; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر حبيب الله صديقي

24 April, 2023

ڊاڪٽر حبيب الله صديقي

ڊاڪٽر حبيب الله صديقي

مشھور تعليمي شخصيت، اديب جو وڇوڙو

نور سنڌي



مشھور علمي ادبي شخصيت اسان جو پيارو محسن سائين ڊاڪٽر حبيب الله صديقي به اسان کان وڇڙي ويو پاڻ ڇا ته شخصيت ھو، مور ماڻھو ھو ساڻس ۸۰ع کان نياز مندي رھي، ساڻس پھرين ملاقات ھالا ۾ مخدوم طالب المولي جن وٽ ٿي، ان بعد ملاقاتن جو سلسلو ۲۰۱۹ع تائين جاري رھيو، ڪڏھن ھالا ۾ مخدوم طالب المولي جي ورسي تي، ڪڏھن سيوھڻ شريف ۾ قلندر لال شھباز جي عرس مبارڪ جي موقعي تي، ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس ۾، ڪڏھن حيدرآباد ۾ ٿيندڙ ادبي ڪانفرنسن ۾ خاص طور لطيف سائين جي تقريبن ھر عرس مبارڪ تي ادبي ڪانفرنس ۾ اسان ھن شخصيت کان ڪافي ڪجھ پرايو، مونکي ادبي شوق ته شاگرديءَ واري دور کان ھو پر ان حوالي سان جن شخصتن مونکي ھمٿايو انھن ۾ سائين ڊاڪٽر حبيب الله صديقي به ھڪ ھو، اسان جون ڪچھريون گھڻو ڪري حيدر چوڪ حيدرآباد تي مختلف پريسن تي ٿينديون ھيون جتي پاڻ سندن ڪتاب ڇپائڻ جي حوالي سان ايندو ھو، ادبي حوالي سان سندس سمجھائڻ جو طريقو زبردست ھوندو ھو، منجھس ڪا وڏائي نه روايتي اديبن وانگر آڪڙ يا تڪبر انتھائي سادگي پسند فقير منش، سدائين مرڪي ڳالھائيندڙ ھر ماڻھوءَ کي عزت ڏيندڙ ھو، هن جو جنم دادو ضلعي ۾ پاٽ شريف ۾ ڪريم بخش صديقي جي گھر پهرين جنوري ۱۹۳۷ع تي ٿيو، حبيب الله صديقي اڃان چئن سالن جو ھو ته والد جي شفقت کان محروم ٿي ويو، پرائمري تعليم پنهنجي ئي ڳوٺ جي اسڪول ۾ حاصل ڪيائين پاڻ پنھجي صوبيدار چاچي سان گڏ رهندو هو، جنھن جي پوسٽنگ مختلف شهرن ۾ ٿيڻ ڪري پاڻ پٿورو، ٽنڊو رحيم خان، ٿرڙي محبت ۽ سيوهڻ ۽ ٻين شھرن جي اسڪولن ۾ پڙهيو ۵۳ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد ”ٽي ڊي“، ”بي اي“ ۽ ”بي ٽي“ جا امتحان پاس ڪيائين، ان بعد خانگي طور تعليم جاري رکندي ”ايم اي“ مسلم هسٽري سيڪنڊ ڪلاس ۾ ”ايم ايڊ“ فرسٽ ڪلاس فرسٽ ۾ پاس ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽي مان ”پي ايڇ ڊي“ ڪيائين، ۱۹۵۳ع ۾ انگريزي ٽيچر ٿيو ۶۲ع ۾ سينيئر انگلش ٽيچر جي حيثيت ۾ مختلف اسڪولن ۾ هيڊ ماستر طور مقرر ٿيو، جڏھن ته سيوهڻ، هالا، حيدرآباد ۽ عمر ڪوٽ ۾ تعليم کاتي جو سپروائيزر ۽ اي ڊي آءِ ايس رھيو ان بعد پرائمري اسڪولن جي نگراني لاءِ سنڌ سرڪار پاران او ايس ڊي جي عھدي تي به رھيو جڏھن ته ڊائريڪٽوريٽ آف اسڪول ايجوڪيشن ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڊمنسٽريشن طور ۱۹۷۹ع کان مختلف ضلعن ۾ ڊي اي او طور خدمتون سر انجام ڏنيون ۱۹۸۸ع کان ۱۹۹۰ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري رهيو ۱۹۹۱ع پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ۱۹۹۳ع کان ۱۹۹۴ع تائين ڊائريڪٽر بيورو آف ڪريڪيولم جي عهدي تي جولاءِ ۱۹۹۴ع کان جولاءِ ۱۹۹۶ع ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري اڪيڊمڪ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ گورنمينٽ آف سنڌ، ان بعد سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ چيئرمين جي عهدي تي رهي ڪم ڪيو ۽ ۳۱ ڊسمبر ۱۹۹۶ع تي ان ئي عهدي تان رٽائر ٿيو، کيس ننڍي ھوندي کان ئي ادب سان شوق رھيو سندس چاچو مخمور زين العابدين صديقي پنھجي دور جو وڏو اديب ۽ دانشور هو ان کي ڏسندي ان جون تخليقون پڙھندي کيس به لکڻ جو شوق ٿيو اڃان ۹ سالن جو ھو ته پهرين ڪهاڻي ”شاندار ٽوٽو“ لکي اها ڪهاڻي پن جي ٻيڙي يا سگريٽ نه هجڻ جي صورت ۾ ٽوٽن تي گذارو ڪرڻ وارن عادي ماڻهن تي لکيل هئي، ان دور ۾ دادو جي هڪ ادبي تنظيم ”انجمن آفتاب ادب“ وارين گڏجاڻين ۾ باقائده وڃڻ لڳو ۽ پنھجون لکڻيون انھن گڏجاڻين ۾ پڙھندو ھو جتي کيس داد مليو، کيس خاص طور حافظ احسن چنه تمام گهڻو همٿايو.


سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ’باب الاسلام سنڌ'>تاريخ باب الاسلام سنڌ’ٻه ڇاپا)، Education in Sindh past and present علامه آءِ. آءِ. قاضي ’درياهه ۽ سامونڊي ڪنارن سان زندگي’’رچنائون’’وارداتون ’انسان جي تاريخ’حصو پھريون ۽ ٻيو مھراڻ اڪيڊمي پاران ان ڪتاب جي مختلف بابن تي مهراڻ اڪيڊمي طرفان ڌار ننڍا ڪتاب شايع ڪيا ويا آهن، اهو سنڌي ادب جو شاندار ڪتاب آھي جنھن ۾ انساني تاريخ کي مختلف سائنسي نظرياتي فلسفانه اصولن مذھبي عقيدي تاريخي ادبي رائن کي سامھون رکي لکيو آھي جڏھن ته پاڻ مخدوم طالب المولي جو ڪتاب مصرين جون تڙون جو انگريزي ترجمو ڪري ڇپايو سندس تحقيقي ڪتاب Education Problems of Pakistan with Special Reference of Sindh Province (۲۰۰۸) تي کيس ٻه لک روپيا معاوضو ڏنو ويو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي سوانح تي سندس لکيل ڪتاب (۲۰۱۰ع) Son of the Desert تي کيس بين الاقوامي مڃتا ملي آهي. سندس لکيل تحقيقي ڪتابن ۾ تاريخ ’باب الاسلام سنڌ’ڀاڱو پھريون ۽ ٻيوکان سواءِ ’ڊيولپمينٽ آف صوفيئزم اِن سنڌ‘، ’مارشل ٽريڊيشن اِن سنڌ‘، ’پرائيويٽ پيپرس آف علامه آءِ. آءِ. قاضي’۽ هڪ انشائيه بعنوان ’انسان ۽ زندگي’حبيب اڪيڊميءَ پاران سندس ۽ ٻين ڪيترن اديبن جا ڪيترا ڪتاب ڇپايا. پاڻ سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ علمي ادبي پروگرامن ۾ شامل ٿي مقالا پڙھندو ھو پاڻ پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان تي به مختلف موقعن تي ڪيل پروگرامن ۾ شريڪ ٿي مقرر موضوع تي شاندار ڳالھائيندو ھو سندس مضمون مقالا مختلف معياري رسالن ۾ ڇپبا ھئا پاڻ سٺو شاعر به ھو، پاڻ  ۲۲آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي ڇنڇر رات دم ڌڻي حوالي ڪيو، کيس ڄامشورو جي سوسائٽي قربستان ۾ روئندڙ اکين سان ڌرتي ماءُ جي ھنج حوالي ڪيو ويو.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۳ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

حبيب الله صديقي

Habibullah Siddiqui

Gul Muhammad Umrani

Great Scholar Saeen Habibullah Siddiqui, best educationist, researcher of Islamic Studies of outstanding merit, believed in lifetime excellence, lover of Shah Abdul Latif Bhittai, Allama I. l. Kazi and Dr NA Baloch may Allah bless his soul in Heaven in eternal peace. Made history in his long devoted passionate lifetime for service to Sindhi Literature and Language with grace and humility and genuine human values like a true son of the soil he adored much for ever. He remained a source of inspiration for many others who learned from him at University of Sindh, Sindhology and Sindhi Adabi Board where he served diligently and always guided the learners and his book Insan jee Tareekh is remarkable in the field of History of Man. His vast research library is a unique asset now that he had cherished with prolific wisdom and knowledge for all who miss him as literary beacon of Guidance for Seekers.


ڊاڪٽر حبيب الله صديقي

خالد چانڊيو

نهايت ئي ڏک جي خبر. . . . !

نامور تعليمدان، اديب، شاعر ۽ بيورو آف ڪريڪيولم جو اڳوڻو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر حبيب الله صديقي ڊگهي علالت بعد لاڏاڻو ڪري ويو. . . . !

ڊاڪٽر حبيب الله پھرين جنوري ۱۹۳۷ع تي پاٽ شريف شھر ضلعي دادو ۾ قاضي ڪريم بخش صديقي جي گھر ۾ جنم ورتو.

پاڻ ابتدائي تعليم ٿرڙي محبت، ٽنڊي رحيم خان، ٻڍاپور ۽ اڪڙي لڳ پٿوري ۽ پنهجي ڳوٺ پاٽ مان حاصل ڪيائين.

پيشي جي لحاظ کان پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جو مارچ ۱۹۸۸ع کان ۱۹۹۰ع تائين سيڪريٽري ٿي ڪم ڪيو، ۱۹۹۱ع ۾ سيڪنڊ پرائمري ايجوڪيشن پراجيڪٽ سنڌ جو پراجيڪٽ ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. ڪيترائي سال سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد جو ميمبر پڻ رهيو. . . . .

سندس ليکل ڪتاب

(Education Problems of Pakistan

 with Special Reference of Sindh Province) تي کيس ٻہ لک روپيا معاوضو ڏنو ويو، جڏھن تہ شھيد ذوالفقار

علي ڀٽي جي سوانح تي لکيل ڪتاب

(Son of the Desert)

تي کيس بين القوامي مڃتا ملي.

ڊاڪٽر حبيب الله صديقي جون ڪيل علمي، ادبي خدمتون ھيٺين ڪتابن جي صورت ۾ موجود آھن.

۱. باب السلام سنڌ تاريخ

۲. علامہ آءِ آءِ قاضي

۳. درياهه ۽ سامونڊي ڪنارن سان زندگي

۴. رچنائون

۵. وارداتون

۶. انسان جي تاريخ (ٻہ جلد)

مخدوم طالب الموليٰ جي ڪتاب ”مصري جون تڙون “ جو انگريزيءَ ۾ ترجمو

۷. Pieces of Sugar Candy

۸. Education in Sindh past and present

 (انگريزيءَ ۾ لکيل)

۹. Son of the Desert. (انگريزيءَ ۾ لکيل)

۱۰. Education problems of Pakistan with special reference of Sindh Province

 (انگريزيءَ ۾ لکيل)

 

(خالد چانڊيو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان کنيل)





ڊاڪٽر حبيب الله صديقي

۲۲ آڪٽوبر جي وڇوڙي جو ڏينهن

انو سولنگي

نامور تعليمدان، اديب، شاعر ۽ بيورو آف ڪريڪيولم جو اڳوڻو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر حبيب الله صديقي ڊگهي علالت بعد لاڏاڻو ڪري ويو....!

ڊاڪٽر حبيب الله پھرين جنوري ۱۹۳۷ع تي پاٽ شريف شھر ضلعي دادو ۾ قاضي ڪريم بخش صديقي جي گھر ۾ جنم ورتو.

پاڻ ابتدائي تعليم ٿرڙي محبت، ٽنڊي رحيم خان، ٻڍاپور ۽ اڪڙي لڳ پٿوري ۽ پنهجي ڳوٺ پاٽ مان حاصل ڪيائين.

پيشي جي لحاظ کان پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جو مارچ ۱۹۸۸ع کان ۱۹۹۰ع تائين سيڪريٽري ٿي ڪم ڪيو، ۱۹۹۱ع ۾ سيڪنڊ پرائمري ايجوڪيشن پراجيڪٽ سنڌ جو پراجيڪٽ ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. ڪيترائي سال سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد جو ميمبر پڻ رهيو.....

سندس ليکل ڪتاب

(Education Problems of Pakistan with Special Reference of Sindh Province)

تي کيس ٻہ لک روپيا معاوضو ڏنو ويو، جڏھن تہ شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي سوانح تي لکيل ڪتاب (Son of the Desert) تي کيس بين القوامي مڃتا ملي.

ڊاڪٽر حبيب الله صديقي جون ڪيل علمي، ادبي خدمتون ھيٺين ڪتابن جي صورت ۾ موجود آھن.

۱.باب السلام سنڌ تاريخ

۲.علامہ آءِ آءِ قاضي

۳.درياهه ۽ سامونڊي ڪنارن سان زندگي

۴.رچنائون

۵.وارداتون

۶.انسان جي تاريخ (ٻہ جلد)

مخدوم طالب الموليٰ جي ڪتاب “مصري جون تڙون “ جو انگريزيءَ ۾ ترجمو

۷.Pieces of Sugar Candy

۸.Education in Sindh past and present

۹.Son of the Desert.

۱۰.Education problems of Pakistan with special reference of Sindh Province

 

(انو سولنگيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۵ آڪٽوبر ۲۰۲۳ع تي کنيل)


حبيب الله صديقي

منھنجا محبوب ڏاڏا سائين

ڊاڪٽر عمر معشوق صديقي

۲۲ آڪٽوبر منھنجي ڏاڏا ڊاڪٽر حبيب الله صديقي جي وڇوڙي کي ٻارنھن مھينا گذري ويا ۽ سندن پھرين ورسي آھي، دل به گهڻي اداس آھي. اڄ مون سوچيو پئي ته ڪجھ يادون جيڪي ذھن جو آشيانو آباد ڪري ويٺيون آھن، انھن يادن جي باري ۾ لکان جيڪي پنھنجي حبيب سان گڏ گذريون آھن، وفات کان ٽي ڏينهن پھريان، مون کي ڏاڏا سائين پاڻ وٽ سڏيو. مان ويس ته مون کي چيائون ته رات منھنجي خواب ۾ مخدوم زمان طالب المولا صاحب آيا ھئا ۽ انھن کي مون چيو ته: مخدوم صاحب! اڄ ڏسو ته صبح ڪيڏي سڌوري آ ته مخدوم صاحب وراڻيو ته: اي حبيب! اوھانجي ته ھر صبح سڌوري آهي!، پوءِ مون کي مسڪرائيندي مخدوم صاحب جو ھڪ ڏاڍو خوبصورت شعر ٻڌايائون.

وئي عمر گذري خطائون ڪندي ڪندي،

ماڻھن ڪين گھٽايو دغائون ڪندي ڪندي.

علم جي باري ۾ ھميشه اھو چوندا هئا ته علم ۾ ڪا به پارٽي بازي ڪانه ٿيندي آ، جي اعتبار آ، تاريخ اعتبار جي نالي ڪندؤ ته ھڪ غلط تاريخ به اوھان کي درست لڳندي نه ڪندؤ ته سچي تاريخ به اوھان کي غلط لڳندي. ڏاڏا سائين جو ھڪ مختلف انداز ھو، ھر شيءِ کي بيان ڪرڻ جو، مون کي ياد آھي ته جڏھن ڪورونا وائرس جو وقت ھو ته ڪورنٽائن جي وقت ڏاڏا سائين ۽ مان گڏ ويهي شعر و شاعري جا ملاکڙا ڪندا ھئاسين منھنجا بھترين ڏينھن ھئا. ڏاڏا سائين ھڪ شعر لکيو ڪورونا وائرس تي؛

اي ڪورونا تنھنجو احسان ٿيو آ،

جو اڄ انسان کان پري انسان ٿيو آ!

ڏاڏا سائين سان گهڻا ئي ماڻھون ڏاڍو پيار ڪندا ھئا، ڏاڏا سائين جو اخلاق انھن جي شخصيت جو ھڪ وڏو مثبت پھلو ھو، ڪجھه شخصيتون اھڙيون ھونديون آھن، جن جي باري ۾ جيڪڏهن ھڪ انسان ڳالھائي ته ڏاڍو سوچي سمجھي ڳالھائي ۽ لفظن جي چونڊ ۾ به ڪافي سوچي، منھنجو ڏاڏا سائين انھن شخصيتن مان ھڪ ھو، مون جڏھن به انھن کي ڏٺو آهي، سو ھميشه مسڪرائيندي ڏٺو. ڏاڏا سائينءَ جي خوش مزاجي جي ھڪڙي وجهه اھا به ھئي ته انھن جي الله سائين تي توڪل ھئي، ھر مسئلي جو حل انھن وٽ پھريان ئي ھوندو ھو! ڏاڏا ۾ شخصيت جي مضبوطي ڏٺي ھئي. مون پنھنجي محبوب، پنھنجي ڏاڏا کي ڪڏھن به پريشان ٿيندي نه ڏٺو. ڏسي دل ۾ اھو سوچيندو ھيم ته خدا منھنجي ڏاڏا کي ڏاڍي سھڻي نموني ٺاھيو، ڏاڏا سائين جي مسڪراهٽ تي مان قربان وڃان!، انتھائي معصومانه مسڪراهٽ ھئي، ڏاڏا جا ٽي شاعري جا ڪتاب ڇپيا ھڪڙو وارداتون، ٻيو رچنائون ۽ ٽيو تازو ڪلام، ۽ ان کان پوءِ ڏاڏا سائين وارداتون ۽ رچنائون کي گڏائي ڇڏيو ۽ ان کان پوءِ تازو ڪلام جنھن ڏاڏا ۾ سائين جي شاعري انتھائي بھترين لکيل آھي ۽ ان ۾ لفظن جو استعمال به ڏاڍي سھڻي نموني ٿيل آھي ۽ ان کان پوءِ ڏاڏا سائين ھڪڙو ٻيو شاعري جو ڪتاب پي لکڻ چاھيو، پر ڏاڏا جي ھٿ جي تڪليف سبب نه لکي سگھيا جنھن جو نالو پاڻ “قصو مختصر” ٻڌائيندا ھئا، ۽ ڏاڏا سائين مون کي چوندا ھئا ته تون پنھنجي ٻي ڪتاب جو نالو اھو رکجان، منھنجي شاعريءَ ۾ دلچسپي مون کي ڏاڏا سائين کان ملي، منھنجو پھريون شاعريءَ جو ڪتاب مون پنھنجي ڏاڏا جي رھنمائي ۾ لکيو، جنھن جو عنوان “ڪلامِ عمر” ھو، ڏاڏا سائين منھنجي ڏاڍي ھمٿ افزائي ڪئي ۽ منھنجا شاعريءَ جا پاڻ استاد به رھيا، ايئن ئي صرف منھنجي نه، پر الائي ڪيترن ئي ماڙھن جي جيڪي اڳتي وڌڻ لاءِ ڪجھ ڪري رھيا ھئا، انھن سڀن جي رھنمائي ۽ ھمت افزائي ڪئي، ڏاڏا سائين پاڻ ھڪ اھڙي شخصيت ھئا جنھن کان ھر ماڙھو سکندو ھو، ڏاڏا سائين رات جو ۸ يا ۹ وڳي تائين سمھي رھندا ھئا، پوءِ نماز تھجد لاءِ اٿندا ھئا ۽ تھجد کان پوءِ قرآن شريف جي تلاوت ڪندا ھئا ۽ پوءِ پنھنجي روزمره جي ڪمن کي شروع ڪندا ھئا، انتھائي انمول تحفو ھو، منھنجو حبيب منھنجو ڏاڏا سائين، الائي ڪيترا ماڻھون ساڻس گڏجاڻي لاءِ ايندا ھئا ۽ انھن سان روح رهاڻ ڪندا ھئا، پوءِ ھڪ علمي ادبي ڪچھريءَ جو سلسلو جاري رھندو ھو، ۽ مون کي خوشي آھي انھيءَ ڳالھ جي ته مان به انھيءَ ادبي ۽ علمي گڏجاڻي جو حصو رھيس، ڏاڏا سائين جڏھن دعوتن تي نه وڃي سگهندا ھئا ته پاڻ مون کي سڏيندا ھئا ۽ موڪليندا ھئا، اھا دعوت علمي ۽ ادبي ڪچھريءَ جي صورت ۾ ھوندي ھئي يا ته وري ڪنھن ٻئي طرح جي دعوت معنيٰ شادي وغيره. ڏاڏا سائين جي ھر ننڍي وڏي ماڻھون لاءِ دل ۾ ڏاڍي عزت ھئي، ھر ڪنھن جو خيال رکندا ھئا، ھر ڪنھن جي ٻڌندا ھئا، ڪو به ماڻھون جڏھن مجبوري سبب ايندو ھو ته ڪوشش ڪري ان کي خالي ھٿ نه موٽائيندا ھئا، ۽ پاڻ ڪوشش ڪندا ھئا ته ھن جو مسئلو حل ڪري. پاڻ گھٽ ڳالھائيندا ھئا ۽ ٻڌندا وڌيڪ ھئا. ڏاڏا سائين جھڙا عالم ھن ڌرتي تي ھڪ خزاني وانگر ھوندا آھن، انسان جي تاريخ پھريون جلد ۽ ٻيو جلد، تاريخ بابل اسلام سنڌ، ايجوڪيشن ان سنڌ پاسٽ اينڊ پريزنٽ، دي سن آف ڊيزرٽ جھڙا ڪتاب ڪو عام ماڻهو نه ٿو لکي سگهي، هڪ وڏو دانشور ۽ اديب ئي لکي سگھي ٿو.! پر ڊاڪٽر حبيب الله صديقي، منھنجا حبيب ڏاڏا سائين، ھو ھميشه مون سان گڏ آھن، ڏاڏا سائين جون دعائون منھنجي لاءِ قيمتي تحفا آھن، اھو ڏينھن شايد ڪوئي گذريو ھجي، جنھن ۾ مون کي پنهنجي حبيب ڏاڏا سائين جي ياد نه آئي ھجي، يادن کي ياد ڪري خوش ته ٿيندو آھي انسان، پر اوترو ئي ڏکارو به ٿيندو آھي، ڏاڏا سائين مون کي ياد جي باري ۾ ھڪڙو شعر ٻڌائيندا ھئا جيڪو ھن ريت ھو؛

یاد ماضی عذاب ہے یارب؛ چھین لے مجھ سے حافظہ میرا!

الله تعاليٰ منھنجي حبيب سائين کي جنت الفردوس ۾ ھڪ وڏو مقام عطا فرمائي، آمين. يارب العالمين، ڏاڏا سائين سان محبت ڪندڙن جي دل ۾ ڏاڏا سائين جا درجات ھميشه بلند رھندا، مان پنھنجي خدا جو شڪر ادا ٿو ڪيان ته مون کي ھڪ وڏي عالم ڊاڪٽر حبيب الله جي صحبت نصيب ٿي! ھي ڪجھه شعر آھن جيڪي مون پنھنجي محبوب ڏاڏا حبيب سائين لاءِ لکيا آھن؛

عالمي اوھان جي صحبت رھي

عاجزي اوھان جي طبيعت رھي

روحاني اوھان جي ڪيفيت رھي

لازمي اوھان جي تربيت رھي

ھن دل ۾ رھندي ياد اوھان جي

ھن دل ۾ ياد آباد اوھان جي حبيب سائين،

حياتي خوب گذري جا گذري سا گذري شاد اوھان جي،

جنھن دل جا تارا روشن رھيا زندگي اوھان جي رھنمائي ۾ گذري.

ھن دل جو آئون بنياد اوھان جي علم و شعور جي ڪمائي ۾ گذري.

اسان جو نصيبن وارا رھياسين صحبتِ حبيب! چڱائي ۾ گذري.

اوھان جي بغير مشڪل زندگي، اوھان سان گڏ مڪمل زندگي.

دل جي دنيا ويران ٿي وئي، اوھان تي ھئي مشتمل زندگي.

اوھان جي ياد ٿي اچي ڏاڍي، ڪيئن گذرندي مستقل زندگي.

***

 

(ماھوار ھمسري آنلائين حيدرآباد جي ڊسمبر ۲۰۲۳ع واري شماري ۾ ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا