خادم ٻگھيو
منهنجا دوست مان تنهنجي دوستيءَ
جي حضور ۾ آهيان
رکيل مورائي
هيءُ اکر لکندي، اڄ
جي تاريخ تائين سنڌي ادب جي ڪيل مطالعي جي آڌار تي، واڌو پنهنجي سموري عملي ادبي اعتبار
تي اهو چئي رهيو آهيان ته بي وفا عمر هُن سان ساٿ نه نڀايو، جيڪڏهن هو اڄ تائين حيات
هجي ها ۽ لکندو رهي ها ته، پڪ سان سنڌي ادب کي اهڙيون ڪهاڻيون ڏيئي ها جن جي اعليٰ
هجڻ جي شاهدي اڄ جي سنڌ جا سمورا ليکڪ ڏين ها! جيڪي ڪهاڻي لکي ۽ پڙهي رهيا آهن.
