; سنڌي شخصيتون: سرور نواز ٻگهيو

23 April, 2023

سرور نواز ٻگهيو

سرور نواز ٻگهيو

ناليوارو اديب، قانوندان سرور نواز ٻگهيو وفات ڪري ويو...!

ساجد چانڊيو



نامور شاعر ۽ ليکڪ سرور نواز ٻگهيي جو اصل نالو ڄام نندو ولد محمد نواز ٻگهيو هو. هن ڳوٺ ڌڻي بخش ٻگهيي، تعلقي خيرپور ناٿن شاهه، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. هن پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. سيڪنڊري تعليم سيتاروڊ مان ۽ مئٽرڪ هاءِ اسڪول خيرپور ناٿن شاهه مان ڪئي. انٽر استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو مان، بي ايڊ، ايم ايڊ، ايم اي (سنڌي) ۽ ايم اي (انگلش) سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ڪيائين.


سرور نواز لکڻ جي شروعات ۱۹۶۲ع کان ڪئي، سندس پهرين لکڻي روزاني عبرت جي ’ٻاراڻي صفحي‘ ۾شايع ٿي. شاعريءَ ۾ سندس استاد ناميارا شاعر مرحوم محسن ڪڪڙائي ۽ مرحوم آثم ناٿن شاهي هئا. سرور نواز ٻگهيو زندگيءَ جو وڏو عرصو سنڌي ادبي سنگت ڪوٽڙي، بزمِ روح رهاڻ، بزمِ مهراڻ ادب، استاد بخاري ادبي فورم، شاهه لطيف علمي ادبي مرڪز، ثقافتي ادبي سنگت ۽ سنڌ ڪلچرل فورم سان لاڳاپيل رهيو.

سرور نواز جي غزلن جو هڪ مجموعو ’غزل جي دنيا‘ ۽ ٻارن لاءِ ڪارونجهر جا مور شايع ٿيل آهن. هن ڪوٽڙيءَ ۾ تعليم جي واڌاري لاءِ تعليمي ڪانفرنسون، ان کان سواءِ ڪيتريون ادبي ڪانفرنسون ۽ سنڌ سطح جا مشاعرا ڪرايا . تعليم کاتي ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ رهيو ۽ وڪالت جي شعبي سان پڻ لاڳاپيل رهيو. هن ۱۸ اپريل ۲۰۲۳ع تي وفات ڪئي.

 

(ساجد چانڊيو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۸ اپريل ۲۰۲۳ع تي رکيل/ کنيل)


سرور نواز ٻگهيو

سائينءَ جو دکدائڪ وڇوڙو

احسان لغاري

آئون ڪتابن جي اسٽال تي بيٺو هئس، جو هڪ قداور شخص، سفيد پوشاڪ، هٿ ۾ ٿيلهو، ڪتابن ڏسڻ بدران مون ڏانهن وڌيو. سندس پر اثر شخصيت مان ڀانيم ته لطيف ڪانفرنس ۾ مقالو پڙهڻ آيو هوندو. ڪتابن جو اسٽال ٽيبلن بجاءِ ڦٽ پاٿ تي لڳل هو، لطيف جي ميلي ۾ تڏهن ڦٽ پاٿ تي ئي اسٽال جي جاءِ ملڻ ڄڻ معجزو هوندي هئي. هن کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي اُٿي مليس، ۽ کيس ويهڻ جو چيم. ان ڏينهن ڪافي دير ڪچهري ٿي. اها ڳالهه شايد ۲۰۰۴-۰۵ع جي آهي، هن پنهنجو تعارف ڪرايو، سنڌو مئگزين ۾ ڇپيل شاعري ڏيکاري، ٻڌايو ته استاد بخاري سميت سنڌ جي قداور شاعرن جو همعصر دوست آهي. تڏهن آئون پنهنجي اداري اين اي جان فائونڊيشن جي پليٽ فارم تان ڪتابن جي ڇپائيءَ جو ڪم به ڪندو هئس. مون کيس پنهنجي اداري جا ڇپيل ڪتاب ڏيکاريا، کيس ڳالهه وڻي. هن مون کي ننڍي عمر م ادبي ڪم ڪندي ڏسي ڏاڍو ساراهيو، همت افزائي ڪئي، بلڪه پنهنجي پئسن مان مونکي چانهه به پياري. ننڍي عمر ۾ سينئر ساهتڪار پاران اهڙي موٽ منهنجي لاءِ وڏي خوشي هئي. بس اهو ڏينهن ان کانپوءِ ساڻس ڪچهريون ٿينديون رهيون. جڏهن اٿارٽي جو حصو ٿيس ته کيس ڪتاب ڇپائڻ لاءِ همٿايم ۽ چيم ته ڪمپوزنگ جو ڪم آئون اعزازي طور ڪري ڏيندس. ان بعد سندس ٽي چار سئو غزل مون ڪمپوز ڪري ڏنا، پر افسوس آخر تائين سندس شاعريءَ جو سمورو مواد منظر تي نه اچي سگهيو. جڏهن پنهنجو گهر مريم گارڊن ۾ ٺهرايائين ته منهنجو اتي دعوت ڪيائين، ۽ پنهنجي نياڻين کي سنڌي ڪمپوزنگ بابت ڄاڻ ڏيارڻ لاءِ فونٽ ۽ پروگرام انسٽال ڪرايائين. جڏهن رومي ڪتاب گهر کوليم ته پان ڪچهري لاءِ اڪثر ايندو هو. هڪ دفعي ادي امر خورشيد جي سالگرهه تقريب ۾ به تحفن سميت پهتو.

سائين سرور نواز ٻگهيو هڪ اهڙو ادب دوست انسان هو، جيڪو سدائين رهنمائي ڪندو هو، همٿائيندو هو ۽ وس آهر هر ڪنهن جي اخلاقي مدد ڪندو هو. اهڙن املهه ماڻهن جي کوٽ ٿيندي پئي وڃي. سندس وڇوڙي جو ٻڌي دلي صدمو پهتو. دعا آهي ته سائين سندس مغفرت فرمائي جنت ۾ جايون ڏئي.

 

(احسان لغاريءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۹ اپريل ۲۰۲۳ع تي رکيل/ کنيل)



سرور نواز ٻگهيو

ويل وڇوڙي جي ڪيڏي نه ڪڙي آهي..

نور محمد آرائين

”سرور نواز ٻگهيو وفات ڪري ويو آهي.“

ها اهو سچ آهي پر ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو سڀ ڪجھ سمجهندي به ان سچ تي ويساھ ڪرڻ لاءِ تيار نه ھوندو آھي. ايئن ئي اسين سڀ سراپا حيرت ۾ آهيون.

”نه نه، سائين سرور اتي ئي ڪٿي آهي!“

پر اها حقيقت آهي ته هو اسان سڀني کي ڇڏي ڪنهن اڻ ڏٺل ڏورانهين ماڳ ڏي هليو ويو آهي جتان ڪوبه نه موٽيو آهي!

سائين سرور سندس گهر وٽ ”گلشن ڄاماڻي“ جو گل ٿي ويو آهي. ان ننڍڙي باغيچي جي هڪڙي ڪنڊ ۾ سنڌ جي معطر مٽي ۾ سمائجي مٽي ٿي ويو آهي ۽ مٽي ڪڏهن به فنا ناهي ٿيندي..! مٽي کي موت ناهي ايندو.

اسين سندس قبر تي بيٺا آهيون، آئون پنهنجي روح مان هڪ رڙ پيو ٻڌان جيڪا لطيف جو بيت بڻجي وڃي آهي :

جا ڀُون پيرين مُون، سا ڀُون مٿي سَڄڻين؛

ڌِڱَ لَٽِبا ڌُوڙِ ۾، اُڀي ڏِٺا سُون؛

ڏِينھَن مَڙيئِي ڏُون، اُٿِي لوچِ لَطِيفُ چئي.

سائين سرور حياتي جي آخري ايامن ۾ ڏاڍو پراعتماد هو، هن اڻ محسوس ٿيندڙ طريقي سان پنهنجي پيارن کان موڪلائڻ شروع ڪري ڇڏيو هو. جيتوڻيڪ هن جي ذهن ۾ ڪيترائي ادبي ڪم ڪرڻ جي سوچ هئي پر هن قضا جو سڏ سڻي ورتو هو:

اڄ رات لڙي آهي

آ پنڌ پري پنهنجو

تقدير کڙي آهي.

هي ويل وڇوڙي جي،

ڪيڏي نه ڪڙي آهي!!

اڄ رات لڙي آهي!

ھو زندگي ۽ موت جي ڳالھ ڪندي خاموش ٿي ويندو هو. موت جو خيال ڪيڏو نه ڇرڪائيندڙ ٿيندو آهي پر حياتي جي مدي جي خاتمي جو يقين مرڻ آسان ڪريو وجهي ٿو . هر ملاقات ۾ سائين سرور محسوس پئي ڪرايو ته ”ٻئي ڀيري مس مڙي“ اهڙي ڪيفيت ۾ هن جي خاموش چپن تي صادق فقير جي صدا رقصان هوندي هئي ۽ اياز جا ٻول ٻرندا هئا:

ڌرتي توکي منهنجي چمي،

اڌ ۾ رهجي ويندي _

ڏينهن لٿو آ،

رٿ کڙو آ،

ڇا ٿو سوچي سارٿي؟

من ۾ ان آ ڇا رٿي؟

ڌرتي توکي منهنجي چمي،

اڌ ۾ رهجي ويندي..!!

هن اياز جيان ڏور ڏسائن ۾ ڌرتي سان ويساري جي پچار ڪونه ڪئي پر هو ڌرتيءَ جي ڀاڪر ۾ مهڪ چنبيلي ول ٿي ويو. شاعر کي جيڪڏهن پکين ۾ ڳولجي ته هو ڪنهن وڇڙيل ڪونج جي اک جو سنهڙو ڳوڙهو ٿي ملندو. جيڪڏهن هن کي قدرت جي نظارن ۾ ڳولجي ته هو اڀرندڙ سج جي روشني ٿي ملندو ۽ انسانن ۾ ڳولجي ته هو سرور نواز ٻگهيي جهڙي انتهائي شفيق ۽ قربائتي انسان جي روپ ۾ ملندو. هو شاعر هو، اديب هو، محقق هو، مترجم هو، استاد هو، قانوندان هو ۽ هڪ باشعور ۽ تخليقي ذهن رکندڙ انسان هو.

سائين سرور زندگي جي علامت هو. هو مقامن جي ماٺ کان خائف ماڻهو هو. هن چاهيو پئي ته سندس قبر جي ڀرسان نڪور ڪوتائون پڙهجن!

”هتي جي هت، ڳالھ مڙوئي هيڪڙي“ جي واٽ وٺندي سڀني قلمڪارن کي ”سرور نواز فائونڊيشن“ جو دائمي ڍڳ ڏئي ويو آهي. هن کي سرور نواز فائونڊيشن جي هفتيوار گڏجاڻي جي صدارت جو تاج ڪنهن ٻي جي سر تي رکندي بي انتها سرهائي ٿيندي هئي. پاڻ وري شاھ صاحب جا پنج بيت پڙهي گڏجاڻي جي شروعات ڪري هڪ عام ٻڌندڙ ٿي پروگرام ٻڌندو هو. اها ئي سندس وڏائي هئي!! اها ئي سندس مهانتا هئي. جيتوڻيڪ هو اسان سڀني جو استاد هو پر هن ڪڏهن به ماهر ٿيڻ جي ڪوشش ڪونه ڪئي. گلشن ڄاماڻي جا نازبوء ساکي آهن ته هن ماڻهو وٽ ذرو به منافقت ڪونهي هئي. هو گلاب جي پنکڙين جيترو نفيس انسان هو. هن سڄي عمر دل جي ڳالھ ٻڌي. هو دل وارو ماڻهو هو. هو ڄام هو ۽ سخي هو.

هاڻي به ھو اتي ئي ستل آهي جتي هن ڪئين سال محفلون مچائيون ۽ مونکي پڪو ويساھ آهي ته هر جمع جي شام سندس روح اوسيئڙو ۾ هوندو ته سندس ادبي دوست ۽ ساٿي اچن، لهندڙ سج جي مڌم روشني ۾ ڪو نوجوان اٿي اياز پڙهي ته:

نانءُ ڇڏيوسين،

ڌرتي تي ٿرٿان ڇڏيوسين،

پنهنجي من جي پيڇي ڪارڻ،

ڌن جو پيڇو ڪونه ڪيوسين،

نيڻ ڀڄي پيا، ويڻ ٻڌاسين،

ڪجھ به ورائي ڪونه چيوسين،

ڪيئي ورهيه وه پيتي آهي،

ماڻهن ليکي هارائي آ،

سچ ٿه بازي جيتي آ.

اڌ صدي جي ڊگهي ادبي سفر ۾ سائين سکي ورتو هو ته ادبي لڏي جا اڪثر ساٿي ساڙ ۽ حسد جو شڪار آهن. پر هن اهڙن جيتامڙن جي جک کي ڪڏهن به ڪن ڪونه ڏنو. هن اهڙن جڳاڙي ادبي پدن جي ”ٽان ٽان“ کي ڪڏهن به ليکي ۾ ڪونه آندو!

سائين سرور نواز ٻگهيو ادبي شخصيت سان گڏ ذاتي طور هڪ ”وڏ-گردو“ ۽ معتبر انسان هو. هن ۾ سانڌاڻ جيتري سهپ هئي. سائين سرور اهڙي شمع هو جنهن وٽ پنهنجا پروانا هئا پر هن پروانن کي پچائڻ بجاءِ انهن ۾ روشني ورهائي ۽ انهن مان ڪيترائي نکري سراپا نور ٿي پيا.

سرور نواز ٻگهيو اديبن جي ان ٽهي مان هو جن جي باقاعده ادبي تربيت ٿيل هئي. هو ادب کي سمجهندو هو ۽ اديب جي ذميواري کان واقف ماڻهو هو. هن وٽ جديد فڪر لاءِ وڏو احترام هو. جديد شعري صنفن کي هن سدائين قدر جي نگاهه سان ڏٺو ورنه ڪيترائي جهونا شاعر آزاد نظم ۽ نثري نظم جهڙين صنفن تي سدائين آڪڙيل رهيا آهن.

سائين سرور ادب جو خاموش خدمتگذار هو. هو نثر ۽نظم جو هڪ جهڙو قلمڪار هو. هن جي ادبي پورهئي کي پڙهڻ سان سندس غيرمعمولي ادبي قدڪاٺ جو اندازو ٿئي ٿو.

سائين سرور، ”سينئر اديب“ ۽ ”جونيئر اديب“ واري سوچ کان، مٿڀرو انسان هو. هو چوندو هو؛ ”وقت سنڌ جي ادبي واڳ ڪنهن ارڙهن سالن جي الهڙ کي به ڏئي سگهي ٿي." هن وٽ نوجوان قلمڪارن لاءِ بي انتها قدر هو. هو جوان جذبن جي اهميت کي سمجهندڙ باشعور انسان هو. اسان وٽ اڪثر جهونا شاعر ۽ اديب جنريشن گيپ جو شڪار آهن ۽ نوجوان ٽهي تي ڏند ڪرٽيندا وتن. اتي سائين سرور نواز ٻگهيو ادب جي ”نئين رتي“ جي آبياري ڪندي نظر ايندا هئا. هڪ ڀيري ڪو نوجوان ڪجھ لکي کڻي آيو سندس لکڻي صفا ڪچي ڦڪي هئي پاڻ ان کي سنوارڻ جي ڪوشش ڪئي پر اها ڪنهن به شاعراڻي صنف تي پوري نه پئي اچي ته هڪدم چيائين ته شاعري جڏهن ڪنهن صنف جي فريم ۾ پوري نه اچي ته اها رد ناهي ٿيندي ان کي ڪوتا جو نالو ڏئي ڇڏجي! اسان ڏٺو ان نوجوان بعد ۾ بهترين غزل لکيا!

سائين سرور نواز ٻگهيو جو لاڏاڻو نه رڳو شاندار ادبي دور جي پڄاڻي آهي پر هڪ درسگاھ جي دربندي جو دکدائڪ داستان پڻ آهي.

 

(ڏھاڙي آجيان شڪارپور ۾ ۲۹ اپريل ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا