; سنڌي شخصيتون: ڄام صادق علي خان

10 April, 2023

ڄام صادق علي خان

ڄام صادق علي خان

مُدبر سياستدان

نور سنڌي



مشھور سياسي سماجي شخصيت سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير ڄام صادق علي خان سخي، مھمان نواز يارن جو يار منفرد ڪردار ۽ ھڪ ارڏي شخصيت طور سڃاتو ويندو ھو، ڪنھن جا به ڄام صادق علي خان سان ذاتي طور ڪھڙا به اختلاف هجن پر اھو مڃڻو پوندو هڪ سنڌي جي چوڻيءَ موجب ته، مڙس مٿير ھو، جڏھن جنرل ضياءُ الحق پ پ جي حڪومت ختم ڪري ملڪ ۾ مارشلا لڳائي ته ڄام صادق علي خان کي کڙڪ پوڻ تي پاڻ ملڪ مان نڪري پاڻ مرادو جلاوطن ٿي لنڊن ھليو ويو، ۸۳ع ڌاري جڏھن ايم آر ڊي تحريڪ شروع ٿي رھي ھئي ان حوالي سان پ پ جي ھڪ پروگرام جنھن ۾ ڄام معشوق علي خان شريڪ ٿيو ھو ان سان رئيس لال ڏنو خان نظاماڻي جي معرفت ملاقات ڪري مون ڄام صادق علي خان جي لنڊن واري رھائيش گاه جي اڊريس ورتي ۽ مون پاڻ مرادو ڄام صادق علي خان جو ايم آر ڊي تحريڪ جي حوالي سان ھڪ بيان ٺاھي منھجي اخبار روزانه آفتاب کي ڏنو جتي اندرين پيج تي چار ڪالم جو ڄام صادق علي خان جي تصوير سان لڳو جنھن جو متن اھو ھو ته ڄام صادق علي خان ڄام ھائوس لنڊن مان ھڪ پريس بيان جاري ڪندي چيو آھي ته ملڪ مان آمريت جا ڇانيل ڪڪر جلد ختم ٿيڻ وارا آھن عوام کي سول نافرماني واري تحريڪ ۾ ڀرپو حصو وٺي مارشلائي حڪومت جو خاتمو آڻڻ گھرجي مون ان خبر جي ڪٽنگ ڪاٽي ڪاغذ تي لڳائي ھڪ خط لکي ڄام صاحب کي موڪليو ان بعد به ايم آر ڊي تحريڪ دوران پاڻ مرادو ڄام صاحب جون خبرون لڳائي ان جون ڪٽنگون ۽ خط کيس موڪليم پر ان جو ڪو جواب نه مليو جنھن ڪري اھو سلسلو وڌيڪ جاري نه رکي سگھيس.


۸۸ع ۾ پ پ جي حڪومت آئي ته ڄام صادق علي خان جلاوطني ختم ڪري وطن وريو ته لکين ماڻھن سندس استقبال ڪيو، ملڪ ۾ پھچڻ بعد پھريون دفعو هو مخدوم طالب المولي جي حاضري ڀرڻ لاءِ مخدوم ھائوس ھالا پھتو ته مون به ساڻس ملاقات ڪئي ۽ کيس تعارف ڪرايو ۽ جيڪي سندس نالي سان پاڻ مرادو خبرون ڇپي خط سان گڏ موڪليندو ھئس اھو به ذڪر ڪيو ته پاڻ مونکي ڀاڪر پاتو ۽ منھجو ٿورو مڃيو ان بعد ڄام ڳوٺ ۾ ساڻس ملاقات ڪئي ھڪ دفعو لال ڏنو خان نظاماڻي سان گڏ ڄام ھائوس ڪراچي تي به ملاقات ڪئي اھڙي ريت ملاقاتن جو سلسلو وڌڻ لڳو ۽ ڄام صادق علي خان سان ھجت وڌڻ لڳي ۹۰ع ۾ پ پ جي حڪومت ختم ڪئي وئي ۽ نئين چونڊ ڪرائڻ جو اعلان ڪندي نگران حڪومت ۾ ڄام صادق علي خان کي سنڌ جو نگران وڏو وزرير مقرر ڪيو ويو نامينيش فارم ڀرائڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو ڄام صادق علي خان پي ايس ٽنڊو آدم تان فارم ڀرايو. ڄام صادق عليءَ پنهنجي سياسي زندگيءَ جي شروعات ۱۹۵۰ع واري ڏهاڪي ۾ بلدياتي چونڊن ۾ بيهڻ سان ڪئي. ان کان پوءِ هن مسلم ليگ (ڪنوينشن) ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ اولهه پاڪستان اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. ايوب خان جي حڪومت ۾ پهرين پارلياماني سيڪريٽري ۽ پوءِ مملڪتي وزير ٿيو. ۱۹۷۰ع جي چونڊن ۾ آزاد اميدوار طور ڏاند گاڏيءَ جي نشان تي وڏي اڪثريت سان سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. ان کان پوءِ مخدوم محمد زمان طالب المولي جن جي ڪوششن سان هو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو ۽ ممتاز علي خان ڀُٽي جي ڪابينا ۾ مڪاني ادارن جو وزير ٿيو. جڏھن ته رئيس غلام مصطفيٰ جتوئيءَ جي ڪابينا ۾ به ڄام صادق بلديات، هائوسنگ ۽ ٽائون پلاننگ جو وزير رهيو. سندن نالو مثالي توڙي دٻ دٻي واري وزير طور ورتو وڃي ٿو ۱۹۷۷ع ۾ جڏھن جنرل ضياء پ پ جي حڪومت ختم ڪري مارشل لاءِ لڳائي ته ڄام صادق علي خان پاڻمرادو جلاوطني اختيار ڪري ملڪ کان ٻاهر ويو. ۱۹۸۹ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت قائم ٿيڻ کان پوءِ وطن واپس موٽي آيو ۽ وزيراعظم جو صلاحڪار مقرر ٿيو. پر کيس پ پ پاران ڪا خاص اھميت نه ملڻ ڪري پ پ ۾ شامل ھوندي پ پ قيادت کان ناراض ھو. جڏهن صدر غلام اسحاق خان، محترمه بينظير ڀٽو (شهيد) جي حڪومت ختم ڪئي ته ڄام صادق پ پ کي الوداع ڪري ويو ۽ کيس سنڌ جو نگران وڏو وزير مقرر ڪيو ويو. ۱۹۹۰ع وارين چونڊن ۾ پي ايس ٽنڊو آدم جي سيٽ تان ڪامياب ٿي نوازشريف جي دؤر ۾ کيس سنڌ جو وزيراعليٰ مقرر ڪيو ويو. هن جا وڏ وزارت دوران پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان سخت سياسي اختلاف رهيا. ۽ پ پ لاءِ اھو انتھائي ڏکيو دور سمجھو وڃي ٿو، سندس دور ۾ ڪيترائي پاڻ کي وڏا ڦني خان سڏائيندڙ پ پ اڳواڻ پارٽي ڇڏي ڄام گروپ ۾ شامل ٿيا ۽ ڄام صادق علي خان کين نوازيو ڄام صادق علي لاءِ مشھور آھي ته، ھُسو، والد ڄام ڪانڀو خان وانگر سخي، مھمان نواز يارن جو يار ۽ جنھن سان دوستي ھئس انھن کي نوازي ڇڏيائين. ڄام صادق علي خان کري ڳالهه ڪرڻ ۾ مشهور هو ۽ جيڪو به فيصلو ڪرڻو هوندو هئس، سو ڪري ڏيکاريندو هو. پوءِ ان جا ڀلي ڪهڙا به مثبت يا منفي نتيجا نڪرن، ڄام صادق علي خان والد جي چند روايتن مهمان نوازي، غريبن جي مدد، سخاوت، دوستن کي نوازڻ کي قائم رکيو، لطيف سائين جي ميلي جي عرس مبارڪ تي ايندڙ لکين زائرين کي پلاسٽڪ جي ٿيلهين ۾ کاڌو ڏيڻ جو اعلان ڪيو، جيستائين حياتي ھئس سندس اها مهمان نوازي جاري رھي.

ڄام صادق کي ننڍي هوندي کان سياست جو شوق هو. ۽ پاڻ ذهين سياستدان طور پاڻ مڃايو. شھيد ڀٽو جي دور ۾ پاڻ صوبائي وزيرن ۾ هڪ پاور فل وزير طور مڃيو وڃي ٿو، هن پاڻ پنهنجي علائقي ۽ سنڌ ڌرتي جي ترقي لاءِ ڪم ڪيا. ماڻهن کي بنيادي سهوليتون ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪو به اعلان ڪندو هو ته ان تي باقائده عمل ڪرائيندو هو. جنرل ضياءَ الحق، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت ختم ڪري ملڪ ۾ مارشل لا لڳائي پ پ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي ظلم جا جبل ڪيرايا ان ۾ ڄام صادق علي خان تي به لاتعداد ڪيس داخل ڪيا ويا، جن ۾ ۶ حرن جي قتل وارو ڪيس به شامل هو. پاڻ پاڻ مرادو جلا وطن ٿي لنڊن ۽ دبئي ۾ رهڻ لڳو ۽ دبئي ۾ واندو ويهڻ بجاءِ ڪاروبار ڪيو. پاڻ لنڊن ۽ دبئيءَ ۾ به پنهنجي رهائش گاهه کي ڄام هائوس جو نالو ڏنو ۽ اتي به سنڌ مان ويندڙ واسطيدار ماڻهن جي مهمان نوازي ڪندو هو، سندس اھو ڪارنامو به آهي ته جڏھن پاڻ سنڌ جو وڏو وزير ھو ته ان وقت شهرن ۾ دهشتگردي، ٻهراڙين ۾ ڌاڙيل راڄ ماڻهن جو جيئڻ جنجال بنائي ڇڏيو. شهرن ۾ ماڻهو سنڌي اجرڪ ٽوپي پٽڪو پائي نه ٿي سگهيا. خاص طور ڪراچيءَ ۾ سنڌين تي بنا ڏوهه جي مارو ماري هئي، ٻهراڙين ۾ ڌاڙيل ڏينهن ڏٺي جو اغوائن، ڦرن جون وارداتون ڪرڻ لڳا. هن پنهنجي دور ۾ پنهنجي حڪمت عملي ذهانت سان شهرن ۾ دهشتگردن جو راڄ ختم ڪيو، ٻهراڙين ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪري هڪ سئو کان وڌيڪ بدنام انعام يافته ڌاڙيل مارائي سنڌ ۾ مڪمل امن امان بحال ڪرايو. ۱۹۹۱ع ۾ سنڌ اسيمبلي مان ٺھراءَ بحال ڪري سنڌي ٻوليءَ جو خودمختيار دارو قائيم ڪيو، جڏھن ته پاڻ سنڌ جي پاڻيءَ جو ڪيس به وڙھيو ۽ پاڻيءَ جي ورھاست جوتاريخي فيصلو ڪرايو، ڄام دور ۾ سنڌي ماڻهو سنڌي ٽوپي، پٽڪو، اجرڪ پائي مڇون وٽي ڪراچيءَ ۾ بنا ڊپ جي گهمندا هئا. ڄام دور ۾ هزارين بي روزگارن کي روزگار مليو. سنڌ ۾ ترقياتي ڪم ٿيا. ڄام هائوس ڄام نواز علي ۽ ڪراچي تي ڪم ڪارين وارن ماڻهن جا ميلا متل هوندا هئا، جن جا نه صرف ڪم ڪاريون ٿيندا هئا پر کين ماني به کارائي ويندي ھئي، پاڻ نواب ۽ سنڌ جو وڏو وزير هئڻ جي باوجود فقيراڻي طبيعت جو مالڪ هو. ڪابه وڏائي نه هئس يارن جو يار هو. جن سان دوستي هئس انهن کي انهن جي توقع کان وڌيڪ نوازيو. زندگيءَ جا آخري ڏينهن پاڻ بيماريءَ ۾ گذاريا، کين ڪاري ڪامڻ ”سائي“ به لاعلاج بنجي وئي ۽ ان وقت ڪاري ڪامڻ جو ڪو بهتر علاج نه هو. پاڻ ۵ مارچ ۱۹۹۲ع ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. سندس آخري سفر ۾ لکين ماڻهن شرڪت ڪئي، کيس پنهنجي والد جي ڀر ۾ اباڻي قبرستان ۾ ڌرتي ماءُ جي هنجَ حوالي ڪيو ويو.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۵ مارچ ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا