; سنڌي شخصيتون: ارشد سومرو

30 April, 2023

ارشد سومرو

ارشد سومرو

هڪ خدائي خدمتگذار

نور محمد آرائين



سماج ۾ آيل منفي تبديلين مان اها به هڪ وڏي ڏک واري ڳالھ سامهون ٿي اچي ته معاشري مان هڪ خاص ۽ نرالي قسم جو ماڻهو صفا اڻلڀ ٿي ويو آهي.

اهو انسان جيڪو ڪنهن ڳوٺ ۾ جراحي جو ڪم ڪندو هو، ماڻهن جا ڀڳل هڏ جوڙيندو هو ۽ موٽ ۾ صرف دعائون طلبيندو هو.


۽ اهو انسان بہ گم آهي جيڪو ڳوٺ جي هر مرڻي جو اجار ۽ هر ڪاڄ جو سينگار هوندو هو. جيڪو چر تي بيھ ديڳيون دميندو هو. جيڪو سموري سٽاء جو ماهر ۽ رسائي اهڙي بيهاري ويندو هو جو وڃي ٿيا ست خير....!!

ڪٿي ڪٿي ڪي استاد هوندا هئا جن جو ڪم ئي هوندو هو ري معاوضي جڳ جا ٻچا پڙهائڻ.....!!!

معاشري مان اهو خدائي خدمتگذار ڪردار صفا اڻلڀ آهي. بنا مطلب جي ڪير بہ ڪنهن جو ساڻي ڪونهي.... ري ناڻي ته ٺلهي دلداري بہ ڏيڻ وارو ڪٿي ڪو نظر نٿو اچي.

اتي اهڙي حالت ۾ اسان جو سائين ارشد سومرو وڏي وٿ آهي. هو تاريڪي ۾ چنڊ جيان آهي. هو پنهنجي مزاج ۾ هڪ فقير آهي. سندس گھايل روح ۾ هڪ درد آهي علم جي حاصلات جو. هو علم ورڇيندو آهي.

سائين ارشد قانون جي ڪتابن جو يگانو عاشق آهي. هن ۾ ڪنهن يوناني فلسفي جو بيقرار روح پيل آهي جيڪو کيس هر وقت بيچين رکي ٿو. هو قانون جو ايڊوانس شاگرد آهي، سندس رهنمائي ۾ ڪيترائي پوڄارا پر ٿيا آهن.

هوائن جي شهر حيدرآباد ۾، حيدر بخش جتوئي چوڪ وٽ، وڪيلن واري گلي ۾ جڏهن شام ٿئي ٿي ته "ڪلائينٽ" ۽ "ڪائونسل" جي وچ ۾ ڏيتيون ليتيون ٿين ٿيون، اتي ان مهل سائين ارشد جي مئه خاني جو در کلي ٿو، علم جا پياسا پياڪ سندس قانون جي قيمتي ۽ اڻلڀ ڪتابن سان لبريز لائبريري ۾ ڳاهٽ ٿين ٿا. هو ڪنهن پوڙهي سنياسي وانگر قانوني فلسفي جون ڳوڙهيون معنائون سمجهائي ٿو.

ويٺي جنين وٽ، ڏکندو ڏور ٿئي،

تن تنين سين ڪٽ، اوڏا اڏي پکڙا.

سائين ارشد سومرو صاحب جي حياتي جو سفر بہ ان غريب ڇوڪري وانگر گذريو آهي جتي محرومي مقدر هجي ٿي پر نراسائي کي نصيب سمجهڻ بجاءِ هو ڏونگر ڏاري منزل تائين پهچي ٿو.

هو ڪلارڪ کان پوليس انسپيڪٽر تائين جي مسافت طئي ڪرڻ کان پوءِ مقابلي جو امتحان پاس ڪري ڊسٽرڪٽ اٽارني ٿي ٿو وڃي پر هن جي ذات ۾ موجود علم دوستي ۽ غريب پروري اڃان به وڌيڪ وڌي ٿي.

سائين ارشد لا فيڪلٽي سنڌ يونيورسٽي جو وزيٽنگ پروفيسر پڻ آهي، جتي ايل ايل ايم جي شاگردن کي قانوني فلسفو پڙهائي ٿو. پاڻ هزارين شاگردن جو استاد آهي جن ۾ سپريم ڪورٽ، هاءِ ڪورٽ جا ناليوارا وڪيل ڪيترا ئي جج صاحب پڻ شامل آهن. انهن شاگردن مان اڪثريت غريب شاگردن جي هئي جيڪي هاڻي اعلي منصب تي آهن.

بلاشبہ سائين ارشد صاحب هڪ خدائي خدمتگذار آهي، جيڪو مفت ۾ قانون جي شعبي ۾ اعلي درجي جي ڄاڻ ڏئي ٿو. رهنمائي ڪري ٿو. موٽ ۾ صرف عزت ۽ دعا جي طلب رکي ٿو. خدائي خدمتگذارن جي کوٽ واري هن سماج ۾ هو رات جي تاريڪ سناٽي ۾ ٻرندڙ آخري ڏيئي وانگر آهي.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۸ اپريل ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا