; سنڌي شخصيتون: ڪامران ڀٽي

30 April, 2023

ڪامران ڀٽي

ڪامران ڀٽي

ناميارو نيوز ڪاسٽر

اسد ڪيريو



ناميارو نيوز ڪاسٽر ڪامران ڀٽي ۸۹ سالن جي ڄمار ۾ اڄ ۲۸ اپريل ۲۰۲۳ع مطابق ۷ شوال۱۴۴۴ھ بروز جمع تي وفات ڪري ويو.

پنھنجي مخصوص انداز سان سالن جا سال ريڊيو پاڪستان تان سنڌي ٻوليءَ ۾ خيرون پڙھندڙ، ھيءُ ناليوارو نيوز ڪاسٽر، ۱۵ ڊسمبر ۱۹۳۴ع تي ڄائو.


فنون لطيفه سان وابستگيءَ ڪري ھن ۳ نومبر ۱۹۶۹ع تي ريليز ٿيل سنڌي فلم چانڊوڪيءَ ۾ سڪرنڊ ڄائي برک فلم ڊائريڪٽر اي ڪيو پيرزادي جي اسسٽنٽ طور خدمتون سرانجام ڏنيون. ان کان سواءِ ڪامران ڀٽي صاحب ۸ نومبر ۱۹۷۲ع تي ھدايتڪار اي ايڇ صديقي جي فلم  مٺڙا شال ملن ۾ ولين جو ڪردار ادا ڪيو.

ڪامران ڀٽي لکڻ ۽ پڙھڻ ۽ مطالعي جو زبردست شوق رکندڙ ڪردار ھو. براڊ ڪاسٽنگ، مترجم ۽ ريڊيو تي مختلف پروگرامن جي پريزنٽيشن سندس اضافي شوق ھوندا ھئا.

ھن خليل جبران جي ڪتابن جا ترجما ڪيا. خليل جبران سندس پسنديده ليکڪ ھو. سنڌي ٻوليءَ ۾ امرجليل  ۽ آغا سليم جي لکڻين کي شوق سان پڙھندڙ سائين ڪامران ڀٽي اڄ ۸۹ سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو.

سندس وفات تي گھري ڏک جو اظهار ڪندي عذرخواهي ڪجي ٿي.

 

(اسد ڪيريو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۹ اپريل ۲۰۲۳ع تي کنيل)



ڪامران ڀٽي صاحب

سندس وڇوڙو ھڪ دور جي پڄاڻي

انو سولنگي

سائين ڪامران ڀٽي صاحب ۱۴ ڊسمبر ۱۹۳۴ع ۾ واڍن جي پڙ حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. بنيادي تعليم کاھي روڊ ۽ ميٽرڪ نور محمد ھاءِ اسڪول مان پاس ڪرڻ کان پوءِ ماسٽرس سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪيائين. پاڻ علامه آءِ آءِ قاضي صاحب جي شخصيت کان تمام گھڻو متاثر ھو ۽ کيس پنهنجو استاد مڃيندي خوشي محسوس ڪندو ھو.

آرٽ ۽ موسيقي سان چاھ کيس ننڍپڻ کان ئي ھو.

حيدرآبا جي ھاٺالي واري پاسي گائو شالا جي ميدان تي تن ڏينهن ۾ ٿيٽر ڪمپنيون مختلف ٿيٽر پيش ڪنديون ھيون. جتي شھر جا اڪثر نوجوان ٿيٽر لڳندي ئي پيا فن ۽ فنڪارن مان لطف اندوز ٿيندا ھئا. ڪامران صاحب به انهن ٿيٽر ڪمپنين سان ڪم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو کيس پھريون اسٽيج ناٽڪ ليلا مجنون ۾ مجنون جو ڪردار ڪرڻ جو موقعو مليو. جيڪو ھن خوب نڀايو ۽ ائين ھي حيدرآباد جي اسٽيج ڊرامن جو ھڪ بھترين آرٽسٽ ٿي اڀريو.

پير علي محمد راشدي جي ڪوششن سان ھوم اسٽيڊ ھال حيدرآباد ۾ قائم ٿيندڙ ريڊيو اسٽيشن جنهن پنهنجي پھرين نشريات ۱۷ آگسٽ ۱۹۵۵ع ۾ نشر ڪئي. سائين ڪامران ڀٽي صاحب به ان ريڊيو اسٽيشن جو حصو بڻجي ويو. جتي پاڻ ڊراما، فيچر ۽ مختلف پروگرام پيش ڪندو رھيو. حيدرآباد کان پوء ڪراچي ريڊيو اسٽيشن تي سنڌي ۾ خبرون پڙهڻ لڳو ياد رھي ته ريڊيو تي پھريون سنڌي نيوز ڪاسٽر گل محمد ھوت صاحب جنهن کان پوءِ ڪامران ڀٽي صاحب خبرون پڙھڻ ۾ تمام وڏو نالو ڳڻيو وڃي ٿو.

ڪراچي ۾ رھندي پاڻ سنڌي فلمن ڏانهن پڻ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندو رھيو. سندس مشھور فلم مٺڙا شال ملن ۾ ولين جو ڪردار تمام گھڻو مشھور ٿيو.

ڪرچي کان اسلام آباد ريڊيو اسٽيشن تي بدلي ٿيڻ کان پوءِ سنڌي فلمن کي الوداع ڪيائين. ۸۰ واري ڏھاڪي ۾ پاڻ واپس ريڊيو اسٽيشن تي اچي ويا ھئا. جتي رٽائرمنٽ تائين ڊراما، ميوزڪ ۽ مختلف پروگرام پرڊيوس ڪندا رھيا.منهنجي ننڍپڻ کان ريڊيو سان وابستگي رھڻ ڪري ساڻس وابستگي ھڪ گھرڀاتي جيان رھي. پاڻ ھڪ نھايت شفيق، استاد، ڄاڻو، دورانديش، محنتي، خوددار، کلڻو ملڻو ۽ شانائتي طرز زندگي گذارڻ جو قائل ۽ نازڪ نفيس طبيعت رکندڙ ھئا. علم موسيقي جو ڄاڻو ايتريقدر جو پاڻ موسيقي تي ڪتاب لکيائين جيڪو اڻڇپيل آھي. ڪجھ ڊراما ۽ فلمون به لکيائين، جنهن جا اسڪرپٽ مون وٽس ڪافي دفعا پڙھيا. ريڊيو اسٽيشن تي مشتاق چنگيزي صاحب ۽ ڪامران ڀٽي صاحب سان ريڊيو ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ ۽ سنڌ جي ھنن ٻنھي فن جي دنيا جي املھ ستارن کان تمام گھڻو سکڻ جو موقعو مليو. جنهن ۾ پاڻ کي ڀاڳوند ٿو ڀانيان. ساڻن گھاريل گھڙيون، يادگيريون، کل ڀوڳ ۽ علم ظرف جون ڳالھيون تفصيل سان لکبيون.

سائين ڪامران ڀٽي صاحب جي وڇوڙي تي دلي صدمو رسيو. ڪجھ پھريان ساڻس ڳالھ ٻولھ ٿي. ھڪ ڀرپور ڪچھري جو پروگرام رکيوسين پر افسوس اھو موقعو نه ملي سگھيو. اڄ صبح نصير مرزا صاحب مونسان فون تي ڪامران ڀٽي صاحب جي تعزيت ڪسائين. ڪتريون ياگيريون ساري ڏکارا ٿياسين. ھڪ وقت ھو جو گذري ويو ھڪ دور ھو جنهن جي پڄاڻي ٿي وئي. پر ھڪ لازوال ڪردار طور سائين ڪامران صاحب توھان اسان جي دلين ۾ ھميشه زنده رھندا.

 

(انو سولنگيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۹ اپريل ۲۰۲۳ع تي رکيل/ کنيل)


 

ڪامران ڀٽي

نالي وارو براڊڪاسٽر وفات ڪري ويو

فھيم ٻٻر

حيدرآباد: سنڌ جو نالي وارو نيوز ڪاسٽر، براڊ ڪاسٽر، سداڪار، فلمن، ڊرامن ۽ ٿيٽر جو سينئر اداڪار، پروڊيوسر،  ڊائريڪٽر ۽ منفرد آواز جو مالڪ ڪامران ڀٽي سنڌ کان وڇڙي ويو. ڪامران ڀڙي اسلام آباد کان سنڌي خبرون پڙهڻ جي شروعات ڪئي. هو سنڌ جي تاريخ سميت حيدرآباد شهر جي قديم پاڙن ۽ تاريخ جو ڄاڻو هو. هن پي ٽي وي ۽ سنڌ ٽي وي سميت مختلف ٽي چينلن تي مختلف ڊرامن ۾ لازوال ڪردار ادا ڪيا. ريڊيو تي ڪيترن ئي ڊرامن ۾ سداڪاري ڪئي جڏهن ته ڪيتروئي عرصو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ اسلام آباد سميت ٻين ريڊيو اسٽيشنز تي سنڌي ۾ خبرون پڻ پڙهيون، ڪامران ڀٽي جو آواز تمام گھڻو منفرد ۽ پرڪشش هوندو هو، ريڊيو سميت ڪيترن ئي پروگرامن جي ڪمپيئرنگ پڻ ڪندو هو. ڪامران ڀٽي اسڪرپٽ رائٽنگ ۾ پڻ تمام گھڻي مهارت رکندو هو. هن پنهنجي فن ڪيرئير جي شروعات ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کان ڪيو ۽ ترت ئي اسلام آباد مان سنڌي خبرون پڙهڻ شروع ڪيائين، ڳچ عرصو اسلام آباد ۾ رهڻ کان پوءِ هن واپس اچي حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو گڏوگڏ ناٽڪ رنگ سميت پاڪستان ٽيليوزن ڪراچي جي ڪيترن ئي ڊرامن ۾ ڪم ڪيو جڏهن ته سنڌ ٽي وي تي پڻ ڪيترن ئي ڊرامن ۾ شاندار ڪردار ادا ڪيا. ڪجهه عرصو بيمار رهڻ کان پوءِ هن 85 ورهين جي ڄمار سول اسپتال حيدرآباد ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. مرحوم جي تدفين نارا جيل قبرستان ۾ ڪئي وئي. سندس پٽن خليل ڀٽي، محمود ڀٽي ۽ فاروق ڀٽي سان سندس رهائشگاهه هاشمي ڪالوني زيل پاڪ سيمينٽ فيڪٽري لڳ جاري آهي.

ڪامران ڀٽي صاحب تمام بهترين ۽ پياري شخصيت جو مالڪ هو، ساڻس جڏهن به ملاقات ٿيندي هئي ته ڪجهه نه ڪجهه سکڻ لاءِ نئين ڳالهه ضرور ملندي هئي. جڏهن به ملندو هو ته پنهنجي علم مان ڪجهه نه ڪجهه ونڊ ضرور ڪرائيندو هو. اڪثر منهنجي اسڪرپٽ مان چُڪون ڪڍي منهنجي اصلاح ڪندو هو. پنهنجي اندر ۾ هڪ وڏو انسان هو کيس قديم پاڙن توڙي ماڻهن بابت تمام گھڻي ڄاڻ هئي. سندن وڇوڙي تي دلي ڏک ٿيو آهي.

 

(فھيم ٻٻر جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱ مئي ۲۰۲۳ع تي کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا