; سنڌي شخصيتون: آچر خاصخيلي، نور سنڌي، علي ٿھيم،
Showing posts with label آچر خاصخيلي، نور سنڌي، علي ٿھيم،. Show all posts
Showing posts with label آچر خاصخيلي، نور سنڌي، علي ٿھيم،. Show all posts

23 April, 2023

آچر خاصخيلي

آچر خاصخيلي

حق ۽ سچ جي ساٿاري صحافيءَ جو وڇوڙو

نور سنڌي



اربع جي رات دير سان سوشل ميڊيا ذريعي ڏکائيندڙ خبر ملي ته سچ گو صحافي، بھترين ليکڪ ۽ ثقافت سان پيار ڪندڙ آچر خاصخيلي جو ڪينٽ ريلوي اسٽيشن جي ھڪ ڪوارٽر مان لاش ھٿ آيو آھي، پوسٽ پڙھندي ڪئين خدشا ذھن ۾ آيا، مون ڪراچيءَ جي دوست پوليس آفيسر پير شبير حيدر کي فون ڪري تصديق ڪرائي ته آچر خاصخيلي ماريو ويو آھي يا لاڏاڻو ڪري ويو آھي پير شبير حيدر ڪنفرم ڪري ٻڌايو ته آچر الله جي رضا سان لاڏاڻو ڪري ويو آھي، سندس لاڏاڻي جو ٻڌي اکين مان لڙڪ لڙي پيا سندس يادون ذھن جي پردي تي فلم جي سين جيان ھلڻ لڳيون.