; سنڌي شخصيتون: ايڇ ڪي ڪرپالاڻي

17 April, 2023

ايڇ ڪي ڪرپالاڻي

ايڇ ڪي ڪرپالاڻي

سنڌ جي تاريخ جو پهريون چيف سيڪريٽري

مختيار ملاح



۱۹۳۶ع ۾ بمبئي پريزيڊنسيءَ مان اڙيسا ۽ سنڌ کي الڳ صوبن جي حيثيت ڏني وئي. سنڌ صوبي جا انتظامي معاملا ڪامورن جي حوالي ٿيا. The Government of India Act 1935 تحت نوان انتظامي سڌارا ڪيا ويا. دفتر ۽ انتظامي کاتا قائم ڪيا ويا. هن قانون جي نفاذ سان اڳيان سڀ قانون منسوخ ڪيا ويا. نئين انتظامي سيٽ اپ ۾ ڪمشنر اِن سنڌ جو منصب ختم ٿي روينيو ڪمشنر جي سنڌ ۾ بدلجي ويو. انهي عهدي مان اهو اختيار ختم ٿي ويو جيڪو ڪمشنر اِن سنڌ کي مليل هو. اهو عهدو هاڻي فقط سيڪريٽريٽ ۾ هڪ ڊپارٽمينٽ جي سربراهي تائين محدود ٿي ويو جيڪو وقت جي چونڊيل حڪومت ڏانهن جوابده هوندو هو. نئين سرشتي ۾ چيف سيڪريٽري مقرر ٿيڻ لڳو. صوبائي کاتن لاءِ نوان دفتر قائم ٿيا. صوبائي حڪومت جي سيڪريٽريٽ ۾سيڪريٽري، ضلعن جا ڪليڪٽر، ڊپٽي ڪمشنر، ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ سنڌ جي چيف سيڪريٽريءَ جي مقرري آءِ. سي. ايس آفيسرن مان ٿيندي هئي. عدليه ۾ به گهڻو ڪري انگريز هوندا هئا، جيڪي به سڀ آءِ. سي. ايس آفيسر هوندا هئا. چيف سيڪريٽري، سموري صوبي جي انتظامي معاملن جو انچارج هوندو هو. سموري ڪامورا شاهي ۽ ملازم شاهي سندس نگرانيءَ ۾ ايندي هئي.


موجوده چيف سيڪريٽري هائوس، جيڪو ڪمشنر هائوس ڪراچي سان لڳو لڳ آهي، ۽ برطانوي راڄ جي هڪ بهترين عمارت آهي، اها ان دور ۾ جوڊيشل ڪمشنر جي زير استعمال هيٺ هوندي هئي. آزاديءَ کان پوءِ هن عمارت کي سنڌ جي چيف سيڪريٽريءَ جي گهرو توڙي سرڪاري آفيس جي استعمال ۾ آندو ويو. سنڌ جي تاريخ ۾ پهرين چيف سيڪريٽري ايڇ. ڪي ڪرپالاڻيءَ کي مقرر ڪيو ويو، جيڪو حيدرآباد جو ڄايو هو.

ڪرپلاڻي خاندان بابت، ڀيرومل مهرچند لکيو آهي ته ”ديوان کٽڻ مل جي پوٽي ديوان خوشيرام سترامداس کي پنج پٽ ڌرمداس، هيرانند، حشمتراءِ، سنتداس ۽ موتيرام آهن. انهن مان مسٽر هيرانند، مسٽر سنتداس ۽ موتيرام ٽئي آءِ سي ايس آهن. هڪڙي گهر مان ٽي ڀائر آءِ سي ايس ٿيڻ اهڙو مثال سڄي هندستان مان مشڪل سان ملندو“. هيرانند خوشيرام ڪرپالاڻي، ايم اي، هو، جڏهن هو آءِ سي ايس جو امتحان پاس ڪري موٽيو ته، سندس اسڪول جا استاد سندس چؤچاڪيءَکي ڇڪڻ لاءِ خوشي مان اڳتي وڌي آيا هئا.

هيرانند ولد خوشيرام ڪرپالاڻي جو جنم حيدرآباد جي خوشحال عامل گهراڻي ۾ ۲۸ جنوري ۱۸۸۸ع ۾ ٿيو. شروعاتي تعليم اين ايڇ اڪيڊمي مان ۽ وڌيڪ تعليم ڊي جي ڪاليج ڪراچيءَ مان تعليم حاصل ڪيائين. مسٽر ڪرپالاڻي، ۱۹۰۷ع ۾ بي اي جو امتحان سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪيو ۽ ايم اي ۱۹۰۸ع ۽ ۱۹۱۰ع ۾ آءِ. سي. ايس جو امتحان پاس ڪري ۱۹۱۲ع ۾ هندستان واپس آيو. احمدآباد ۾ سيٽلمينٽ آفيسر، بمبئيءَ ۾ ميونسپل آفيسر طور ڪم ڪيائين. ۱۹۲۶ع ۾ بمبئيءَ پريزيڊنسيءَ ۾ ڪليڪٽر مقرر ٿيو. ان کان پوءِ، مختلف کاتن جو سيڪريٽري پڻ رهيو. انتهائي قابل آفيسر هو. سنڌ ۾ پڻ مختلف عهدن تي ڪم ڪري چڪو هو. پهرين اپريل ۱۹۳۶ع تي سنڌ کي بمبئيءَ کان الڳ ڪيو ويو ته کيس صوبي جو پهريون چيف سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، انگريز سرڪار، سنڌ ڄائي ڪاموري کي سنڌ جي صوبائي انتظام جون ذميواريون ڏنيون، هن ٻن سالن تائين سنڌ ۾خدمتون سرانجام ڏنيون.

سندس دور ۾ سنڌ ۾ هڪ نئون سياسي نظام آيو، جنهن جي ڪري ڪاموراشاهيءَ تي به دٻاءُ وڌيو. ان کان علاوه، ڪيترائي نوان کاتا سنڌ ۾ قائم ٿيا، جنهن جي ڪري چيف سيڪريٽري جي حيثيت سان کيس تمام گهڻي محنت ڪرڻي پئي. هن سنڌ سيڪريٽريٽ جي آفيسن کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو، ڇو ته ان کان اڳ سنڌ جي مختلف کاتن جون آفيسون هڪ ٻئي کان پري ۽ الڳ هونديون هيون. سندس موجودگيءَ ۾ ڊي جي ڪاليج جي ۱۹۳۷ع ۾ گولڊن جوبلي ٿي هئي، جنهن ۾ هن تقرير به ڪئي هئي. هو هڪ با اصول ۽ سخت مزاج آفيسر هو. هن جي عرصي ۾ سنڌ ۾ آزاديءَ جي تحريڪ عروج تي پهتل هئي. پهرين جون ۱۹۳۸ع تي سندس بدلي ٿي وئي، ۱۹۳۸ع کان ۱۹۴۱ع تائين بمبئيءَ ۾ پورٽ ٽرسٽ جو چيئرمين رهيو. ۱۹۴۱ع کان ۱۹۴۲ع تائين بمبئي پريزيڊنسيءَ جو چيف سيڪريٽري رهيو. ۱۹۴۵ع کان ۱۹۴۷ع تائين انڊين حڪومت جو صنعتن واري کاتي جو صلاحڪار رهيو. ۱۹۴۷ع ۾ سنڌ ڇڏي هندستان لڏي ويو ۽ اتي خدمتون سرانجام ڏنائين. بعد ۾ انڊين پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمين رهيو. هيرانند خوشيرام ڪرپلاڻي، ۱۹۵۳ع ۾ ديهانت ڪري ويو.

 

(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد جي ڪاوش دنيا ۾ ۱۶ اپريل ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا