; سنڌي شخصيتون: نياز پنھور

24 April, 2023

نياز پنھور

نياز پنھور

جنم ڏينهن مبارڪ نياز

مرتضيٰ سيال



اهڙن دوستن تي لکڻ ڏاڍو ڏُکيو لڳندو آهي جن جي شخصيت يا سُڃاڻپ جا گهڻا حوالا هُجن. دوستن تي لکڻ وقت ڪوشش ته اها ئي هوندي آهي ته انهن سان انصاف ڪجي پر سچي ڳالھ اها آهي ته لکڻ وقت ڪافي پاسا رهجي ويندا آهن. جيتوڻيڪ آئون پاڻ کي ڪڏهن به سينئر سٽيزن ناهي سمجهيو ۽ نه ئي ڪڏهن سمجھندس پر هاڻي هڪئي وقت سڀئي ڳالهيون ياد نه ٿيون رهن. اها به سچي ڳالھ آھي ته اسان جهڙن ماڻهن کي ڪتاب، ادب، موسيقي ۽ سُٺا دوست جوان رکندا پيا اچن نه ته زندگيءَ جو وقت پوئتي ڇڏي آيا آهيون. آئون اڪثر ڪري اها ڳالھ دُهرائيندو رهندو آهيان ته زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين جوانيءَ تان هٿ نه کڻبو.


هي دوست به سال کن ۾ ڏاڏو ٿي ويندو پر کيس ويجهن ۽ بي تڪلف دوستن سان گڏ ڏسندئو ته سندس مذاق، مشڪريون ۽ مستيون ڏسڻ وٽان هونديون آهن، ان وقت صفا جوان لڳندو آهي.

ساڻس پهرين ملاقات ته ۱۹۸۰ واري ڏهاڪي جي شروعاتي ڏينهن ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٿي هئي پر اسان جي واقفيت ملاقات کان اڳ ئي هئي ڇاڪاڻ ته هو ٻاراڻن رسالن ۾ لکندو هئو ۽ مون کي به ننڍپڻ کان ئي لکڻ پڙهڻ جو شوق هيو. پهرين ملاقات ۾ به اسان کي نه لڳو هئو ته اها اسان جي پهرين ملاقات هئي.

سندس ابي امڙ سندس نالو ذوالفقار رکيو هُئو پر هن پنهنجو قلمي نالو نياز رکيو ۽ مان سمجهان ٿو ته اڄ به ڪافي ماڻهن کي سندس آفيشل نالي جي خبر نه هوندي، سڀئي کيس نياز پنهور جي نالي سان سُڃاڻن ٿا.

نياز ۾ نياز نوڙت ته آهي پر صرف انهن لاءِ جن سان سندس تِر سنوان هُجن نه ته گهڻن لاءِ هو ظالم به آهي. نياز جي جنهن سان لڳندي آهي ان جا سڀئي انگل آرا ۽ لا اُباليون به برداشت ڪندو آهي پر جن سان نه لڳندي اٿس انهن سان اهڙي ڪندو آهي جهڙي ٻُرڙي به نه ڪئي ٻارن سان.

هو جڏهن رڳو شاعر هئو تڏهن هن وٽ معصوميت جو مقدار وڌيڪ هيو پر جڏهن هو صحافي ٿي ويو ته معصوميت جو مقدار گھٽجي ويو. ظاهر آهي هن ظالم سماج ۾ survive ڪرڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن سخت مزاج به ٿيڻو پوي ٿو. هر ماڻهوءَ جي زندگي ۾ تمام گهڻا لاها چاڙها اچن ٿا ۽ حالتن ۽ زندگيءَ جي سختين جو اثر ماڻهوءَ جي روين تي به پوي ٿو، ممڪن آهي ته هر ماڻهوءَ جي حوالي سان مختلف ماڻهن وٽ مختلف تجربا هُجن پر ماڻھو جي ڪردار جي پُرک ان بنياد تي ڪرڻ گهرجي ته هن ۾ چڱائي وارو پاسو ڪيترو سگهارو آهي.

نياز پنهور جي سموري زندگي مسلسل جدوجهد ۽ اڻ کُٽ محنت ۾ گُذري آهي. هڪ دور اهڙو به هئو جڏهن هو ٻه ٻه نوڪريون به ڪندو هئو، سمورو ڏينهن سخت محنت ۽ رات جو پڙهائي، اڄ هو جتي بيٺو آهي ان جو بنياد ۽ سبب سندس اها محنت ئي آهي.

مون کي نياز جو اهو دور به چٽيءَ طرح ياد آهي جڏهن هو مهراڻ اخبار ۾ ڪم ڪندو هئو، آئون اڪثر ڪري نياز ۽ نظام سرهندي سان مهراڻ اخبار جي آفيس ٽنڊي ولي محمد ۾ ملڻ ويندو هوس، مصروف هوندي به هو وقت ڪڍندا هئا ۽ اسين پٺاڻ جي چانھ به پيئندا هئاسين ۽ ڪچهري به ڪندا هئاسين.

ڪافي عرصي تائين نياز لکڻ کان ڪٽجي ويو هو ۽ آئون کيس سدائين اها ميار ڏيندو رهندو هوس پر ڪجھ وقت کان هن ٻيهر لکڻ شروع ڪيو آهي ۽ ٿوري وقت ۾ هن ڪافي خاڪا ۽ پروفائيل لکي ورتا آهن. سندس ادبي سڃاڻپ ته شاعر طور آهي پر هو نثر به سُٺو لکي ٿو. اڪثر شاعر نثر نويس به سٺا ٿين ٿا، تنوير عباسي، شيخ اياز ۽ عزيز گوپانگ وڏو مثال آهن. نياز جي شاعري مون گهٽ پڙهي آهي پر سندس نثر ۾ لکيل ڪافي شيون پڙهيون آهن. هاڻي جڏهن هن ٻيهر لکڻ شروع ڪيو آهي ته مون کي خوشيءَ سان گڏ اها اميد به پختي ٿي آهي ته هو لکڻ جو اهو سلسلو جاري رکندو.

نياز پنهور سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهيو، سنڌ يونيورسٽي ۾ رهيو ۽ اڃان تائين سنڌ يونيورسٽي سوسائٽي ۾ رهي ٿو، اسان جون ملاقاتون وقفي وقفي سان ٿينديون رهن ٿيون ۽ اسين جڏهن به ملندا آهيون ته سندس ڪچهري ۽ چرچا ٿڪ لاهي ڇڏيندا آهن.

مون ڪوشش ڪئي ته سندس جنم ڏينهن تي ڪو ڀرپور تاثر لکان جنهن ۾ سندس شخصيت جي سڀني پاسن سان انصاف ڪيان پر ائين ڪري ناهيان سگهيو.

بهرحال اسان جو قرب جو رشتو هرو ڀرو لفظن جو محتاج به ناهي پر منهنجي خواهش آهي ته نياز جي شخصيت تي تفصيل سان لکان ۽ انشا الله ضرور لکندس.

اڄ ۱۵ جولائي نياز پنهور جو جنم ڏينهن آهي، جنم ڏينهن جون تمام گهڻيون مبارڪون ۽ کوڙ ساريون دُعائون نياز لاءِ، الله سائين کيس هميشه پنهنجن پيارن سميت خوش رکي آمين.

(مرتضيٰ سيال جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۵ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي کنيل)


نياز پنھور

ڊاڪٽر فياض لطيف

هُن جي ذات ۽ زندگيءَ جا ڪيئي حوالا آهن. هُو هڪ ئي وقت سٺو صحافي، سِيبتو شاعر، بَرجستو نثرنگار ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته دوستن جو دوست آهي. هُن بابت ڏنگائين ۽ اَرڏائين جا انيڪ قصا ٻُڌا ۽ سُڻيا آهن، پر جڏهن کان ساڻس نيازمندي ۽ قرابت جو تعلق جُڙيو آهي، هُو مون کي سنگت ۾، سراپا 'نياز ۽ نوڙت' جو عملي روپ سروپ محسوس ٿيو آهي.

جڏهن به ساڻس مُکاميل ٿيو آهي، وٽانئس محبت ۽ شفقت ملي آهي. هُن زندگي ڀر قلم جي مزدوري ڪئي آھي. هُن اُنهيءَ پورهئي مان 'اُجري ڪَپڙي ۽ اَڇي ماني' کان سواءِ ٻيو ڇا ڪمايو آهي، اُها ته بهتر ڄاڻ ۽ خبر کيس ئي هوندي، پر قلم جي ڪِرت مان هُن جيڪا عزت ۽ ناماچاري ڪمائي آهي، اُها مثالي آهي ۽ اُن کان سارو لوڪ آشنا آهي.

هُن صحافت کي زندگي ڏني آهي ۽ اُن نسبت سان منهنجي خيال ۾، هُو ادب/ شاعريءَ کي ايڏو وقت نه ڏئي سگهيو آهي، پر هن وقت تائين سندس ٻه ڪتاب، هڪ شاعري 'ناوَ هلندي رهي' ۽ ٻيو خاڪن تي مشتمل ڳٽڪو 'هينئڙي سڄڻ ساريا'، جيڪي منظرعام تي اچي چڪا آهن، اُنهن جي مطالعي مان محسوس ٿئي ٿو ته، ادب هُن جي روح ۾ رچيل آهي. صحافت هُن جي معاشي جياپي جو ذريعو آهي ۽ ادب سندس روح جي راحت جو سبب.

اڄ هن قلم جي پورهيت ۽ سُلڇڻي سَڄڻ سائين نياز پنهور جو جنم ڏينهن آھي، کيس جنم ڏينهن جون دلي واڌايون ڏجن ٿيون.

جتي به هجو، شال سُکيا، سَتابا ۽ سدا سَرها هجو.

 

(ڊاڪٽر فياض لطيف جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۵ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي کنيل)


 

”نياز گهڙيال“ ۽ ٽڪ...ٽڪ ڪندڙ ”ايوبي ڪانٽا“

ڊاڪٽر ايوب شيخ

تنھن ڏينھن اسان جي دوست، نامياري استاد ۽ ايڊيٽر، ليکڪ ۽ سنڌيڪار نياز پنھور مون تي وڏا وڙ ڪري ڇڏيا ۽ منھنجي شان ۾ ايڏو لکيائين جو مون پاڻ کي اھو ”موسيٰ جو گڏھ“ سمجھڻ شروع ڪيو جيڪو مال پڙيءَ تي پنھنجي مالڪ جي ڄاڻايل خوبين جي ڪري بنا دير وڏي قيمت وارو تہ ٿي ويو ھو پر پوءِ ان وھٽ جو خريدار ئي ظاھر نہ ٿيو.

آئون ”نياز پنھور“ جي لکڻيءَ جو رھيل قرض واپس ڪرڻ جو پيو سوچيان ۽ اسان جي محبتن جي ھڪ وڏي ڪھاڻي جي ڳالھ ڪرڻ ۽ اوھان سان ونڊڻ جو پيو سوچيان. آئون سندس لکڻيءَ ۾ منھنجي لاءِ ڄاڻايل ھڪ اھم ”غلط فھمي“ کي درست فھميءَ ۾ بدلائڻ بہ چاھيان ٿو تہ جيئن مون تي ڳاھٽ ٿيندڙ عورتون ۽ انھن مٿان جان فدا ڪرڻ واري قدرتي موٽ جي وچ ۾ نياز جي محبت ڪا ديوار نہ بڻجي سگھي.

نياز ٻن ڳالھين ۾ مون کان وڏو آھي. ھڪ ڄمار ۾ ۽ ٻيو لکڻ ۾.

لکڻ جي ڪري وري کيس ڇپجڻ ۽ پڙھجڻ جھڙيون ٻہ سھيليون مليون آھن. ان سان گڏ ھن کي سنڌيءَ جي وڏي اخبار ”ڪاوش“ جي ڇانو پڻ ملي، سو ھو ٿي ويو ”گھڙيال“ ۽ اسان سندس حڪم جي بجا آوري ۾ سُرندڙ ۽ ٽڪ...ٽڪ ڪندڙ ڪانٽا.

ان گھڙيال ۽ ڪانٽن جي سموري وھنوار کي ھلائڻ جو ھڪڙو فيڪٽر آھي، جيڪو پڻ انھن ڪانٽن وانگر ڪڏھن بہ سُڪون ۾ نہ رھيو آھي. اھو آھي سندس نياز ۽ نئڙت، پاڻ کي ڪجھ نہ سمجھڻ، بيھڻو آھي تہ بيھي رھبو نہ تہ جوڳي رمتا وانگر راند ۾ نہ رھڻ وڌيڪ اھم آھي.

ھڪڙي ”جُڳاڙي اداري“ ۾ کيس ڪنھن فنڪشن ۾ نہ سڏيو ويو تہ مون کانئس سبب پڇيو: اُمالڪ وراڻايائين ”ھُنن جي مرضي“ !

ھڪڙي ڏينھن ڪاوش اخبار ۾ من پسند خبر نہ ڇاپڻ جي ڏوھ ۾ سنڌ جا سڀ کان وڏا ھمدرد سڏيا ويندڙ ھن جي جند کي باھ ڏيڻ کان اڳ (چتاوڻي طور) سندس ڪار کي باھ ڏيئي ويا. مون ھمدردي ۽ ڪار جي نقصان بابت فون ڪري کانئس سبب پڇيو تہ بنا افسوس جي چيائين: ”ھُنن جي مرضي“ !

سو، رضا ۽ جبر جي ٻن ايوانن وچ ۾ جيئندڙ عجب جھڙو نياز پنھور رڳو پنھنجي مرضيءَ جو مختيارڪار آھي. وڻيس تہ ماٺ رھي وڻيس تہ لاپرواھيءَ سببان ڏک نہ ڪرڻ جو اعلان بہ ڪري.

ڄامشوري ۾ قمبر ۽ لاڙڪاڻي جا ڪيئي موتين جھڙا ماڻھو رھندا ھئا. ڪي ابڙا تہ ڪي انصاري. اھي ابڙا ۽ انصاري وري نياز پنھور جا ڌاڳي ٻڌا دوست. سو انھن ابڙن ۽ انصارين جي ڪري اسان کي ڪيئي زمانا اڳ نياز پنھور جي سُڌ پيئي ھئي تہ ”ماڻھو چڱو آھي“ ٻيو شخص ھيو اسان جو سائين : ايم ايچ پنھور صاحب

سو اسان محترم ايم ايچ پنھور صاحب جي ڪري ”ٻانھي ذات ٻروچن جي“ وانگر ھر پنھور جو ايئن خيال ڪندا آھيون جيئن اُمتي سيدن جو ڪري يا اليڪشن ۾ سيد اُمتين جو ڪندو آھي.

آئون ھن سان حجتون ڪندو آھيان. ورلي مونکي ڪن ۾ حڪم ڪري ڇڏيندو تہ ”منھنجي فلاڻي فنڪشن ۾ ضمانت ڪرائي ڇڏجان“ آئون بندو سندس حڪم ۽ حجت آڏو اھو سڀ ڪندو آھيان جيڪو چيل ھوندو آھي.

آئون ساڻس ھڪڙي حجت اوھان جي روبرو ڪرڻ چاھيان ٿو. سا آھي سنڌي صحافين جي علمي ۽ عملي تربيت. بدليل زمانن ۾ دنيا ھاڻي ٻئي نموني ھلڻ شروع ڪندي ان اليڪٽرانڪ ۽ خودڪار مشينن جي دور ۾ گھڙيال رھندو، ممڪن آ ان جا ڪانٽا نظر بہ نہ اچن. سو، اسان جي گُرو گھڙيال کي عرض آھي تہ نہ پڙھڻ واري جھان ۾ موجود تڪبر، غرور ۽ ڪرپشن ۾ ڦاٿل (ڊمي) توڙي عام صحافين ۽ اخبارن کي سنئين دڳ لائڻ بہ سندس جھڙن ماڻھن جو فرض آھي.

اھڙي فرض ادائگيءَ ۾ آئون سندس نوڪري ۽ سھڪار ڪرڻ لاءِ تيار آھيان

 

(ڊاڪٽر ايوب شيخ، ڪراچي، سنڌ، ۲۱ مارچ ۲۰۲۱ع تي فيسبڪ ٽائيم وال تي رکيل)


 

نياز پنھور

مھراڻ اخبار جي ڊيسڪ کان ڪاوش جي نيوز روم تائين-

ذوالفقار ھاليپوٽو

ٽياسي يا چوراسي آھي

ھڪ شعر لکيم-

ڏڪي ڏڪي نيول رائي اسڪول ۾ سنڌي پڙھائيندڙ استاد عزيز گوپانگ کي ڏيکاريم-

چيائين سٺو آھي- لکندو رھندي ته پختگي ايندي-

روز شام جو بخاري شاھ جي پڙ تي نثار ھاليپوٽي جي وٿاڻ تان ايندڙ کير مان چانھ جي ريگيولر دور تي سنگت جمع ٿيندي وئي-

ڪچھري مڇڻ لڳي-

حسن مجتبئ نثار ڀاؤ کي حسب عادت ڇيڙيندي ڪڇھري جاري رکي-

شعر ڏنومانس-

چيائين زبردست - ڇپرايون ٿا-

ٻي ڏينھن اسڪول مان اڃان نڪتس ته سائين طارق اشرف جي سھڻي پريس ٻاھران غلام نبي مغل صاحب حسن کي ڏسي مختصر ڪچھري ڪئي-

پوء پنڌ پنڌ سڄي ريشم گھٽي لتاڙي - واڍن جي پڙ مان ميمڻ پاڙي ڏانھن منھن ڪري ٽنڊي ولي محمد ۾ اچي روزاني مھراڻ جي دفتر تي بريڪ لڳائي سين-

مجو ھڪ سنھڙي ء تيز اکين واري نوجوان ڏانھن اشارو ڪري چئو “نياز پنھور صاحب مھراڻ جي ادبي صفحي جو انچارج اٿئي- تنھنجو نظم ھفتيوار صفحي ۾ ڇپجي سگھي ٿو-

نياز صاحب سان مان نصير مرزا صاحب جي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد واري آفيس ۾ ڪئي ڀيرا ملي ڇڪو ھيس پر اھا خبر نه ھئي ته ھو مھراڻ اخبار ۾ آھن-

بس پوء مھراڻ اخبار جي ڊيسڪ تان شروع ٿيل اھو تعلق اڄ تائين سندس ڪاوش جي نيوزروم تائين-

ائين ئي محبتن ء احترام سان جاري ء ساري آھي-

نه ڪڏھن ھن ان سڃاڻپ کان علاوه ڪو تعارف ڪرايو نه ئي مون به ڪڏھن سندس ٻين اختيارن ء عھدن کي ازمايو-

پياري نياز سان بس ھڪ نيازمندي وارو ڌاڳو ڳنڌيل آھي

لاشعوري طور جڙيل رشتا احساسن، مروتن ۽ محبتن جي ڇانو ۾ ائين ٿا پلجن-

جو خبر ئي نٿي پوي ته سندن پالوٽ ڪڏهن ۽ ڪهڙي وقت ٿي تانگهائي. ڪو ڏينهن ڏهاڙو ته وصال لاءِ هونئين مخصوص هوندو آهي پر ان جي ساڀيان لاءِ سڪ جي سرڪي لازمي آهي.

اهڙن ئي سڪوندن مان هڪ نياز پنهور بہ آهي-

جيڪا پنهنجائپ ۽ پاٻوه وٽانس نصيب ٿي تنهن ڄڻ ته اسان جي به زندگيءَ جا چار ڏينهن اڳڀرا ڪري ڇڏيا-

جنهن سان ازل کان جڙيل پيوند اسان کي سندس حضور ۾ کڻي ويو. بهانو اسان وٽ به هو جو سندس جنم ڏينهن هو.

پياري رزاق ء انو اجرڪن سوڌو گڏ ھيا-

سليمان ابڙي ء اسماعيل ڪنڀر کي فون ڪيم ته ٻئي ڪراچي ھيا-

سليمان صاحب پنھنجي روايت نڀائيندي ڪيڪ ء گلدستو موڪلي ڏنو-

نياز صاحب کي اسماعيل ڪنڀر پاران اجرڪ پارايم-

مولا سندس صحت- عزت- زندگي بلند ڪري

طالب دعا

زلفي

١٥-٠٧-٢٠٢٠

حيدرآباد سنڌ

 

(فيسبڪ ٽائيم وال تي رکيل)

No comments:

راءِ ڏيندا