خادم ٻگھيو
منهنجا دوست مان تنهنجي دوستيءَ
جي حضور ۾ آهيان
رکيل مورائي
هيءُ اکر لکندي، اڄ
جي تاريخ تائين سنڌي ادب جي ڪيل مطالعي جي آڌار تي، واڌو پنهنجي سموري عملي ادبي اعتبار
تي اهو چئي رهيو آهيان ته بي وفا عمر هُن سان ساٿ نه نڀايو، جيڪڏهن هو اڄ تائين حيات
هجي ها ۽ لکندو رهي ها ته، پڪ سان سنڌي ادب کي اهڙيون ڪهاڻيون ڏيئي ها جن جي اعليٰ
هجڻ جي شاهدي اڄ جي سنڌ جا سمورا ليکڪ ڏين ها! جيڪي ڪهاڻي لکي ۽ پڙهي رهيا آهن.
ها! جڏهن هو
ڪهاڻيون لکي رهيو هو تڏهن هن جي ڪهاڻين جي اعليٰ هجڻ جي شاهدي سنڌي ٻوليءَ جي عظيم
ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ ڪوتا ڪار موهن ڪلپنا ان وقت ئي ڏني هئي، جڏهن هن وقت جي ڪهاڻيڪارن
جي وڏي حصي موهن ڪلپنا جو شايد ئي ڪو ڪتاب پڙهيو هئو!.
طارق اشرف مرحوم
هن کي دريافت ڪيو هئو.
جڏهن سهڻيءَ جو ٻيو
دور شروع ٿيو هئو. هن جي ٽين ڪهاڻي” نينهن پليو نفرتن ۾” جڏهن سهڻيءَ جي پرچي ۾ ڇپي
هئي ۽ موهن ڪلپنا پڙهي هُئي ته هن پنهنجي دوست ۽ سهڻيءَ جي سرواڻ طارق اشرف معرفت خط
لکي اظهاريو هئو ته:
“مون اھڙي ڪهاڻي
ويجهڙ ۾ سنڌي ادب جي ٻنهي پاسي هند توڻي سنڌ ۾ نه پڙهي آهي، هن نوجوان کي منهنجي پاران
سلام چئج!”
اهو خط جڏهن موري پهتو
هئو ته، اسين چار يار جيڪي سندس ويجهو هئاسين خوشيءَ ۾ نٿي ماپياسين. ائين چئي کيس
ڀوڳ ڪرائيندا هئاسين ته، يار! هيءُ خط فريم ڪرائي هار طور ڳچي ۾ پايو وت! ۽ ان وقت
هو شرميلو، ڪنوار ٻوٽي وانگر سُسي ويو هئو.
هو جنهن ليول جو ڪهاڻيڪار
ٿيڻو هئو، اهو شايد وقت کي منظور نه هئو ۽ هن کي پنهنجي بنھ ٿورڙي عمر واري نوجوانيءَ
۾ اياز جي لفظن ۾ کڻي ورتو.
عشق عقاب پکي پرڏيهي،
جهڙپ ڏئي ٿو جهٽي،
ڪير انهيءَ کان کٽي.
اسان سڀ ظالم وقت هٿان
هارائي وياسين ۽ اڄ تائين ان هار جي اثر هيٺ آهيون. وقت بادشاھ آهي.
اسان سڀني دوستن ۽ سندس
بيشمار پڙهندڙن ۽ چاهيندڙن مان ڪنهن جو وس نه هلڻو هئو سو نه هليو، موت هن کي کڻي هليو
ويو.
هو ڇا ويو. اڄ تائين
مون سميت سندس انهن چئني دوستن مان مٿس ڪو به هڪ سٽ لکي نه سگهيو آهي يا ته دل
جهلي نه سگهيو آهي يا قلم جهلي نه سگهيو آهي. هن جو خانداني نالو ارباب حسين ٻگهيو
هئو ۽ هن جڏهن کان لکڻ شروع ڪيو ته خادم ٻگهيو جي نالي سان لکيو. هن جيڪي به ڪهاڻيون
لکيون انهن مان بنھ ٿوريون ڇپجي سگهيون. هن جيڪي خط لکيا اهي سندس ڪن دوستن وٽ ضرور
محفوظ هوندا، هن جيڪي پنهنجي حياتيءَ بابت يادگيريون لکيون ضرور اهي به ڪٿي محفوظ هونديون،
هُن جيڪي عشق ڪيا جن سان ڪيا ۽ انهن خواتين جي دلين ۾ اڄ به موجود هوندا. هو جيڪي روز
ڊائري جا ورق لکندو هئو، منهنجي ڪراچي اچڻ تائين اهي منهنجي دل ۾ آهن. پر سچ اهو آهي
ته مان اڄ جي تاريخ تائين هن تي ته ڇا هن جي وفات جي تاريخ به ڊائري تي نه لکي
سگهيس يا لکڻ جي طاقت نه ٿي.
خادم ٻگهئي ۽ منهنجي
اباڻي ڳوٺ جي وچ ۾ ٻن ٽن ڪلو ميٽرن جو مفاصلو ئي هوندو. هو منهنجي نوجوانيءَ جو اهڙو
يار هئو، جنهن کان منهنجو ڪجھ به ڳجهو نه هئو ۽ هن جو مون کان ڪجھ به ڳجهو نه هئو.
هو هڪ دور جي روپوشيءَ ۾ راتين جون راتيون اچي منهنجي ڳوٺ ۾ گذاريندو هئو.
خادم زندگيءَ جون
ڪيتريون به تڪليفون ڏٺيون پر هن جي شخص جو عالم اهو هئو ته ڪڏهن به گهر کان ٻاهر چپل
پائي نه نڪتو، پالش ٿيل بوٽ يا سينڊل کان سواءِ، ڪڏهن به شيو کان سواءِ نه هوندو هئو،
هن دوستن جو لشڪر نه ٺاهيو پر جيڪي سندس دوست هئا يا آهن، انهن مان پهريون ۽ آخري
نالو غلام نبي ڏاهريءَ جو آهي ۽ باقي سڀ پوءِ.
هن جڏهن به لکيو ته
پارڪر جهڙي پين سان لکيو ۽ ان ۾ ڪاري مَسُ استعمال ڪئي، سندس اکر سنڌيءَ چوڻي جيان
موتين جا داڻا، ۽ هو پاڻ چوڏهينءَ جو چنڊ! جنهن ۾ سڀ مرداڻي سونهن جون وصفون هڪ ئي
وقت موجود هيون.
هن ۾ جيڪا ادبي وصف
اهم هوندي هئي. اها هئي پنهنجي حسين اکرن ۾ ڊگها خط لکڻ، جيڪي هو رات جو لکندو هئو
۽ صبح جو موري ۾ اچي مون کي هٿو هٿ ڏيندو هئو، جن مان هڪ طويل ناول جو تاثر اڀرندو
هئو. جيڪو ناول سندس زندگيءَ جي بنھ ويجهو هوندو هئو. اڄ اهو ناول ته رهجي ويو آهي
پر سندس زندگي نه رهي آهي.
هن چڱو وقت شادي روزگار
نه هجڻ سبب ڪا نه ڪئي. جڏهن کيس ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ نوڪري ملي ته، هن پنهنجي سوٽ
يعني ڏاڏي پوٽي سان شادي ڪئي. کيس ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو. هُو ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي
جو وائيس پرنسيپل ٿيو. سندس ڪيڊٽ ڪاليج جي استاد دوستن جو چوڻ آهي ته خادم ٻگهيو ڪاليج
جي آئيڊيل استادن مان هئو.
ان کان اڳ هو سنڌ
جو آئيڊيل ڪهاڻيڪار بڻجي چڪو هئو، جڏهن هن کي وڌيڪ آئيڊيل بڻجڻو هئو ته هن سڀ ڪجھ
ڇڏي ڏنو، ٻه ننڍڙيون نياڻيون، نوجوان زال، سڀ اڻپوريون ڪهاڻيون، پاڻ تان گهور ويندڙ
دوست ۽ انهن ڏانهن لکڻ کان رهجي ويل خط، مون هٿان گهرايل قرت العين جو ناول “آخري شب
ڪي همسفر” ۽ هيءُ سمورو بيحد وڻندڙ جهان. جنهن ڏينهن هُن هيءَ جهان ڇڏيو هئو، اهو اڀاڳو
ڏينهن ٻارنهن اپريل ٻه هزار چار جو هئو، هنڌ ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو هئو. اسپتال شايد
گهڻو پري هئي، جنهن تائين هُو نه پهچي سگهيو يا نه پهچايو ويو. اهو رهجي ويل سوال
آهي، جواب ملڻ گهرجي.
اڄ سندس وفات جو
ڏينهن آهي، جڏهن تاريخ جي گهرج محسوس ٿي ته اسان جي دوست ۽ خادم جي جگري يار غلام
نبي ڏاهريءَ، تاريخ بجاءِ سندس قبر تي لڳل ڪتبي جي تصوير ڪڍي موڪلي ڏني، جنهن کي
ڏسندي دل ڀرجي اٿلي اکين تائين آئي آهي، جنهن تي لکيل آهي ته:” ارباب حُسين ٻگهيو
ولد عبدالرئوف ٻگهيو، وصال ۱۲ اپريل ۲۰۰۴ع مطابق ۱۳ صفر ۱۴۰۵ھ بروز ڇنڇر جي رات ۳ وڳي عمر ۳۹ سال.
ايتري ننڍي عمر ۾ هو
وڏو ڪهاڻيڪار اسان سڀني وٽان هليو ويو. اڄ جڏهن تهجد جو وقت آهي هُن جون ساون آيون
آهن ته قلم چمي اکين تي رکي لکڻ شروع ڪيم. جڏهن هيءُ لفظ لکي پورا ڪيا اٿم ته مسجدن
مان فجر جي آزان جو آواز اچڻ لڳو آهي ۽ مان سندس دوستيءَ جي حضور ۾ مٿس ڪجھ به نه
لکي سگهڻ جي شرمندگي کڻي پيرين ۽ مٿي اگهاڙو حاضر ٿيو آهيان، تڏهن مٿس ئي لکيل ڪنهن
ٻئي شاعر جون هيءُ سٽون ذهن تي تري آيون آهن جيڪي منهنجي دل جو آواز بڻجي پيون آهن:
البم ۾ تنهنجو فوٽو،
اهڙي طرح لڳايم،
سهڻن سڀن جي وچ تي،
سهڻو کڻي سجايم،
تصوير تنهنجي ٿي پئي،
ڄڻ آهي راڄ راڻي،
دل درد سان ڀريل آ،
اکڙين ۾ آهي پاڻي.
خادم ٻگھيو
سنڌي ڪھاڻي جو وساريل ڪھاڻيڪار
– ۲ اپريل ۲۰۲۳ع تي اوڻويھين ورسي جي سار
جھانگير عباسي
سنڌي ادب جي ڪھاڻي کيتر منجھ سن
اوڻويھ سو اسي واري ڏھاڪي کان ابراھيم خشڪ۔ اڪبر سومرو۔ عنايت لغاري۔ غلام نبي
سومرو ۽ ساحر پريمي سان اڀري آيل اھم ڪھاڻيڪارن ۾. خام ٻگھيو جو نالو به شامل آھي.
خادم ٻگھيو جو جنم به سنڌ جي انھي
شھر موري جي مٽي واري ھڪ ننڊڙي ڳوٺ عبدالغفور ٻگھيو ۾ ۱۵۔ سيپٽمبر ۱۹۶۴ ۾ ٿيو
جنھن شھر خليق مورائي۔ سيد ناصر مورائي ۽ سيد راشد مورائي جھڙا انمول ھيرا پيدا ڪيا
آھن. خادم جو اصل نالو ارباب احمد ٻگھيو آھي۔ ھن پرائمري ڳوٺ جي اسڪول واري ٿعليم کان
پو۽ مئٽرڪ. انٽر. بي اي ۽ بي ايڊ تائين موري شھر جي اسڪولن. ڪاليج مان پرائي
ايم۔اي سنڌي ادب ۾ نوشھروفيروز مان ڪئي. ۔
خادم ٻگھيو عملي زندگي جي
شروعات مورو جي ڪن خانگي ادارن ۾ نوڪري سان ڪئي پو۽ سن ۱۹۹۲
ڌارا ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو جي پھرين بيج وارن استادن سان گڏ
سنڌي مضمون جو ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ ان سان گڏ کيس شاگردن جي رھائش واري ھاسٽل ”شاھ
بھارو“ جو انچارج وارڊن به مقرر ڪيو ويو. اھو دور ڪاليج جو شرواعاتي ھيو ۽ نئين ڪاليج
ھجڻ ڪري بيحد ڏکيائيون به ھيون پر ھن پنھنجن ٻين استادن سڪندر چنا، نورمحمد تنيو،
ذوالفقار شر، عبدالوھاب مڱريو، اميد علي سامٽيو ۽ ڪن ٻين سان ملي ڪاليج کي ڄمائڻ ۾
وسان نه گھٽايو۔ ات خدمتون ڏيندي ھي پھريون سن ۱۹۹۷
۾ اسسٽنٽ پروفيسر بڻيو ترق ۽ وري سن ۲۰۰۳
۾ ايسوسئيٽ پروفيسر ۽ سنڌي شعبي جو سربراھ بڻجڻ سان گڏ ڪاليج
جي سالياني رسالي ”انڊس“ جو ايڊيٽر ۽ ڪيترين ئي بورڊز ۽ ڪاميٽيز ڄو صلاحڪار ميمبر به رھندو آيو.
خادم ٻگھيو پنھنجي شروعاتي دور
کان قوم پرست ذھن رکندڙ. سنڌ ۽ سنڌي ٻولي سان سچو عشق رکندڙ ھڪ ترقي پسند فڪر جو
مالڪ ۽ شعور وارو ليکڪ رھيو جنھن جي اھڙي فڪر کي پروان ڏيندڙ سرواڻ شاعر قوم پرست
رھنما راشد مورائي جي تربيت جو وڏو ھٿ رھيو جيڪو ھن سميت رکيل مورائي، ارباب ڇڄڙو،
مورائي خليق ٻگھيو ۽ ٻين ڪيترن نوجوانن جو پڻ فڪري استاد به رھيو آھي۔ خادم ادب ۾ لکڻ
جي شروعات شاعري ۾ نظم سان ڪئي پوءِ ڊاڪٽر نجم عباسي جي صحبت سان گڏ سليم چنا. علي
بابا۔ سراج. طارق اشرف ۽ ٻين کان متاثر ٿي ڪھاڻين طرف آيو ھن جي پھرين ڪھاڻي قومي
رسالي ”ساڃاھ“ ۾ شايع
ٿي جنھن بعد ھن ”سھڻي“، ”سارس“، ”پورب“، ”مھراڻ“ ۽ ”پيغام“ ۾ به ڪھاڻيون لکيون. ڪھاڻين
سان گڏ ھن ادبي مضمون، ”ڊائري ورق” ۽ ڪئي اديبن ڏانھن يادگار خط به لکيا. ڪيڊث ڪاليج
جي نوڪري کان پو۽ ھن جي لکڻ جو سلسلو ڪاليجي مصروفيتن ڪارڻ گھٽجي ويو ھو۔
خادم ٻگھيو سان منھنجي پھرين
واقفيت ان وقت ٿي جڏھن آء به ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ ۱۴۔سيپٿمبر ۱۹۹۵ ۾ ۲۱ سالن جي عمر ۾ سينئير ڪلارڪ بڻجي پھتس ۽ مون کي ڪاليج لائبريري ۾ رکيو ويو
جتي ھن سان ويجھڙائي پو۽ ذھني ھم آھنگي واري دوستي قائم ٿي جو اسين شعوري ۽ فڪري
حوالي سان ھڪ ئي ڊگر ۽ نگر جا ساٿي ھياسين. آء به ان ئي زماني ۾ ادبي رسالن ڪھاڻين
علاوہ ``عوامي آواز``۔``ھلال پاڪستان ``۔۔``جاڳو``۔`برسات `۔``ڪاوش `` جي ادبي
صفحن ۾ تاثر۔تڀصرا لکڻ سان گڏ اخباري ڪالمز به لڱندو ھيس۔ ان زماني ۾ ٻھير ايم۔ اي
اردو مضمون ۾ ڪندي ڏسي مون کي اردو ٻولي ۾ ترجما ڪرڻ طرف ھمٿائيندڙ پھريون انسان
به سائن خادم ٻگھيو مرحوم ھيوجنھن سان ٻن سالن جو ساٿ رھيو پو۽ آء سال ۱۹۹۷ ۾ پبلڪ اسڪول سکر ۾ اردو جو ليڪچرار بڻجي سک ھليو آيس.
ڪيڊٽ ڪاليج جو ماحول پرنسيپال
يوسف شيخ پاران انتظامي حوالي سان سخت چوڪسي ۽ نظر داري وارو جڙيل ھيو ۽ اتي ننڊن
ملازمن جو اڪيڊمڪ استادن سان ذاتي ۽ غير معولي لھ وچڙ ڪرڻ تي ان پاران ائين روڪ وڏل
ھئي جئين ھندو ڌرم ۾ ننڊي ذات وارن کي اونچي ذات وارن سان ملڻ جلڻ گڏ ويھڻ ۽ کائڻ
پئيڻ تي اڄ به پابنديون مڙھيل آھن سو خادم صاحب اڪثر آچر تي لاڙڪاڻي ايندو ھو ته
يا منھنجي گھر اوطاق تي يا وري سپنا ھوٽل تي ملڻ ٿيندو ھيو کر ان جڏھن گھر ليندو
ھيا تب ڪڏھن ڪڏھن مل ملاپ ٿي ويندو ھيو باقي ڪاليج ۾ سڀني استادن سان سندن ھاسٽل تي
به ملڻ جي منع ھوندي ھئي.
ادبي حوالي سان خادم ٻگيو جون ڪھاڻين
۾ سنڌ ڌرتي ديس جي ماڻھن سان ٿيندڙ نا انصافين. ويساھ گاتين. تاريخي اھڃاڻن ۽ ماڳ
مڪانن سان گڏ جدوجھد واري جسجو جي جاکوڙ ملي ٿي. ھن جي لکيل ڪھاڻين جو تعداد ويھن
جي لڳ ڀڳ آھي جيڪي فني ۽ اصلوبي حوالي سان بھترين آھن جن ۾ ``دریاھ توتي دانھن ``سنڌي ادب جي شھڪار
ڪھاڻي آھي ائين ``خالي پيل سيٽ جو ڏک ````سزا ``۔ ``اسٽوپا تي بيٺل سارنگ `` به لاجوب
ڪھاڻيون آھن. خادم جون سڀ جو سڀ ڪھاڻيون. نٽر ۽ شاعري۔ڊائريون اڄ تائين اڻ ڇپيل
آھن جيڪي سندس وفات بعد دوست ڇپرائڻ جو چئي ھن جي وارٽن کان کڻي ويا پر اھو سڀ
مواد شایع نه ڪيو ويو آھي اڄ تائين رکيل
مورائي وٽ يرغمال پيل آھن. جڏھن ته ھن جا ٻه ڪتاب ”انڊس ڪھاڻيون“ ۽ ”احساسن
اوت“ ڪاليج جي سالياني رسالي انڊس ۾ شايع استادن ۽ شاگردن جون ڪھاڻيون ۽ شاعري جي
ترتيب) نالن سان ڪاليج پبليڪيشن پاران شايع ڪيل آھن.
خادم ٻگھيو انتھائي حساس طبعيت
۽ مزاج رکندڙ انسان. دوستن جو دوست غير معمولي مطالعو ۽ مشاھدو رکندڙ اديب ۽ ادب
دوست تخليقڪار ھيو جنھن وٽ سڀ لا۽ مان ھيو. پنھنجي اھڙي حساسپڻي ڪارڻ ھو ستت ئي ڪاليج
جي پرنسيپال جي فرعونيت واري حاڪميت ۾ رھندي پاڻ کي ٻوسٽ گھٽ ۽ دٻا۽ وايرين ڪيفيتن
۾ محسوس ڪندي پھريان بلڊ پريشر السر وري ھائيپر ٽينشن جھڙن مرضن ۾ مبتلڍ ٿي آخر دل
جي عارضي ۾ وٺجي ويو ۽ ٻه ڀيرا ڪارڊيو اسپتال جي ايمرجنسي واڊ ۾ به داخل ٿيو جتي
کصس سخت تڪليف حالت ٽيون ڀيرو آندو ويو پر جانبر ٿي نه سڱھيو ۽ ھمشه لا۽ اسان سڀني
کان وڇڙي ويوجدا ٿي ويو سندس مڙھ موري نيو ويو ۽ اتي ئي مٽي ماء حوالي ڪيو ويو۔ ھن
کي ٻن نياڻين جو اولاد ھيو.
اڄ ۲۔ اپريل ڪھاڻيڪار ۽ محبتي انسلن خادم ٻگھيو جي اڻويھي ورسي آھي پر افسو س
جو انھي عرصي ھن جي يارن. دوستن. سنڌي ادبي سنگت سنڌ مورو ۽ مرڪز پاران کيس به ھي
ويو آھي جنھن جو ھو بنيادي ميمبر رھيو. وري به ڪيڊٽ ڪاليج جي پورفيسر سائين نور
محمد تونيو کي جس آھي جيڪو پنھنجي ساروڻين وارين ڪچھرين ۾ کيس صدائين ساريندو رھي ٿو
۽ خواھش به رکي ٿو ته خادم جي ياد ۾ ڪاليج منجھ ھڪ يادگار پروگرام منعقد ڪري کيس ڀيٽ
ڏڻي وڃي۔ اھو خادم ٻگھيو جيڪو اڄ سنڌي ڍدب جو وساريل ناء بڻجص چڪو آھي جنھن لا۽
موري جي ادبي حلقن ۽ دوستن ۾ اڄ به عام مشھو آھي ته سائين راشد مورائي پنھنجو ھي
غزل خادم ٻگھيو لا۽ ئي سرجيو ھو
دل جي ويران ٿر تي ڪڪر بانورا
ٿورڙو به وسين ھا ته ڇا ٿي ٿيئي
تنھجي پوڄا ڪئي ديوتا ٿي وئين
پنھنجي پوڄا ڪندڙ کان جدا ٿي
وئين
(جھانگير عباسيءَ جي فيسبڪ ٽائيم
وال تان ۲ اپريل ۲۰۲۳ع تي کنيل)
خادم ٻگھيو
ڪھاڻيڪار - تون ياد وري
آ ئين
جھانگير عباسي
سنڌي ڪھاڻي کيتر ۾ اسي
واري ڏھاڪي جي ڪھاڻيڪارن ۾ ڪھاڻڪار خادم ٻگيو پنھنجن ھمعصرن رحمت الله ماڃوٺي۔
حفيظ ڪنڀر ۔لياقت رضوي ساحر پريمي ۽ ڪن ٻين کان پنھنجي منفرد اسلوب ڪارڻ جدا سڃاڻپ
رکي ٿو. خادم ٻگھيو جو جنم ۱۵ جون ۱۹۶۴ع ڳوٺ عبدالغفور ٻگھيو تعلقو مورو ۾ ٿيو. ھن
جو اصل نالو ارباب علي ولد رئوف ٻگھيو آھي پرائمري کان ايم اي سنڌي تائين تعليمي
سلسلو موري ۾ مڪمل ڪرڻ بعد ھن ۲۸ سالن جي ڄمار۾ ڪريئر جي شروعات سال ۱۹۹۲ع ۾ ڪيڊٽ ڪاليج
لاڙڪاڻو ۾ ليڪچرار سنڌي مضمون سان ڪئي. جتي ڪاليج جي سختي ۽ ھر وقت جي مصروفيت ۾ رھندي
ٿوري عرصي دوران پنھنجي قابليت محنت ۽ فرض شناسي سان شاگردن کان انتظاميه تائين
خادم پنھنجي اھميت کي مڃائي غير معمولي مقام ماڻي ورتو ڪاليج جي نصابي توڙي غير
نصابي سرگرمين ۾ صدائين اڳ ڀرو ٿي رھيو. سال ۱۹۹۷ع ۾ کيس ترقي ڏئي ۱۸ گريڊ ۾ اسسٽنٽ
پروفيسر ڪيو ويو ۽ سال ۲۰۰۳ع ۾ وري ۱۹ گريڊ ۾ وڌيڪ پروميشن ماڻي ايسوسئيٽ پروفيسر
سنڌي سان گڏ سنڌي جو ھيڊ آف ڊپارٽمنٽ به بڻيو ۔ ڪاليج جي ساليابي مخزن انڊس (INDUS) جو سنڌي سيڪش
جو ايڊيٽر۽ چيف ايڊيٽر جي علاوه ڪاليج پبليڪيشن ڪتاب ”انڊس ڪھاڻيون“ ` شاعري ڪتاب
”احساس اوت“ جو مرتب نگار به رھيو جن ۾ ڪاليجي
شاگردن (ڪيڊٽس) ۽ استادن جون تخليقون شامل ھيون ۔ڪيترين ڪاميٽن جو ميمبر ۔صلاح ڪار
۽ صدر به ٿي رھيو.
خادم ٻگھيو ڪيڊٽ ڪاليج
جوائن ڪرڻ کان اڳ ئي سنڏي ادب ۾ ھڪ ڪھاڻيڪار طور معروف ھيو. ھن جون ڪھاڻيون ماھوار
”سھڻي“
جھڙي رسالي کان وٺي ”ڪينجھر“، ”ساڃھ“، ”سارس“، ”پورب“،
”روح رھاڻ“، ”عبرت“ ۽ ”سوجھرو“ ۾ شايع ٿينديورھيون ھيون۔ ھو ڊاڪٽر نجم عباسي ۔علي
بابا ۽ ڪرشن چندر کان ڪھاڻين ۾ بيحد متاٽر ھيو۔ خادم نظم به لکيا ته نثر ۾ مضمون ۽
ڊائريون به لکيون مزاحمتي ۽ قومي شاعر سيد راشد مورائي جو مٿس گھرو اثر ھيو جنھن
جي تربيت ۽ ساٿ ڪري خادم شروع ۾ قوم پرست سياست ۾ به ان سان گڏ سلھاڙيل رھيو ته سنڌي
ادبي سنگت مورو جو ميمبر ۽ متحرڪ ڪارڪن به ھيو۔فڪري سياسي ۽ سماجي طور تي به قومي
شعور رکندڙ ھڪ سچو ۽ کرو انسان ٿي رھيو.
سال ۱۹۹۵ع ۾ مون به
ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو جي لائبريري ڪلارڪ طور نوڪري جوائن ڪئي ته جن استادن سان ويجھڙائي
ٿي تن ۾ محترم نور محمد تونيو، محترم انعام عباسي، محترم اميد علي سامٽيو، محترم
عارف پٺاڻ، محترم انيس گل عباسي، مرحوم سڪندر چنو ۽ خادم ٻگھيو به شامل ھو. پر خادم
سان مزاج جي ڪيمسٽر ملندي ئي اسان پاڻ ۾ رلي ملي وياسين. جنھن جو ڪارڻ ادب ۾ مون
جو به لکڻ ھيو. ھو گھو وقت لائبريريءَ ۾ ھوندو ھيو يا وري پرنسپال ايس ايم يوسف جي
غير موجودگي ۾ آ ھن جي ھاسٽل شاھ بھاروتي ويندو ھيس جتي رھندڙ شاگردن جو ھو
انچارج (House Master ) به ھيو. پرنسپل ھڪ سخت گير مزاج وارو
انسان ۽ پاڻ کي ڪاليج جو ذاتي مالڪ سمجھندڙ سربراھ ھيو جيڪو ڪنھن به ملازم جو پٽڪو
لاھي بي عزتو ڪرڻ ۾ دير ئي نه ڪندو ھو. ائين ۱۹۹۷ع تائين خادم سان ويجھي ويجھڙائي
رھي ۔ھو اڪثر آچر تي مون وٽ لاڙڪاڻي به ايندو ھو اسين خوب ڪچھريون ڪندا ھياسين
۔پو۽ ۱۹۹۷ع ۾ آ پبلڪ اسڪول سکر ۾ ليڪچرر اردو بڻيس ته خادم سان ميل جول ۽ رابطو
به گھٽجڻ لڳو پر جڏھن به ملندا ھياسين ھو بيحد پريشان ڏسبو ھو. پرنسپل پاران ملندڙ
ٽارچر دل کولي بيان ڪندو ھو چوندو ھو تہ ڪاليج جي ٻوسٽ، سختي منافقي غير ضروري
پابندين واري ماحول ۾ رھي انتظاميه پاران ملندڙ بيجا ذھني پريشاني سا گڏ بليڪ
ميلنگ مون کي تباھ ڪندي `` ھو انتھائي حساس مزاج ۽ طبعيت رکندڙ ھو جنھن ڪي جلد ئي کيس
پھريان ھائپر ٽينشن پو۽ ڊپريشن ۽ ور ي السر جي بيماري بعد دل جي عارضي ۾ مبتلا ٿيو
۔ھن کي ٻه ڀيرا دل جي تڪليف ڪارڻ لاڙڪاڻو ڪارڊڪ NICVD اسپتال آندو
و يو جتي ٽيو ۽ آخري ڀيرو ۰۲اپريل تي ڪاليج کان آڻي داخل ڪيو ويو ۽ ۰۴ اپريل ۲۰۰۴ع
تي صرف ۳۸ سالن جي عمردوران ڦوھ جواني ۾ بيواھ وني ۽ ٻه معصوم ڌيئرن جو اولاد ڇڏي ان
وقت دم ڌڻي حوالي ڪيائين جڏھن سنڌ ۾ شھيد ڀٽو جي ورسي واري عام موڪل سان ڱڏ سموري
سنڌ ۾ ورسي جا پروگرام ٿي رھيا ھئا ۔سندس مڙھ مورو آندو ويو ۽ آخري آرام گاھ اباڻي
ڳوٺ ۾ اٿس۔
خادم ٻگھيو ھڪ ڪھاڻيڪار
طور سنڌي ادب کي ”دريا تو تي دانھن“، ”خالي پيل سيٽ جو ڏک“، ”سزا“، ”اسٽوپا
تي بيٺل سارنگ“ سان گڏ ڪئي ڪلاسڪ ۽ يادگار ڪھاڻيون ڏنيون جيتوڻيڪ خادم جي لکيل ڪھاڻيون
۲۰ جي لڳ ڀڳ آھن ۽ ٻيو مواد الڳ سان آھي پر ھو ھاڻي ادب جو نظر انداز ڪيل ۽ وساريل
ڪردار بڻجي ويو آھي جنھن جي وڇوڙي کي ھاڻ ۱۸ سال لنگھي ويا آھن. ھن سان دوستي جي
دعوي ڪندڙ يار دوست ادبي ساٿي ادب پڙھندڙن مان کيس ڪنھن به ڪڏھن ڀلجي ياد نه ڪيو
آھي جنھن جو سمورو مواد سندس وفات بعد دوستي جو دم ڀريندڙ موري واسي ليکڪ رکيل
مورائي وٽ اج به يرغمال بڻيل آھي جنھن کي حاصل ڪرڻ جون مون ڪئي ڪوششون ڪيون پر نه
ملي سڱھيو آھي جيڪو ھاڻ رکيل مورائي کان آزاد ڪرائي شايع ٿيڻ گھرجي ته جئين خادم ٻگھيو
جو ادبي ۽ تخليقي پورھيو ادب ۾ محفوظ ٿيڻ سان گڏ پڙھندڙ به ان ماب لاڀ حاصل ڪري سڱھن۔
(جھانگير عباسيءَ جي فيسبڪ پوسٽ ۱۵ جون ۲۰۲۲ع تان کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا