; سنڌي شخصيتون: برڪت جيھو

26 April, 2023

برڪت جيھو

برڪت جيھو

لياقت ابڙو



سائين برڪت جيهي سان هونئن ته رت جا رشتا آھن، هن جو ۽ منهنجو وڏو ڏاڏو هڪ ئي هو، ورهاڱي کان اڳ منهنجي ڏاڏي خان محمد ابڙي هندو سنڌين کان کوھ جي نار تي آباد ٿيندڙ زمين خريد ڪري ڇنڀ جيهي مان لڏي اچي تلجا رام جي ”ھاڻوڪو پنهنجو ڳوٺ سوڍو جيهو“ جي ڀرسان زر خريد زمين ۾ بٺي پچرائي گهر ٺهرائي ويٺو.


ورهاڱي کان پوء سنڌي هندو تلجارام جو ڳوٺ خالي ڪري ٻه ڀليون جڳهون ڏاڏي خان محمد جي حوالي ڪري پاڻ ھندستان اهو چئي روانا ٿي ويا ته جيڪڏهن واپس وطن وريا سين ته جڳهون واپس ڪجو نه وريا سين ته اوهان جون.

وڏڙن جي تسلسل کي قائم رکندي برڪت جيهي جي منهنجي وڏي ڀاء خان محمد ”جنهن تي ڏاڏا سائينء جو نالو رکيل هو“ سان دوستيء وارو ناتو جڙيو ايئن هي ٻئي هم عمر هڪ ٻئي وٽ جام اچڻ وڃڻ لڳا.

برڪت جيهو اسان جي خاندان جو گهڻ پڙھيو شخص آھي، جنهن پرائمري استاد هوندي ايم فل ڪري ورتي ۽ هاڻي پي ايڇ ڊي ڪرڻ جو سانباهو اٿس.

علم ۽ ادب سان اهڙو لنئون لڳس جو وڃي ٿيا خير، اهو ئي سبب هو جو ڳوٺ ڇنڀ جيهي کي خيرآباد چئي اچي نئين ديري ۾ اجهو اڏيائين ته جيئن اولاد کي به ان نور سان منور ڪري سگهي.

پڙھڻ، پرجهڻ سان گڏوگڏ لکڻ واري ڪرت به سالن کان قائم رکيون اچي، سندس مقالا، سائنسي ادب ۽ تاريخ تي ٿيل مختلف ڪم ملڪ جي نامور رسالن ۾ ڇپجي چڪا آھن. جيڪڏهن هن جي قلمي پورهئي کي ڪتابي شڪل ڏجي ته جيڪر ڏهاڪو کن ڪتاب پڌرا ٿي پوندا، پر يارڙي جو سدائين کيسو تنگ رهيو آھي، گهر ٻار ۽ اٽي اوڇڻ ۾ ئي پگهار جو پورائو ٿيو وڃي ان سبب ڇپائيء واري پاسي في الحال ڪونه ٿو پيو سوچي پر اندر جي ان اڃ کي ڪجھ ماٺو ڪرڻ لاء ۲ سال اڳ هڪ ننڍڙو ڪتابڙو ”دراوڙن جي مختصر تاريخ“ ڇپائي سنگت ۾ ورهائي ڇڏيو هئائين. هن دور جي مشڪل ڪشا ”ڏوڪڙ پاڪ“ ڪٿان اچي ديرو ڄمايس ته ڪجھ چونڊ ڪتاب ضرور ڇپرائي وٺندو. پاڻ ڪلاڙڪي هٽ مور نه وڃي پر جي ڪنهن دل گهرئي دوست سڏي سرڪ پيئاريس ته انڪاري به ڪونه ٿئي.

سائين يارن تي سر گهورڻ وارن منجهان آھي، ڪو ڪم چئجيس ته مهل مند ۽ ٽاڻو به ڪونه پڇندو بس الا توهار ”الله تو آھر“ ڪري ڏيندو.

۲۰۰۶ ۾ مان به ساڳي پيچري تي پنڌ ڪري ڳوٺ ڇڏي نئين ديري لڏي اچي ويٺس ته جيئن ٻارن جي تعليم بهتر ٿي سگهي، ۲۰۱۶ ۾ نوڪريء مان خودساخته رٽائرمينٽ کان پوء ميڊيڪل اسٽور جو ننڍڙو ڪاروبار شروع ڪيم جتان سائين برڪت سان ويجهڙائيء وارو تعلق وري جڙي پيو، مون تي ڏاڍو مهربان آھي، مون وٽ رات جو يارهين وڳي کان هڪ ڏيڍ وڳي تائين وارو وقت سنگت لاء وقف ٿيل هوندو آھي، جنهن ۾ سائين برڪت، علي رضا جوڻيجو، عطاء الله کوکر، اختيار مڱڻيجو تقريباً روزانو جي بنياد تي اچي اسان جا ڏک سک ٻڌن ۽ پنهنجا پڻ سلن.

سائين برڪت جو حافظو ڪمال جو آھي، تاريخ جو سٺو مطالعو اٿس، جڏهن به ڪٿي ڪا ڳالھ ڇڙي پوي ته ڪنهن نه ڪنهن ڪتاب جو حوالو ڏئي ڳالھ شروع ڪري. نرم گفتار ۽ سادي، الھ لوڪ طبيعت جي ڪري سڄي سنگت جو محبوب بڻيو وتي.

هن جي هر ڪچھري مون جهڙن اڻ پڙھين ۽ اڻ گهڙين لاء وڏو سبق هوندي آھي، مان جتي به منجهان کانئس بي حجاب ٿي پڇي وٺان ۽ هو شفيق انداز ۾ مونجهارا مٽائي وجهي.

اڄ سندس جنم ڏينهن آھي. هن مبارڪ ڏينهن تي سائين برڪت جيهي لاء کوڙ پيار ۽ نيڪ تمنائون، شال وڏي ڄمار ۽ سٺي صحت ماڻي.

جنم ڏينهن مبارڪ

 

(لياقت ابڙو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۸ اپريل ۲۰۲۳ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا