ضياءُ محي الدين
آواز ۽ لهجي جو
جادوگر ضيا محي الدين لاڏاڻو ڪري ويو
ڪراچي (رپورٽر) پنهنجي آواز ۽
لهجي لاءِ مشهور پاڪستان جو ٽي وي اينڪر، هدايتڪار، صداڪار ۽ ليکڪ ضيا محي
الدين ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. کيس ڪراچي ڊفينس
۸ جي قبرستا ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو
ويو، ضيا محي الدين جي عمر ۹۲ سال هئي، هو ڪجهه عرصي کان بيمار هو. انگريزي ۽ اردو ٻولين ۾ لفظن جي درست
ادائگي هجي يا تاريخ جو حوالو، هر موضوع تي ضيا محي الدين جي گرفت مضبوط هئي. جن
ماڻهن ضيا محي الدين کي ٻڌو، پڙهيو يا ڏٺو، اهي سندس شيخيت جي جادو ۾ گرفتار ٿيڻ
کانسواءِ نه رهي سگهيا هئا. ضيا محي الدين ۲۰ جون ۱۹۳۱ تي پاڪستان جي شهر فيصل آباد ۾
پيدا ٿيو. ۵۰ جي ڏهاڪي ۾ لنڊن جي رائل اڪيڊمي
آف ڊراماٽڪ آرٽ مان اداڪاري باقاعده تربيت حاصل ڪئي. ۱۹۶۰ ۾ جڏهن اي ايم فوسٽر جي مشهور ناول اي پيسج ٽو انڊيا کي اسٽيج تي پيش ڪيو
ويو ته ضيا محي الدين ان ۾ ڊاڪٽر عزيز جو ڪردار ادا ڪري ڏسندڙن جو ڌيان حاصل ڪيو. ۱۹۶۲ ۾ کيس فلم لارنس آف عربيا ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو ته هن ان فلم ۾ پڻ هڪ
يادگار ڪردار ادا ڪيو. بعد ۾ هن ٿيٽر جي ڪيترن ئي ڊرامن ۽ هالي ووڊ جي ڪيترن ئي
فلمن ۾ ڪردار ادا ڪيا. ۱۹۷۰ ۾ ضيا
محي الدين پاڪستان آيو جتي هن پاڪستان ٽيلي ويزن لاءِ ضيا محي الدين شو جي نالي
سان هڪ اسٽيج پروگرام جي ميزباني ڪئي. ان اسٽيج پروگرام مقبوليت جا نوان رڪارڊ
قائم ڪيا. ۱۹۸۰ ۾ هو برطانيا منتقل ٿي ويو جتي
هن پنهنجو فني ڪم جاري رکيو ۲۰۰۴ ۾ کيس
ڪراچي نيشنل اڪيڊمي آف پرفارمنگ آرٽس جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو جتي هن مرڻ گهڙي
تائين خدمتون ادا ڪيون، هو اهو عهدو پنهنجي مرضي سان ڇڏي پنهنجون خدمتون رضاڪاراڻي
طور ڏئي رهيو هو.
ضيا محي الدين
جنھن ملڪ ۽ پرڏيهه ۾ پاڪستان
جو نالو روشن ڪيو
علامه ساجد نقوي
لاهور(م ڊ) قائد ملت جعفريه پاڪستان
علامه سيد ساجد علي نقوي عالمي شهرت يافته ناليوارو ميزبان، مصنف ۽ ادا ڪار ضيامحي
الدين جي وفات تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ضيامحي الدين
جي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو. هن چيو ته ضيامحي الدين ملڪ ۽ پرڏيهه ۾ پاڪستان
جو نالو روشن ڪيو. هن ته مرحوم جي وارثن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.
ضيا محي الدين
بهترين اداڪار ۽ صداڪار
هو
آصف زرداري
ڪراچي (رپورٽر) اڳوڻي صدر آصف
علي زرداري ضيا محي الدين جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ضيا محي الدين
بهتريناداڪار ۽ صداڪار هو، ضيا محي الدين جو منفرد آواز ۽ صداڪاري هميشا ياد رکي
ويندي، ٻئي پاسي وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه تعزيتي پيغام ۾ چيو ته ضيا محي
الدين جي پرفارمنگ آرٽ جي حوالي سان گهڻيون خدمتون آهن، مرحوم فن، ادب ۽ علم جي
دنيا ۾ هڪ اداري جي حيثيت رکندو هو، سندس خدمتون هميشا ياد رکيون وينديون، جڏهن ته
وفاقي وزير ۽ بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن شازيا مري ضيا محي الدين جي لاڏاڻي تي ڏک
۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ضيا محي الدين بهترين اداڪار ۽ اعليٰ ڪمپيئر هو.
ضيا محي الدين کي ڀيٽا
پيش
صدر، وزيراعظم،
مريم اورنگزيب پاران
اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم محمد
شهباز شريف عالمي شهرت يافته ناليواري هدايتڪار، صداڪار، اداڪار، ليکڪ ۽ ميزبان
ضياءَ محي الدين جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو،وزيراعظم چيو ته ضياءَ محي الدين
پنهنجي ذات ۾ هڪ فن پارو هو سندس مخصوص انداز پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڌوم مچائي.
افسوس آهي ته ڪيترين ئي خوبصورت خوبين جو مالڪ شخص لاڏاڻو ڪري ويو. وزيراعظم چيو
ته ضياءَ محي الدين پاڪستان ۾ ٽيليويزن هوسٽنگ کي هڪ نئين رخ کان روشناس ڪرايو ۽
عالمي سطح تي اداڪاري ذريعي پاڪستان جو نالو ٻاهرئين ملڪ روشن ڪيو. هوڏانهن صدر ڊاڪٽر
عارف علوي ضياءَ محي الدين جي لاڏاڻي تي
گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي فن، ادب، پرفارمنگ آرٽ، فنڪاري، هدايتڪاري جي شعبي
۾ مرحوم جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر چيو ته ضياءَ محي الدين جو لاڏاڻو
منهنجي لاءِ هڪ ذاتي نقصان آهي. فن، اداڪاري، پيشڪش، هدايتڪاري جي شعبي ۾ ضياءَ
محي الدين هڪ وڏي شخصيت هو، هوڏانهن اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم
اورنگزيب ناليواري اداڪار، هدايتڪار ۽ ميزبان ضياءَ محي الدين جي لاڏاڻي تي گهري ڏک
۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ضيآءَ محي الدين هڪ اهڙي ادبي شخصيت هو جنهن جي
پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ جي انداز کي عالمي شهرت نصيب ٿي.
پاڪستان هڪ عظيم فنڪار
کان محروم ٿي ويو
شرجيل ميمڻ
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات
واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ضياءَ محي الدين جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس
جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾
هن چيو ته ضياءَ محي الدين جي لاڏاڻي سان پاڪستان هڪ عظيم فنڪار کان محروم ٿي ويو
آهي. فن جي ميدان ۾ ضياءَ محي الدين جون
خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون، هوڏانهن
عورتن جي ترقي کاتي واري صوبائي وزير سيده شهلا رضا چيو ته ضياءَ محي الدين
هڪ دلڪش ۽ دلفريب شخصيت جو مالڪ هو، سندس انداز بيان ڪافي دير تائين ناظرين ۽
حاضرين کي مسڪرائيندو رهيو. هن چيو ته ضياءَ محي الدين هميشه ڪربلا جو واقعو، مزاح
۽ ٻين موضوعن کي نهايت دلڪش انداز ۾ بيان ڪيو.
(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ
۾ ۱۳ فيبروري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
ضياءُ محي الدين
سندس زندگي جي خاتمي جو ڪلائيمڪيس
زرار پيرزادو
¨ ڪجهه ڏينهن اڳ، ڏهه فيبروري تي امجد اسلام امجد جي لاڏاڻي واري زلزلي جو، ڪالهه
۱۳ فيبروري تي آفٽر شاڪس (زلزلو)
ضياءَ محي الدين جو ڄڻ وڇوڙو هو. ٻنهي وڇوڙن کي سندن مداحن پنهنجين دلين تي آيل زلزلا محسوس ڪيا آهن.
¨ امجد اسلام امجد جي وفات واري ڪالم ۾ لکيو هيم ته ”بهار جي آمد واري فضا ۾
امجد اسلام امجد جهڙي شاعر جو وڇوڙو ڄڻ سندس ئي ڊرامي جو ڪو ڪلائيميڪس هجي سو
ضياءَ محي الدين جي زندگي جي خاتمي جو پڻ اهو ڪلائيميڪس چئجي ته هن فيض احمد فيض
جي جنم واري تاريخ ۽ ريڊيو جي عالمي ڏينهن تي وفات ڪئي.
¨ ضياءَ محي الدين جنهن پنهنجي صداڪاري
جي فن ۾ فيض احمد فيض جي شاعري کي غالب ۽ ننڍي کنڊ جي ٻين عظيم شاعرن سميت گهڻو پڙهيو
هو سو سحر انگيز ۽ جادوئي آواز ڪالهه فيض احمد فيض جي جنم ڏينهن تي هميشه لاءِ
خاموش ٿي ويو. ڄڻ هن پنهنجي زندگي فيض احمد فيض جي جنم ڏينهن کي ارپيندي الوداع ڪئي.
دل جا ڪيڏا نه پراسرار رشتا ٿين ٿا. ايئن
هڪ صلاحڪار جو ريڊيو جي عالمي ڏينهن تي گذاري وڃڻ سندس زندگي جي خاتمي جو ٻيو وڏو ڪلائيميڪس
آهي.
¨ ضياءَ محي الدين جي سڃاڻپ جا وڏا ۽ فخر جوڳا حوالا آهن. هو عالمي شخصيت هو
۽ پاڪستان جي انهن ٿورين شخصيتن مان هڪ هو جن ڪري پاڪستان ٻين ملڪن ۾ عزت ڪمائي.سندس
شخصي پروفائيل اوهان کي ڪالهه کان سوشل ميڊيا تي نظر آيو هوندو، اڄ جي اخبارن ۾
اوهانکي ڇپيل مليو هوندو. هو عالمي سطح جو اداڪار، هدايت ڪار ۽ صداڪار سو به تربيت
يافته رهيو آهي. سندس شخصي تاريخ ٻڌائي ٿي ته پنجاهه جي ڏهاڪي ۾ لنڊن جي رائل اڪيڊمي
آف ڊراماٽڪ آرٽ سان اداڪاري جي شروعات ڪيائين. ۱۹۶۲ ۾ مشهور فلم ”لارنس آف عربيه“ ۾ يادگار ڪردار ادا ڪيائين. برطانوي سينيما
۽ هالي ووڊ ۾ پڻ ڪم ڪيائين.
¨ پي ٽي وي جي تاريخ ۾ سندس سڃاڻپ جو پهريون وڏو حوالو ” ضياءَ محي الدين
شو“ هو جيڪو ۷۰ جي ڏهاڪي جي ابتدائي سالن ۾ ٽيليڪاسٽ
ٿيندو هو. اهو تنهن زماني ۾ ماڊرن قسم جو اسٽيج شو هو جيڪو پنهنجي دور ۾ تمام گهڻو
مشهور ٿيو هو ۽ اڄ ڪلاسڪ جي حيثيت ماڻي ٿو.
¨ ان پروگرام ۾ ان دور جا مشهور سياستدان، سماجي اڳواڻ، اديب، صحافي، اداڪار
۽ زندگي جي مختلف شعبن سان سلهاڙيل شخصيتون مهمان طور شريڪ ٿينديون هيون جن جا انٽرويو
ضياءُ محي الدين ميزبان طور ڪندو هو. ان پروگرام جا ڪجهه حصا يوٽيوب تي پيل آهن جيڪي
هاڻي به ڏسي سگهجن ٿا ۽ ان دور ۾ ڪجهه وقت لاءِ واپس وڃي نه رڳو لطف ماڻي سگهجي ٿو پر تاريخ جي وڃايل ڪڙين کي اتان کڻي وري ملائي سگهجي ٿو. هن
پروگرام ۾ مشتاق يوسفي جو يادگار انٽرويو به تازو مون يوٽيوب تي ڏٺو هو.
¨ ضياءَ محي الدين، ضياءَ جي دور ۾ واپس برطانيا هليو ويو، نوي جي ڏهاڪي ۾ واپس پاڪستان آيو ۽ خوشقسمتي
سان پوءِ مستقل طور تي هتي ئي رهيو.
¨ ضياءَ محي الدين پنهنجي صداڪاري واري فن سان اردو ادب، هر دور جي نسل کي پڙهايو
۽ باربار پڙهايو، ڪلاسڪ ادب ۽ شاعري کي نئين نسل ۾ پئي متعارف ڪرايو. جيڪا سندس تمام
وڏي ادبي ۽ تاريخي خدمت هئي. ادبي شهپارن کي سهڻي آواز ۽ فني ادائگي سان پڙهي ٻڌائڻ
واري آرٽ ۾ ضياءَ محي الدين جو ڪو ثاني نه آهي، ضياءَ محي الدين ان حوالي ۾هڪ دور
جو نالو آهي.
¨ اها به نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه آهي ته ضياءَ محي الدين پنهنجي اٿاهه ۽ قيمتي
تجربي کي اداري جي شڪل ڏيڻ جو پڻ مثال قائم ڪيو. هن ۲۰۰۴ع ۾ ڪراچي ۾ نيشنل اڪيڊمي آف پرفارمنگ آرٽ (ناپا) جو بنياد وڌو ۽ زندگي جي
آخري ساهه تائين ان اداري سان سلهاڙيل رهيو. ايئن هن پنهنجي آرٽ کي هڪ ٻي زندگي ڏئي
ويو جنهن جو نالو ”ناپا“ آهي.
(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۴
فيبروري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
ادب ۽ فن جي دنيا جا وڇڙي
ويل ٻه ستارا!
ڊاڪٽر عقيل عباس
جعفري
ضياءَ محي الدين
ضياءَ محي الدين پنجن ڀينرن ۾ سڀ
کان ننڍو ڀاءُ هو. هُن کان پهريان سندس ٽي ڀائر فوت ٿي چُڪا هئا. پنجن ڀينرن جي
ولادت کان پوءِ هُن جي پيدائش سندس والد جي لاءِ هڪ وڏي خبر هئي. والد خادم محي
الدين تدريس، موسيقي ۽ ڊرامي جي شعبن سان وابسته هو. موسيقي ۽ ڊرامي جي موضوع تي ڪجهه
ڪتابن جو مصنف به هو. ضياءَ هُن جو اڪيلو پُٽ هو، ته هُن جي خواهش هئي ته هو ضرور
وڏو ماڻهو بڻجي ۽ انهن سڀني شعبن ۾ نانءُ پيدا ڪري، جن سان هُو خود وابسته هو.
ضياءَ محي الدين سينٽرل ماڊل اسڪول ۾ پڙهندو هو، هُن کي اسڪول ۾ خادم محي الدين هڪ
اسٽيج ڊرامو ڪرايو، جنهن جو نالو ديوتا هو. اُن اسٽيج ڊرامي ۾ ضيا محي الدين هڪ ننڍي
اسڪول جي شآگرد جو ڪردار نهايت خوداعتماديءَ سان ادا ڪيو.
هو اسڪول مان نڪتو ته گورنمينٽ ڪاليج
لاهور پهتو، جتي هُن بي اي تائين تعليم حاصل ڪئي. تعليم جي تڪميل کان پوءِ هو ريڊيو
پاڪستان سان وابسته ٿي ويو. جتي هڪ طرف پطرس بخاري، رفيع پيرزادا، ذوالفقار علي
بخاري، رشيد احمد ۽ شوڪت ٿانوي جي صحبت ميسر ٿي ته ٻئي طرف اعجاز بٽالوي، ضيا جالنڌري
۽ ظهور آذر جهڙا دوست مليا. اُنهن جي سپرد مختلف پروگرام ٿيا، جن ۾ احباب جا انٽرويو،
يونيورسٽيءَ جي شاگردن جو پروگرام ۽ نيوز براڊ ڪاسٽنگ شامل هئا.
سنه ۱۹۵۱ع ۾ هُن کي ڪولمبو پلان جي تحت آسٽريلين براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن ۾تربيت جي
لاءِ چونڊيو ويو. اُن فيلوشپ ضيا محي الدين جي زندگي تبديل ڪري ڇڏي. ضيا محي الدين
چوي ٿو ته آسٽريليا ۾ مون کي احساس ٿيو ته منهنجي منزل ريڊيو نه ٿيٽر آهي. تنهن ڪري
هو هڪ طرف براڊ ڪاسٽنگ جي تربيت حاصل ڪندو رهيو ۽ ٻئي طرف بطور ايڪٽر، ڊائريڪٽر ۽
مصنف ٿيٽر ۾ به حصو وٺندو رهيو. آسٽريليا ۾ قيام جي دوران ئي هُن ريڊيو پاڪستان کي
پنهنجي استعيفيٰ موڪلي ڏني. هُن جي اڳئين منزل لنڊن هئي. زيڊ اي بخاري کي جڏهن هُن
جي ارادن جي خبر پئي ته هُن ضيا محي الدين جي حوصله افزائي ڪئي ۽ نه صرف اُن جي
استعيفيٰ ترت منظور ڪري ورتي، بلڪه انگلينڊ ۾ ڪجهه ماڻهن سان ملاقات جو مشورو به ڏنو.
آسٽريليا ۾ قيام جي دوران ئي
هُن کي افسانه نگاريءَ جو شوق ٿيو. هُن جون ڪجهه ڪهاڻيون لاهور جي ادبي پرچن ۾ شايع
به ٿيون، پر بعد ۾ هُن پنهنجي انهن سمورين ڪهاڻين کي ڊس اون ڪري ڇڏيو.
هُن پاڻ ٻُڌايو ته ’اسان جي سڄي
گهراڻي ۾ لکڻ لکائڻ جي هڪ روايت هئي. منهنجو چاچو پروفيسر ڊاڪٽر شهيد محمد اقبال
هو، جيڪو ڪيترن ئي اهم ڪتابن جو مرتب ۽ مترجم هو، هُن جو پُٽ دائود رهبر مستقل لکندو
هو. پيءُ به ريڊيو ٽاڪ، هلڪا ڦلڪا خاڪا ۽ ڊراما لکندو هو. پاڪستان جي پهرين فلم
تيري ياد جا مڪالما به هُن ئي لکيا هئا. ضياءَ محي الدين لنڊن جي رائل اڪيڊمي آف ڊراميٽڪ
آرٽس سان وابسته هو، جنهن هُن جي اندازِ زندگيءَ کي يڪسر بدلائي ڇڏيو. هينئر ڊرامو
ئي هُن جو اوڇڻ هو. هو بي بي سي سان به بطور پروڊيوسر وابسته ٿيو، جتي هُن ڏيڍ سال
بطور پروڊيوسر خدمتون انجام ڏنيون. سنه ۱۹۵۶ع ۾ هو پنهنجي والد جي علالت جي ڪري ڪجهه مهينن جي لاءِ پاڪستان آيو. اُن
سفر ۾ ڪراچي وڃڻ جو اتفاق به ٿيو، جتي هُن خواجه معين الدين جي ڊرامي ’لال قلعي سي
لالو کيت تڪ ديکا‘ ۽ بعد ۾ هُن اُن ڊرامي تي ليڪچر به ڏنو. هُن جو هڪ ٻيو پسنديده ڊرامو
’مرزا غالب بندر روڊ پر‘ هو، جنهن کي هُن پروڊيوس به ڪيو. ڪراچيءَ کان هو لاهور
آيو، جتي هُن فريد احمد ۽ محسن شيرازيءَ سان گڏجي شيڪسپيئر ۽ ڪيترن ٻين اديبن جا ڪجهه
ڊراما اسٽيج ڪيا. اهي ڊراما به نهايت پسند ڪيا ويا.
۱۹۷۱ع ۾
ضيا محي الدين پاڪستان ٽيليويزن کي هڪ اسٽيج پروگرام جو آئيڊيا پيش ڪيو، جنهن جو
پهريون پروگرام جنوري ۱۹۷۱ع ۾
نشر ٿيو. اُن پروگرام جي ذريعي ضيا محي الدين پنهنجي شهرت جي عروج تي پهتو. ضيا
محي الدين شو جي ڪاميابيءَ کان پوءِ پاڪستان ٽيليويزن تي پيش ڪيو ويندڙ هُن جو اڳيون
پروگرام پائل هو، جنهن ۾ اداڪاره ناهيد صديقي رقص پيش ڪندي هئي ۽ اسڪرپٽ ۽ ڪمپيئرنگ
جا فرائض ضيا محي الدين انجام ڏيندو هو.
ضيا محي الدين جي متفرق تحريرن
’اي ڪيرٽ از اي ڪيرٽ‘ جي نالي سان شايع ٿيون. هُن جو هڪ ڪتاب ’دي گاڊ آف مائي اڊوليٽري‘
به شايع ٿيو. ٿيٽر جي موضوع تي به هُن جي مضمونن جي مجموعن جو ترجمو ٿيٽريات جي
نالي سان شايع ٿيو. ضيا محي الدين ٽي شاديون ڪيون هيون. هُن جي پهرين گهرواريءَ جو
نالو سرور هو، جنهن مان هُن کي ٻه پُٽ آهن. ٻي گهرواري ناهيد صديقي هئي ۽ ٽين عذرا
محي الدين، جيڪا هُن جي هڪ ڌيءُ جي ماءُ بڻي. حڪومت پاڪستان ضيا محي الدين کي تمغه
امتياز، ستاره امتياز ۽ هلال امتياز سان نوازيو. ۲۰ جُون ۱۹۳۱ ع تي فيصل آباد ۾ جنم وٺڻ واري
هن فنڪار ڪالهه ڪراچيءَ ۾ پنهنجي زندگيءَ جا آخري ساهه کنيا. اسٽيج تي پنهنجي فن
جا اڻمٽ نقش رقم ڪرڻ وارو هيءَ فنڪار هميشه جي لاءِ اسٽيج جي پويان هليو ويو.
امجد اسلام امجد
لاهور جي هڪ مشهور علمي ۽ ادبي
شخصيت هو آغا بيدار بخت، جنهن وٽ علم ۽ فن جي بيشمار ڪتابن جو ذخيرو هو. اُن جي پاڙي
۾ هڪ ٻار رهندو هو، جنهن کي لکڻ پڙهڻ جو نهايت شوق هو، پر اُن جي گهر ۾ هڪ ته
تعليم جو تصور ئي نههو ٻيو ته ان جو خانداني ڪم دستڪاري ڪرڻ ۽ دڪانداري ڪرڻ هو.
آغا بيدار بخت اُن ٻار ۾ لکڻ پڙهڻ
جو ذوق ڏٺو ته اُن کي پنهنجي ڪتابن تائين رسائي ڏنائين. بعد ۾ اُن ٻار اعتراف ڪيو
ته اُن جي ادبي سفر ۾ آغا بيدار بخت جو اهو ڪتب خانو سنگِ ميل ثابت ٿيو. اهو ٻار
نائين ڏهين ڪلاس ۾ پهتو ته اُن شعر چوڻ به شروع ڪري ڇڏيا. فرسٽ ايئر ۾ هو ته هڪ
شعر لکيائين،
ملتے ہیں بے کسوں کو، سہارے شراب میں،
کھلتے ہیں آرزو کے ستارے شراب میں.
ان ٻار جو نالو امجد اسلام امجد
هو. هن شاعري شروع ڪئي ته کيس تخلص جي ضرورت پيش آئي ته اُن پنهنجو نالي کي ئي
تخلص بڻائي ڇڏيو ۽ امجد اسلام امجد جي نالي سان مشهور ٿيو. اُن زماني ۾ڪرڪيٽ جو به
شوق هوس. پنهنجي درسگاهه اسلاميه ڪاليج جي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ چونڊيو ويو، جنهن گورنمينٽ ڪاليج
جي ٽيم کي شڪست ڏني. اُن زماني ۾قومي ٽيم جي يارنهن رانديگرن مان ڇهه ست جو تعلق
گورنمينٽ ڪاليج سان ئي هوندو هو.
ڪرڪيٽ جو سفر اڳيان وڌيو ته اسلاميه
ڪاليج ۱۲ سالن بعد چيمپئن ٿيو، جنهن ۾
امجد اسلام امجد جي ڪارڪردگي نهايت سُٺي هئي، پر اُن جي جاءِ تي قومي ٽيم ۾ هڪ
بيوروڪريٽ جي پُٽ کي چونڊيو ويو ۽ امجد اسلام امجد کي ريزرو رانديگرن ۾ رکيو ويو.
اهو امجد اسلام امجد جي زندگيءَ جو نهايت وڏو شاڪ هو. هُن ڪاوڙ ۾ پنهنجو بيٽ ٽوڙي ڇڏيو.
پر ڪرڪيٽ ٽيم ۾ چونڊ نه ٿيڻ هُن جي لاءِ فائديمند ثابت ٿيو. هو پاڻ چوي ٿو ته جيڪڏهن
مان ڪرڪيٽ کيڏندو رهان ها ته مان ۱۹۶۵-۶۶ ۾ شروع ڪري ۱۹۷۱-۷۲ تائين فارغ ٿي چُڪو هُجان ۽ ادبي دنيا ۾ هُن جي جيڪا سڃاڻپ بڻي اُن کان محروم
رهي ها. هاڻ هُن شاعريءَ جي طرف سنجيدگيءَ سان توجهه ڏني ۽ ادبي رسالن ۾ ڇپجڻ جو
سلسلو شروع ٿيو. ان زماني ۾ هُن عربي شاعريءَ جا ترجما ڪيا، جنهن جو مجموعو بعد ۾
’عڪس‘ جي عنوان سان شايع ٿيو.
امجد اسلام امجد جي گروپ ۾ ڪجهه
هُن جا سينئر شاعر شامل هئا، جن ۾ سرمد صهبائي، اسلم انصاري، رياض مجيد، خورشيد
رضوي ۽ انور مسعود ۽ هم عصرن ۾ خالد شريف، عطاءُ الحق قاسمي ۽ جونيئرز ۾ سعادت
سعيد، اجمل نيازي، حسن رضوي، ايوب خاور ۽ پروين شاڪر شامل هئا. ۱۹۷۲ع ۾ امجد اسلام امجد پاڪستان ٽيليويزن جي لاءِ هڪ ڊرامو ’يا نصيب ڪلينڪ‘ لکيو،
اُتان کان هُن جي ڊرامه نگاريءَ جي سفر جي شروعات ٿي. شروع ۾ اڙيو ٿڙيو ڊرامو لکيو
۽ اردوءَ جي مختلف افسانن کي ڊرامه ٽائيز ڪيو. انهيءَ ڊرامي ۾ طويل دورانيي جو هڪ ڊرامو
’خواب جاڳتي هين‘ شامل هو، جيڪو ناظرين جي ذهنن ۾ هميشه زنده رهيو. اهو ڊرامو پاڪستان
جي قيام جي سِلور جوبليءَ جي موقعي تي نشر ٿيو، پر جنهن ڊرامه سيريل هُن کي شهرت
جي عروج تائين پهچايو اُهو ’وارث‘ هو. اُن ڊرامي جي پهرين قسط ۱۴ آڪٽوبر ۱۹۷۹ع تي نشر ٿي. اُن جي ڪهاڻي جاگيردار
معاشري جي چوڌاري گُهمندي هئي. اها هڪ سادي ۽ حقيقي ڪهاڻي هُئي، جنهن جا ڪردار
اسان جي چئني طرف موجود آهن. اُن سادي ڪهاڻيءَ وارث کي پاڪستان جو مقبول ترين ڊرامه
سيريل بڻائي ڇڏيو.
۱۹۷۰ع جي ڏهاڪي
۾ امجد اسلام امجد جو هڪ نظم ’محبت ڪي ايڪ نظم‘ نوجوانن ۾ تمام گهڻو مقبول ٿيو ۽ سڄي
زندگي امجد اسلام امجد جي سڃاڻ بڻيو رهيو. هو جتي به ويندو هو، کانئس اُن نظم جي
فرمائش ٿيندي هئي. پوءِ اُن جي مقبوليت جو اهو سفر سڄي عمر جاري رهيو.
(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۴ فيبروري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
آواز امر آھن
اعجاز منگي
جنھن وقت پاڪستان ڪوڙي، ڪرپٽ ۽
پاپي سياست جي پڃري ۾ پنھنجا پر کوھي رھيو آھي. ان وقت ٻن مھان آرٽسٽن جو الوداع ڪرڻ
ڪنھن عظيم الميي کان گھٽ ناھي. ھڪ تھ پنجاب جو پيارو شاعر امجد اسلام امجد اسان
کان وڇڙي ويو ۽ ٻيو گذريل ڏينھن ضياءَ محي الدين گذاري ويو.
امجد اسلام امجد ڪيترن ئي رواجي
۽ ڪجھھ انتھائي غيررواجي ۽ تمام خوبصورت گيتن جو خالق ھو. ھن جو ھڪ گيت تھ تمام
حسين آھي. اھو گيت جيڪو نورجھان نھايت پياري انداز سان ڳايو آھي. اھو گيت جنھن جا ٻول
آھن:
”مين تيري سنگ ڪيسي چلون سجنا
تو سمندر ھي مين ساحلون ڪي ھوا“
ان گيت ۾ جيڪي اڳيان مصرع آھن،
انھن ۾ تخليقيت جا بيشمار جلوا جھرمر ڪن ٿا. جڏھن ھو نھايت آسان اردوءَ ۾ٻڌائي ٿو
تھ ”جڏھن تون ھلڻ ٿو لڳين، تڏھن ستارا بھ ھلڻ ٿا لڳن. لڙڪن وانگر!“ ان گيت ۾ اھي ٻول
بھ آھن تھ ”تون منھنجو ھٿ پنھنجي ھٿ ۾ جھلي ٿو ھلين. اھا تنھنجي مھرباني آھي.“ ان
جو آخري مصرع آھي:
”ميري منزل بني تيرا ھر راستھ
تو سمندر ھي مين ساحلون ڪي ھوا“
جڏھن پاڪستان جي سياست پنجاب ۾
بيھودو ميدان سجائي ويٺي آھي. جڏھن ھر اقتداري جوئاري ھارائڻ جي توائيءَ ۾ وات ڀري
گاريون ڏيندو ھجي. جڏھن پوليس پراڻن حڪمرانن جا لٽا لاھيندي ھجي. ان وقت گلن ڦلن
جھڙا گيت جھونگارڻ ۽ ريشمي آنچلن کي اڏرندو ڏيکارڻ واري شاعر جي ھن دنيا مان موڪلاڻي
غمگين تھ ضرور ڪندي. ڇو نھ ڪندي اداس ۽ اٻاڻڪو، ان ڪويءَ جي جدائي، جنھن لکيو ھو:
”سر سي ليڪر پيرون تڪ
دنيا شڪ ھي شڪ سائين
تم سچي برحق سائين“
اھو امجد اسلام امجد بھ اسان جي
ماحول ۾ نھ رھيو، جنھن جي ڪري پنجاب جي فضائن ۾ گيت ۽ سنگيت جو جادو مٽيءَ جي ڏيئي
وانگر جلندو ھو.
ڪراچي تھ ھڪ شودو شھر آھي. ڪراچيءَ
۾ زندگي بي رحم بازار ۾ روز وڪامندي آھي. اھو شھر جنھن ۾ سرمايو ئي سڀ ڪجھھ ھجي.
جنھن ۾ ڪرپٽ ڪامورا ۽ لينڊگريبر اقتداري گھٽين ۾ ھٿ ھٿ ۾ ڏئي ھلندا آھن. جتي دھشتگرد
وزيرن سان جام ڇلڪائي نعرا ھڻندا آھن. جتي سياسي ملان پنھنجا اڪائونٽ پنھنجن پيٽن
وانگر ڀريندا آھن. جتي چور بازاري ۽ زخيرا اندوزي بزنس سمجھي ويندي آھي. جتي اصلي
۽ نقلي شين جي وچ ۾ ڪا بھ لڪير ڪڍڻ آسان نھ آھي. اھو شھر جيڪو روڊ تي تڙپندڙ انسان
طرف ڪنڌ ورائي ڏسڻ جي فرصت کان محروم آھي. اھو شھر جنھن لاءِ اھو فيصلو ڪرڻ آسان
نھ آھي تھ ان ۾ جسم فروشي وڌيڪ ٿيندي آھي يا ضمير فروشي؟ ان شھر ۾ آرٽ جي تند
تنواريندڙ شخص ھڪڙو ئي تھ ھو ۽ اھو ھو ضياءَ محي الدين! ھو جيڪو پنھنجي نالي جيان
نرالو شخص ھو. ھن جي تن من ۾ ڪلا جو ڪامڻ ھو. ھن جو پورو وجود آرٽ سان ونگيل ھو.
ھو فقط وائيس آرٽسٽ نھ ھو پر ھن ۾ جيڪو ذوق ھو اھو ڪمال جو ھو. ھن ۾ جيڪو شوق ھو،
ان جي ڪا حد نھ ھئي. ھو پاڻ شاعر نھ ھو پر ھو شاعريءَ کي جنھن انداز سان پيش ڪندو
ھو، اھو فقط ھن جو ھنر ھو. اھا فقط ھن جي ڏات ھئي تھ ھو جھڙي ريت ڪنھن بھ شعر کي
جھونگاريندو ھو تھ ٻڌندڙ مٿان جادو ڪري ڇڏيندو ھو. ھو پنھنجي محفل ۾ ماڻھو موھي ڇڏيندو
ھو. جڏھن ھو مرزا غالب جا غزل پڙھندو ويندو ھو. ڪھندو ويندو ھو. جڏھن ھو فيض احمد
فيض جي اڳواٽ سوين ڀيرا پڙھيل ۽ ٻڌل شاعري رس ڀري آواز ۾ پيش ڪندو ھو تھ ائين
محسوس ٿيندو ھو، ڄڻ اسان اھي ٻول پھريون ڀيرو ٻڌي رھيا ھجون. ھو فقط غزل ۽ گيت ئي
نھ پر آزاد نظم بھ ائين پڙھندو ھو جو انھن ۾ ترنم جا ڪيترا چشما ڦٽي پھاڙي نديءَ
وانگر ڇل ڇل ڇلندي وھڻ لڳندا ھئا. جنھن بھ ھن جي آواز ۾ ن.م راشد جو طويل نظم ”حسن
ڪوزه گر“ ٻڌو ھوندو، اھو ان شخص کي ڪڏھن بھ فراموش نھ ڪري سگھندو، جنھن جو نالو ھو
ضياءَ محي الدين!
”حسن ھوش مين آ
حسن اي محبت ڪي باري
محبت اميرون ڪي بازي“
۽ ھو فقط نظم پيش ڪرڻ ۾ ڪمال نھ
رکندو ھو پر ھو جڏھن اردو نثر بھ پڙھندو ھو تھ ائين لڳندو ھو تھ ڄڻ ليکڪ جو روح
پکي بڻجي ٻولي رھيو آھي.
ڪاش! ڪوئي ھن جي واتان پڙھيل ۽
پيش ڪيل غالب جا خط ٻڌي.
ھو جيڪو اصل ۾ شيڪسپيئر جو عاشق
ھو. ھو اصل ۾ ٿيٽر جو بندو ھو. ھو جڏھن شيڪسپيئر کي پراڻي ۽ ڪلاسيڪل انداز ۾ پڙھندو
ھو تھ ائين لڳندو ھو، ڄڻ ٽيمس نديءَ ۾ ٻوڏ اچي وئي آھي ۽ لھرون لپڪي ھڪٻئي سان وڙھنديون
ٿيون وڃن. ھن جي انداز ۾ جيڪا بي ساختگي ۽ ھن جي لھجي ۾ جيڪا لاهه چاڙهه ھئي. ھو
جھڙي ريت لفظن جا احساس تلاش ڪري ايندو ھو ۽ ھو جھڙي ريت سٽن سان سيسڙاٽ ڪڍي وٺندو
ھو. اھو فن فقط ئي فقط ھن جو ھو.
ھن سان منھنجي ملاقات ناقابل فراموش
يادگيري جھڙي آھي. جڏھن مان عمر قاضيءَ سان گڏجي ھن وٽ ويو ھئس. جڏھن مون ھن کي
چيو ھو تھ اسان جي اھا وڏي خواھش آھي تھ ضياءَ محي الدين شيخ اياز جي اردو شاعريءَ
کي پنھنجي انداز ۾ پيش ڪري تھ ھن خوشيءَ سان قبول ڪيو. ھو ان وقت بھ لڳ ڀڳ نوي
سالن جو ھو. ھو چانھن پيئڻ کان پوءِ نھايت نفاست سان سگريٽ دکائي ڪش ھڻڻ لڳو تھ
مون کانئس پڇيو. ”توھان ھن عمر ۾ بھ سگريٽ پيئندا آھيو؟“ تھ ھن منھنجي ڳالھھ جو مرڪي
جواب ڏنو ھو تھ ”اھوئي تھ حسن جو راز آھي.“ ھو واقعي حسين ھو ۽ ھن جي حسن جي راز مٿان
سدائين پردو پيل رھندو.
مون کي اھا شام بھ ياد آھي. جيڪا
شام منھنجي ادبي زندگيءَ جي ھڪ يادگار ۽ خوبصورت شام ھئي. جڏھن ضياءَ محي الدين
اياز جي اردو شاعري پڙھڻ لاءِ آيو ھو. ان شام آرٽس ڪائونسل ھو ھال کچا کچ ڀريل ھو.
ان ھال ۾ تر ڇٽڻ جيتري جاءِ نھ ھئي. ڪراچيءَ ۾ جنھن جنھن کي بھ ادب جي آرزو رھي
آھي، اھو ماڻھو اتي موجود ھجڻ جا جتن ڪري رھيو ھو. ان شام مان تھ پنھنجي فيمليءَ
سميت پٽ تي ويٺل ھئس پر مون کان سواءِ پوري پيپلز پارٽيءَ ۾ اڪيلو اشراف شخص تاج
حيدر بھ ڏاڪڻ تي ويٺل نظر آيو ۽ اڳوڻو آءِ جي منھنجو دوست مشتاق مھر بھ دروازي وٽ ھڪ
ڏاڪي تي ويٺي ضياءَ محي الدين جي آواز ۾ اياز ٻڌڻ آيو ھو.
ان شام مون وڏي واڪي سان اظھار ڪيو
ھو تھ اڄ آئون ايترو خوش آھيان، جيتري خوشي ماڻھوءَ کي ان مھل ٿيندي آھي، جڏھن ھن
جو ڪو وڏو خواب تعبير جو پھراڻ پائي مرڪندو ھجي. سپنا ساڀيان ٿي پون تھ ٻيو ڇا گھرجي؟
ضياءَ محي الدين کان اياز ٻڌڻ ۽
ان کي رڪارڊ ڪري تاريخ جو حصو بڻائڻ ڪنھن عظيم ڪارنامي کان گھٽ نھ ھو ۽ اھو وڏو ڪم
مون قاضي عمر سان گڏجي ڪيو ھو. ان وقت منھنجون اکيون آليون ٿي ويون ھيون، جڏھن
ضياءَ محي الدين اياز جو اھو اردو نظم پڙھيو ھو:
”بارشين ھونگي
ره ھستي پھ تھم جائي گي دھول
اور دونون طرف گھري سرخ ڦول
جب کلين گي
تب ملين گي
تاافق جس وقت ھوگي
اڪ فضاءَ سرخ رنگ
اپني ڪاشانون ڪو لوٽين گي ڪلنگ
سب ملين گي
تب ملين گي
تيري ميري آنسوئون سي
ايڪ طوفان آئي گا
بعد سب مٽ جائي گا
ڪب ملين گي
ڪب ملين گي“
اھو گيت ان ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي
صدا جھڙو ھو.
ڪراچي جنھن ۾ سنڌي اڄ گھٽ ۽ ڪالھھ
وڌيڪ اجنبي ھئا. ان شھر ۾ سنڌي ائين محسوس ڪندا ھئا، جيئن پيٽرس برگ ۾ دوستو وسڪي
محسوس ڪندو ھو. جڏھن ھن جو ھڪ ڪردار پنھنجي جسم فروش محبوبا کي خون دل سان خط
لکندو ھو ۽ ھن ھڪ خط ۾ اھو بھ لکيو ھو تھ ”جڏھن امير ماڻھو مشعل بردار بگين ۾
پھنجون نازڪ ۽ حسين ناريون وڏي پروٽوڪول سان ويھاري ھلندا آھن، تڏھن تون مون کي
شدت سان ياد ايندي آھين. ان وقت مون کي محسوس ٿيندو آھي تھ ماڻھوءَ جو روح وڏن
شھرن جي ديو قامت پيرن ھيٺان چٿيل ۽ چيھاڙيل آھي.“
ڪراچي جنھن ۾ اياز جواني گذاري
۽ جنھن ۾ اياز جھوني وھيءَ جا حسين وڙ وڪڙ ڏٺا.
ڪراچي جنھن جي ڏينھن راتين تي اياز
پنھنجو نھايت پيارو ڪتاب لکيو.
ڪراچي جنھن ۾ ڪلاشڪوف جا برسٽ
شاديءَ جي رات ٿيندڙ آتش بازين وانگر اڏامندا ويندا ھئا.
ڪراچي جنھن ۾ سنڌين جو خون ائين
وھندو ويو ھو، جيئن اياز جو اھو نظم تھ:
”اب تو ڀنگي ڌو گئي ھين راستون ڪو
خون انسان ناليون مين جم گيا ھي
خون انسان ڪل يھان پر بھھ رھا
تھا
اور سبھي سي ڪھھ رھا تھا
مين ڪھ مڇلي اور چاول سي بنا
ھون
نغمھ ٽيگور بھي ھون
اور سگندھون مين پلا ھون
مجھھ سي ايڪ ٽيڪا تو لگائو
اس طرح مين رائگان جاني نھ
پائون“
ان ڪراچيءَ جي آرٽس ڪائونسل ۾
اياز جي اردو شاعري شعلن وانگر ڀڙڪي رھي ھئي ۽ آرٽ جي الن کي رقص ڪرائڻ وارو شخص ھو
ضياءَ محي الدين!
اھو ضياءَ محي الدين جنھن اردو
آباديءَ جو قرض ادا ڪندي اياز کي ھن جو ادبي حق موٽائي ڏنو ھو. ان مھل گھڙين جا ڪانٽا
تھ ھلي رھيا ھئا پر وقت رڪجي ويو ھو، جڏھن ھن جھونگاريو ھيو تھ:
”اس سمت ڀٽائي گليون مين
ڪل خون مين لت پت ديکا تھا
اڪ خنجر اس ڪي سيني مين
پيوست ھوا، وه آن گرا
جب مين ني اپني جھولي مين
اس ڪي زخم ڪو سھلايا
تو ڪيا ديکا وه خسرو تھا
تاريخ ڪي خوني سفاڪو
تم ڪب تڪ خون بھائو گي؟“
اھو سوال سنڌ جي سياست جي سيني
۾ اڄ بھ ھڪ خنجر وانگر کپيل آھي.
آخر ڪيستائين ھي نفرت ۽ ھيءَ
عدم اعتباري!
آرٽسٽ سماجن کي ٽٽل گلدستن
وانگر جوڙيندا آھن.
آرٽسٽ تھ زندگيءَ جي پريشان
زلفن ۾ مسڪرائيندڙ گل سجائيندا آھن.
آرٽسٽ بھ فاني انسان ھوندا آھن.
آرٽسٽ بھ ائين مري ويندا آھن،
جيئن گذريل ڏينھن ضياءَ محي الدين مري ويو.
آرٽسٽ مري سگھي ٿو پر آرٽ زنده
آھي.
آرٽسٽ مري ويندو پر ھن جو آواز
تھ امر آھي.
جيڪڏھن ائين نھ ھجي ھا تھ اسان
جو اياز ڇو لکي ھا؟
”واڪي منجھھ وجود کي ڦيرايو آ
مون
موت تڪين ٿو تون، مٺ ھڏن جو مامرو.“
(ڏھاڙي سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد ۾ ۱۴ فيبروري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا