برڪت جيھو
لياقت ابڙو
سائين برڪت جيهي سان هونئن ته
رت جا رشتا آھن، هن جو ۽ منهنجو وڏو ڏاڏو هڪ ئي هو، ورهاڱي کان اڳ منهنجي ڏاڏي خان
محمد ابڙي هندو سنڌين کان کوھ جي نار تي آباد ٿيندڙ زمين خريد ڪري ڇنڀ جيهي مان لڏي
اچي تلجا رام جي ”ھاڻوڪو پنهنجو ڳوٺ سوڍو جيهو“ جي ڀرسان زر خريد زمين ۾ بٺي
پچرائي گهر ٺهرائي ويٺو.
