ڊاڪٽر حبيب الله صديقي
مشھور تعليمي شخصيت، اديب
جو وڇوڙو
نور سنڌي
مشھور علمي ادبي شخصيت
اسان جو پيارو محسن سائين ڊاڪٽر حبيب الله صديقي به اسان کان وڇڙي ويو پاڻ ڇا ته
شخصيت ھو، مور ماڻھو ھو ساڻس ۸۰ع کان نياز مندي رھي، ساڻس پھرين ملاقات ھالا ۾ مخدوم
طالب المولي جن وٽ ٿي، ان بعد ملاقاتن جو سلسلو ۲۰۱۹ع تائين جاري رھيو، ڪڏھن ھالا ۾ مخدوم طالب المولي
جي ورسي تي، ڪڏھن سيوھڻ شريف ۾ قلندر لال شھباز جي عرس مبارڪ جي موقعي تي، ٿيندڙ
ادبي ڪانفرنس ۾، ڪڏھن حيدرآباد ۾ ٿيندڙ ادبي ڪانفرنسن ۾ خاص طور لطيف سائين جي تقريبن
ھر عرس مبارڪ تي ادبي ڪانفرنس ۾ اسان ھن شخصيت کان ڪافي ڪجھ پرايو، مونکي ادبي شوق
ته شاگرديءَ واري دور کان ھو پر ان حوالي سان جن شخصتن مونکي ھمٿايو انھن ۾ سائين ڊاڪٽر
حبيب الله صديقي به ھڪ ھو، اسان جون ڪچھريون گھڻو ڪري حيدر چوڪ حيدرآباد تي مختلف
پريسن تي ٿينديون ھيون جتي پاڻ سندن ڪتاب ڇپائڻ جي حوالي سان ايندو ھو، ادبي حوالي
سان سندس سمجھائڻ جو طريقو زبردست ھوندو ھو، منجھس ڪا وڏائي نه روايتي اديبن وانگر
آڪڙ يا تڪبر انتھائي سادگي پسند فقير منش، سدائين مرڪي ڳالھائيندڙ ھر ماڻھوءَ کي
عزت ڏيندڙ ھو، هن جو جنم دادو ضلعي ۾ پاٽ شريف ۾ ڪريم بخش صديقي جي گھر پهرين
جنوري ۱۹۳۷ع تي ٿيو، حبيب الله صديقي اڃان چئن سالن جو ھو ته والد جي شفقت کان محروم ٿي
ويو، پرائمري تعليم پنهنجي ئي ڳوٺ جي اسڪول ۾ حاصل ڪيائين پاڻ پنھجي صوبيدار چاچي
سان گڏ رهندو هو، جنھن جي پوسٽنگ مختلف شهرن ۾ ٿيڻ ڪري پاڻ پٿورو، ٽنڊو رحيم خان، ٿرڙي
محبت ۽ سيوهڻ ۽ ٻين شھرن جي اسڪولن ۾ پڙهيو ۵۳ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد ”ٽي ڊي“، ”بي اي“ ۽
”بي ٽي“ جا امتحان پاس ڪيائين، ان بعد خانگي طور تعليم جاري رکندي ”ايم اي“ مسلم هسٽري
سيڪنڊ ڪلاس ۾ ”ايم ايڊ“ فرسٽ ڪلاس فرسٽ ۾ پاس ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽي مان ”پي ايڇ ڊي“
ڪيائين، ۱۹۵۳ع ۾ انگريزي ٽيچر ٿيو ۶۲ع ۾ سينيئر انگلش ٽيچر جي حيثيت ۾ مختلف اسڪولن ۾ هيڊ
ماستر طور مقرر ٿيو، جڏھن ته سيوهڻ، هالا، حيدرآباد ۽ عمر ڪوٽ ۾ تعليم کاتي جو سپروائيزر
۽ اي ڊي آءِ ايس رھيو ان بعد پرائمري اسڪولن جي نگراني لاءِ سنڌ سرڪار پاران او
ايس ڊي جي عھدي تي به رھيو جڏھن ته ڊائريڪٽوريٽ آف اسڪول ايجوڪيشن ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر
ايڊمنسٽريشن طور ۱۹۷۹ع کان مختلف ضلعن ۾ ڊي اي او طور خدمتون سر انجام ڏنيون ۱۹۸۸ع کان ۱۹۹۰ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري رهيو ۱۹۹۱ع پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ۱۹۹۳ع کان ۱۹۹۴ع تائين ڊائريڪٽر بيورو آف ڪريڪيولم جي عهدي
تي جولاءِ ۱۹۹۴ع کان جولاءِ ۱۹۹۶ع ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري اڪيڊمڪ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ گورنمينٽ آف سنڌ، ان بعد
سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ چيئرمين جي عهدي تي رهي ڪم ڪيو ۽ ۳۱ ڊسمبر ۱۹۹۶ع تي ان ئي عهدي تان رٽائر ٿيو، کيس ننڍي ھوندي کان ئي ادب سان شوق رھيو
سندس چاچو مخمور زين العابدين صديقي پنھجي دور جو وڏو اديب ۽ دانشور هو ان کي ڏسندي
ان جون تخليقون پڙھندي کيس به لکڻ جو شوق ٿيو اڃان ۹ سالن جو ھو ته پهرين ڪهاڻي ”شاندار ٽوٽو“
لکي اها ڪهاڻي پن جي ٻيڙي يا سگريٽ نه هجڻ جي صورت ۾ ٽوٽن تي گذارو ڪرڻ وارن عادي
ماڻهن تي لکيل هئي، ان دور ۾ دادو جي هڪ ادبي تنظيم ”انجمن آفتاب ادب“ وارين گڏجاڻين
۾ باقائده وڃڻ لڳو ۽ پنھجون لکڻيون انھن گڏجاڻين ۾ پڙھندو ھو جتي کيس داد مليو، کيس
خاص طور حافظ احسن چنه تمام گهڻو همٿايو.
