; سنڌي شخصيتون: سائين بخش رند

11 April, 2023

سائين بخش رند

سائين بخش رند

ڪھاڻيڪار  - وڇڙي ويس ته ورسي آھي!

جھانگير عباسي



سنڌي ڪھاڻي کيتر ۾ سن نوي واري ڏھاڪي کان اسري آيل اڻ ڳڻين نالن واري قطار منجھ سائين بخش رند جو نالو اھم ڪھاڻيڪارن ۾ ڳڻجي ٿو جنھن جو تعلق ڪاڇي واري پٺتي پيل ساھ کي لوساٽيندڙ لڪن واري علائقي سان رھيو۔۔ ھن پھرين آڪٽوبر ۱۹۶۲ تي کيرٿر پھاڙن جي ڇانو ھيٺ اڏيل ڳوٺ ابراھيم رند ۾ ھڪ غريب پورھيت ھاري گھراڻي ۾ اک کولي جنھن کي پيءُ بکون ۽ ڪشالا ڪڍي وڏي چاھ واري ان آس اميدن سان لکايو پڙھايو ته ھڪ نه ھڪ ڏينھن سندن موبي پٽ انھن جا سڀني دک دردن جو درمان بڻجي سندن جيون جا رھيل ڏينھن سکن سان سرشار ڪندو ائين سائين بخش محنت سان اڳتي وڌندي ڏکيائين کي منھن ڏيندي تعليم پرائي عملي زندگي جي شروعات پرائمري استادي سان ڪئي پو۽ اڳتي وڌندي جونئير اسڪول کان سينئير ۽ سيڪنڊري اسڪول ٽيچر بڻيو بعد ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان ڏئي سنڌي مضمون ۾ ليڪچرار کان نئين شروعات ڪندي اسسٽنٽ پروفيسر تائين پھتو.


سائين بخش رند اسڪولي زماني کان ئي لکڻ پڙھڻ سان لاڳاپيل رھيو پر عملي طور ادب ۾ مضمونن سان آغاز ڪيو پوءِ اخبار ڪالمز لکيا ۽ ڪھاڻين طرف آيو۔سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي بنيادي ميمبر سان گڏ سگا سنڌ ۽ ٻين ڪيترين ئي سماجي. ادبي ۽ فلاحي تنظيمن سان سلھاڙيل رھيو. ڪاڇي واسين جي بنيادي گھرجن وارن حقن جھڙوڪ پئيڻ جي صاف پڻي ۽ صحت مسئلن سان گڏ مھمان پکين جو غيرقانوني شڪار ۽ وڏيرا شاھي جي متل ظلمن خلاف حق سچ وارو آواز اٿاريندو متحرڪ رھيو جنھن ڪري کيس موتمار ڌمڪيون به ملنديون رھيون پر ھن ڪڏھن به اھڙن ڌمڪين جي مور پرواھ نه ڪئي.

ادبي دنيا ۾ سائين بخش رند جي سڃاڻپ ھڪ ڪھاڻيڪار واري آھي. ھن جي ڪھاڻين جا موضوع ۽ ڪردار سنڌ جي ٻھراڙين ۾ وسندڙ ماڻھن سان ٿيندڙ وارتائن، سماج پاران ڌڪاريل ۽ ڏتڙيل اھڙا ڪردار رھيا آھن۔ ھن ناانصافي ۽ ڏاڍائي ڪارڻ ڏاڍ جي گھاڻي ۾ پيڙھبي پل پل مرندي جيئندي ڪردارن تي به لکيو آھي. جنھن جو مثال ھن جون ڪھاڻيون آھن جيئن “مھمان پکي“، “رنگ بند“ ۽ “ڪارو پاڻي سان گڏ ڪيتريون ئي ڪھاڻيون آھن. خاص ڪري “ڪارو پاڻي“ ڪھاڻي کي مان سنڌي ادب جي شھڪار ماسٽر پيس ڪھاڻي چوندس جيڪا منڇر ڍنڊ جي تباھي، مھاڻن جي زندگي، اين جي اوز ۽ سرڪار جو ڪردار، وڏيرا شاھي جي مداخلتن تي منڇر ڍنڊ جي درد جو ڄڻ نوحو آھي مون کي خوشي آھي ته اھا ڪھاڻي آء اردو ۾ ترجمو ڪري سائين بخش جي ڏنل پيغام کي ھزارين پڙھندڙن تائين پھچايو آھي. سائين بخش جو ادبي پورھيو ڪارو پاڻي”(ڪھاڻيون. ۲۰۰۵) ۽ “بتيء جي وٽ“ (ڪھاڻيون. ۲۰۲۲ سندس وفات بعد) ۾ تي مشتمل آھي.

سائين بخش پنھنجي سوچ، فنن، فڪر ۽ ڪردار ۾ ترقي پسندي ۽ روشن خيالي رکندڙ ھڪ آدرشي ۽ اصول پرست انسان ۽ ليکڪ ٿي رھيو. ھن صدائين ھمت اڌول اراد رکي حالتن سان منھن مقابل ٿي رھڻ جو درس ڏنو آھي۔ سائين بخش ڪينسر جھڙي موذي مرض ور چڙھي جيون جا ڪئي سال ساڻس جھيڙيندي نيٺ ۲۳ فيبروري ۲۰۱۹ع تي ۵۸ ورھين جي ڄمار ۾ زندگي جي جنگ ھارائي پنھنجي ھزارين چاھيندڙن پرين پيارن کان ھميشه لا۽ وڇڙي ويو پر پنھنجن لکڻين ۾ ھو ھميشه زندھ رھندو۔

اڄ ۲۳ فيبروري آھي ۽ سائين بخش رند جي چوٿين ورسي آھي. سندس سار جي ياد جو ڏيھاڙو آھي. رب پاڪ سائين بخش رند جي مغفرت فرمائي. آمين.

 

(جھانگير عباسيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۵ فيبروري ۲۰۲۳ع تي کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا