رزاق سهتو
ساڌ ٻيلي جهڙو
اسحاق انصاري
هر انسان هڪ مڪمل
ڪهاڻي آهي، ناول آهي, داستان آهي. هُن جي ٻالڪپڻ جي ڇِمڪڻي کان وٺي، پوڙهائپ جي لٺ
تائين؛ هڪ داستان آهي جنهن ۾ معصم ٻار جي کِل آهي ته وري جوانيءَ جي پگهر جي
خوشبوءِ به آهي. ۽ پڪي اوستا جون پريشانيون، هڪ يونٽ (گهر) جي سربراهه ٿيڻ جون
مطمئن ۽ غير مطمئن ڪيفيتون به آهن؛ ته وري پوڙهپ جي نستلجيا به آهي. ۽ هيڻي هجڻ جو
هڪ باب آهي. تڏهن ته چوان ٿو؛ ته انسان هڪ داستان آهي، ڪهاڻي آهي مرثيوآهي. ۽ غزل
آهي. پر اهوئي داستان، هڪ ڪهاڻي جڏهن پاڻ ڪهاڻي سرجڻ شروع ڪري ته هڪ معجزو ٿئي ٿو.
تخليق هڪ فطري عمل سهي پر هرهڪ جي وس جي ڳاهه به ناهي.
ڏند ڪٿائون ـــ
مٿالجيز سرجيندڙ عام انسان نٿو ٿي سگي، چيائون ته شوِ مهاراج، هماليه تي ويهي
پنهنجن وارن مان گنگا پئي لاٿي، ذرا، تخليق جي طاقت جي باري ۾ سوچيو ته سهي يا
چيائون ته
لڳي لڳي واءُ ويس
انگڙا ڍڪجي،
واريءَ جي دڙي مان
جواب آيو
پئي کڻي پساهه پسڻ
ڪارڻ پرينءَ جي.
اهي تخليقون،
ڪهاڻيون آهن، داستان آهن ۽ انهن جا تخليقڪار وڏا ماڻهون آهن. ڪو به تخليقڪار ننڍو
نه ٿيندو آهي. جنهن شخص به تخليقڪارن جي لاءِ ماپڻ جا يونٽ، سينٽي ميٽر، گرام، ۽
ڪلو گرام رکيا؛ اهي نقاد نه پر هٽ واڻيا آهن. اسان جي ڌرتي ته آهي ئي تخليقڪار جي
ڀومي، پڪ سان نه ٿو چوان پر چون ٿا ته موهن جي دڙي مان هڪ ننڍو مٽيءَ جو بت(ٽير
اڪا) اهڙو به مليو آهي جيڪو عورت جو آهي. ۽ هن جي اوگھڙ مان ڪڻڪ جو سنگ، نڪري ٿو.
عورت، پاڻ تخليقڪار ۽ ان مان وري ڪڻڪ؛ جيڪو خود تخليق جي نشاني، ڇا ته انداز آهي.
تخليق جو اهو به ۵۰۰۰ سال اڳ ۾، ڇا اهو اوڻويهين، ويهين صديءَ جي ايبسٽريڪٽ ۽ سريليئسٽ آرٽ جي
ايوانن ۾ حيرت ۽ ڏهڪاءُ وجھڻ لاءِ ڪافي ناهي؟
ان موهن جي دڙي کان
هوائي(ايريل) مفاصلي تي ويجھو رهندڙ، رزاق سهتو جي سٺي تخليقڪار هجڻ تي ڪنهن کي
حيرت وٺڻ نه گھرجي. رزاق صوفائي سهتا ڳوٺ مان ڪراچي پهچي ٿو. ڪراچي جيڪو ڪڏهن
محبوبا جي انگي لڳندو ته ڪڏهن تارا مسيح جي تصوير، لڳندو آهي. ڪراچي پهچي هن شخص
جي دل ۽ ذهن مان ڪڻڪ جا سنگ ڦٽن ٿا. ۽ هو انهن سنگن کي ڪاغذ جي ڪينواس تي لاهي ٿو.
رزاق سهتي جي لکڻين
۾ ساڌ ٻيلي جهڙي تنهائي، مينگهي فقير جهڙي بي فڪري ۽ منصوري ارڏائي آهي. رزاق جي
تخليقن ۾ موضوعن جو ڪولاچ آهي، هن وٽ پيار، وفا، بي وفائي، دغا، غربت جي تڪليف،
انساني اڻ برابري، نسل پرستي جهڙا موضوع آهن. اهڙا ڪجھ تخليقڪار هوندا آهن، جن جي
تخليقي ميگنيٽڪ فيلڊ ايتري وسيع هجي. مون کي سندس ننڍپڻ جي باري ۾ پوري خبر ناهي،
پر سندس ڪهاڻين مان ان فيصلي تي پهچي سگھجي ٿو. هن پنهنجو ننڍپڻ ۽ جواني معاشري جي
مروج اخلاقيات جي اصولن مطابق گذاري آهي. سندس پيار ڪهاڻين ۾ به اهو تاثر ڀرپور
نموني نظر اچي ٿو. سندس ڪهاڻين جي مجموعي “اڌ وهي” جي پهرين ڪهاڻي “جيءَ ۾ جھاتي”
جو مثال ئي وٺو. جنهن ۾ ٻه پريمي گھر مان ڀڃي وڃڻ جو پڪو پهه ڪن ٿا. پر عين ٽائيم
تي ڇوڪرو پنهنجو خيال ان ڪري مٽائي ڇڏيو ٿو، جو رات جو هن پنهنجي ڀيڻ کي ٻي شخص
سان ملندي ڏٺو هو. ۽ ڀيڻ کي خاموشي سان گھر وٺي اچي ٿو ۽ ان کان پوءِ هو پنهنجو
خيال تبديل ڪري ٿو ۽ پڇڻ تي پنهنجي محبوبا کي چئي ٿو ته”تون به ته ڪنهن جي عزت
آهين، پوءِ توکي ڪيئن ڀڄائي هلان، اهو سوچي ماٺ ڪري ويهي رهيس ۽ رات وهامي وئي.”
اها ڪهاڻي ان
اخلاقيات جي اصول تحت آهي. جنهن تحت پنهنجن ڳوٺن ۾ زندگي گذاربي آهي ته ٻي جي عزت
تي هٿ وجھڻ کان اڳ پنهنجي عزت جي باري ۾ سوچ، ته توسان به اهو ڪجھ ٿي سگھي ٿو جيڪو
تون ٻين لاءِ سوچين ٿو. اهڙي ئي اصول تي لکيل سندس هڪ ٻي ڪهاڻي آهي “پيلو پن” جنهن
۾ به هيرو پنهنجي چاهت کي ان ڪري ڇڏي ڏي ٿو؛ جڏهن کيس اها خبر پئي ٿي ته هن جي
چاهيندڙ جو پيءُ، هن جي عزت ڪري ٿو. ۽ کيس سڃاڻي ٿو ليکڪ لکي ٿو ته
“ڇوڪرو
ڪرسيءَ تان اٿي ٿو بيهي، پاڻ ڄڻ وڏ ماڙ تان پير ترڪندي بچيو هجي. وائڙو ۽ اکين
اڳيان انڌيرو ٿو، محسوس ڪري، هو منهن پري ڪري ڳالهائي ٿو. “هي اسان جي پهرين ۽
آخري ملاقات آهي” ڇوڪري ڪنهن تتر جيان ڀڙڪو ڏئي اٿي بيهي ٿي “ڇو مون کان ڪا غلطي
ٿي وئي آهي ڇا؟” هو ماڻهن جي موجودگي جي احساس کان مُٺيون ڀيڪوڙي، اکيون بند ڪري
اندر جي انسان جو آواز ڇوڪريءَ جي ڪن تائين، پهچائڻ گھري ٿو. “تنهنجو پيءُ مون کي
پٽن جيان سمجھندو آهي” ائين چئي هو ماڻهن کان بچندو بچندو تيز قدم کڻندو. ڇوڪريءَ
جي اکين کان پري ۽ ماڻهن جي ميڙ کي چيريندو وڌندو ٿو وڃي.”
“اڻپورو
ماڻهو” ۾ به رزاق سهتي، هڪ شادي شده شخص جي وارتا لکي آهي، جيڪو پنهنجي محبوبا سان
ملي ٿو، پر کيس پنهنجي گھرواري سان بيوفائي جو احساس ٿئي ٿو. ۽ هو واپس پنهنجي گھر
اچي ٿو ۽ کيس ننڊ ۾ پيل گھر واري جڏهن ڀاڪر پائي ٿي ته هن جي من مان ندامت جا
ڳوڙها وهڻ شروع ڪن ٿا.
هي مون ڪجھ مثال
سندس ڪهاڻين مان ڏنا آهن پر منهنجو جيترو وقت به رزاق سان گذريو آهي. ان ۾ مون کي
هو اهڙو شخص لڳو آهي؛ جيڪوسماجي اخلاقيات کي آڏو رکي هلي ٿو. اها سندس وڏ ماڻهپائي
آهي. ان کان علاوه رزاق سهتي جي لکڻين ۾ غربت جو به ذڪر ملي ٿو. پر ڀرپور نموني
ملي ٿو. غربت تي اهو شخص لکي سگھي ٿو. جيڪو ان ڪربناڪ ڪيفيت مان گذريو هوندو. سندس
ڪهاڻي “پوياڙي جا پاڇا” جيڪا هڪ آرٽسٽ جي معذور ٿيڻ کانپوءِ جي ڪيفيتن تي لکيل
آهي. ان ۾ جتي ناقدريءَ جا احساس چٽيل آهن. اتي غربت جا پيل پاڇا به عڪس ٿيل آهن.
“جيون ڪارڻ جھاڳ” “اعلان” “تالي ۾ بند اطمينان” ۾ به اهڙو ذڪر ڀرپور نموني ملي ٿو.
ان کان علاوه رزاق جي ڪهاڻين ۾ ڪراچيءَ جو ذڪر گھڻو ملي ٿو، ان ڪراچي جو به جنهن
باري ۾ جڏهن رزاق سهتو ٻڌائيندو آهي ته ڪيئن سندس پاڙي واري جي شهادت ٿي ۽
ذوالفقارسيال جيڪو ان وقت ميڊيڪو ليگل آفيسر هو، هن کي فون ڪري ٻڌايو ته شهيد ٿي
ويل جي وارثن کي اطلاع به ڏي ۽ موڪلي به، توهان پاڻ ٻڌايو ته ان وقت رزاق جهڙو
حساس ماڻهو ڪيترين پلصراطن تان گذريو هوندو؟ جڏهن رزاق لاش حاصل ڪرڻ لاءَ شهيد جي
وارثن سان فائرنگ وارن علائقن مان گذرندو اسپتال پهتو ۽ اتي ڪمينن جي ڪارواين جو
شاهد ٿيو ۽ هن مون کي اهو ٻڌايو ته جتي لاش پيل هئا اتي ٻليون لاشن مان وهندڙ رت
پي رهيو هيون. اهو احوال ٻڌي منهنجي ته لونءَ ڪانڊارجي ويندي آهي. اهڙي ڪيفيتن تي
هن ڪهاڻيون لکيون آهن. جن ۾ “ڪراچي ان ٽربل” قابل ذڪر آهي. ان کان علاوه “الوداعي”
۾ به هن ان زماني جي ڪراچيءَ کي سهڻي نموني ۾ ظاهر ڪيو آهي.
مطلب ته رزاق وٽ
موضوعن جو ڪينواس وسيع آهي. هن جي مشاهداتي اک جي ڪري سندس تشبيهون به سٺيون آهن.
مون کي منهنجا دوست ڏکيو، به چوندا آهن. ڇو جو جڏهن پنهنجي تخليقن جي باري ۾ راءِ
پڇندا آهن ته کين صحيح فيڊ بيڪ ڏيندو آهيان. ڪنهن به رک کاءُ کان بغير. ڏسو جڏهن
دوستي آهي ته پوءِ معاهدا ڪهڙا؟
رزاق سهتي لاءِ عرض
آهي ته جتي سندس فن ۾ اهي خوبيون آهن. اتي سندس ڪهاڻيءَ ۾ واعظ گھڻو آهي. مون اڳ ۾
به چيو آهي ته پڙهندڙ کي بيوقوف نه سمجھيو وڃي. ضروري ناهي ته هر شيءَ جي بار ۾ هن
کي هٿ کان وٺي ڏيکارجي ۽ ٻڌائجي پر ڪجھ شيون هن تي به ڇڏجن ته هو پنهنجا نتيجا اخذ
ڪري؛ رزاق جي ڪهاڻين جي پڄاڻي به اهڙي قسم جي آهي. ڪن ڪهاڻين ۾ ته هو پڄاڻي ڏيڻ
کان پوءِ به وضاحتون ڪري ڪهاڻي جو مزو وڃائي ڇڏي ٿو. ان ڪري کيس عرض آهي ته ان طرف
ڌيان ڏي. پر اها ڳالهه به مڃڻ واري آهي ته رزاق سهتو امپرو ڪندو ٿو وڃي. ان جو
مثال سندس نڪور ڪهاڻي ”ڪوئل” آهي.
(سنڌي ادبي
سنگت سکر پاران ڪهاڻيڪار، رزاق سهتي ۽ شاعر، ڪالم نگار بشير منگي جي گڏيل طور
سالگرهه ملهائي وئي ۽ صوفي راڳ جي محفل ٿي. نامياري ڪهاڻيڪار، ناول نگار ڊاڪٽر
اسحاق انصاري خاص مهمان جي طور هي مضمون پڙهيو. سال ۲۰۰۹)
(رزاق سھتي
جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۶ مئي ۲۰۲۲ع تي رکيل/کنيل)
رزاق سھتو
جنم ڏينھن جي ياد سان
عابد مظھر
پهرين اپريل سدائين
اپريل فول سان ملهائبي آهي پر هن تاريخ اسان کي ڪيترا ناميارا ليکڪ به ڏنا آهن
انهن سڀني کي مبارڪون پر بشير منگي جنهن تي اسانجي دوست ڪهاڻيڪار ڊاڪٽر اعجاز سمي
نهايت دلفريب مضمون فيس بڪ تي هن جي جنم ڏينهن جي حوالي سان لکيو آهي، پڙهي سوچيم
ان کان وڌيڪ سٺو ته مان لکي ڪو نه ٿو سگهان. سو مان جنم جي حوالي سان هن کي فون تي
جنم مبارڪ ڏني. رزاق سهتو جيڪو پڻ پهرين اپريل تي ڄائو آهي. تنهن کي به فون ڪيم پر
هن نه کنئي.
پهرين اپريل اوڻيھ
سو ٻاهٺ تي هن باوقار ناٽڪ نويس ڪهاڻيڪار جنم ورتو. هن تاريخ تي الائي ڇو هر ڪنهن
کي بيوقوف بنائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي پر رزاق سهتي کي ڪير به بيوقوف نٿو بنائي
سگهي.
ڇاڪاڻ جو هنجي
زندگي گذارڻ جا پنهنجا سگهارا معيار آهن. هن کي ڏسڻ سان هر نئين شخص کي لڳندو ته
هي ڪو وڏو مغرور شخص آهي ڇو جو هي سنگت ۾ جهڙي تهڙي تي مڇ ئي ڪونه ڇنڊي پر اصل ۾
هي دل جو نرم ملائم. هڏ ڏوکي انسان آهي جيڪو ڏکن ۾ هر ڪنهن سان مهلون وهندو آهي.
هن جي ڪهاڻين جي ٽريٽمنٽ به هڪ اهڙي طبيعت رکندڙ شخص جي لڳندي آهي. هن جي ڪهاڻين ۾
سماجي نفسياتي پهلو ڪر کنيو بيٺا هوندا آهن، جيڪي ڏاڍي بي ڊپائي سان اظهاريندو
آهي. اڌ وهي اهڙي ئي هڪ نفسياتي ڪهاڻي جو نالو آهي، پيار هن جي ڪهاڻين۾ ٽانڊي
وانگر پڄري ٿو پر اندر ئي اندر ۾ ڇيڻي وانگر دکندو رهي ٿو.
رزاق سهتو منهنجو
سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ جي حوالي سان دوست بنيو پر هي شخص سواء بشير منگي جي ٻئي
ڪنهن کي گهٽ دوست تسليم ڪندو آهي. جڏهن ته اسان پارا ڪيئي هن کي دوست سمجهندا آهن.
هي سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جو ڪيترا دفعا سيڪريٽري رهيو. هن ان حوالي سان ڪينجهر ڪلاسيڪل
ڍنڍ تي ڪيترا ئي شاندار ساليانا مشاعرا ڪرايا. جنهن ۾ سڄي سنڌ مان شاعر پنهنجو شعر
پڙهڻ ايندا هئا، مان ۽ رحمت الله ماڃوٺي ته ڪنهن جي پرواھ ڪرڻ بغير هن مشاعري کي ڏاڍو
انجواء ڪندا هئاسين. وڏي ڳالھ ته سنڌ جو نامور سياستدان اديب رسول بخش پليجو هن
مشاعري ۾ هر سال خاص شرڪت ڪرڻ ايندو هو
ماڻهو کڻي رزاق
سهتي لاءِ ڪهڙي به راء رکن پر نامياري ليکڪ انعام شيخ جي مدد سان سنگت ڪراچي۾ هڪ
جمهوري حوالي سان نواڻ آندي ۽ عشق جي حد تائين سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ سان پيار ڪيو
جڏهن ته هن هڪ عدد عشق به ڪيو جنهن کي پڻ هن پنهنجي مخصوص توانائي سان نڀايو کيس
پيار سان گڏ عزت ڏني. هن جي ان پيار تي مونکي پڻ فخر آهي جو هي پيار روايتي عشق نه
هو.
رزاق سهتي کي
منهنجي طرفان جنم ڏڻ مبارڪ. شل قبول پون.
رزاق سھتو
تنهاين جي رڻ ۾ وڃائجي
ويل ڪهاڻيڪار!!
يار محمد چانڊيو
هو عام رواجي ڪردارن
جو ڪهاڻيڪار ناهي، جنهن وٽ ڪردارن جي قطار پنهنجي سڃاڻپ لاء آيل هوندي آھي! هو
انهن زندگين جو ترجمان ليکڪ آھي. جن وٽ پنهنجي سڃاڻپ ناھي هوندي، جن وٽ پنهنجي درد
جي اظھار لاء ڳوڙھا به ناھن هوندا!! هو ڳوڙھن کان خالي ۽ درد جي شدت ۾ ڏرا ڏئي ويل
اکين جي درد کي پرکيندڙ ڪيفيتن جو ڪھاڻيڪار آھي. هو ميلي جي اسٽيج تي رقص ڪندڙ ڪنوارين
اکين جي ڳوڙھن کي معنويت جا عنوان ارپيندڙ ڪهاڻيڪار آھي. هو بظاهر سنڌ جو ڪهاڻيڪار
آهي، پر هن جي ڪهاڻين جا ڪردار پوري دنيا جهاڳن ٿا، هن کي ننڊ ڪونھي. هو جيون جي
هرموڙ تي پوري انسانيت جو ڪيس وڙھي ٿو. هو ڌرتي. جبلن ۽ آسمانن جي وسعتن ۾ لڪل
رازن تان پردو کڻندڙ مزاحمتي ڪهاڻيڪار آھي. جيڪو پنهنجي تخليقڪار/ خدا سان به نه ٿو
ٺهي!! هو خدا آھي/ ناهي واري ان الجهن مان نڪرڻ لاء ھٿوراڙيون هڻي رھيو آھي، جنهن
الجهن موسي نبي کي طور سينا جبل تي بيهوش ڪري رکيو هو. مطلب ته هن جي هرڏسا درد ئي
درد آھن. هن جي ڪهاڻين جا ڪردار ”هڪ لمحي جو سواد“ نه ٿا ماڻين. رڳو رڃ ۽ رڳو ڀاونا
ڀوڳن ٿا!!
”ھڪ لمحي جو
سواد “ ۽ ”اڌ وهي“ ڪهاڻي ڪتابن جي ليکڪ رزاق سهتي سان پنهنجي ملاقات ناهي. بس هن
جي ڪهاڻين جا اڻپورا ڪردار سموري دنيا جي درد کي پنهنجو درد سمجهندي نظر آيا آھن. ڪردار
ڀلي ڪهڙا به هجن، پر انهن جي داخلي توڙي خارجي پيڙا کي هو پنهنجي وجود جو حصو
سمجهي ٿو، جنھن جو ثبوت سندس هيٺيون ڪهاڻيو ”نئون گم ٿيل ماڻھو“. ”بدنصيبي“.
”اجنبي شھر ۾“ ۽ ”چوٿين دنيا جو ماڻھو“ آھن!!!
رزاق سهتو، جيڪو
زندگي جي تجربن ۾ بيوروڪريٽس واري مزاجن جو مالڪ رھيو آھي، جنهن سبب ئي هن سان ڪو
ذاتي تعلق نه جڙي سگهيو آھي. بس هن جون ڪهاڻيون اسان جون آھن ۽ هن جي ڪهاڻين جي ڪردارن
۾ اسان جي ئي مزاج جو درد هنبوڇيون هڻي ٿو. هو ڪهاڻيون لکي ٿو ۽ اسان سندس ڪهاڻيون
پڙھي پنهنجا رايا محفوظ ڪيون ٿا!!!
اڄ سندس نڪور ڪهاڻي
”ڇڻي ڪريل پن“ سامهون آئي آھي، جنهن جي پيڙا رڳو اسان جي سماج جي پيڙا ناهي. اها
پيڙا پوري عالم جي پيڙا آھي، جنهن جو درد صرف ليکڪ ئي نه ٿو ڀوڳي، ان ڪردارن جي ڳوڙھن
جي ٻوڏ سڪيو نه ٿي سڪي!!!
ڪهاڻي رنگ ۾ رزاق
سهتي جي پهتل ڪهاڻي، جيڪا بظاھر ته فلاسافي آھي، پر ان جو موضوعاتي ڇيھ ڪنهن به ڇيڙي
پڄاڻي تي نه ٿو پهچي. ڪهاڻي جي شروعات جهڙوڪر پڄاڻي واري مڪالمن سان ۽ ان پڄاڻي اهڙي
موڙ تي اچي ڪري ٿي، ڄڻ ڪهاڻي جو آغاز ئي نئون ٿيو هجي، مان سمجهان ٿو، ليکڪ جي اها
ڪمال گيري ئي چئجي. جو ڪهاڻي جي طوالت باوجود به دل اڃان وڌيڪ پڙھڻ گهري!!
رزاق ڪهاڻين اندر
جملن/ مڪالمن جي جوڙجڪ ۾ ڏاڍو ماهر ۽ نڪور احساسن کي ڇهندڙ / ترجيع ڏيندڙ ليکڪ
آھي، جنهن جي مثال طور سندس ڪهاڻي ”ڇڻي ڪريل پن“ جا هيٺيان مڪالما /احساس ڏسو / پڙھو:
* فطرت فنا ۾
بقا رکي ٿي!
*زندگي رابيل
جي خوشبوء آھي!
*ننڊ موت جي ڀيڻ
آھي!
*زال جسم ته
محبوبه روح آھي!!
وقت جو اهو وڏو سچ
آھي ته رزاق نڪور احساسن جي چونڊ ۾ جادوگر ليکڪ آھي. هن جي ڪهاڻين جا سمورا خاموش
۽ گونگا ڪردار به هن جي روشن خيالي بدولت تبديلي. انقلاب ۽ مزاحمت جي رستي ۾
شاندار جياپي جي راھ تلاشن ٿا.
(ڏھاڙي آجيان شڪارپور ۾ ۹ مارچ ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا