علي محمد شاھ لڪياري
اَجرڪ جي پَٽڪي وارو صحافي
- اپريل ۲۰۰۳ع
بخشل باغي
اڄ جڏهن سائنس جي حيرت
انگيز ترقيءَ هن سموري دنيا جي گولي کي گلوبل وليج ۾ تبديل ڪري انسان جي وچ ۾ بڻايل
سرحدن کي اليڪٽرونڪ ميڊيا ذريعي هڪ ڪري ڇڏيو آهي ۽ سماجي لڳ لاڳاپن کي وار جي سنهڙي
وٿيءَ کان به ويجهڙو ڪري عالمِ انسان لاءِ ڪيڏين نه رشتن ۽ واسطن جي وڏين مفاصلن تي
رابطن ۽ ذهنن جون پُلون جوڙي ڇڏيون آهن، جو دنيا هڪ اهڙو سهڻو ۽ سٻاجهڙو ڳوٺڙو بڻجي
پئي آهي، جنهن ۾ ڪيترا ئي سماج، معاشرا، پنهنجن مڙني تاريخي، تهذيبي، ثقافتي، تمدني،
مذهبي، نظرياتي، فڪري، سياسي، ادبي، سماجي شناساين سان الڳ الڳ ڄاتا ۽ سڃاتا وڃن ٿا،
ڇو ته هر معاشرو يا سماج فردن جي ئي بنياد تي ٺهندو ۽ ڊهندو رهندو آهي. فرد ئي پنهنجي
معاشري جا اخلاقي قدر جوڙيندا ۽ ٽوڙيندا آهن. جهڙيءَ طرح هر معاشري جو فرد سان تعلق
آهي، بلڪل اهڙيءَ ريت هر فرد جو به ان جيترو، بلڪ ان کان به گهڻو تعلق يا سُٻنڌ
رهي ٿو ۽ پوءِ ان سُٻنڌ جي ناتي هر فرد تي اها ذميداري عائد ٿئي ٿي ته هُو پنهنجي
سماج ۾ ڪيترو سماجي قدرن جي رکوالي ڪري ٿو ۽ هو باشعور هئڻ جي ناتي ڪيتري قدر سماجي
واسطن کي نباهي ۽ قائم رکي ٿو، جڏهن ته اها ساڳي ذميواري معاشري جي هڪ عام فرد کان
وڌيڪ وري ان فرد تي عائد ٿئي ٿي، جيڪو ان معاشري جو شعور وند فرد آهي، پوءِ ڇو نه
ڀلي ان جي حيثيت معاشري ۾ فنون لطيف جي ڪنهن به شعبي سان تعلق رکندي هجي. يا ڪابه
شخصيت فن جي دنيا ۾ ڪيتري به حيثيت جي حامل هجي، پر ان شخصيت وارو فرد سماجي لڳ لاڳاپن
کان وانجهيل، ڪن لاٽار ڪندڙ هڪ غير ذميوار ۽ پنهنجي سماجي زندگيءَ ۾ مُنافق آهي ته
ان جي اها فن واري خوبي رڳو ان فرد جي لاءِ شهرت ته بڻجي سگهي ٿي، پر ان سماج لاءِ
سواءِ ڪنهن ناسور جي گهٽ نه آهي، جنهن سماج جا سور يا درد انهيءَ فرد جي فني اظهار
جا موضوع يا بنيادي مُحرڪ آهن.
گلوبل وليج جي انهيءَ
ڳوٺڙي ۾ سنڌ ڌرتي جو به هڪ خانداني گهراڻو آهي، جيڪو پڻ پنهنجي مڙني تاريخي شناساين
سان پنهنجي هڪ الڳ حيثيت رکي ٿو. مان ان گهراڻي جي هڪ جهروڪي مان جڏهن نوابشاھ جي
آڪاش جو اُجرو نيرو ۽ ننڍڙو ٽڪرو ڏسان ٿو ته ان تي ڪيترا ئي فنون لطيف جا ستارا پنهنجي
قسمين قسمين جڳ مڳ روشنين سان جرڪي رهيا آهن. پر انهن مان هڪڙو ننڍڙو ستارو اجرڪ جي
اڇين ڦلڙين جهڙي کير نُما روشنيءَ سان نمايان نظر اچي ٿو، جيڪو صحافت جي دنيا ۾ ٿورڙي
عرصي ۾ پنهنجي هڪ الڳ ۽ منفرد شخصيت ۽ حيثيت جو مالڪ ۽ نوابشاھ جي هيڻين طبقي جو پنهنجي
وجود ۾ اهو مسيحا آهي، جنهن جي هڪ مرڪ ئي ڄڻ ته سڀني مسئلن جو هڪ ٽڪ حل ڀاسندي آهي.
قد جو پُورو پنو، بُت ۾ ڀريل، نه سنهو نه ٿلهو، گول ڀريل چهري تي نه ننڍڙي نه وڏي سونهاري
۽ شهپر، جيڪا سندس شخصيت کي وڌيڪ اُجاگر ڪري ٿي ۽ وري مَٿي تي پنهنجي ثقافت اَجرڪ
جو پَٽڪو، جيڪو پڻ سندس شخصيت جي بيحد سڃاڻپ بڻجي پيو آهي، جنهن جي ڪري ڪو ڀلي کيس
نالي سان نه به سُڃاڻيندو هجي، پر هاڻ هن جي سُڃاڻپ اجرڪ جي پٽڪي وارو صحافي ئي بڻجي
چُڪي آهي. صحافت جي دنيا ۾ روزاني “شام” اخبار کي ثقافتي رنگ روپ سان مالا مال
ڪندڙ ۽ ميلن ملاکڙن جون تصويرن سان رپورٽون پيش ڪندڙ نوابشاھ جي صحافين ۾ جاکوڙي، سچو
۽ کرو. هر وقت ڪنهن نئين خبر جي جستجو ۾ رهندڙ، ڪٿ به، ڪنهن وقت به، ڪنهن واقعي ٿيڻ
جي اطلاع ملڻ سان اُت پنهنجي موٽر بائيڪ تي پهچي وڃي رپورٽ وٺڻ وارو پُر خلوص، سچو،
سادو، محبتي ماڻهو ۽ اسان جو مُحسن دوست سائين علي محمد شاھ لڪياري ئي ته آهي. سائين
علي محمد شاھ لڪياري انساني رشتن، ناتن ۽ سماجي لڳ لاڳاپن جي اعتبار کان هڪ ذميوار،
سنجيده، باشعور، حساس دل رکندڙ اهو انسان آهي، جنهن وٽ ڪو به ننڍ وڏائي جو اجايو تصور
نه آهي. هو هر ڪنهن سان پنهنجائپ، پيار ۽ محبت سان ملندڙ شخص آهي. هو هر عام توڙي خاص
ماڻهوءَ يا خبر کي پنهنجي سچائي جي نگاھ سان ڏسندو آهي. هُو جڏهن لکڻ مهل اڇن شيشن
واري عينڪ پائي لکندو ۽ وري ڪچهري به ڪندو آهي ته ان وقت هو ڪنهن شفيق بزرگ جو ڏيک
ڏيندو آهي، جيڪا شفقت هن جي ڌيمي لهجي جي ڳالهين مان ماکيءَ جيان ٽپڪندي محسوس ٿيندي
آهي. هو صحافت ۾ ڪاپي ڪلچر جو به مخالف آهي، ڇو ته هو هميشه وڏي جاکوڙ مان ئي پنهنجو
مواد تخليق ڪندو رهندو آهي. مون ۱۹۹۰ع کان اڳ ادب جي دنيا ۾ باقاعده پير پاتو هو ۽ تڏهن کان
وٺي ڪنهن نه ڪنهن طرح منهنجي نوابشاھ جي صحافي دوستن سان ميل جول رهندي پئي آئي آهي،
پر مون انهن ڏهاڪو کن سالن جي عرصي ۾ چند ئي اهڙا صحافي دوست ڏٺا آهن، جيڪي پنهنجي
صحافتي فيلڊ يا ڪردار سان سچا ۽ کرا هئا، جيڪي سَستي شهرت جي ڪري اجائي وڏائي يا ڦونڊ
۾ ڪونه آيا ۽ نه ئي پنهنجن واسطن کي وٿيرڪو ڪيو، جن سان جڏهن به ۽ جتي به ڪنهن ڪم
ڪار لاءِ يا ائين ئي مليس ته اهي مانُ ۽ محبت ڏيڻ سان گڏ هر حال ۾ گڏ رهيا، جڏهن ته
اڪثر اهڙن صحافين سان به ميل جول پئي ٿيو آهي، جيڪي چئن آڱرين جو اڌ ۽ اڌورو هٿ ڏئي
اهو بانور ڪرائيندا آهن ته اسان وڏين اخبارن جا نالي وارا صحافي آهيون، اهڙي تهڙي کي
کنگهون به ڪونه. عام ماڻهن جا مسئلا کڻي پنهنجي روز مره جي صحافتي ۽ اخباري ڪارڪردگي
ته بڻائينداسين، پر انهن ماڻهن سان ملڻ به گوارا نه ڪنداسين.
سائين علي محمد شاھ
لڪياري ۳ اپريل ۱۹۵۴ع جي بهار واري رنگين رُت ۾ ڳوٺ سيد جادل شاھ تعلقو مورو ضلعو نوابشاھ ۾ هڪ
درويش صفت انسان ۽ بزرگ گهراڻي جي سيد عمر شاھ لڪياري جي گهر ۾ جنم ورتو. سائين پرائمري
تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ ئي حاصل ڪئي، جنهن کان پوءِ انگريزي تعليم موري شهر جي هائي
اسڪول ۾ پرائي، جيڪو ڳوٺ جادل شاھ کان ڏکڻ اوڀر ڪنڊ تي ڇهن ميلن جي مفاصلي تي هو. ۱۹۷۱ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ ۱۹۷۳ع ۾ مهراڻ ڪاليج مورو ۾ وڌيڪ تعليم لاءِ داخلا
ورتائين. اهڙي ريت مهراڻ ڪاليج مورو مان بي اي ڪرڻ کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
۾ شعبه آءِ آر يعني بين الاقوامي تعلقات ۾ داخلا ورتي. ان دور ۾ سنڌ يونيورسٽي جو وائيس
چانسلر شيخ مبارڪ علي (شيخ اياز) هو. سائين علي محمد شاھ لڪياري ۱۹۷۳ع ۾ پنهنجي اباڻي ڳوٺ سيد جادل شاھ کي الوداع
ڪري موري شهر ۾ اچي رهائش پذير ٿيا هئا، جڏهن ۷۳ واري ٻوڏ سندن ڳوٺ سان گڏ ڪيترن ئي ڪچي جي
ڳوٺن کي پنهنجي زد ۾ آڻي ڇڏيو هو. ۳ سال موري ۾ رهڻ کان پوءِ سيد علي محمد شاھ جو
والد ۱۹۷۶ع ڌاري ڳوٺ نبن شاھ ديھ اوڀاري ساوڙي چڪ نمبر ۲ تعلقو نوابشاھ ۾ اچي پنهنجا اجها اڏيا، جتي
سندن اڳ ئي زمين موجود هئي. علي محمد شاھ تي پيءُ پاران رکيل نانءُ سندس ڏاڏي مرحوم
جو هو. اهڙي طرح سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ اچڻ کان پوءِ نظرياتي ۽ فڪري اعتبار کان سائين،
جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن سان گڏ گڏ هلڻ لڳو. هن قومي شعور رکندڙ ڌرتيءَ جي جوڌي جوان
کي سياسي ايڪٽوٽي جي ڪري ۳ سالن لاءِ ريسٽيڪيٽ پڻ ڪيو ويو، پر پوءِ به هن
ڌرتيءَ جي دولھ ۽ سيد جي سوڍي ڪڏهن به مايوس ٿي همت نه هاري ۽ هي سيد جي فڪر ۽ نظريي
سان پوءِ به اڳي کان اڳرو سلهاڙيل رهيو. تان جو ۲۰ فيبروري ۱۹۸۰ع تي سائين علي محمد شاھ لڪياري کي هاسٽل جي
ئي روم تان گرفتار ڪيو ويو ۽ پوءِ سندس ساٿين سان گڏ ڪوٽڙي لاڪ اپ ۾ رکيو ويو، جنهن
کان پوءِ حيدرآباد سٽي لاڪ اپ کان پوءِ سينٽرل جيل حيدرآباد موڪليو ويو، جتي هن سيد
جي راھ جي پانڌيئڙي پنهنجي ڦوھ جواني جا ۳ سال جيل ۾ وڏي همت، بهادري ۽ اڏولتا سان گذاريا. ايڏين تڪليفن
۽ پريشانين هوندي به سائين سياست سان گڏ تعليم جو دامن نه ڇڏيو ۽ هن نيٺ ۱۹۸۴ع ۾ ايم اي (آئي آر) مڪمل ڪري ورتي. جيل ۾
رهڻ دوران سائينءَ سان جيڪي به حالتون پيش آيون، انهن سڀني کي جيل ڊائري جي روپ ۾ امر
ڪري ڇڏيو. هن ان سموري احوال کي سهيڙي پنهنجي انداز سان “ڪايا مَنجِھ ڪَڙَنِ” جي عنوان
سان مڪمل ڪيو، جنهن جي عنوان مان ئي وطن پرستي جي عشق جي خوشبوءِ اچي ٿي.
علي محمد شاھ لڪياري
اڄ جڏهن روزاني شام اخبار ۽ ڪي ٽي اين نوابشاھ جو عيوضي آهي، پر پوءِ به هن جي سيني
۾ سنڌ ۽ سيد سان عشق واري دل ان ئي رفتار سان ڌڙڪندي رهي ٿي. سائين جو صحافتي ڪردار
پڻ ڏاڍو جاکوڙي، بيحد ڪٺن ۽ ساراھ جوڳو رهيو آهي، تڏهن ته هن جو صحافتي انداز سنڌي
صحافت ۾ منفرد ۽ ڀرپور آهي. هن جي انفراديت جو هڪڙو ڀرپور ثبوت اسٽوريز آهن، جيڪي
هن شام اخبار لاءِ لکيون آهن. ڏکين موضوعن جي ايتري انفراديت ۽ وري انهن تي ايتري گهرائي
سان لکڻ واقعي به سائين جهڙي ذهين ماڻهوءَ جو ئي ڪارنامو ٿي سگهي ٿو. تترن، ڪڪڙن، ڏاندن،
گهوڙن، پَٽڪن، رِلين، واڳوئن، پيروئن، ڪڻڪ جي لاباري، ڦٽين جي چونڊي وغيره تي جامع
قسم جون تفصيلي اسٽوريز سنڌي اخبار جي دنيا ۾ هڪ نئون انقلاب چئي سگهجن ٿيون، جنهن
جو ڪريڊٽ سائين علي محمد شاھ لڪياريءَ ڏانهن ئي وڃي ٿو. ان کان علاوه ۲۰۰۰ع واري آيل وڏي زلزلي جي پيرائتي رپورٽ ۽ تاريخي،
سياسي، سماجي، ادبي انٽرويوز، تقريرون ۽ مضمون پڻ سائين جي محنتن جون ڀرپور ڪاوشون
آهن.
اجرڪ جو پٽڪو پائيندڙ،
ھيءُ ناميارو صحافي، رپورٽر ۽ ليکڪ، اج ۲۱ جون ۲۰۲۰ع تي، ۶۶ سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري
ويو. انا لله و انا اليه راجعون
علي محمد شاھ
لڪياريءَ جا سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ موجود ڪتاب:
۱. ڪايا مَنجَھ ڪَڙَن (جيل ڊائري)
۲. چِٺيون چَندَن واسُ (جيل ۾ آيل خط)
سيد علي محمد شاھ لڪياري
اهل علم قلمڪار جو وڇوڙو
گل مورو
ڪي قلمڪار اهل علم
هجڻ سان گڏ شعوري طور تي پنهنجي ڌرتي ۽ وطن جي رکوالي لاءِ پنهنجي قلم جي ذريعي سامراجي
قوتن سان جنگ جوٽڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندا آهن، پنهنجي ڌرتي جي وارثي ڪرڻ لاءِ ۽
پنهنجي تهذيب ۽ تمدن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ پنهنجي ٻولي ۽ وطن کي نروار ڪرڻ لاءِ انهيءَ
قلم ذريعي ميدان عمل ۾ پنهنجو پلھ پاڻ ملهائڻ ۾ نمايان طور تي نظر ايندا آهن. اهڙين
ئي شخصيتن مان سيد علي محمد شاھ لڪياري جنهن جنم ته ساهتي پرڳڻي جي مورو ناهي ٿورو
ڀرسان ڳوٺ سيد جادل شاھ ۾ سيد عمر شاھ لڪياري جي گهرڙي ۾ ۳ اپريل ۱۹۵۴ ۾ جنم ورتو هو ۽ پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ مورو هاءِ
اسڪول مان ۱۹۷۱ ۾ ميٽرڪ پاس ڪري جڏهن ۷۳ع ۾ مهراڻ ڪاليج مورو ۾ داخلا وٺي بي اي پاس ڪئي ۽ سنڌ يونيورسٽي
جي ميدان تي وڃي پهتو ته کيس اتي سن ۽ سيد جي فڪر سان اهڙو ته نينهن لڳو جو ان ڏينهن
کان ئي اجرڪ جي ويس ۾ رڱجي ويو.
سيد علي محمد شاھ لڪياري
شاگرد واري سياست به ڪئي، ان دور ۾ جساف ۾ به شامل رهيو پر جڏهن هو يونيورسٽي دوران
مزاحمتي ڪردار ادا ڪندو رهيو ۽ پريت جو پيغام ڀٽائي جو پيغام کڻي جهر جهنگ ۾ نڪرڻ لڳو
ته ان وقت سندس آڏو رنڊڪون وڌيون ويون، کيس گرفتار ڪري ۱۹۸۰ع ڌاري جيل به موڪليو ويو ۽ قومپرست سياست
جي ڪري کيس يونيورسٽي مان نيڪالي ڏني وئي، ان وقت ۾ سنڌ جو نامور شاعر شيخ اياز وائيس
چانسلر هو، ان تي سيد علي محمد شاھ لڪياري گهڻو ڪجھ پنهنجي قلم ذريعي لکي چڪو آهي،
جنهن تي سندس راءِ ئي چئي سگهجي ٿي پر سيد علي محمد شاھ لڪياري جڏهن ۱۹۹۰ ڌاري صحافت ۾ پير پاتو ته ان ڏينهن کان هن سنڌ جي انچ انچ جو پنهنجي قلم ذريعي
پنهنجي علم ذريعي پنهنجي مشاهدي ۽ مطالعي ذريعي ڳوڙهو اڀياس ڪيو ته سنڌ شاهوڪار هوندي
سنڌ جو ڌرتي ڌڻي آخر بک ۽ بدحالي جو شڪار ڇو آهي، اهي ڪهڙا سبب آهن، اهي ڪهڙا ڪارڻ
آهن انهن سڀني پاسن کي هن چڱي طرح پروڙي ڏٺو. هي ٽائيم پاس صحافي/ قلمڪار نه پر هي
اهل علم قلمڪار هيو جنهن ۳۰ سالا صحافتي دور ۾ ثقافتي خدمتن جي حوالي سان سڄي سنڌ ۾
مڃتا ماڻي. کيس ڪيترن ئي ايوارڊن سان نوازيو ويو. سيد علي محمد شاھ لڪياري جيل ڊائري
سميت ۲ بهترين ڪتاب “ڪايا منجھ ڪڙن ۽ چٺيون چندن واس” سنڌي ادب
جي جهول ۾ وڌا. ان سان گڏ هن منفرد شخص جي سڃاڻپ اجرڪ جو پٽڪو ثقافت طور نمايان
رهي. لڪياري تترن، ڪڪڙن، ڏاندن، گهوڙن، پٽڪن، رلين، پيرن، ڪڻڪ جي لابارن، ڦٽين جي
چونڊن سميت ڪيترن ئي مسئلن تي اهڙيون ته بهترين اسٽوريون ڪيون جو اهي اسٽوريون اڄ
به تاريخي حيثيت رکن ٿيون. هونئن به صحافت جي حوالي سان ساهتي پرڳڻو هڪ تاريخي
حيثيت رکي ٿو.
برطانوي دور ۾ جڏهن سنڌ برطانيا جي غلامي هيٺ هئي ته ان دور ۾ ساهتي پرڳڻي جو عظيم صحافي ۽ قلمڪار تولارام ٻالاڻي پنهنجي ڌرتي ۽ وطن جي رکوالي لاءِ اهڙي ته جاکوڙ ڪئي ۽ ڀٽائي جو درس در در وڃي ڏنو جو برطانوي سامراج کيس سزائون ڏيارڻ ۾ هميشه جنبيل رهيو پر ان آڻ نه مڃي ۽ لاڙڪاڻي جي گهاڙ واھ ۾ خودڪشي جو ڊرامو رچائي کيس منظرعام تان هٽائي ڇڏيو. سو ڏٺو وڃي ته سيد علي محمد شاھ لڪياري تولارام ٻالاڻي جو تسلسل هو جنهن ڪڏهن به ڪنهن ظالم ۽ جابر اڳيان ڪنڌ نه جهڪايو. هي علمي شعور رکندڙ قلمڪار اهل علم، اديبن، شاعرن جي سٿ ۾ رهيو جن ۾ عبدالحڪيم ارشد کان وٺي سائين مير محمد پيرزادو، راشد مورائي، تاج جويو، خاڪي جوئي کان وٺي حافظ محمد بخش خاصخيلي تائين هي اهڙو سٿ هو جن جي پريت جي ڪري پنهنجي ٻولي ۽ تهذيب سان واڳيل رهيو. شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي آڳنڌ کان وٺي صوفي شاھ عنايت شهيد، قلندر لعل شهباز، صوفي رکيل شاھ، چيزل شاھ، سچل سرمست جي آڳنڌن تي وڃي ميلن، ملاکڙن ۽ تصوف واري فڪر کي نروار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. علي محمد شاھ لڪياري ۳۰ سالن تائين صحافت جي سڳي ۾ سلهاڙيل رهيو. شاگردي واري زماني کان وٺي هن وقت تائين قومي فڪر سان اهو ئي نينهن ۽ ناتو سندس رهيو اهڙا ماڻهو هميشه تاريخ ۾ ياد رکيا ويندا آهن. سيد علي محمد شاھ لڪياري سنڌ ۽ ساهتي پرڳڻي جو اهل علم قلمڪار شخص هو. هن جون جي جهولن واري مهيني ۾ سندس وڇوڙو ڏاڍو ڏکوئيندڙ لڳي ٿو ڇو ته اڄڪلھ جيڪا سنڌ اندر صحافت ٿئي پئي اها به ايتري سگهاري نه پئي ٿئي جنهن جي ڪري ڏٺو وڃي ته ڪي چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترا صحافي ۽ قلمڪار اهل علم هجڻ سان گڏ شعور رکندڙ وڃي بچيا آهن نه ته گهڻي قدر صحافتي لڏي ۾ هن وقت تمام گهڻي تربيت جي کوٽ آهي، جڏهن کان ميڊيا جي ڀرمار ۽ سوشل ميڊيا جي بازار کُلي آهي ان کان پوءِ ته صحافين جي ڄڻ ته رش وڌي وئي آهي، هر ماڻهو جنهن وٽ اڄڪلھ ٽچ موبائيل آهي، اهو به پاڻ کي تمام وڏو صحافي ڪري پيش ڪري ٿو. نه ته ڏٺو وڃي ته تاريخي طور تي سنڌ اندر توڙي ساهتي پرڳڻي اندر جيڪي به صحافتي قلمڪار ماضي ۾ رهيا آهن، اهي اهل علم هجڻ سان گڏ عالم، فاضل، اديب ۽ دانشور اڳتي هلي ڪري ٿيا آهن، جن ۾ محمد عثمان ڏيپلائي کان وٺي شيخ اياز، گوبند مالهي، هري موٽواڻي، لڇمڻ ڪومل ٻيا کوڙ سارا اديب شاعر سڀ کان پهريان صحافي هئا، جن علم، ادب ۽ تاريخ جو مطالعو ڪيو ۽ مشاهدو ڪيو ان کان پوءِ نه رڳي صحافتي ميدان ۾ پر ادبي ميدان ۾ به پنهنجو پاڻ ملهايو ۽ پنهنجي پيٽ کي بکيو رکي به بکايل ۽ اڃايل ماروئڙن لاءِ پنهنجي قلم کي استعمال ڪيو ۽ پنهنجي فرض شناسي سان سنڌ شناس بڻجي پنهنجو فرض نڀايو، ان جو نانءُ اڄ به تاريخ نمايان طور تي پيش ڪيو وڃي ٿو. ڪامريڊ عطا محمد ڀنڀري جو مثال اسان جو سامهون آهي جنهن پڻ صحافي بڻجي پنهنجو رسالو جاري ڪيو ۽ هن اڳتي هلي ايترو ته علمي ادراڪ ڪيو جو هڪ سئو کان وڌيڪ ڪتابن جو تخليقڪار بڻجي ويو. هونئن به صحافت ۽ تخليقڪار جو ڳانڍاپو ساھ ۽ جسم وانگر هوندو آهي. هن وقت ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته اهڙن اهل علم قلمڪارن کي مان ملڻ گهرجي، جن پنهنجو قلمي پورهيو ڪيو. قلمي پورهيو ڪڏهن به تاريخ ۾ ضايع ناهي ٿيندو اهل علم قلمڪار سيد علي محمد شاھ لڪياري جو علمي ۽ قلمي پورهيو ڪڏهن به ضايع نه ٿيندو.
No comments:
راءِ ڏيندا