سچيڏنو ڪلوڙ
(يادگيريون)
مشتاق ڪلوڙ
دنيا جنھن تيز رفتاريءَ سان وڌي
رهي آهي ۽ روز نيون ايجادون ٿي رھيون آهن ان سان سڄو نظام ۽ ڪارِوھنوار برابر
متاثر ٿي رهيو آهي جيڪا ھڪ فطري ڳالهه آهي. اسان ننڍا هئاسين ته لينڊ لائين فون
ھوندي ھئي. اُھا به عام نه ھُئي. اُھا سھولت به ڪنھن ڪنھن وٽ موجود ھوندي ھئي. ڏسندي
ڏسندي جديد قسم جي موبائيل فون اچي وئي ۽ ھاڻي دنيا جي ڪھڙي به ڪنڊ مان ويھي ھڪٻئي
سان رابطو ڪري سگهجي ٿو. پر اڄ موبائل فون ھر وقت کيسي ۾ ھُجڻ باوجود رابطو نٿو
رهي. اھا الڳ ڳالهه آهي ته جڏهن موبائل فون نه ھُئي ته سڀئي ھڪٻئي جي حال احوال
کان واقف ھوندا ھئا. ان وقت حال احوال وٺڻ ۽ ڏيڻ جو رواج ھو ۽ جڏهن حال احوال ٿيندا
هئا ته علائقي جا سڀ احوال ٻُڌائبا ھئا. اھڙي طرح سڀ ھڪٻئي سان جُڙيل ھئاسين.
بابا جو جنم ۱۹۳۵ع (شناختي ڪارڊ موجب) ھڪ ھاريءَ جي گهر ۾ ٿيو. بابا سائين پاڻ ٻُڌائيندا
ھئا ته، "پرائمريءَ جي پھرين ڪلاس ۾ ھُيس. ان وقت ۾ استاد گهر جو ڪم شاگردن
کان ڪرائيندا هئا ۽ مونکي حڪم ٿيو ته جهنگ مان ڪاٺيون ڪري اچان. اُھا خبر جڏهن
والد کي پئي ته اسڪول مان واپس وٺي آيا...” بابا سنڌيءَ ۾ ڪچي صحيح ڪري سگهندا هئا.
ننڍي عمر ۾ والد جو سِرَ تان سايو ختم ٿي ويو. ڇورن ٻارن وانگر زندگي گذاري وڏا ٿيا.
زندگيءَ ۾ تمام گهڻيون تڪليفون ڏٺائون. مائٽن جون بي رخيون دوستيءَ ۾ دوکا پر پاڻ ڪنھن
سان ڪاوڙ ڪانه ڪيائون. واعدي جا پڪا ھئا. پُختي ارادي وارا. اصول پسند. ارڏا. دوستيءَ
۾ سِرُ به ڏيڻ وارا. ڪڏهن به نه ٿڪجڻ وارا ھوندا ھئا. جيڪو به وٽانئُنِ ھلي ايندو
هو، ان جي مدد ڪندا هئا ۽ سھارو بڻجندا ھئا. سچ ته مائٽن ۽ دوستن کي به مُنھَن تي
چئي ڏيندا هئا. پوءِ ڀل ته ھو رشتا ناتا ختم ڪري وڃي.
جڏهن به ڪو ٻن ڌرين ۾ فيصلو ڪندا
هئا ته ڏوھي ڌُرِ جي مالي حالتن کي ذھن ۾ رکي ڏنڊ مقرر ڪندا هئا ۽ چوندا هئا ته؛ ”اسان
ڌُرين کي ٺاهڻ آيا آهيون ويڙھائڻ نه. اگر ڏنڊ وڌيڪ رکبو ته ڏوھي ڌُرِ نه ڏئي سگهندي
ته پوءِ اُھو ٺاھُ جٽادار نه رھندو.” ريتن رسمن جا علمبردار ھئا. موجوده دور کي
انقلاب جو نالو ڏنو پيو وڃي، پر ھي به تلخ حقيقت آھي ته اسان جون ريتون، رسمون،
رواج دم ٽوڙي رھيا آھن.
ھن تيز رفتاري واري دور ۾ ھر ھڪ
شئي جي رفتار وڌي آهي ۽ براين ته اڃا به پنھنجو نيٽ ورڪ وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي. سماجي
قدرن ۽ اخلاق ۾ ملاوٽ پيدا ٿي وئي آهي. اڳ ۾ اسان جي سماج ۾ ڳوٺن ۾ ھڪ اوطاق ھوندي
ھئي، جتي ڳوٺ جا ماڻهو شام جو ايندا هئا. ڪچھريون ٿينديون هيون ميلا متل ھوندا ھئا.
اسان ننڍڙا ھئاسين ته اچي ھڪ ڪنڊ ۾ ويھي رھندا ھئاسين ۽ وڏڙن جون ڳالهيون غور سان ٻڌندا
هئاسين. گهڻو ڪري ڪنھن جو مٿو اگهاڙو ڪو نه ھوندو ھو. ھڪٻئي جو احترام ھُيو. ڳوٺ
جي نياڻيءَ کي پنھنجي نياڻي سمجهندا هئا. وڏڙن جي سامھون ھميشه سچ ڳالهايو ويندو
هو.
مان پنھنجو ٻاروتڻ جو وقت اڃا
نه وساري سگهيو آهيان. جڏهن اسان برادري جي وڏڙن جي چوڌاري ويھي انهن جي تجربي مان
حاصل ڪيل علم جون ڳالهيون ڏاڍي غور سان ٻڌندا هئاسين. انهن جون اھي ڪچھريون اسان
لاءِ اسڪول جي حيثيت رکنديون ھُيون. جن ۾ اسان جي تربيت ٿيندي هئي.
پراڻي ٽھي، جنھن اسان جي ريتن
رسمن کي سانڍيو پئي، ھاڻي آھستي آھستي ختم ٿي رهيون آهن، ۽ ان جي جڳھه تي سائنس
ترقي جون منزلون طئي ڪري علم حاصل ڪرڻ لاءِ نيون راهون تلاش ڪري ورتيون آهن. پر اڄ
به نوجوان ٽھي وڏڙن جي ڳالهين کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي. مونکي قطعن اھو حق نٿو
پھچي ته ٻين کي پنھنجي قدرن جي حساب سان جاچيان.
بابا جي نالي سان ”وڏيرو” لفظ جڙيل
ھوندو ھو. مون جڏهن ان لفظ جي معنيٰ تلاش ڪئي ته مونکي خبر پئي ته "وڏيرو”
معنيٰ "وَڏَ وَڙو”. جنھن ۾ وَڙُ ناهي اُھو ڪڏهن به وڏيرو نٿو ٿي سگهي، پوءِ پئسي
۾ ڀل ته عرب پتي ھجي. جيترو مون بابا کي ڏٺو ۽ سمجهيو، ھو باڪردار، با اصول شخصيت
جا مالڪ ھئا. اھڙن اصول پسند ڪردارن کي اڄ به احترام سان ڏٺو وڃي ٿو، پوءِ ڀل ته
انهن جو تعلق ڪنھن به ملڪ يا خطي سان ڇو نه هُجي.
دنيا ۾ تمام گهڻا خوددار ماڻهو ٿي
گذريا آهن. بابا به اھڙي ھڪڙي ڪردار جو ماڻهو ھُيو. جيڪو آخري دم تائين پنھنجي
اصول تي قائم رهيو. مونکي اھو چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ محسوس نٿو ٿئي ته بابا ھڪ شاندار
روايتن جو مالڪ هيو. ھو اسان لاءِ مشعل راھ آهي ۽ رهندو. پر علائقي وارن لاءِ به ھڪ
وڻ جي گهاٽي ڇانوَ وانگر ھُيو. سُڀاءُ ٻاجهارو ۽ نھايت ئي شاندار. سندس طبيعت ۾ وضعداري
۽ درگذر جو جذبو تمام گهڻو موجود ھُيو. پر جيڪڏهن ڪنھن زوري اچي ڪا ڏاڍائي ڪئي ته
پوءِ ارڏائي ۽ بھادري سان مُھاڏو اٽڪائيندا ھئا ۽ ڪنھن جي به پرواهه نه ڪندا هئا. ڪڏهن
به ڪنھن جي ڏاڍ آڏو نه جهُڪيا ۽ نه ئي ڪڏهن آڻ مڃيائون.
بابا کي اُٺن پالڻ جو به شوق
رهيو. سُٺا گهوڙا به رکيائون. مينھوُن، ڳئون، ٻڪريون ته اڃا به پاليل آهن.
سياسي طور تي ڪنھن سان به واسطو
نه رھيو. سماجي طور تي خانڳڙھ جي مھر خاندان سان تمام گهڻو ويجهو رھيا. مير احمد
خان ڌاريجو به بابا کي گهڻو ڀائيندو ھو. سڄي زندگي متحرڪ رھيا. پھريان ڳوٺ جو نالو
ٻيو ھُيو پر بابا جي متحرڪ ڪردار جي ڪري ڳوٺ جو نالو "ڳوٺ سچيڏنو ڪلوڙ” مشھور
ٿيو. ھاڻي سرڪاري رڪارڊ ۾ اُھو نالو اچي ٿو.
غربت ۾ ڪنھن جي به آڏو ھٿ ڪو نه
ڦھلايائون. پنھنجي خوديءَ سان رھيا. بابا جي ھمٿ ۽ بھادري جون ڳالهيون ته دشمن به ڪندا
هئا (آھن) سڄي زندگي تڪليفن ۾ گذاريائون ۽ ٻين لاءِ ھميشه سھارو بڻجندا ھئا. بابا
جي دوستي جو حلقو سڄو پاڪستان ھُيو. پاڻ پنجابي ٻولي ڏاڍي رواني سان ڳالھائيندا
ھئا. بلوچي ۽ مارواڙي به ڄاڻندا ۽ ڳالهائيندا هئا. دوستن ۽ اولاد لاءِ ھمٿ جو اھڃاڻ
ھئا. دوست به کيس قدر جي نگاهه سان ڏسندا هئا. دوستن تي تمام گهڻو ويساهه ڪندا هئا
پوءِ ڇو نه ان ۾ دوکو مليو ھُجين.
تعليم ته باقاعدي حاصل ڪو نه ڪيائون
پر ڄاڻ جو خزانو وٽن ھُيو ۽ اھڙي ڄاڻ جيڪا ڪنھن به نصابي ڪتاب مان نٿي ملي سگهي. پنھنجي
اندر ۾ هڪ اداري جي حيثيت رکندا هئا. زندگيءَ جي آخري ڏھاڙن ۾ ھڪ دفعي ڪچھري ۾ مونکي
چيائون ته،”مرد ڪڏهن به پوڙهو ناهي ٿيندو، پر اولاد پوڙھو ڪندي آهي.”
اڳ ۾ اگر ڪو غلطي ڪندو هو ته ان
علائقي جو وڏو ان کي پاڻ وٽ گهرائي يا ان وٽ وڃي ان کي سمجهائيندو، ھو ته ته
معاملا مسئلا ختم ٿي ويندا هئا. ٻين جي معاملن ۽ مسئلن کي پنھنجو سمجهي حل ڳولهيو
ويندو هو. ھاڻي اسان اھڙين روايتن کان لاتعلق ٿي ويا آهيون. تڏهن ئي ته اسان جي چوڌاري
مسئلن جا انبارَ آهن ۽ سنڀالي نٿا سگهون. بابا کي پنھنجي حياتيءَ ۾ اھو سڀڪجهه
مليو جيڪو ھڪ سچي ماڻهوءَ کي ملڻ گهرجي. ھن به سڀني کي مرڪي اُھو سڀڪجهه ڏنو جيئن ھڪ
درياهه سڀني کي سيراب ڪندو آهي. جيئن وڻ سڀني کي ڇانوَ ڏيندو آهي. جيئن سج ۽ چنڊ سڀني
کي روشني ڏين ٿا. ائين بابا به سڀني لاءِ اجهو ھو.
بابا اولاد لاءِ ھڪ شفيق، پيارُ
ڪندڙ ۽ ٻاجهارو انسان ھو. مان پڪ سان چئي سگهان ٿو ته ھن ٻين کي ڏنو گهڻو ڪجهه ۽
ورتو ڪجهه به نه. مائٽن کان ويندي دوستيءَ ۾ دوکن جا داستان اندر ۾ کڻي ھن فاني
دنيا مان ۱۷ مارچ ۲۰۲۱ع تي اسان کان ھميشه ھميشه لاءِ وڇڙي ويا. الله پاڪ سندس مغفرت فرمائي. آمين
ناليوارو ڪھاڻيڪار، ڊراما نويس
شاعر ۽ اديب محترم محمد علي پٺاڻ بابا لاءِ لکيو آهي ته، ”مون سائينءَ سان ھڪ دفعو
ملاقات ڪئي هئي جيڪا منھنجي لاءِ ياد جي ڦرھيءَ تي سونھري اکرن سان لکيل آهي. ان
لاءِ شاهه سائينءَ جي ھڪ سِٽَ ھانوَ تي ھُري پئي اچي ته،” رَتيءَ جي رِھاڻ، جيءُ
اَڙايُم جَتَ سين...” ساڻن وڌيڪ ملاقات ڪرڻ ۽ سندس ڳالهيون رڪارڊ ڪري انهن کي آتم ڪھاڻيءَ
جي روپ ۾ شايع ڪرائڻ جي خواهش اَڌوري رھجي وئي. جنهن جو افسوس عمر ڀَرِ رھندو. ”
(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۵ اپريل ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا