ڊاڪٽر عابده گهانگهرو
علم، ادب، تحقيق ۽ جاکوڙ
جو اهڃاڻ ۽ سنڌ جي نئين سورمي
ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو
شاھ عبداللطيف ڳن ڀٽائي
اسان جو اهو سورمو آهي، جنهن اسان سنڌ واسين کي، ماضيءَ جي داستانن مان جيڪي سرموڙ
ڪردار، پنهنجن بيتن ۽ وائين ۾ سموهي ۽ لفظن جي موتي داڻن وسيلي جرڪائي ڏنا تن ۾ ست
سورميون ڪَر کنيون بيٺيون آهن. انهن سورمين ۾ سسئي، مارئي، سهڻي، نوري، مومل، سورٺ
۽ ليلا شامل آهن. اهي ته هر دَور جون سورميون آهن جيڪي آئنده به اتساھ جو ذريعو بڻجنديون
۽ نوان نوان گَس ڏسينديون ۽ ڏَس ڏينديون رهنديون، پر ڪيتريون ئي موجوده دَور ۾ به
سنڌ جون سورميون آهن، جيڪي پنهنجيءَ ڏاهپ، علم، ادب، همت ۽ جاکوڙ سان جيوَن جي ڏکين
مسئلن ۽ مامرن کي نه صرف مُنهن ڏئي رهيون آهن، پر سنڌ جي مردن سان گڏ، خاص ڪري عورتن
لاءِ هڪ مثال جي برابر به آهن، جن کي ڏِسي، زندگيءَ جي ڪٺن حالتن مان همت سان پارِ
پئجي سگهجي ٿو. اهڙين سورمين مان، هڪ سگهاري ۽ نئين سورمي، ڊاڪٽر عابده گهانگهرو به
هڪ آهي.
ڊاڪٽر عابده جو ڇٺيءَ
نانءُ ته عابده پروين آهي، پر هوءَ ڳچ وقت تائين “عابده گهانگهرو” جي ادبي نالي سان
لکندي رهي. هوءَ “سنڌي شاعريءَ ۾ ترقي پسند نظريا ۽ لاڙا” موضوع تي ڊاڪٽريٽ (پي ايڇ
ڊي) ڪرڻ کان پوءِ، ڊاڪٽر عابده گهانگهرو طور سڃاڻپ جو پختو حوالو رکي ٿي. هوءَ نه صرف
پنهنجي ڪٽنب، پر شهر محرابپور جِي به پهرين پي ايڇ ڊي ڪيل ڊاڪٽر آهي، جيڪا سندس خاندانَ
سان گڏ، شهر لاءِ به اعزاز جي ڳالھ آهي.
ڊاڪٽر عابده گهانگهرو
جو تعلق، ساهتي پرڳڻي جي ضلعي نوشهري فيروز جي تعلقي ڪنڊياري جي شهر محرابپور سان
آهي، جتي هوءَ ۲۴-هين نومبر ۱۹۶۹ع تي پيدا ٿي. سندس والد ڪامريڊ محمد هاشم گهانگهرو پنهنجي وقت جو ناميارو استاد،
اديب، صحافي، سياسي ۽ هاري اڳواڻ هو، جنهن پنهنجي گهر ۾ هڪ لائبريري پڻ قائم ڪئي هئي،
جتي ڊاڪٽر عابده پڻ ڪيترا ئي ناول، ڪهاڻين جا مجموعا ۽ ٻيا ڪتاب ۽ رسالا پڙهيا. هوءَ
گهر ۾ ڏهاڙي ايندڙ اخبار ۾ ڇپيل مضمونن ۽ ڪهاڻين سميت خبرون پڻ شوق سان پڙهندي هئي.
گهر جي علمي، ادبي ۽ سياسي ماحول ۽ گهڻي مطالعي جي جنون ئي ڊاڪٽر عابده جي ادبي ۽
علمي اوسر ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو.
ڊاڪٽر عابده ابتدائي
تعليم محرابپور مان ۽ انٽر (پري انجنيئرنگ) ڪنڊياري مان ڪئي، جنهن کان پوءِ بي اي شاھ
عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪرڻ کان پوءِ ايم اي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان سنڌيءَ
۾، سن ۲۰۰۶ع ۾ ڪئي. سندس پي ايڇ ڊي ۲۰۱۵ع ۾، وفاقي اردو يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي مان مڪمل ٿي. هوءَ
وفاقي اردو يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري ماڻيندڙ پهرين محقق/محققه
پڻ آهي. سندس پي ايڇ ڊي سپروائيزر/نگران نامياري محققه ۽ سنڌي شعبي، ڪراچي يونيورسٽيءَ
جي اڳوڻي چيئرپرسن ڊاڪٽر خورشيد عباسي رهي.
ڊاڪٽر عابده لکڻ جي
شروعات سن ۱۹۹۰ع ۾ ڪئي. ان حساب سان کيس لکندي ٽيهن سالن کان وڌيڪ وقت گذري ويو آهي. اهو وقت
ڪو ٿورو نه آهي. ان دوران هن اڻ ڳڻيا مضمون، وڏن لاءِ ڪهاڻيون، ٻارن لاءِ ڪهاڻيون،
تاثر ۽ مقالا لکيا آهن. سندس پهرين لکڻيءَ جو عنوان “ڏاڪڻ” هو، جنهن جي بنياد تي ڊاڪٽر
عابده علم ۽ ادب سان گڏ تعليم ۽ تحقيق جون انيڪ منزلون طيءِ ڪيون آهن ۽ ڏاڪي به ڏاڪي
چڙهندي، نيون اوچائيون حاصل ڪيون آهن، جن جي هوءَ صحيح معنى ۾ حقدار آهي. هن کي مڃتا
طور جيڪي اوارڊ، شيلڊون ۽ سرٽيفيڪيٽ مليا آهن اهي بلڪل واجبي مليا آهن. هوءَ انهن اعزازن
کان اڃا به گهڻو وڌيڪ لهڻي ٿي.
۱۹۹۰ع کان ئي، ڊاڪٽر عابده گهانگهرو ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي، ڪمپيئر، انائونسر
۽ اسڪرپٽ رائيٽر طور پڻ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، جتي هن ڪيترا ئي ڪامياب پروگرام ڪيا، جن
۾ “پڙهو ۽ پِرايو”، “سرتين سينگار”، “موتين مالها”، “لطيفي لات” وغيره شامل آهن.
ريڊيي تي ئي، ڊاڪٽر
عابده ۽ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي وچ ۾ ذهني ويجهڙائي شروع ٿي، جتي سندن ملاقات ۱۹۹۲ع ڌاري ٿي هئي. ڊاڪٽر ڪمال صاحب پڻ تنهن وقت
هڪ سرگرم اديب هو ۽ تيزيءَ سان علمي ۽ ادبي حلقن ۾ پنهنجي سڃاڻپ قائم ڪري رهيو هو.
ستت ئي، ۱۹۹۵ع ۾، ٻئي ڄڻا شاديءَ جي ٻنڌڻن ۾ هڪ ٻئي سان سلهاڙجي ويا ۽ هڪ ٻئي جي وڏي
طاقت ٿي پيا.
ڊاڪٽر عابده گهانگهرو
لڳاتار ۱۲ سال، ۱۹۹۷ع کان وٺي، روزاني “عوامي آواز” ڪراچيءَ جي هفتيوار صفحي
“سورمي” جي انچارج پڻ رهي آهي، جا نهايت اهم ڳالھ آهي. ان لحاظ کان کيس ايڊيٽنگ جو
پڻ وسيع تجربو حاصل ٿيو. هوءَ ڪجھ وقت ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي ايڊيٽرشپ هيٺ نڪرندڙ تحقيقي
جرنل “ڪارونجهر” جي سب ايڊيٽر/ٻانهن ٻيلي پڻ رهي آهي، جنهن ۾ پڻ سندس ڪيترا ئي مقالا
ڇپيل آهن.
ڊاڪٽر عابده گهانگهرو
جي ڇپيل ڪتابن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن:
(۱) وڏن لاءِ ڪهاڻين جو مجموعو “تخليق جو انت”
(۲۰۱۴ع)، جنهن ۾ خاص طور عورتن جي مسئلن تي ڪهاڻيون لکيل آهن.
(۲) ٻارن لاءِ ڪهاڻين جو مجموعو “ماريا، ميز ۽
لائبريري” (۲۰۱۴ع)، جنهن ۾ وڻندڙ ڪهاڻيون ڏنل آهن.
(۳) تحقيقي ڪتاب “شيخ اياز: صدين جو سرجڻهار” (۲۰۱۷ع)، جيڪو اياز شناسيءَ تي هڪ جامع ڪتاب آهي.
(۴) پنهنجي والد، ڪامريڊ محمد هاشم گهانگهري
جي شخصيت ۽ ڪمن بابت ڪتاب “ڪامريڊ محمد هاشم گهانگهرو، استاد، عالم، اديب، صحافي، فوجي،
سياسي ۽ هاري اڳواڻ” (۲۰۲۰ع)، جيڪو هُن پنهنجي وَر ۽ سنڌي ٻوليءَ جي نامور محقق، اديب، استاد ۽ گهڻ رُخي
شخصيت ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي سان گڏجي مرتب ڪيو ۽ جنهن ۾ سندس لکيل ڪيترا ئي مضمون شامل
آهن. اهو ڪتاب ۱۶ ڊسمبر ۲۰۲۰ع تي ڇپجي آيو، جنهن ڏينهن ڊاڪٽر ڪمال صاحب جو اوچتي، بيحد
ڏکوئيندڙ ۽ جيءُ جهوريندڙ وڇوڙو ٿيو.
(۵) ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي غير يقيني وڇوڙي تي لکيل
تعزيتي مضمونن، تاثرن، شاعريءَ، پيغامن وغيره جو سهيڙيل ڪتاب “ڀونءِ نه آيس ڀانءِ”،
جيڪو ۲۰۲۱ع ۾، ڊاڪٽر ڪمال صاحب جي چاليهي جي موقعي تي ڇپجي پڌرو ٿيو.
ڊاڪٽر عابده همت جي
سگھ ۾ بدلائي رهي آهي، هن نه رڳو ڊاڪٽر ڪمال جي ڏک کي پنهنجي همت ۽ حوصلي سان سهيڙيو
آهي بلڪ ڊاڪٽر ڪمال جي سماجي تنظيم سرھاڻ ويلفيئر سوسائٽيءَ جي معاملن کي به وقتائتو
سنڀالي ورتو. خاص ڪري سرھاڻ ماڊل اسڪول جي معاملن کي هٿ ۾ کڻي ڊاڪٽر ڪمال جي اوچتي
وڇوڙي سبب اسڪول ۾ مالي توڙي انتظامي انتشار پيدا ٿيڻ نه ڏنو.
ان کان علاوه وفاقي
اردو يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجي مضمونن سان گڏوگڏ ڊاڪٽر ڪمال جي بي ايس، ايم اي ۽ ايم فل
وارن مضمونن جا ڪلاس به پابندي ءَ سان وٺندي رهي ته جيئن شاگردن جي پڙهائيءَ جو حرج
نه ٿئي. حالانڪه ڊاڪٽر عابده وٽ اهي ڪم نه ڪرڻ جو وڏو جواز عدت ۾ هجڻ هو پر هن وڏي
بردباريءَ سان انتهائي غم ۾ هجڻ جي باوجود ڊاڪٽر ڪمال جي وڇوڙي سان متاثر ٿيل ڪمن کي
سنڀاليو ۽ سندس اسٽاف جو مالي توڙي شاگردن جو تعليمي نقصان به نه ٿيڻ ڏنو. ته اها هڪ
وڏي سورميءَ هجڻ جي نشاني آهي. هن جي حياتيءَ جو هڪ مرحلو، ۱۹۶۹ع ۾ سندس پيدائش کان وٺي ۱۹۹۵ع تائين هليو، ٻيو مرحلو ڊاڪٽر ڪمال صاحب سان
گڏ گذاريل ۱۹۹۵ع کان ۲۰۲۰ع تائين هو، ۽ ٽيون مرحلو، ڊاڪٽر ڪمال صاحب جي وڇوڙي کان پوءِ ۱۶-ڊسمبر ۲۰۲۰ع کان وٺي شروع ٿيو آهي، جيڪو بي انتها مشڪل
آهي، پر جيئن ته ڊاڪٽر عابده هڪ همت ڀريي خاندان منجهان آهي ۽ هڪ باهمت انسان سان
زندگيءَ جو مکيه وقت گڏ رهي آهي، تنهنڪري هوءَ ضرور حياتيءَ جي ڪُن مان ان ٻيڙي کي
ساحل تائين پهچائڻ ۾ ڪامياب ويندي، جنهن ۾ سندس چار ٻار به سوار آهن. اهي اسان جون
نيڪ تمنائون به آهن.
جان جيئين تان جَل،
ڪانهي جاءِ جلڻ ري،
تتيءَ ٿڌيءَ هَل، ڪانهي
ويل ويهڻ جي. (شاھ)
(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچي ۾ ۱۷ مارچ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا