; سنڌي شخصيتون: سيد علي مير شاہ

30 April, 2023

سيد علي مير شاہ

سيد علي مير شاہ

ڊاڪٽر محمد علي محمدي



سائين سيد علي مير شاہ، سابق وزير آبپاشي سنڌ اڄ (۲۸ ڊسمبر ۲۰۲۲ع) انتقال ڪري ويو. سندس جنازہ نماز ڳوٺ جوڻا ۾ ٿيندي. سندس حياتيءَ ۾ ئي ھي آرٽيڪل لکيو ھوم، جيڪو وينجھار ۾ پڻ شايع ٿيو ھو. ڌڻيءَ در دعا آهي تہ رب پاڪ سندس مغفرت فرمائي ۽ کيس جنت الفردوس عطا فرمائي _. ڊاڪٽر محمد علي محمدي پنوعاقل ۲۸ ڊسمبر ۲۰۲۲ع)


جڏھن ڪو نامور سياستدان، اديب، عالم عمر وڌڻ سان ۽ گڏوگڏ بيماري سان جهيڙيندي بستر ڀيڙو ٿئي ٿو يا سندس قوت گويائي متاثر ٿي يا وري ويسارو وڌي وڃي، يا جسم جي تنتي سرشتي جي تند جي تنوار ۾ توازن برقرار رھي نه سگھي ته ھن کي سندس ساٿي وساريو ڇڏين يا وري ھو ويل چيئر تي ويھي پراڻي وقت کي پيو ياد ڪندو آهي. اھڙن ماڻھن ۾ ھي آهي اسان حو بزرگ ۽ دانشور، لاڙ پٽ جو زميندار سائين سيد علي مير شاہ.

ياد ٿو پوي ته ساڻس پھرين ملاقات ۱۹۷۰ع ۾ تڏهن ٿي جڏهن ھو پنھنجي ڳوٺان معمول مطابق حيدرآباد جي سلطان ھوٽل ۾ ترسيل ھو، مون سان گڏ عمرڪوٽ جو مرحوم حسين شاه بخاري به گڏ ھو. اسان کيس اسلامي جمعيت طلبا جي صوبائي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ دعوت ڏيڻ ويا ھئاسين. ان کان پوءِ ستت ئي ملڪ ۾ عام چونڊون ٿيڻ واريون ھيون. کيس جماعت اسلامي ٿنڊو محمد خان جي صوبائي تڪ تي ۽ پروفيسر ڪريم بخش نظاماڻي کي قومي اسيمبلي جي سيٽ تي اميدوار بڻايو ھو. ساڻس اليڪشن ورڪ ۾ بلڙي شاھ ڪريم ۽ نظاماڻين. جي ڳوٺن راڄو نظاماڻي ۽ باقر نظاماڻي ۾ وڃڻ ٿيو. بنيادي طور تي شاھ صآحب علمي و فڪري طور تي سيد مودودي رح کان متاثر آهي. پاڻ پنجاه جي ڏهاڪي ۾ جڏهن ارڙھن سالن جو ھو ته ڪراچي ۾ پڙھندڙ دوست مرحوم ڊاڪٽر غلام حسين شاه (جيڪو فقہ جعفريه سان تعلق رکندو ھو)، جماعت اسلامي جي ڪڪري گرائونڊ واري اجتماع ۾ ويا ھئا. اھو سڀ ذڪر مرحوم ڊاڪٽر غلام حسين شاه جي لکيل ساروڻين ۾ ڪيل آهي.

سائين علي مير شاہ عربي ادب جو ڄاڻو آهي، سندس استادن ۾ مرحوم غلام حسين جلباڻي، جڳ مشهور عربي ادب جو عالم پروفيسر عبدالعزيز الميمني شامل آهن. سندس نوجواني ۾ ڊاڪٽر عمر بن دائودپوٽو سان به رهيو. پاڻ جامعه عربيه اسڪول ۾ عربيءَ جو استاد بہ رھيو. ان زماني ۾ مولانا جان محمد ڀٽو رح به ساڻس ملاقات لاءِ ايندو رهيو. آخر ۾ کيس جماعت اسلامي جي وڌيڪ ويجهو آڻڻ ۾ مولانا جان محمد عباسي رح جو ھٿ رهيو. ستر جي ڏھاڪي ۾ حيدرآباد جي علمي ادبي سرگرمين ۾ پرپور حصو ورتائين. جھڙوڪ محمد بن قاسم ادبي سوسائٽي جو قيام، ’آئينو‘ ۾ بطور ليکڪ. . ڪجھ ڏينھن اڳ ۱۹۵۶ع جي ’نئين زندگي‘ ۾ چپيل مواد پڻ نظر مان گذريو.

سائين علي مير شاہ جو سيد مودودي رح سان ايترو ته انس ھو جو ھو ڪيترائي ڀيرا سيڙجي لاھور وڃي مولانا جي شيڊول کان ھٽي ڪري ساڻس نويڪلائي ۾ ڪچهريون ڪيون. ھڪ ڀيرو اھڙي ئي ملاقات مولانا جان محمد عباسي رح جي موجودگي ۾ ٿي. مولانا مودودي رح، مولانا عباسي رح کي تاڪيد ڪيو ته تہ سائين علي مير شاہ جو خيال رکو، مون کي سندس جان خطري ۾ ٿي لڳي. پوء واقعي ٿيو به ائين. ۱۹۷۷ع ۾ قومي اتحاد جي تحريڪ دوران جڏهن ھو پنھنجي ڳوٺ ”جوڻا ۾ عيد نماز پڙھائي رهيو هو ته مٿس قاتلانه حملو ٿيو. رب پاڪ کيس صحت ياب ڪيو.

سندس سڀ کان وڏو ڪارنامو ”سنڌ آبادگار بورڊ جي تنظيم آهي. سنڌ جي آبادگارن کي بنا ڪنھن سياسي، لساني، مت ڀيد جي ھڪ پليٽ فارم تي ڪٺو ڪري پنهنجي تنظيمي صلاحيتن کي مڃرايو. ان سان گڏوگڏ تنظيم پاران ماھوار رسالو ”آبادگار“ به باقاعده شايع ٿيندو رهيو. ان رسالي ۾ سندس سيرت صحابه تي ڇپيل مضمون پوءِ ڪتابي صورت ۾ ڇپيل آهن. ان کان علاوه عربي ادب جو شاھڪار ”ڪليلہ و دمنہ“ سنڌي ٻوليءَ ۾ ”ڏاھپ جا ڏس“ ھڪ معياري ترجمو آهي.

سائين علي مير شاہ شاه عبدالطيف ڀٽائي جو پارکو آهي، سندس مختلف موقعن تي سندس في البديہ تقريرون جيڪڏھن رڪارڊ ۾ ھجن ته کين قرطاس تي اچڻ گھرجن.

سال ۱۹۷۵ع ۾ مير پور خاص ۾ سيرت ڪانفرنس ۽ نعتيہ مشاعرو ھو. مارچ جو مھينو ھو پروگرام ختم ٿيڻ کانپوءِ، سائين علي مير شاہ اسان سڀني کي پنھنجي ڳوٺ وٺي ويو. اٽڪل ستر کن مھمان ھئاسون، سڀني کي ھنڌ بسترا، کٽون مھيا ڪين ويون، سڄي مھمان داري جي پاڻ نگراني ڪندو رهيو. رات جو اسر مھل تائين مشاعرو رھيو. . پاڪسان جو مشهور شاعر مولانا ماھر القادري سرواڻ ھو. مرحوم قلندر شاه لڪياري، مرحوم عابد لغاري، مرحوم رحمان ڪياني ھن محفل جا ڪجھ نالا ياد اٿم.

سائين اسي جي ڏهاڪي ۾ پاڻ لطيف آباد/حيدرآباد جي بنگلي تي تفھيم القرآن مان تيار ڪيل درس جو سلسلو شروع ڪيو، جيڪو پڙھيل لکيل نوجوانن ۾ انتهائي مقبول ويو اسي جي ڏھاڪي ۾ ھو ھڪ رات تلھار جي مرحوم حڪيم شمس الحق سان گڏ پني عاقل ۾ بابا مرحوم وٽ مھمان ٿي رهيو.

شاه صاحب سنڌ جي نگران حڪومت ۾ وزير آبپاشي به رهي چڪو آهي.

سندس ولادت ۱۰ آڪٽوبر ۱۹۳۴ع ۾ سندس ڳوٺ جوڻا ضلعي بدين ۾ ٿي. پاڻ ھڪ سٺو زميندار آھي. ھن وقت پارڪنوسزم ۽ فالج جي ڪري گهڻو ڪري ڪراچي ۽ ڳوٺ ۾ رهي ٿو. دعا آهي ته رب پاڪ کيس صحت ڪاملہ عطا فرمائي

پنوعاقل ۱۰ سيپٽمبر ۲۰۲۱ع

 

(ڊاڪٽر محمد علي محمدي جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۸ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا