; سنڌي شخصيتون: آچر خاصخيلي

23 April, 2023

آچر خاصخيلي

آچر خاصخيلي

حق ۽ سچ جي ساٿاري صحافيءَ جو وڇوڙو

نور سنڌي



اربع جي رات دير سان سوشل ميڊيا ذريعي ڏکائيندڙ خبر ملي ته سچ گو صحافي، بھترين ليکڪ ۽ ثقافت سان پيار ڪندڙ آچر خاصخيلي جو ڪينٽ ريلوي اسٽيشن جي ھڪ ڪوارٽر مان لاش ھٿ آيو آھي، پوسٽ پڙھندي ڪئين خدشا ذھن ۾ آيا، مون ڪراچيءَ جي دوست پوليس آفيسر پير شبير حيدر کي فون ڪري تصديق ڪرائي ته آچر خاصخيلي ماريو ويو آھي يا لاڏاڻو ڪري ويو آھي پير شبير حيدر ڪنفرم ڪري ٻڌايو ته آچر الله جي رضا سان لاڏاڻو ڪري ويو آھي، سندس لاڏاڻي جو ٻڌي اکين مان لڙڪ لڙي پيا سندس يادون ذھن جي پردي تي فلم جي سين جيان ھلڻ لڳيون.


محمد آچر خاصخيلي جو شمار سانگهڙ ضلعي ۾ مشهور ليکڪ ۽ صحافي طور ٿيڻ سان گڏ، ضلعي جي اندر ادب، فن ۽ ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هر طرح سان ڪوششون ڪندڙ شخص طور رھيو، پاڻ مهراڻ هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل سوسائٽي ذريعي نه صرف سنڌ جي تاريخي ماڳن، مڪانن ۽ سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪيو پر هن پليٽفارم تان سماجي خدمتون به ڪيون، پاڻ سينيئر صحافي، ڀلوڙ ليکڪ ھو، خاص طور سنڌ جي اهم اشوز تي هن سوين آرٽيڪل مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ لکيا، جڏهن ته پاڻ ضلعي سانگهڙ جي تاريخي ماڳن، ڦٽل شهرن تي به ڪيترائي علمي، ادبي، ثقافتي سماجي پروگرام ڪرايا. آچر خاصخيلي ۸ نومبر ۱۹۷۷ع تي ٽنڊو الهيار ميرپور خاص روڊ تي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ معزز شخصيت ۽ زميندار پيارو خان جي گهر ۾ جنم ورتو، پرائمري تعليم ڳوٺ مان ۽ ڇهين کان انٽر ڪلاس تائين تعليم ٽنڊو آدم مان حاصل ڪئي، وچ ۾ هوُ تعليم ڇڏي پنهنجي مال جو ڌنار به ٿيو، ۱۹۹۵ع ۾ سوال اخبار شايع ٿي ته حسن درس معرفت انٽرويو ڏئي ٽنڊوآدم ۾ رپورٽر مقررٿيو، بعد ۾ بختور، هلال پاڪستان، مهراڻ، عوامي آواز سان به وابسته رهيو، هاڻ ڪافي وقت کان سنڌ ٽي وي سان وابسته آهي، ٽنڊو آدم ۾ بهترين شاعر اديب گل حسن ”گل“ لاکو سان ملاقاتن ڪچهرين بعد کيس تاريخي ماڳ مڪانن تي تحقيق ڪرڻ ۽ ثقافتي پروگرام ڪرڻ جو شوق ٿيو ۽ ٽنڊو آدم ۾ ۲۰۱۰ع ۾ سنڌ ثقافت ڪانفرنس ڪرائي، ان ڪانفرنس ۾ سنڌ جي ثقافت جا سڀ رنگ موجود هئا، بعد ۾ حسن درس جي مشوري سان ان پاران تجويزڪيل مهراڻ هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل ويلفيئر سوسائٽي قائم ڪيائين، ۽ ان پاران هن وقت تائين ٽنڊو آدم ۾ سنڌ ثقافتي ڪانفرنس جا ۶ کان وڌيڪ شاندار پروگرام ڪيا هئائين، جڏهن ته ٽندو آدم جي تاريخ ۾ عورتاڻيون ثقافتي ڪانفرنسون به ڪرايون هئائين، ان ۾ عورتن جي هنر جي نمائش، محفل موسيقي، ۽ عورتن جو سنڌ جي ثقافت ۾ ڪردار، بابت تقريرون ڪرايون ويون، حيدرآباد ۾ لٽريچر فيسٽيول کان متاثر ٿي ٽنڊو آدم ۾ به لٽريچر فيسٽيول ڪرايائين، هن تعليم جي حوالي سان به ڪافي مضمون لکيا آهن، هن پنهنجي تنظيم پاران ادب، فن ثقافت، صحافت ۽ ٻين شعبن ۾ بهترين ڪردار ادا ڪندڙن کي مڃتا طور ايوارد ڏيڻ جون تقريبون به ڪرايون.

اهڙي طرح سنڌ ۾ سنت ٽئورام جي شخصيت کي عام ماڻهن تائين پهچائڻ جي حوالي سان هڪ صحافي، هڪ ليکڪ جي حيثيت سان سندس شاندار ڪردار رهيو، هڪ صحافي جي حيثيت سان علائقي ۾ بدامني، عوامي مسئلن، سماجي براين، وڏيرن جي ظلم ۽ ڪرپشن کان وٺي تاريخي ماڳ مڪانن تي پنهنجي ٽي وي چينل ۽ اخبارن لاءِ بهترين اسٽوريون لکيون، صحافت ۾ سندس ساک ۽ اهميت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته ٽنڊو آدم ۾ اگر ڪو وڏو واقعو ٿيندو ھو ته بي بي سي وارا هن سان رابطو ڪري ان بابت معلومات وٺندا ھئا، پاڻ هڪ بهترين سماجي ڪارڪن به ھو، تعلقي ٽنڊو آدم اندر بند پيل اسڪولن کي کولرائڻ، ننڍي عمر جي شادين کي روڪائڻ لاءِ سندس وڏو ڪردار رهيو، جڏهن ته هوُ بدي جي شادين خلاف به مزاحمت ڪندو رهيو آهي، سچ لکڻ، سچ چوڻ ۽ اصلاحي ڪم ڪرڻ ڪري کيس ڌمڪيون به ملنديون ھيون حملا به ٿيا پر انهن جي پرواهه نه ڪندي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو، هيءُ هڪ بهترين تحقيقاتي رپورٽر طور به سڃاتو ويندو ھو، فقيراڻي طبيعت وارو آچر خاصخيلي تڏي جو مڙس ماڻهو هو، سندس آفيس ۾ ايندڙ دوستن کي ماني کارائڻ کانسواءِ اصل نه ڇڏيندو ھو، دوستن جي ڏک سک ۾ بروقت شريڪ ٿيندو ھو، عام ماڻهن جي بهتريءَ لاءِ سندس ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، ڪجھ سالن کان پاڻ ڪراچيءَ ۾ صحافت ڪري رھيو ھو، جتي ڪينٽ ريلوي اسٽيشن جي ھڪ ڪوارٽر ۾ رھندو ھو، جتي ۶ ڊسمبر ۲۰۲۲ع اربع جي رات دل جو دورو پوڻ ڪري هنُ دم ڌڻي حوالي ڪيو، کيس ۷ڊسمبر اربع ڏينھن اباڻي قبرستان ۾ ڌرتي ماءُ جي ھنج حوالي ڪيو ويو، آچر خاصخيلي جھڙو ڀلوڙ صحافي ۽ ليکڪ سنڌ جي ثقافت ۽ آثار قديمه سان پيار ڪندڙ وري پيدا نه ٿيندو.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۹ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

آچر خاصخيلي

اڄ پڻ اکڙين سڄڻ پنهنجا ساريا

علي ٿھيم

سال ۱۹۹۵ع ۾ مشائخ هوٿي لڳ ڳوٺ حاجي پيارو خاصخيليءَ جو رهندڙ نوجوان آچر خاصخيلي ٽنڊوآدم پهتو ۽ هن صحافت جي شروعات ڪئي. آچر خاصخيلي شروع وارا ڪجهه سال اخبارون مٽائيندو رهيو پر اڳتي هلي “عوامي آواز” سان سلهاڙجي ويو. سنڌ ٽي وي آن ايئر ٿي ته آچر خاصخيليءَ کي ٽنڊوآدم ۾ مقرر ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ مرحوم حسن درس سندس مدد ڪئي ۽ سنڌ ٽي ويءَ ۾ نمائندگي ملڻ کان پوءِ سندس اصل صحافت جي شروعات ٿي.

آچر سنڌ ٽي ويءَ تي تمام گهڻو متحرڪ رهيو. سنڌ ٽي ويءَ سان گڏ اخبارن لاءِ ڪالم به لکندو رهيو. سندس موضوع تاريخي ماڳ مڪان، ثقافت، تاريخي ڪردار، ماضي جا وڃائجي ويل ڪردار، سنڌ جي ماضي جا نالي وارا راڳي ۽ ٻيون شخصيتون شامل هيون. وقت گذرندو ويو آچر خاصخيليءَ جي ڪم ۾ وسعت ايندي وئي. هن ٽنڊوآدم ۾ مختلف پروگرامن جي شروعات ڪئي. هن ثقافتي ميلا لڳائڻ، گهوڙن جي ڊوڙ ڪرائڻ، ڏاندن جي گوءِ، چوپائي مال خاص طور ٻڪرين جي نمائش، سنڌ جي روايتي شين جن کي اسان وساري ويٺا آهيون، پٽڪي ٻڌڻ جا مقابل، بوڙينڊو ساز جنهن کان اسان جو نئون نسل بلڪل اڻ واقف آهي، جا پروگرام ڪرائي انهن کي متعارف ڪرايو.

هن سنڌ جي شادين مرادين ۾ ڳايا ويندڙ سهرا، لاڏا ڳائيندڙ عورتن کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڳولي انهن کي متعارف ڪرايو. آچر خاصخيلي سنڌ جي تاريخي ماڳ مڪانن تي گهڻو ڪم ڪيو. هن سنڌ جا ڪافي علائقا گهمي ڏٺا. اتان جي تاريخي ماڳ مڪانن تي هن ڪم ڪيو. انهن ماڳن جي هن تاريخ ڳولي ڪتابن کان مدد ورتي ۽ پاڻ مشاهدا ڪيا. هن سنڌ جي هزارين سال پراڻي ماڳ برهمڻ آباد (منصورا) تي گهڻو ڪم ڪيو. سندس ڪوششن سان هن تاريخي ماڳ بابت ميڊيا توڙي آثار قديمه وارن سان لهھ وچڙ ۾ اچڻ ڪري برهمڻ آباد جي ڪيترن ڏهاڪن کان پوءِ کوٽائي ٿي برهمڻ آباد جي ڀڄي ڀري ويل اسٽوپا جي ٻيهر تعمير ٿي، اتي ريسٽ هائوس تعمير ٿيو. گهوسٽ ملازم باقاعدا ڊيوٽيون ڪرڻ لاءِ پهتا. هن برهمڻ آباد تي ڪانفرنسون ڪرايون، جن ۾ نالي وارا صحافي، دانشور ۽ محقق پهتا. انهن آچر جي ڪم ۽ منصورا جي ٿيندڙ تباهيءَ کي روڪڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي سندس ساراهه ڪئي.

آچر خاصخيلي جڏهن صحافت جي شروعات ڪئي ته هن سان سليمان ساند به گڏ ٽنڊوآدم پهتو، ٻيئي ڄڻا موجوده ضلعي ٽنڊوالهيار جا آهن ۽ سندن ڳوٺ ڪجھه فاصلي تي آهن. انهن اسان سان گڏ صحافت ڪئي ان وقت محمد علي بهڻ، موجوده صحافي ۽ ٽنڊوآدم جو ناليوارو قانوندان شير علي بهڻ توڙي ٻيا دوست گڏ هئا. اسان ٽنڊوآدم ريلوي اسٽيشن چوڪ تي هڪ جاءِ ڪلب لاءِ مسواڙ تي ورتي هئي، جتي آچر خاصخيلي به اسان سان گڏ هوندو هو. ڪجھ وقت کان پوءِ اها آفيس ڇڏيسين. آچر ۽ سليمان ساند ڪجھه وقت صحافت کان پري رهيا. ان دوران اسان جي ساٿين ۽ ٽنڊوآدم پريس ڪلب وچ ۾ حيدرآباد پريس ڪلب جي سينيئر صحافين ٺاهه ڪرايو. اسان پريس ڪلب جو حصو ٿياسون. ڪجھه وقت لاءِ گاڏو هلندو رهيو، آئون ۽ شير علي بهڻ به پريس ڪلب مان پاڻ مرادو ٻاهر هليا آياسون، ڇو آياسون اهو وري ٻئي ڀيري لکبو.

ٻاهر اچي هڪ ڀيرو ٻيهر اسان ۽ آچر خاصخيلي گڏجي ڪم شروع ڪيو ڇو ته آچر خاصخيلي سنڌ ٽي ويءَ سان سلهاڙجي چڪو هو. ڪجھه وقت آچر وري اسان سان ساٿ نڀائيندي ڪافي وقت گڏجي ڪم ڪيو. زندگي جا ڏينهن گذرندا رهيا، آچر جي صحافت توڙي ٻين سرگرمين ۾ نکار ايندو ويو. آچر يار ويس خوش طبعيت مهمان نواز هو. هن سٺن ماڻهن سان تعلقات ٺاهيا، پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي، صحافت دوران مٿس مشڪل وقت به آيا. دوستن جي مدد سان انهن کي هن منهن ڏنو ۽ سرخرو ٿيو.

آچر کي سنڌ ڌرتيءَ سان محبت نه پر عشق جي انتها هئس. اهوئي سبب هو جو هن سنڌ جا گم ٿي ويل ڪردار ڳوليا. سنڌ جي ريتن رسمن جن جي اڄ اسان کي خبر نه آهي، انهن تي تحقيق ڪري اجاگر ڪيو. نج سنڌي سازن تي هن تحقيق ڪئي. ماضي جي راڳين تي تحقيق دوران هو مون وٽ آيو ۽ مون کان پڇيائين ته ٽنڊوآدم جي ڳوٺ ماڻڪ ٿهيم لڳ مشهور درگاهه قاسم شاهه ڪهاڙو ڳائيندو هو، مون کيس چيو ته مون کي ان بابت ڪابه ڄاڻ نه آهي، جنهن تي هن چيو ته ٽنڊوآدم جو قاسم شاهه ماضي جو وڏو فنڪار رهيو آهي. قاسم شاھ جي قبر ڪٿي آهي رڳو قاسم شاهه ڪهاڙي واري درگاهه جي نشاني ئي ملي آهي. سندس ان راڳي بابت تحقيق به شايد اڌوري رهجي وئي. مطلب ته آچر خاصخيلي جنهن ماڳ مڪان، جنهن به شخصيت تي يا قديمي ساز ريتن رسمن تي تحقيق جو ارادو ڪندو هو ان کي توڙ تائين پڄائيندو هو. هن پنهنجي زندگيءَ جو آخري پروگرام پهرين ڊسمبر تي سنڌ جي سورمي ڪانفرنس ڪوٺائي جنهن ۾ عورتن جي وڏي انگ ۾ شرڪت ٿي هئي. سنڌ جي تاريخ ۾ هي پهرين ڪانفرنس هئي، جيڪا عورتن تي هئي ۽ هن پروگرام ۾ ٽنڊوآدم جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سوين عورتن شرڪت ڪئي. اهو پروگرام ڪري ٻن ڏينهن کان پوءِ هو ڪراچي هليو ويو. ڪنهن کي ڪهڙي خبر هئي ته واپس سندس لاش ايندو. سندس موت جي خبر ٻڌندي يقين نه پئي آيو ته آچر ائين تڪڙو هليو ويندو.

دعا آهي ته الله پاڪ سندس مغفرت فرمائي

هن کاهوڙي شخص لاءِ شاهه سائين جون سٽون ڀيٽا طور پيش ڪجن ٿيون.

اڄ پڻ اکڙين، سڄڻ پنهنجا ساريا،

ڳلن تان ڳوڙهن جون، بوندون بس نه ڪن،

سندي سڪ پرين، لوڪ ڏٺي نه لهي. (شاھ)

 

(ڏھاڙي سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد ۾ ۱۳ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا