; سنڌي شخصيتون: اياز جوڻيجو

25 April, 2023

اياز جوڻيجو

اياز جوڻيجو

يادگيريون سنڀال ڪم ايندئي

تنوير حسين جوڻيجو



دادو ضلعي جي هڪ قديمي شهر راڌڻ اسٽيشن ۾ نهايت معتبر شخصيت حاجي علي محمد جوڻيجو جي گهر ۾ جنم وٺندڙ سائين محمد اياز جوڻيجو هڪ نيڪ انسان هو. هُن جيان هميشه پيار ونڊيندڙ ۽ محبتي ماڻهو ورلي جنم وٺندا آهن. هو هميشه ڪچهريءَ جو مور رهيو ۽ هر حال ۾ خوش رهڻ وارو هو.


اها پڻ حقيقت آهي ته دنيا ۾ سڀ کان ڏکيو وقت پنهنجي والد کي پنهنجي اکين اڳيان ڪمزور ۽ ضعيف ڏسڻ آهي. اِهو اهڙو وقت هوندو آهي جڏهن انسان گهڻو ڪجھ ڪرڻ چاهيندو آهي پر ڪري ڪجھ به ناهي سگهندو. قدرت جي لکئي کي نه ته ڪو روڪي، نه ئي ٽاري سگهندو آهي. پنهنجي والد کي وقت گذرڻ سان گڏ مختلف بيمارين جي ور چڙهندي ڏسي ۽ مختلف اسپتالن جا چڪر هڻندي صبح، شام ۽ رات وقت ڪيتريون ئي دوائون استعمال ڪندي ڏسڻ به نهايت ڏکيو هوندو آهي. ان سان گڏوگڏ وقت گذرڻ سان سندن چهري تي عمر جو اثر ۽ اکين جي روشني گهٽجڻ ڏسڻ، انهن کي گهمڻ ڦرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچڻ وارو عمل ڏسڻ ۽ انهن کي هن فاني دنيا مان هميشه لاءِ وڇڙندو ڏسڻ، منهنجي خيال ۾ دنيا جو تمام گهڻو اوکو وقت هوندو آهي.

هلڻ سيکارڻ وارا جڏهن هلڻ جي قابل نه هوندا آهن ته دل ۾ هڪ عجيب درد پيدا ٿي ويندو آهي. سهارو ڏيندڙ کي جڏهن سهاري جي ضرورت پوندي آهي ته انسان اندر ئي اندر ۾ ڪمزور نظر ايندو آهي. رستو ڏيکاريندڙ کي جڏهن رستو نظر نه ايندو آهي ته اهي رستا ويران نظر ايندا آهن. ڳالهائڻ سيکارڻ وارا جڏهن خاموش ٿي ويندا آهن ته لفظ بي معنيٰ ٿي ويندا آهن. هٿ پڪڙڻ وارا جڏهن نظر نه ايندا آهن ته اکين جي روشني ڪمزور ٿي ويندي آهي ۽ وري جيڪڏهن دنيا ڏيکارڻ وارا دنيا ۾ نه رهندا آهن ته دنيا اونداهيءَ ۾ تبديل ٿي ويندي آهي.

هونئن ته والد جي شخصيت اولاد لاءِ هميشه ڇپر ڇانو رهي آهي، پر اُنهن جي پنهنجي اولاد سان جيڪا سچائي ۽ محبت رهي ٿي، اها هڪ مثال هوندي آهي. سائين محمد اياز ننڍپڻ کان تمام گهڻو محنتي ۽ رشتن سان وفا جو پيڪر رهيو. هنن ڪڏهن به ڪنهن سختيءَ کان نه ڪيٻايو، هميشه هر چئلينج جو مقابلو ڪري زندگي ۾ اڳتي وڌڻ جي جستجو ڪئي ۽ پوءِ ڪاميابيءَ جون منزلون ماڻيون.

جوڻيجي صاحب جي هميشه اها ڪوشش رهي ته زندگيءَ ۾ ئي محبتون ونڊجن، ڪنهن سان به ناتو نه ٽوڙجي ۽ ٻين جي دلين ۾ رهي ڪري محبتون قائم ڪجن. اهو ئي سندن زندگيءَ جو محور رهيو، جيڪو اڄ به اسان جي دلين ۾ تازن گلن جي خوشبوءَ وانگر مهڪندو رهي ٿو. انهن اهو به درس ڏنو ته نفرتن ۾ ڪجھ به نه آهي، پيار هڪ انمول تحفو آهي، جنهنڪري اوهان هميشه ٻين جي دلين ۾ هڪ خاص جاءِ ٺاهي سگهندئو. محمد اياز جوڻيجو اهڙي شخصيت جو مالڪ هو، جو هر عمر جي ماڻهوءَ سان سٺي انداز ۾ گهلي ملي ويندو هو ۽ هميشه هر طبقي جي ماڻهن ساڻس تمام گهڻو پيار ڪيو. جيڪو اڄ به ڪيترن ئي ماڻهن جي دلين ۾ هڪ خاص مقام رکي ٿو. مون اهو به عام طور تي ڏٺو ته هر عمر جي ماڻهوءَ سان سندن روح رلجي ويندو هو. بابا سائين، مذهبي لحاظ کان نماز جو پابند، ذڪر ۽ فڪر وارو انسان هو ۽ انهن جو قرآن پاڪ سان تمام گهڻو لڳاءُ هو، روز جي بنياد تي تلاوت قرآن ڪريم سندن معمول هو. هو صوفي ازم جو قائل هو ۽ انهن هميشه صوفي ازم جي پرچار ڪئي، جيڪا سندن طبيعت ۾ شامل هئي. ايترين سارين خوبين ۽ انيڪ ڳالهين وارو ماڻهو جڏهن اوهان کان هن فاني دنيا مان اوچتو رخصت ٿئي ٿو ته گهڻين ئي دلين تي گهرو اثر ٿيو وڃي.

اُن حقيقت کان ڪڏهن به منهن موڙي نٿو سگهجي ته زندگي تمام گهڻي خوبصورت آهي پر جيڪڏهن اهڙا دلبر ماڻهو اوهان کان هميشه لاءِ وڇڙي وڃن ته اصل زندگيءَ جو مزو بي رونق ٿيو وڃي. اهڙا ماڻهو، جن کي اوهان ڏسي اڳتي وڌڻ جي جستجو ڪندا آهيو ۽ جن کي ڏسي اوهان زندگيءَ جي سفر کي جاري رکندا آهيو، انهن جي ڏنل درس جي پيروي ڪندي زندگيءَ جون منزلون ماڻيندا آهيو، اُهي جيڪڏهن اوهان کي اڪيلو ڪري وڃن، سچ پڇو ته اوهان جي باقي زندگيءَ ۾ انهن جي تمام اُڪير ۽ خال پيدا ٿئي ٿو، جيڪو ڪو به ڀري نه سگهندو آهي. اهڙن پيار ونڊيندڙ ماڻهن کي اوهان ڪيترو به وسارڻ جي ڪوشش ڪيو پر توهان وساري نه ٿا سگهو. ڇو ته زندگيءَ جي هر پل ۾ انهن جون يادون سمايل هونديون آهن. اُهي انمول رشتا، قرب واريون ڊگهيون ڪچهريون، پل پل گذريل وقت، ڏکن ۽ سکن ۾ هڪٻئي جو ساٿ، زندگيءَ ۾ اڳتي وڌڻ جو درس شايد هڪ تڙپ وانگر لازوال شڪل اختيار ڪري وٺي ٿو.

زندگيءَ ۾ ڪجھ اهڙا بي لوث ۽ بنا ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي رشتا هوندا آهن، جيڪي سچائيءَ تي ٻڌل اڻمٽ هوندا آهن. جيڪي پاڻ کي ڏکيو رکي اوهان لاءِ زندگيءَ جون سولايون پيدا ڪندا آهن ۽ اُهي چاهيندا آهن ته ڀلي ڪيتريون ئي ڏکيايون پيش اچن پر پنهنجي پيارن رشتن لاءِ سر ڌڙ جي بازي لڳائي به اوهان لاءِ خوشين ڀري جوت جلائي ويندا آهن، جيڪا هميشه لاءِ سوجهري طور نظر ايندي آهي، جن کي اوهان سهارو بڻائي زندگيءَ جون منزلون طئي ڪندا آهيو. جيڪي عظيم انسان پنهنجو سک چين ڦٽائي پنهنجي حسرتن ۽ خواهشن کي ختم ڪري اوهان لاءِ ڏينهن رات جاکوڙي اوهانجي خوشين لاءِ پاڻ پتوڙيندا آهن. اهڙن رشتن جي عظمت کي سلام.

محمد اياز جوڻيجو جن جي سڄي زندگي نه صرف اولاد، پنهنجي قرب وارن رشتن لاءِ اميد جي ڪرڻي جيان هئي پر پاڙيسرين ۽ دوستن لاءِ به هڪ جوت هئي. جيڪا اڄ به هر اُن محبت ڪرڻ واري لاءِ سٺين يادن وانگر ياد ڪئي وڃي ٿي. هڪ اهڙي ياد جيڪا هميشه دلين ۾ هڪ خاص مقام رکي ٿي. منهنجي اها خوشنصيبي هئي ته مان بابا سائينءَ سان تمام گهڻو ويجهو رهيس. جڏهن به مون انهن کي ڏٺو ته هڪ کليل ڪتاب وانگر درس جي شڪل ۾، ٻين لاءِ انيڪ ڳالهيون ڇڏي ويا، جيڪي مون سميت ٻين لاءِ اڳتي وڌڻ وانگر روشنيءَ جي لاٽ وانگر آهي. مون اهو به ڏٺو ته انهن جي دل ۾ ٻين لاءِ جيڪا محبت هئي، اُها هڪ لازوال ۽ هميشه ڳنڍجڻ واري هئي. انهيءَ محبت واري زندگيءَ جي اڄ به تمام گهڻي پرچار ڪئي ويندي آهي. مان جڏهن به انهن جي دلي دوستن، مٽن مائٽن ۽ قرب وارن سان ملندو آهيان ته انهن جون اڻ ڳڻيون محبتون ٻڌڻ لاءِ ملنديون آهن، جنهنڪري منهنجو ڳاٽ هميشه فخر سان اوچو ٿي ويندو آهي ۽ سوچيندو آهيان ته مان ڪيترو خوشنصيب آهيان جو هڪ شفيق، محبتي ماڻهو ۽ رشتن سان پيار ڪرڻ واري عظيم انسان جو اولاد آهيان، جنهنڪري هن جڳ ۾ تمام گهڻي عزت ۽ مانُ ملندو آهي.

بابا سائين پنهنجي سڄي ڄمار سادگي ۽ انڪساريءَ ۾ گذاري هڪ مثال قائم ڪيو، جنهن کي اڄ به سندس دوست ۽ قرب وارا ياد ڪري پنهنجي زندگيءَ کي ان ۾ سموئيندا آهن. بابا سائين هر گهر آئي جو ايترو ته آڌر ڀاءُ ڪندا هئا جو گهر آيل مهمان ايترو ته خوش ٿي ويندا هئا جو انهن جي دلين ۾ تمام گهڻي محبت ۽ اڪير پيدا ٿيندي هئي. ان ڪري کيس هميشه تمام گهڻي عزت ۽ احترام واري نگاھ سان ڏٺو ويندو هو. جڏهن به سندن اهي ڳالهيون ۽ لمحا ياد اچن ٿا ته سچ پڇو ته اصل دل جُهري پوندي آهي.

بابا سائين امڙ سان تمام گهڻو پيار ڪندا هئا، جيڪا هميشه هر ڏکئي ۽ سکئي وقت ۾ سندن ٻانھ ٻيلي رهي، ساٿ ڏنو ۽ هميشه انهن جي خوشيءَ ۾ خوش رهڻ کي اوليت ڏني. امڙ جيجل جي اوچتي وصال کانپوءِ سندن زندگي اڪيلائپ جو شڪار رهي ۽ ڏکاري پڻ رهي. امڙ جيجل کانپوءِ پنهنجي زندگيءَ کي محدود ڪري باقي زندگيءَ ۾ انهن جي ياد ۾ گهاري. سندن اهو چوڻ هوندو هو ته پنهنجي زندگي جو هاڻي وقت پورو ٿي ويو آهي، ٺيڪ ڏيڍ سال کانپوءِ بابا سائين آخري ڏينهن ۾ تمام گهڻو بيمار رهڻ لڳا. بابا سائين مضبوط ارادن وارو ماڻهو هو پر سندس بيماريءَ ۽ لاچاريءَ کيس مايوس ڪري وڌو ۽ بهادريءَ واري زندگي گذارڻ وارو انسان آخر جهري پيو.

بابا سائين زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ مسلسل اٺاويھ ڏينهن ڪراچيءَ جي هڪ خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ رهيو، جيڪو وقت اسان لاءِ تمام گهڻو ڏکيو رهيو ۽ زندگيءَ جي مسلسل سفر کي اکين سان ختم ٿيندي ڏسي ڄڻ زندگي بي معنيٰ ۽ بي مقصد لڳڻ لڳي. آخرڪار اُهو ڏهاڙو به اکين سان ڏٺوسين، جڏهن بابا سائين ۶ مارچ ۲۰۲۱ واري ڏهاڙي تي اسان سڀني کي اڪيلو ڪري ويا. اسان کي ائين لڳو ڄڻ اسان جي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي هجي ۽ پري پري تائين بابا سائينءَ جي شخصيت جهڙو ڪو به سهارو ڏسڻ ۾ نه ايندو هجي. ائين محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ اسان کان ڪل ڪائنات کسجي وئي هجي. بابا سائين ظاهري طور تي ته هن فاني دنيا مان اسان کان جدا ته ٿي ويا آهن پر سندن روح جا رشتا، محبتون ۽ اڻ وسرندڙ انمول يادون اڄ به اسان جي دلين ۾ موجود آهن. اسان کي فخر آهي ته اسين اهڙي محنتي ۽ پيار ڪرڻ واري عظيم انسان جو اولاد آهيون، جن هميشه محبت جي پرچار ڪئي.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۽ ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۶ مارچ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا