينٽر‘ (پِيس) ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر جي عهدي تي تعينات ٿي، جتي لڳ ڀڳ ۲۲ سال، مثالي خدمت انجام ڏئي پاڻ مڃايائين ۽ بتدريج ۱۸ کانپوءِ ۱۹هون گريڊ حاصل ڪري، ڊائريڪٽر جي عهدي کي رسِي، جنهن بعد ۲۰۲۰ع ۾ ۲۰هون گريڊ ماڻيندي، حيدرآباد جي قديم تاريخي تعليمي ڪاليج، گورنمنيٽ ايليمينٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن (فار وُومين) حيدرآباد ۾ پروفيسر طور پنهنجيون خدمتون انجام ڏيڻ آئي ۽ جلد ئي هن عظيم تربيت گاهه جي سربراهه (پرنسپل) طور کيس ذميواريون مليون، جنهنجي واڳ سنڀالڻ جي حوالي سان، ڀاڳل بيبيءَ، مس لڇي جگرمل، عائشه خورشيد شيخ، شاهه خاتون، دادي ٽلي ايڇ لعلواڻيءَ، دادي ليلاوتي تلسي داس هرچنداڻيءَ، عروس فاطمه، مهرالنساءِ مغل، خديجه بلوچ، عزيزه احسان علي شاهه رضويءَ، رضيه شاهه، رقيّه ڊبليُو قريشيءَ، مريم جِي پٺاڻ، ظفر سلطانه نظاماڻيءَ، حاڪم زادي انصاريءَ، حميده حيدر، صغريٰ مختار سومرو ۽ ممتاز سومرو جهڙيُن سنڌ جُي ماھر تعليمدان عورتن جا نالا سندس مشعلِ راهه هئا، جيڪي مختلف دؤرن ۾ هن عظيم ڪاليج جي سربراهي سنڀالي چڪيون هيون. ان فهرست ۾ هاڻي تحسين جو نالو به شامل ٿي چڪو، جيڪو يقيناً هن لاءِ پڻ هڪ وڏو اعزاز آهي. هِن ڪاليج جي سرواڻ طور تحسين نه رڳو ڪاليج جي اصل مينڊيٽ مطابق مستقبل جي استادياڻين کي اعليٰ معيار جي تربيتي تعليم ڏيڻ واري عمل کي پيشاوراڻي نموني خوش اسلوبيءَ سان پئي نباهيو آهي، بلڪه هتي ثقافتي، قومي توڙي عالمي ڏهاڙا ملهائڻ توڙي، پِي ٽِي ڊسپلي، تعليمي ۽ تقريري مقابلن، نمائشن، سائنسي ميلن جي انعقاد توڙي تحقيق جي حوالي سان به ٻه قدم اڳتي وڌي نمايان طور پاڻ ملهائي، پاڻ کي هڪ قابل سربراهه ثابت ڪيو آهي. هن مثالي ڪاليج ۾ استادن جي مثالي تربيت جو سلسلو اڄ سُوڌو جاري آهي ۽ تازو ڀرتي ٿيل ۵۵ هزار استادن جي تربيتي پروگرام تحت مٽياري ضلعي جا استاد ۽ استادياڻيون سندس ئي نگرانيءَ ۾ ان اداري ۾ سکيا حاصل ڪري رهيا آهن.

تحسين، پيشاوراڻي لحاظ کان هڪ مڪمّل تربيت يافته اڳواڻ طور مختصر عرصي ۾ تعليمي تربيت جا جديد طريقا سکي، انهن کي عملي طرح پنهنجن شاگردن ۽ تربيت وٺندڙن تائين پهچايو ۽ پنهنجيون انتظامي ذميواريون انجام ڏيندي انهن جي مثبت اطلاق کي يقيني بڻايو. هن ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان استادن جي تربيت جي حوالي سان ’ماهر ٽرينر‘ (ماسٽر ٽرينر) ۽ مددگار (ريسورس پرسن) طور نه رڳو تدريسي تربيت جو ڪم انجام پئي ڏنو آهي، بلڪه درسي ڪَٿَ (ڪريڪيولم اسيسمنٽ)، وڏي پيماني تي جانچ جي انتظام (ايڊمنسٽريشن آف لارج اسڪيل ٽيسٽنگ)، استادن جي لڳاتار سکيا جي سنڌيءَ ۾ تيار ٿيندڙ سکيا جي ڪتابن (مينيوئل) جي تياريءَ جي ڏس ۾ تعليمي تحقيق جي اداري ”پِيس“ جي نگرانيءَ هيٺ چوٿين کان اٺين درجي تائين لاءِ سالياني تحقيق لاءِ امتحاني عنصرن جي ڪَٿَ (ٽيسٽ آئٽم اسيسمنٽ)، سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ پاران شايع ٿيندڙ ڇهين کان اٺين درجي جي سنڌي درسي ڪتابن جي نظرثانيءَ، ۸۰۰ کان مٿي استادن/ تربيتي عملي جي چڪاس (فِيلڊ اسيسمينٽ)، بنيادي ڪلاسن جي مطالعي جي چڪاس (ايگرا) جي چوٿين ڪلاس لاءِ ڇپجندڙ ڪتابن ۽ مشقي سوالن جي تياريءَ، توڙي استادن لاءِ تربيتي ڪتابڙن جا ترجما ڪرڻ جي حوالي سان پڻ پنهنجيون نمايان صلاحيتون آڇي خدمتون انجام ڏيندي رهي آهي.

تحسين، ڪيترن ئي ڏيهي توڙي پرڏيهي ادارن جي سهڪار سان سنڌ جي رسمي توڙي غير رسمي تعليم جي وقتاً فوقتاً هلندڙ منصوبن ۾ تربيتي ڪتابن جي تياريءَ، نظر ثانيءَ کان وٺي انهن جي اطلاق ۽ چڪاس تائين مسلسل پاڻ پتوڙي سنڌ جي تعيلم جي واڌاري لاءِ پاڻ ملهايو آهي. پيشاوراڻي سکيا جي حاصلات جي سلسلي ۾ استادن کي پاڙهڻ جي تڪنيڪ سِکڻ لاءِ، پاڻ سموريءَ سنڌ، پاڪستان جي ڪجھه ڀاڱن توڙي پاڪستان کان ٻاهر ٿائيلينڊ، سريلنڪا ۽ ٻين ملڪن تائين جو سفر ڪري پنهنجي پيشاوراڻي استطاعت کي وڌائڻ ۾ ڪابه ڪسرَ نه ڇڏي ۽ پاڻ کي تعليمي کيتر ۾ سگھارو ڪيو.سنڌ جي نمايان تعليمي ۽ تدريسي خدمتون انجام ڏيندڙ اُها تعليمي ماهر اڄ پنهنجي جيون جُون ۶۰ بهارون مڪمل ڪري رهي آهي، جنهن سنڌ ۾ عورتن لاءِ موجود محدود موقعن جي باوجود اٽل ارادي، مُسمّم عزمَ، نه ٿڪجندڙ جذبي ۽ ڏاهپ سان دنيا سان قدم قدم ۾ ملائي، پنهنجو وقار قائم رکندي، پنهنجو پاڻ مڃايو ۽ ملهايو آهي. جنهن لاءِ پروفيسر تحسين ڪوثر انصاري، ”خراجِ تحسين“ جي لائق آهي.

اسان اڄ کيس سندس رٽائرمينٽ جي موقعي تي، صحت ۽ سلامتيءَ جي دعائن سان گڏ جنم ڏينهن جي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا.

 

 (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۷ اپريل ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا