پروفيسر ڊاڪٽر اجمل
ساوند
ھڪ عالم جو قتل ۽ ساڀيان
نه ماڻيندڙ خواب
ايڊيٽوريل عوامي
آواز
سنڌ ۾ ھڪ ٻئي عالم جي بي رحماڻي
قتل سمورن ذي شعور ماڻھن کي لوڏي ڇڏيو آھي، اجمل ساوند نالي ھن نوجوان پروفيسر جو
قتل سنڌ ۾ بدامني، جھالت، تنگ نظريءَ ۽ ورھين کان هلندڙ بحرانن کي وائکو ڪري ٿو. ڪجھه
سال اڳ اھڙي ئي ريت ھڪ ٻئي اسڪالر جاويد ڀٽي جي آمريڪا ۾ ٿيل قتل به ان وقت سنڌ جي
پڙھيل لکيل ماڻھن کي ڏوڌي ڇڏيو ھو. جاويد ڀٽي جي قتل ۾ آمريڪا جو ھڪ اھڙو شھري
ملوث ھو، جنھن جي تاريخ ڏوھن سان ڀريل ھئي ۽ ھو ذھني طور پڻ مفلوج رھيو ھو. پر سنڌ
۾ھن قتل سان ان ڳالھه جي نشاندھي ٿي رھي آھي ته سنڌ ۾ به قبيلائي جھيڙن ۾ ملوث ماڻھو
به اھڙي ئي ذھني ڪيفيت ۾ مبتلا آھن.
اجمل ساوند ھڪ اھڙو نوجوان اسڪالر
آھي، جيڪو پنھنجي علائقي ۾ سندس ذات ۽ ان سان جھيڙندڙ ذات وارن ۾ ڪجھه سالن کان
جاري قبائلي جھڙي جو شڪار ٿيو، ھڪ معصوم ۽ بي ضرر پروفيسر جو ان ۾ ڏوه صرف اھو ئي
ھو. ھو ھن وقت سنڌ جي نامياري تعليمي اداري آءِ بي اي سکر ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ھو، جيڪو
پنھنجي علائقي شالو ڪنڌ ڪوٽ کان ڊيوٽي جي لاءِ پنھنجي ڪار ۾ سوار ٿي سکر اچي رھيو
ھو، جو گھات ھڻي ويٺل ھٿياربندن وحشياڻي فائرنگ ڪري کيس ابدي ننڊ سمھاري ڇڏيو.
سموري صوبي ۾ بدامني آھي، خاص ڪري
اتر سنڌ جي ٻن ڊويزنن سکر ۽ لاڙڪاڻي ڪچي وارن علائقن ۾ ڌاڙيلن ۽ ھٿياربندن جو راڄ
آھي، جيڪي ھر وقت سرڪار جي رٽ کي چئليج ڪندا رھن ٿا، سرڪار ان لاءِ ڪڏھن ڪڏھن رسم
پوري ڪرڻ جي لاءِ ڪارروائي به ڪري ٿي ۽ اڃا ٿورا ڏينھن اڳ ڌاڙيلن خلاف وڏي پئماني
تي آپريشن جو فيصلو ٿيو ھو، جنھن جي لاءِ خاص طور تي بجيٽ جي منظوري پڻ ڏني وئي
ھئي. پر تاحال اھڙو ڪو عمل ڪنھن ڪنڊپاسي ۾نظر نٿو اچي.
سنڌ ۾ ھڪ عرصي کان قبائلي جھيڙا
به جاري آھن، مختلف وقتن تي انھن علائقن جا سردار ۽ قبيلائي بااثر ڌريون راڄوڻي ڪنديون
رھن ٿيون، جڏھن ته اھو سلسلو اڳي کان اڳرو آھي ۽ سرڪار جي انتظام ۾ به اڪثر اھڙن تڪرارن
جي لاءِ قانون جي رٽ قائم ڪرڻ بجاءِ سرپئنچي جو سھارو ورتو ويندو آھي.
سنڌ ۾ ھڪ سرڪار موجود آھي ۽ ان
جون قانون ۽ انتظام پڻ آھن، پر اھا به حقيقت آھي ته گھڻ ئي سببن جي ڪري ڏوه رڪجڻ
بدارن وڌي رھيا آھن. جنھن مان اھو ظاھر ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ لاقانونيت واري طاقت
سگھاري آھي يا وري قانون ۾ ڪو جھول آھي جيڪو لاڳو ٿي نٿو سگھي.
ھڪڙو عام خيال آھي ته سنڌ ۾ ڏوھن
جو جيڪي به نرسريون آھن، انھن ۾ حد جي پوليس، علائقي جو وڏيرو ۽ جھالت تي فخر ڪندڙ
اھي سردار شامل آھن، انھن نرسرين مان ڏوھارين جي فوج تيار ٿي نڪرندي رھي ٿي، جنھن
سان سموري معاشري جو اسٽرڪچر ناس ٿي رھيو آھي پر قانون جي حڪمراني جي ڳالھه ڪندڙ
ان پاسي ڏانھن ڪو به ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار نه آھن.
ڏوھن جي وڌڻ جي سبب ۾ عدليا جو
نظام پڻ آھي، جتي ورھين تائين ڪيسن جو نبيرو ٿي نٿو سگھي، جنھن ڪري ماڻھن جو وڏو
تعداد اھڙي جنجھٽ ۾ پوڻ کان نٽائي ٿو ۽نبيري جي لاءِ سردار ۽ وڏيري ڏانھن وڃي ٿو. نه
رڳو ايترو پر اتر سنڌ جا ڪي سردار اھڙي ساک ۽ ڌاڪ رکن ٿا جو انھن جي فيصلن جا مثال
ميڊيا ۾ پڻ ڏنا وڃن ٿا.
ذڪر ڪيل سببن کانسواءِ ھن وقت
خود علائقي جو بااثر ماڻھو روايتي سياست سان سلھاڙجي ويو آھي، جيڪو ھڪ ئي وقت
سياسي اڳواڻ پڻ آھي، سياسي شعبي جو ھڪ دلچسپ پاسو ھي آھي ته سمورين جماعتن ۾
سردارن، پيرن، ميرن ۽ بااثرن کي وڏو مان مرتبو ملي ٿو، ان ڪري ڪھڙي به حڪومت ھجي
پر پوليس۽ سياست ۾داخل ٿي ويل حد جي بااثر جي وڌيڪ ھلندي پڄندي رھي آھي.
اھڙن سمورن روين جي وڌڻ سان به ھي
ڏوھه ڪنھن کي به معيوب نٿا لڳن، جنھن معاشري جي مٿين حصي ۾ جيڪو ڪجھه وھي واپري ٿو
ان جو سڌو اثر سنڌ جي نيم قبائلي ۽ نيم جاگيرداري واري ماحول تي پوي ٿو. سنڌ ۾
اوطاقن تي ڌاڙيل ”ھيرو“ طور سمجھيا وڃن ٿا.
پروفيسر اجمل ساوند جي قتل بعد
سنڌ جي پڙھيل ماڻھن ۽ سنڌ دوست ڌرين کي اھو تسليم ڪرڻ گھرجي ته ھن وقت سنڌ ۾ مدي
جارج سياست سموري معاشري کي قابو ڪري رکيو آھي. جنھن مان جند آجي ڪرائڻ جي لاءِ
واحد حل سائنٽيفڪ تعليم۽ مثبت تربيت ئي آھي، تعليم ڏانھن سرڪار جي رويي مان اھو
اندازو ڪري سگھجي ٿو ته ان شعبي کي ڪيتري اوليت ڏني وئي آھي.
پروفيسر اجمل ھڪ وڏو عالم ھو ۽
ھن وقت جي برق رفتار دنيا کان مڪمل طور واقف ھو، ھن فرانس مان پي ايڇ ڊي ڪئي ھئي ۽
ڪيترائي ريسرچ پيپر لکيا ھئا، ان شعبي ۾ بعد ۾ داخل ٿيندڙ اسڪالرز سندس مضمونن کي
ريفرنس طور کنيو، نه رڳو ايترو پر ھن ڪنھن نوجوان جي پاران ان سوال ”توھان فرانس
مان ھتي ڇو آيا؟“ پروفيسر جو جواب ھو ”ان ڪري جئين توھان جھڙن نوجوانن کي فرانس موڪلي
سگھان.“
سنڌ جي ھن نوجوان عالم جي نالي
توڻي ڪم کان اڳ ۾صرف تعليم يا سندس شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻھون ئي واقف ھئا پر
سندس قتل واري واقعي بعد سموري سنڌ مان جيڪو ردعمل ظاھر ٿيو آھي، ان مان ظاھر ٿئي ٿو
ته سنڌ جي تعليم يافته ماڻھو ھڪڙي اسڪالر سان ڪيترو پيار ڪري ٿو.
نوجوان اسڪالر پنھنجي سڀاءُ ۾
انتهائي سلڇڻو ۽ بنا ڪنجوسي جي علم ورهائڻ وارو استاد ھو. ھن جو خواب ھو ته سنڌ ۾
علم جي ڏياٽي روشن ڪري جھالت واري اونداھي کي ختم ڪجي جيڪو تعبير نه ٿيو، ان کان اڳ
جو وري ڪو روشن دماغ ڪنھن جھالت جي ور چڙھي وڃي سموري سنڌ جي عالمن، وطن دوستن۽ گھڻ
گھرن کي گھرجي ته ڪو اھڙي رٿا رٿين جنھن سان پورفيسر صاحب جو خواب پورو ٿي سگھي. اھو
ئي واحد تبديلي جي واٽ آھي. ھي صرف افسوس ڪرڻ جو نه پر ان جي لاءِ عملي طور تي
ميدان ملھائڻ جي ضرورت آھي.
(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۸ اپريل ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
ڊاڪٽر اجمل ساوند
جنھن جو قتل پوري
انسانيت جو قتل آهي
حميده گهانگهرو
ڪافي سال اڳ هڪ انڊين فلم ڏٺي
هئي ”ايڪ ڊاڪٽر ڪي موت.“ ان فلم ۾ غريب فيملي سان تعلق رکندڙ هڪ ڊاڪٽر، ڪيترائي مشڪل
مرحلا طئي ڪري ۽ حالتن سان مقابلو ڪندي وڏي منزل ماڻي هئي. حيرت جي ڳالهه اِها آهي
ته ان ڊاڪٽريءَ جي پيشي کي ڪمائي جو ذريعو نه پر هڪ اهڙي جستجو ۽ تحقيق ڪرڻ جي اهڙي
موضوع سان پاڻ کي ارپيو، جيڪو ان وقت ميڊيڪل سائنس ۾ سواليه نشان بڻيل هو. اها
تحقيق ڪوئن جي هڪ اهڙي بيماري متعلق هئي اهڙي وائرس بابت هئي جيڪا ڪوئي مان انسان
کي لڳي هئي جنهن سبب خاندانن جا خاندان موت جو شڪار ٿي ويا هئا. سڄي گهر ۾ فرنيچر
بجاءِ ڪوئن جون الماريون ۽ ڪيبنٽ هئا. اهڙي تحقيق ڪندڙ هن ڊاڪٽر کي پهريون ته چريو
سمجهيو ويو پر اڳتي هلي جڏهن سندس ان تحقيق بين الاقوامي طور مڃتا ماڻي ته پوءِ
وري سندس تحقيق تي ٻين ماڻهن دعويٰ ظاهر ڪري پنهنجي ڇاپ هڻي ڇڏي. مطلب ته جنهن ڊاڪٽر
بکن ۽ فاقن تي رهي ڪري انتهائي محنت سان تحقيق ڪئي هئي تنهن جي همت افزائي بدران
سندس تحقيق کي چوري ڪيو ويو. جنهن جو کيس تمام گهڻو صدمو پهتو. اها سڄي فلم ان ’ڊاڪٽر
جي گرد گهمي پئي ۽ نالو رکيو ”ايڪ ڊاڪٽر ڪي موت.“ موت مان مراد سندس تحقيق تي حملو
هو. دراصل ڊاڪٽر مري نه ويو پر هن جي احساسن، جذبن، قابليت، هنر، محنت جو قتل ڪيو
ويو.
ڏسجي ته اڄ به قابليت، هنر،
محنت جو قتل سرعام آهي. آئين، عدالتون هئڻ جي باوجود ڪيترا ڪيس ڪٽهڙي تائين پهچي
پهچي ٿڪجي پون ٿا يا وري عدالت جي اوسيئڙي ۾ ڏينهن، مهينن، سالن جي سفر ۾ گم ٿيندي
هڪ نسل کان ٿيندي ٻئي نسل تائين پهچي ٿي وڃي.
ناانصافين جا پلئه ايڏا ته وزني
آهن جو غريب کي ڦاهو ڏئي انصاف جي پلڙي کي برابر ڏيکارڻ معمول آهي. پر ڪڏهن ملڪ ۾
دهشتگردن، نياڻين سان بي حرمتي ڪندڙن خلاف فيصلو آيو آ؟ ڇا سياسي، سماجي، اخلاقي
انصاف گهرندڙن جي آواز کي حق جو آواز سمجهي انصاف مليو آهي؟ ڪيترا اهڙا مسيحا
استاد، ڊاڪٽر، انجيئر وڪيل بي درديءَ سان قتل ڪيا وڃن ٿا. نوجوان تشدد ذريعي ماريا
ٿا وڃن، نياڻين جا لاش پکن ۾ ڦاهي ڏئي لٽڪايا وڃن ٿا. ڄڻ جهنگ جو قانون هجي، مطلب
ته ظالمن ۽ قاتلن لاءِ انصاف ناهي. پر جيڪڏهن ايمانداري سان ڪي شخصيتون انصاف ڪرڻ
چاهينديون به هجن ته ڪي وڏيون هستيون، پئسن جا ٿيلها آڇينديون، ڊيڄارڻ، ڌمڪائڻ جي
حد تائين ڳاڙهي خون کي سڪائي ڪاراڻ ۾ تبديل ڪرائينديون.
اڃا هڪ مسيحا ڊاڪٽر بيربل جو رت
ريڳاڙا ڪري رهيو ئي هيو ته وري فرانس مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪري آيل، آءِ بي
اي يونيورسٽي سکر جو پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند کي بظاهر قبيلائي دهشتگردي ۾ قتل ڪيو
ويو آهي. ڇا هن ملڪ جي رياست، قانون ۽ آئين انهيءَ قتل جي اجازت ڏئي ٿو؟ اهڙي قابل
مسيحا جي هن قتل کانپوءِ ڪهڙي تاريخ ٺهندي. هن جي زندگي صرف ماني کائڻ ۽ جوانيءَ
جي منزل تي نه پهچڻ نه هو پر هن الائي ڪيترن جتن محنتن سان پاڻ کي سماج جو قابل
انسان بڻايو. هن ڪيترن ٻين نوجوانن کي علم جي مشعل هٿ ۾ ڏيارڻ جو عهد ڪيو هوندو. ڇا
حڪومت ۽ رياست جي اها ذميداري ناهي ته جديد دؤر جي تقاضائن مطابق قبيلائي سماج کي ٺڪرائي
ڇڏي ۽ سائنسي سوچ مطابق دنيا جي ترقي پسند ۽ ترقي يافته عملن ۾ اڳڀري ٿيڻ جي ڪوشش
۾ رڌل هجي.
اِها حڪومت جي وڏي ذميواري آهي
ته قبيلائي تڪرارن تي ڪنٽرول ڪري پڙهيل لکيل باشعور فردن کي جيئڻ جو حق ڏئي فرسوده
رجحان کي ڪنٽرول ڪري. تڏهن ئي ملڪ ۾ امن ۽ سلامتي کي سنڀالي غير ضروري وحشي جبلتن
جا شڪاري ڪنهن بي گناهه جي جان نه وٺي سگهندا. اهڙو قتل رڳو پروفيسر اجمل ساوند جو
نه ٿيو آ، پر مشال، ولي بابر ۽ ڪيترائي صحافي، اديب، شاگرد ائين قتل ڪيا ويا آهن.
انهن واقعن ڏانهن سنجيدگي ڏيکارڻ بجاءِ حڪمران هن وقت صرف هڪ ٻئي تي الزام تراشي ۽
روح وندرائڻ واري پاليسي کي ملڪ جو مقدر بڻائي ڇڏيو آهي، ٻئي پاسي بيگناهن جا خون
سيلاب جي وهڪرن وانگر وهايا وڃن ٿا. ڪيتريون ئي گواهيون، خوف ۽ حراسمنٽ جي نشاني
تي خاموش ڪرايون وڃن ٿيون. اهڙين حالتن جي عڪاسي مختلف ڏاهن مختلف وقتن ۾ پنهنجي
ادب ۽ شاعري ۾ ڪئي آهي اهڙي ئي عڪاسي اسان جي مهان شاعر شيخ اياز پنهنجي شاعري ۾ ڪئي
آهي جيڪا ۵۰ سالن يا ان کان به مٿي گذرڻ باوجود اڄ جي حالتن تي به ٺهڪي اچي ٿي.
اسان جي مها ڏاهي، اهڙن ئي
پيرن، ميرن، جاگيردارن، وڏيرن لاءِ چيو ته:
اڄ لال
لھوءَ جي سرگم تي ٿي ڌرتي منهنجي رقص ڪري،
منهن
هيڊ ٿيا غدارن جا بيشرم وڏيرن پيرن جا.
سو ڳالهه اها آهي ڊاڪٽر اجمل
ساوند و قتل پوري انسانيت جو قتل آهي هو ذات پات، رنگ نسل سميت هر متڀيد کان مٿاهون
هو. هو ڊيڪارٽ يونيورسٽي فرانس مان مصنوعي ذهانت ۾ پي ايڇ ڊي ڪري آيو هو. پنهنجي
ديس جي نوجوانن کي علم جي روشني ڏيڻ لاءِ آءِ بي اي سکر ۾ پڙهائي رهيو هو جيڪو مدي
خارج هڪ ڪڌي قبيلائي جهيڙي جي آڙ ۾ قتل ڪيو ويو. هن جو خواب هو ته تعليم جا دروازا
هر ڳوٺ، واهڻ، شهر ۾ کلي ويا آهن. پر جاگيردارڻي سماج جون باقيات پنڊورا باڪس مان
نڪري وار ڪرڻ واريون حرڪتون ڪري عوام جي شعور کي نقصان ته تمام گهڻو پهچايو آهي پر
جڏهن ناظم جوکيو جي قتل تي سرداري نظام جي خلاف آواز اٿيو هو ته هر قلمڪار جي قلم
جي ڳوڙهن مزاحمت ڪندي ڪنهن حد تائين سندس پونئرن سان تدارڪ ڪرايو.
هڪ هفتي جي اندر ڊاڪٽر بيربل ۽ ڊاڪٽر
اجمل ساوند وس وارن جي اڳيان عدالتي تحقيقات ۽ قاتلن کي سزا ڏيڻ تي حق بجانب
هوندو.
ڪيتري وقت کان خاص طور ڪراچي ۾
مختلف جاين تي بيگناهه مظلومن جا قتل ڪيا ٿا وڃن، بي پهچ خاندان اکين جي ڳوڙهن سان
غسل ڏئي پنهنجي پيارن کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪري ٿا ڇڏين. آخر ڪيستائين لاشن جا
سوداگر ڪر مٿي کڻي هلندا رهندا.
(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۷ اپريل ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
ڊاڪٽر اجمل ساوند کي مرڻو
ئي هو
وسعت الله خان
سنڌيڪار: زاهده
ابڙو
نيٽ فليڪس جي ڊاڪيومينٽري ”اسان
جي ڪائنات“ ڏسڻ سان خبر پئي ته آسٽريليا جي ”گريٽ بيريئر ريف“ جي ڊگهي ۽ اڇي
واريءَ واري سامونڊي پٽي تي سائين پٽين واريون ڪميون هزارن جي تعداد ۾ هڪ مخصوص
موسم ۾ خوني مڇين ۽ شڪاري پکين کان بچندي بچائندي هزارين بيدا ريتيءَ اندر دٻائي ڇڏينديون
آهن ۽ پوءِ نيري سمنڊ جي گهرائين ۾ لهي وينديون آهن.
سج جي گرميءَ سان ريتيءَ اندر دٻيل
بيدن مان نوان ڄاول ٻچا نڪري ايندا آهن جيئن ئي اهي سمنڊ ڏانهن ڊوڙ پائيندا آهن ته
فضا ۾ لامارا هڻندڙ بکايل پکي ۽ سمنڊ جي ڪناري کان ٿورو پري منتظر وڏيون مڇيون
انهن مٿان يلغار ڪنديون آهن.
هزارن نون ڄاول ڪمين جي ٻچن مان
مشڪل سان چار پنج ئي سمنڊ ۾ لهڻ ۾ ڪامياب ٿيندا آهن ۽ زنده رهندا آهن ۽ انهن مان
به تمام گهٽ ڪميون پنهنجي طبعي عمر تائين پهچنديون آهن.
هزارن ٻچن مان صرف چار پنج بچي
وڃڻ وارا ٻچا ڪيئي ڪيئي هزار ڪلوميٽر تائين سمنڊ اندر لهڻ ۽ خطرن سان کيڏڻ کانپوءِ
ٻيهر ٻچا ڏيڻ لاءِ بيدن جو ذخيرو پنهنجي پيٽ ۾ سانڍي پنهنجي جنم ڀوميءَ ڏانهن
واپسيءَ جو سفر ڪندا آهن ته جيئن اهي بيدا انهيءَ واريءَ ۾ دٻائي اچن جنهن جي
گرميءَ مان ڪيترائي سال پهرين سندن جنم ٿيو هو. اهو سلسلو لکين ورهين کان هلندو
اچي ۽ هلندو رهندو.
جڏهن مون کي ڊاڪٽر اجمل ساوند
جي قتل جي خبر پئي ته اها ئي ڪهاڻي ياد اچي وئي. ڪيترين مشڪلاتن سان قبائلي واريءَ
۾ دٻيل هزارين بيدن مان اجمل ساوند جهڙا ٻچا نڪرن ٿا ۽ کين انتقام ۽ جهالت ۽ ذهني
پسماندگي ۽ محروميءَ جي خمير ۾ پيدا ٿيڻ وارا پکي، شارڪون ۽ وهيل مڇيون چٽ ڪريو ڇڏين.
هزارن مان مشڪل سان پنج يا ڏهه ڇوڪرا يا ڇوڪريون اڳيان وڌي سگهن ٿا ۽ انهن مان به
اڌ ڪنهن حادثي يا غير طبعي موت يا انتقام جي ور چڙهيو وڃن، پر جيڪي بچي وڃن ٿا اهي
جبلت جي هٿان مجبور ٿي ٻيهر پنهنجي خواهشن جا بيدا کڻي انهيءَ واريءَ ڏانهن ڊوڙن ٿا
جنهن واريءَ مان پاڻ ڦٽا هئا.
ڪشمور، جيڪب آباد، شڪارپور، گهوٽڪي،
سکر، لاڙڪاڻي اتر سنڌ جي ٻين ضلعن يا آس پاس جا ضلعا. شايد ئي ڪو قبيلو اها دعويٰ ڪري
سگهي ته سندس قبيلي جي آس پاس جي ڪنهن قبيلي سان دشمني ناهي رهي ۽ زن، زر، زمين ۽
انا جي منحوس ڦيري سندس ٻچا نه کاڌا هجن.
لڳ ڀڳ پندرنهن سال پهرين مون کي
شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ ۾ ”غيرت جو ڪاروبار“ تي بي بي سي ۽ يونيورسٽيءَ جي
مشترڪه سيمينار ۾ شرڪت جو موقعو مليو. گهڻو ڪري شاگرد ۽ شاگردياڻيون اتان جي مقامي
ڀرپاسي جي ضلعن مان هئا. اهي سڀ ٻار مون کي انهن نون ڄاول ڪُمين جي ٻچن وانگر لڳي
رهيا آهن، جيڪي آدم خور پکين يا جانورن کان بچي علم جي سمنڊ ۾ لهي پنهنجي سڃاڻپ ڳولهڻ
جي لالچ ۾ ٽٻي هڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا هئا.
ميزبانن هڪ وچولي درجي جي
قبائلي سردار کي به ان سيمينار ۾ بطور خاص مهمان دعوت ڏئي گهرايو هو ته جيئن ڪارو ڪاري،
سڱ چٽي، قبيلائي جرڳي، فيصلي ۽ بدلي جي فارسي کانئس سمجهي سگهن.
سردار صاحب کي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين
گهيري ورتو ۽ اهڙا اهڙا سوال پڇيا جن کي پڇڻ جي جرئت صرف نوجوان خون ئي ڪري سگهي ٿو.
سردار صاحب تسليم ڪيو ته اها سڄي جهالت آهي جنهن جي اڄ جي زماني ۾ ڪابه جاءِ ناهي
۽ اهو خوني ڪُن سڄا سڄا نسل ڳهي رهيو آهي، پر سردار جي چوڻ مطابق اهو رواج،
دشمنيون، غيرت جو هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين پهچڻ جو تصور اڳين نسلن تائين هلندو. ڀلي
هڪ عام قبائلي ڇوڪرو يا ڇوڪري ڪيترو به پڙهي لکي وڃي. ڀلي سردار آڱوٺي ڇاپ هجي، پر
اهو رهندو سردار ئي. ڀلي سندس پٽ يا پوٽو آڪسفورڊ مان پڙهي اچي، پر جڏهن هو پنهنجي
ڳوٺ ايندو ۽ گديءَ تي ويهندو ته ان کي پنهنجي روشن خيالي شهر ۾ ڇڏي اچڻي پوندي. نه
ته ماحول کيس ۽ سندس سرداري کي کائي ويندو. جيڪڏهن سب ڪجهه ٺيڪ ٿي وڃي ۽ ائين ٺيڪ ٿي
وڃي جيئن توهان چاهيو ٿا ته پوءِ سردار کي ڪير پڇندو.
ڊاڪٽر اجمل ساوند يا سندس جهڙن
کي هوش سنڀاليندي ئي اندازو ٿي ويندو آهي ته کين اوڻويهين صدي پار ڪري ويهين صدي ۽
پوءِ ايڪويهين صدي ۾ صرف پنهنجي پيرن تي گُهپ انڌيري کي چيريندي اڳيان وڌڻو آهي.
ڊاڪٽر اجمل جڏهن ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاني
۾ داخل ٿيو هو، جڏهن مهران انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾ پنهنجو مستقبل ڪتي رهيو هو، جڏهن
شاهه عنايت جهوڪ واري ۽ لطيف، چومسڪي ۽ ايڊورڊ گبن کي پڙهي رهيو هو. جڏهن پيرس جي ڊيڪارت
يونيورسٽيءَ ۾ مصنوعي ذهانت جي جن کي قابوءَ ۾ آڻيندي ان کي ڊاڪٽريٽ جو لباس
پارائي رهيو هو. اجمل جڏهن مغرب کان حاصل ڪيل سائنسي نظر جو زاويو پنهنجي اندر
لاهي 21هين صدي مان واپس 19هين صدي ۾ ٽپو ڏيڻ لاءِ ذهني طور تي تيار ٿي رهيو هو، جڏهن
پنهنجي چوڌاري ننڍڙن ننڍڙن ذهنن کي کڙکٻيتن ۾ تبديل ڪرڻ جي چريائپ ۾ مبتلا ٿي وطن
واپس موٽي پنهنجي ڌرتيءَ ڏانهن آيو هو ۽ آءِ بي اي سکر ۾ ويهي ان دوکي جو شڪار ٿيو
هو ته کيس ڪير ماريندو؟ کيس ڪير ڪنهن ٻئي جي دشمني جي مشين ۾ ڪمند سمجهي ڇو
وجهندو. تڏهن کيس اها خبر ته نه هئي ته جهالت جي هٿ ۾ کنيل بندوق جي هڪ گولي ان جي
سڄي علم ۽ خوابن مٿان ڳري ثابت ٿيندي.
هڪ سندراڻي هڪ ساوند کي ماري ڇڏيو.
ڪو ساوند وري ڪنهن سندراڻي کي ماري ڇڏيندو. ڊاڪٽر اجمل جي خوش نيتي، محنت، درويشي،
وطن پرستي ۽ علم شناسي وئي اوڙاهه ۾. هو علامه اقبال يا فراز فينن ئي ڇو نه هجي،
پر هو ته ساوند ۽ ساوند ڪوبه هجي دشمن آهي. جيئن سندراڻي ڪوبه هجي، آهي ته ٽارگيٽ
وغيره وغيره....
آسمان تي ڦيريون پائيندڙ خوني
پکي سامونڊي پٽيءَ جي آس پاس گشت ڪندڙ شارڪ مڇيون ۽ تاڪ ۾ ويٺل مردار کائيندڙ ڳجهن
جي جهنڊ لاءِ ڊاڪٽر اجمل صرف هڪ وقت جو رزق هو ۽ بس.
پر سٺي خبر اها آهي ته ڪمين جا ٻچا
پيدا ٿيندي ئي سمنڊ طرف ڀڄڻ بند نٿا ڪري سگهن. ڀلي انهن مان ٻه چار ئي ٽٻي لڳائڻ ۾
ڪامياب ٿين. خير ۽ شر جو ڊرامو ائين ئي هلندو رهندو. بس ڪردار بدلجندا رهندا.
(ايڪسريس نيوز جي ٿورن سان)
(ماھوار ھمسري حيدرآباد آنلائين
۾ ۸ اپريل ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
پروفيسر اجمل جو قتل
آدرشي منزل ۽ هڪ نه
وسامندڙ مشعل!
اياز لطيف دايو
سنڌ ڌرتيءَ جي ڳڀرو پٽ، ڏاهي
انسان، پروفيسر ۽ ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قتل سان جيڪا صُورتحال سامهون آئي آهي، ان
سنڌ جي لکين ڪروڙين ماڻهن کي ڏکارو ۽ غمگين ڪري ڇڏيو آهي، ۽ اسان سڀ اهو سوچڻ تي
مجبور آهيون ته هي ڪهڙو سماج آهي، جو اجمل جهڙو اُجرو انسان پرڏيهه جي هڪ بهترين ۽
رنگين زندگي ڇڏي سنڌ پهتو ته جيئن پنهنجي قوم جي ٻارن کي پڙهائي سگهي، ۽ پوءِ هِن
قوم مَنجهان ئي ڪُجهه ڪانئر ڪردارن کيس ختم ڪري ڇڏيو، پر مُنهنجي نظر ۾ هو آدرشي
منزل جي هڪ اهڙي مشعل وانگر هو، جيڪا ڪڏهن به وسامي نٿي سَگهي، ۽ جيڪا مشعل نئين
سَماج ۽ نئين سنڌ جون راهون طئه ڪندي. هاڻي هي ماڻهو ۽ هي قوم خاموش نه ويهندا. ڏٺو
وڃي ته ڏاهپ ڪنهن به مير، پير، وڏيري، انتهاپسند، جاگيردار، ڪاموري، وزير ۽ مشير
جي ميراث ناهي، ڏاهپ ڪروڙن جي ڪرپشن ڪري به حاصل نه ڪري سگهبي آهي. ڏوڪڙن سان
بئريسٽري جون ڪروڙن جون ڊگريون ته خريد ڪري سگهجن ٿيون، ڏوڪڙن سان دنيا جهان جون
سموريون آسائشون ميسر ٿي سگهن ٿيون، پر ڏاهپ ته ستارن جيان جھرمر ڪندي آهي. ڏاهپ
ته باک جهڙي اجري هوندي آهي، جنهن ۾ سورج ديوتا جا ڪرڻا ڪائنات جي موجودگيءَ جو
مظهر هوندا آهن، انهن ڪرڻن جي نويد ئي پوري عالم تي آشڪار ڪندي آهي ته هِن ڪائنات
۽ فطرت جو سفر جيڪو قبل مسيح کان به اڳ شروع ٿيو هو، سڀني اڻانگن پيچرن ۽ لڪن کي
لتاڙي اهو سفر پنهنجي روح جي تازگي سان روان دوان آهي. جيڪڏهن ڪو چئي ٿو ته رات جي
اونداهي گهٽين جو انت نه اچي سگهندو ته اُهو انهيءَ اونداهي جو پوڄاري آهي. جيڪو باک
جو پوڄاري آهي، اهو ته اونداهي جي سفر کي پنهنجي پڄاڻي تي پهچائي جڏهن سورج ديوتا
جي باک جي سونهري ڪرڻن کي ڏسندو آهي ته اهو به باک وانگر جرڪي پوندو آهي. انهيءَ ڪري
ئي جڏهن ۷۰ ورهين جي ڄمار ۾ گيليلو کي عدالت ۾ وٺي آيا ته هن چيو ته مون ويساهه جو
بنياد رکي ڇڏيو آهي، هاڻي ڀلي مان ڦري به وڃان، پر سج جهڙو سچ هِن ڪائنات جو حصو بڻجي
چڪو آهي. جڏهن گرو رجنيش ۴۰ ورهين جي ڄمار ۾ يورپ کي زندگيءَ جي فلسفي جي سچائين ڏانهن
قائل ڪري چڪو هو ته کيس ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪرڻ نه ڏنو ويو ته هن کين چيو ته جيڪڏهن
ڪو گلابن جي خوشبو کي قيد ڪري سگهي ٿو ته انهيءَ تي ڪا ميار ئي ناهي. هي ڏاهپ جو
اهو فلسفو آهي، جنهن ۾ صدين جي تسلسل جون انڊلٺي ريکائون آهن، انهن ريکائن جو سفر
انهيءَ رفتار سان جاري آهي، جنهن رفتار سان چانڊوڪي جون ريکائون ڌرتي جي گول دائري
۾ ست ارب ماڻهن وٽ پهچي وينديون آهن. انهن ريکائن جا خواب کڻي پروفيسر اجمل ساوند
جهڙا ڪردار پنهنجي قبائلي وحشتن وارن علائقن مان جڏهن اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته
انهن جي اجرن خوابن جي دنيا وقت کان اڳ اُجاڙي وڃي ٿي. ڪنڌ ڪوٽ جو علائقو نالي ۾
ته پنج هزار ورهين واري موهن جي دڙي جي تهذيب جو حصو آهي، پر اڄ جي دور ۾ ڪير
چوندو ته هي سنڌ جي صوفي سرشت واري سوچ جو حصو آهي، جتي ريتن ۽ رسمن جي نالي تي
وحشت پنهنجي ڀوائتي روپ سان راڄ ڪري رهي آهي، جتي انا جا ڪيترائي جزيرا آهن، جن ۾
درندگي اسان جي هزارين ورهين جي شاندار تهذيب کي لڄائي رهي آهي، ۽ اسان سڀ شرمنده
آهيون، پر جيڪڏهن شرم ۽ حياءُ ناهي ته اُنهن کي ناهي، جيڪي اَمن امان جا ذميوار
آهن، ۽ جَن جي هٿن ۾ اقتدار جون واڳون آهن!
۽ ها! اُنهيءَ وحشتن جي جزيري ۾
اجمل ساوند جهڙي ڪردار جو روپ انهن کان ڪيئن برداشت ٿي سگهي ٿو، جتي اڇن ڪپڙن پائڻ
تي به اکين ۾ جنونيت وڄن جيان واڪا ڏيندي آهي، انهيءَ جزيري ۾ اجمل ساوند کي
انهيءَ وقت قتل ڪيو وڃي ٿو، جڏهن هن کي پنهنجي ٻنين جي خوشبو ڇڪي وڃي ٿي. جتي هن
پنهنجو ٻالڪپڻ گذاريو، جتي ڪڻڪ جي سونهري سنگن جو واس هن جي اوسيئڙي ۾ هو، انهيءَ
وقت پنهنجون سندر ساروڻيون کڻي پنهنجي روح جي نگري شالو واري علائقي مان پنهنجي ڪار
تي واپس ٿي رهيو هو ته اوچتو هن جي سامهون قيامت جهڙا منظر فريز ٿي ويا، هو ڪنهن اڻڄاتي
گناهه جي پاداش ۾ گولين سان پروڻ ٿي ويو. اسان جي ديس جو هڪ ديو مالائي ڪردار اک ڇنڀ
۾ سوڳ جا ڪيترائي ستارا ڇڏي ويو آهي. سموري سنڌ سان گڏ سموري دنيا انھيءَ سوڳ جو
حصو بڻيل آهي. سوشل ميڊيا جا سڀ فورم انهيءَ درد جو اظهار ڪري رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته
اهو هِن ديس جي ڏاهپ جو قتل آهي، اهو هن ديس جي شعور جو قتل آهي، اهو مستقبل جي
اجرن خوابن جو قتل آهي. انهيءَ ڪري اسان ۾ هن نوجوان جي جيءَ جهوريندڙ وڇوڙي تي سوڳ
جي لهر آهي، جيڪا ڪيترن ايامن تائين اسان سڀني ساڃهه وندن کي تڙپائيندي رهندي.
انهن قاتل وحشين کي ڪهڙي خبر ته انهن سنڌ جي هڪ اهڙي نوجوان کي قتل ڪيو آهي، جنهن
پنهنجي جنم ڀومي کي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ متعارف ڪرايو هو. هن پنهنجي ابتدائي
تعليم ڪنڌڪوٽ ۽ لاڙڪاڻي جي ڪيڊٽ ڪاليج جي تعليمي ادارن مان حاصل ڪئي. هن سوچيو ته ڪو
مسئلو ناهي، جيڪڏهن رياست اسان جي نوجوانن لاءِ، اسان جي ڌرتي لاءِ ڪجهه نٿي ڪري
سگهي ته ڀلي نه ڪري، پر هو انهن نوجوانن جو ضرور ڀرجهلو ٿيندو. هو انهن جي هڪ اهڙي
مشعل ضرور ٿيندو، جيڪا انهن نوجوانن کي اونداهي گهٽين مان نجات ڏياريندي. هن کي
خبر هئي ته انا جي جزيرن جو خاتمو تعليم جي ذريعي ئي ٿي سگهي ٿو. قبائلي جهيڙن کي
انهيءَ وقت شڪست ڏئي سگهجي ٿي، جڏهن هر گهر ۾ اجمل ساوند جهڙا نوجوان جنم وٺندا.
انهيءَ ڪري هِن رابيل جهڙن اجرن خوابن جي ساڀيا لاءِ شاندار سفر شروع ڪيو. هن وٽ
پنهنجي محنت کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو نه هو. ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ شاگردي واري دور
۾ هو نه صرف ذهين ترين شاگرد هو، پر ڪاليج مان شايع ٿيندڙ مئگزين ۾ به ايڊيٽر ۽ سب
ايڊيٽر جي حيثيت ۾ سرگرم رهيو. مطلب ته هو هڪ گهڻ خوبين وارو هڪ اهڙو ڪردار هو، جيڪو
هن قوم جو سونهون ۽ گائيڊ هو، پر لاقانونيت جو راڪاس کيس ڳڙڪائي ويو، ۽ هاڻي اسان
وٽ سواءِ ڳوڙها ڳاڙڻ جي ٻيو ڪُجهه به ناهي!
ڏٺو وڃي ته هن ڏاهپ جو هر فورم
پنهنجي منزل جي مشعل سمجهيو، هن کي خبر هئي ته ڇسي نعريبازي کان وڌيڪ سنڌ کي اهڙي
شعوري قافلي جي ضرورت آهي، جيڪي جاگيرداري، روايتي ڪاموري شاهي ۽ قبائلي جزيرن
واري انا مان جان ڇڏائي سگهن. هو ايترو ذهين هو جو آساني سان اسسٽنٽ ڪمشنر يا اي
ايس پي واري نوجوانن جي روايتي خواب جي منزل تائين پهچي پئي سگهيو، پر هن کي خبر
هئي ته اهي بيورو ڪريٽڪ پوسٽون انهيءَ روايتي سسٽم جو حصو بڻجڻ کانسواءِ ڪو ٻوٽو ٻاري
نٿيون سگهن، اهي سڀ پوسٽون انهن وزيرن، مشيرن، ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز،
جاگيرداري ۽ سرداري جي رحم ڪرم تي هونديون آهن، جن سنڌي سماج کي بدبودار بڻائي ڇڏيو
آهي، جيڪي هن رياست جو حصو آهن. انهن وٽ ڪشڪول کڻي وڃڻ کانسواءِ جڏهن ڪنهن جي پوسٽنگ
ئي نه ٿي سگهندي ته هو ڌرتي جي ۷ ڪروڙ ماڻهن لاءِ ڪهڙو ڪردار ادا ڪري سگهندا، پوءِ
اهڙا نوجوان هن رياستي سسٽم جي ڪاڪ محل جا ڀاڱي ڀائيوار بڻجي وڃن ٿا. تنهنڪري اجمل
ساوند اهڙي شعبي ڏانهن وک وڌائي، جنهن ۾ سوچ جي رابيلن جون اهڙيون نرسريون تيار ٿي
سگهن، جن جي هن سماج کي سخت ضرورت آهي. هو گذريل اٺن ورهين کان وٺي سکر آءِ بي اي
جهڙي عالمي رينڪنگ جي اداري ۾ شعور جون ڏياٽيون روشن ڪري رهيو هو. هن جو عام فهم
انداز هو، انهيءَ انداز ۾ ئي پنهنجي شاگردن کي ٻڌائيندو هو ته پئرس جي جنهن
يونيورسٽي ۾ هن پي ايڇ ڊي ڪئي، انهن ئي کيس پروفيسر طور تقرري ڪئي. هڪ ڪلاڪ جي ليڪچر
لاءِ کيس ٽيهن هزارن جي ادائيگي ٿيندي هئي، پر هن ته پنهنجي هماليائي جبل جهڙن
ارادن سان اهو فيصلو ڪيو هو ته پنهنجي ڌرتي جي نئين نسل جون شعور جون نرسريون روشن
ڪرڻيون آهن. پنهنجي ڌرتي جي نوجوانن کي پڙهائڻو آهي ته جيئن انھيءَ انا ۽ وحشتن جي
جزيرن مان جان ڇٽي سگهي. اجمل ساوند جهڙا ذهين ترين نوجوان ورهين ۽ صدين کان بعد
جنم وٺي سگهندا آهن. اسان جي سماج کي اهڙن ئي ڪردارن جي ضرورت آهي، پر اسان جي
روايتي ڀوتارڪي سسٽم جي لاءِ اهڙا نوجوان اک ۾ ڪنڊي وانگر چڀندا رهندا آهن. اجمل
ساوند به اهڙي سسٽم جي وحشت ڀري گولين جي حوالي ٿي چڪو آهي، هو نه صرف پنهنجي ٻن
معصوم ٻارڙن، پنهنجي جيون ساٿياڻي، ٽن ڀائرن ۽ پنهنجي عظيم والد کي سوڳ جي وادي جي
حوالي ڪري ويو آهي، پر ڪراچي کان ڪينجهر ۽ ڪينجهر کان ڪنڌڪوٽ تائين، پئرس کان پيڪنگ
۽ ويانا کان واشنگٽن تائين سوڳ جون ساعتون ڇڏي ويو آهي، ۽ وقت اچي ويو آهي ته پاڻ
ان ڏک، تڪليف ۽ پِيڙاءَ کي طاقت ۽ توانائي ۾ تبديل ڪريون، ۽ عوامي مزاحمت جي اُها
واٽ اختيار ڪريون، جيڪا سنڌ کي مڪمل پُرامن بڻائي سَگهي!
اُهو سَچ آهي ته شعور جو رشتو
ناتو سڀني مذهبن، ٻولين، ملڪن جي حد بندين کان اتانهون آهي، انهيءَ رشتي ناتي سڀني
ساڃهه وندن کي پنهنجي سحر ۾ جڪڙي ڇڏيو آهي، اها هِن ديس جي نئين سڃاڻپ آهي، جنهن سڀني
جي نيڻن کي سوڳوار ڪري ڇڏيو آهي، پر هن رياست جي بيحس حڪمرانن کي اهڙي المناڪ ۽
اجتماعي سوڳ جو ڪو ذري جو به احساس ناهي. ڇاڪاڻ ته انهن جي ايجنڊا اسان جي ديس جي
اجتماعي ڏک کان بلڪل مختلف آهي. انهن بيحس حڪمرانن جي ايجنڊا جي ڪري ئي اڄ هِن ديس
۾ بک ۽ بدحالي پنهنجي عروج تي آهي، بيروزگاري، بربادي ۽ اذيتن جو راڄ آهي، هر گهٽي
۾ لاشن جي بدبو آهي. اسان جي ديس جي لکين عورتن کي انڪم سپورٽ جو ڪشڪول ڏئي انهن
جي عزتن کي مجروح ڪيو ويو آهي. اسان جي رياست جا بيحس حڪمران صرف اسان جي ذهين
ترين نوجوان اجمل ساوند کي زندگيءَ جو تحفظ ئي نٿا ڏياري سگهن، پنهنجا ڪيترائي
پوليس آفيسر ۽ اهلڪار شهيد ڪرائي پوليس کاتي جا ڪرتا ڌرتا حڪمرانن کان بهترين ڪارڪردگي
جا تمغا حاصل ڪري رهيا آهن. اسان جي هِن برک اسڪالر اجمل ساوند جو قتل انهن تمغن
کي اڄ لڄائي رهيو آهي، انهن وٽ سڀ وسيلا ۽ ڪروڙن جي بجيٽ موجود آهي، پر انهيءَ جي
باوجود اهي پوليس آفيسر ڊيل ڪري پنهنجي مغوين کي ڇڏائي رهيا آهن. انهن پوليس
آفيسرن کي بلڪل تمغا ڏيڻ گهرجن، پر هِن ديس جي مسڪين ماڻهن جي جان ۽ مال جو ڪو
تحفظ نه ڪرڻ جي صلي ۾ اهي ڏنا وڃن، اها انهن جي شاندار ڪارڪردگي آهي، جيڪا کين لڄائي
رهي آهي، پر هن ديس ۾ لڄ جي نالي جو ڪو کيت ناهي، جنهن ۾ اهڙو فصل تيار ٿيندو هجي.
اهڙن تمغن کي ڇڏي اچو ته! پاڻ پنهنجي سوچ ۽ لوچ جا ڏيئا ٻاري پنهنجي ديس جي آدرشي ڪردار
اجمل ساوند کي ڀيٽا پيش ڪريون. ديس جي انهن سڀني نوجوانن کي اتساهه ڏيون، جيڪي
اجمل ساوند جو تسلسل آهن، جيڪي نوجوان سنڌ جو اجرو مستقبل آهن، جيڪي نوجوان اجمل
ساوند جا اجرا ۽ اڌورا خواب اکين ۾ سانڍي آدرشي منزل جي سفر جا راهي آهن. اچو ته!
سموري ديس جي نيڻن ۾ تري آيل لڙڪن جا پرچم ٺاهي پنهنجي ساٿي اجمل ساوند سان سندس
مشعل کي روشن رکڻ جا وچن ڪريون، اهڙي مشعل، جيڪا اجمل ساوند جي لهو سان صدين تائين
جرڪندي رهندي. اچو ته! پنهنجي ديس جي شاعر فيض جي آدرشي لفظن جي مشعل سان اڳتي وڌون:
موتی
ہو کہ شیشہ جام کہ در،
جو
ٹوٹ گیا سو ٹوٹ گیا،
کب
اشکوں سے جڑ سکتا ہے،
جو
ٹوٹ گیا سو چھوٹ گیا،
تم
ناحق ٹکڑے چن چن کر،
دامن
میں چھپائے بیٹھے ہو،
شیشوں
کا مسیحا کوئی نہیں،
کیا
آس لگائے بیٹھے ہو،
شاید
کہ انہیں ٹکڑوں میں کہیں،
وہ
ساغر دل ہے جس میں کبھی،
صد
ناز سے اترا کرتی تھی،
صہبائے
غم جاناں کی پری،
پھر
دنیا والوں نے تم سے،
یہ
ساغر لے کر پھوڑ دیا،
جو
مے تھی بہا دی مٹی میں،
مہمان
کا شہپر توڑ دیا!
یہ
رنگیں ریزے ہیں شاید،
ان
شوخ بلوریں سپنوں کے،
تم
مست جوانی میں جن سے،
خلوت
کو سجایا کرتے تھے،
ناداری
دفتر بھوک اور غم،
ان
سپنوں سے ٹکراتے رہے،
بے
رحم تھا چومکھ پتھراؤ،
یہ
کانچ کے ڈھانچے کیا کرتے،
یا
شاید ان ذروں میں کہیں،
موتی
ہے تمہاری عزت کا،
وہ
جس سے تمہارے عجز پہ بھی،
شمشاد
قدوں نے رشک کیا،
اس
مال کی دھن میں پھرتے تھے،
تاجر
بھی بہت رہزن بھی کئی،
ہے
چور نگر یاں مفلس کی،
گر
جان بچی تو آن گئی!
یہ
ساغر شیشے لعل و گہر،
سالم
ہوں تو قیمت پاتے ہیں،
یوں
ٹکڑے ٹکڑے ہوں تو فقط،
چبھتے
ہیں لہو رلواتے ہیں،
تم
ناحق شیشے چن چن کر،
دامن
میں چھپائے بیٹھے ہو،
شیشوں
کا مسیحا کوئی نہیں،
کیا
آس لگائے بیٹھے ہو،
یادوں
کے گریبانوں کے رفو،
پر
دل کی گزر کب ہوتی ہے،
اک
بخیہ ادھیڑا ایک سیا،
یوں
عمر بسر کب ہوتی ہے!
(ڏھاڙي ڪوشش حيدرآباد ۾ ۸ اپريل ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
Dr. M. Ajmal Sawand
Obituary
Dr. Muhammad Ali Muhammadi
Dr. M. Ajmal Sawand was working as an Assistant Professor (Temporary) in
Faculty of Mathematics and Computer Science at the University of Paris
Descartes, Paris France. He was also a research associate at Laboratoire Paris
Descartes a government of France research laboratory affiliated with University
of Paris Descartes, Paris France where he is conducting research on Wireless
Healthcare Systems and Applications. He defended his PhD on 11th May 2015,
Thesis Title: "Efficient and Secure eHealth Monitoring". He did his
masters in Computer Science (Web Intelligence) from University Jean Monnet
Saint Etienne, France in 2011, Master thesis title: "Combining weak DFAs
to build strong hypothesis using AdaBoost Classification Algorithm" Prior
to going France for his Masters and PhD studies, he did Bachelor of Engineering
in Software Engineering from Mehran University of Engineering and Technology
Jamshoro, Sindh Pakistan. His basic education started from the well reputed
college of the Pakistan Cadet College Larkana, Sindh Pakistan where he remained
House Prefect and sub-editor of various magazines of the college (i.e., Shah
Baharo House Literary Magazines and 4th Batch Souvenir Magazine). He also
remained president of the numismatics and philately club in Cadet College.
Apart from this, he is also runner up player of the Hand Ball team of Shah
Baharo House (Cadet College Larkana, Sindh) in annual Hand Ball championship
tournament. His professional research interests include security and resource
management in Wireless Medical Sensor Networks, Wireless Body Area Networks,
Wireless Sensor Networks, Virtual Sensor Networks, Mobile Crowd Sensing,
Participatory Sensing, Quality of Monitoring for medical and health
applications and Quality of Service optimization for audiovisual
communications. He has also published five (two journal papers and two
conferences, third journal paper is under review) research articles in
international journals and conference proceedings and he also served as a
member of internal management committee of 7th International Conference on
Network and Service Management (CNSM 2011) which was organized in association
with ACM SIGCOMM and with technical co-sponsorship from SEE, IEEE COMSOC and
IFIP on 24-28 October, 2011 in Paris, France. Moreover, among his extra
co-curricular capabilities, he represented (through elections) all PhD students
of the University Paris Descartes in Research Commission of France for the
academic year 2013-2014.
Dr. Muhammad Ali Muhammadi
(ڊاڪٽر محمد علي محمدي جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۸ اپريل ۲۰۲۳ع تي کنيل)
اجمل ساوند
مقتل گاهه بڻجي ويل سنڌ
وجاھت حسين
آءِ بي اي سکر جي استاد ڊاڪٽر
اجمل سانوند جي قتل جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي. هونئن ته هر ٿيندڙ قتل قابل
مذمت هوندو آهي جو انسان پنهنجي هر صورت ۽ حيثيت ۾ اهم ۽ انوکو آهي پر هڪ عالم جو
ناحق قتل مجموعي انسانيت کي ان جي حقيقي دڳ کان هٽائڻ وارو گناھ عظيم آهي پر سوال
اهو ته ڇا فقط مذمت ڪرڻ ۽ افسوس اظهارڻ ئي ڪافي آهي؟
اها مذمت ۽ افسوس ته سڄي سنڌ اڄ
کان کان ۴۴ سال اڳ هڪ ٻئي سنڌي اديب نسيم کرل جي قتل تي به اظهاريو هو ايتري قدر
جو سندس قتل کي ”سنڌي ڪهاڻيءَ” جو قتل قرار ڏنو ويو، پوءِ ڇا ٿيو؟ ڇا ٿيندڙ رتوڇاڻ
رڪجي وئي؟ نه بلڪل به نه، ٿورڙي ئي عرصي کان پوءِ سنڌ ۽ سنڌ جي پورھيت عوام جي هڪ ڀرجهلي
۽ مٿير مڙس فاضل راهو کي ذاتي تڪرار جي آڙ ۾ ڪهاڙيون هڻي قتل ڪيو ويو. سموري سنڌ
رُني احتجاج ڪيا، مذمتي بيان ۽ تقريرون ڪيون، ظاهري قاتل ڦاهي چڙهيو پر سنڌ جي ڏاهپ،
همٿ، اهليت حسن، جواني ۽ زندگي ڏينهون ڏينهن ڪسندي مارجندي رهي. فاضل کان پوءِ لاڙڪاڻي
۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي ڊمانسٽريٽر ۽ سياسي سونهين، دانشور ڊاڪٽر مرتضيٰ شيخ کي
ماريو ويو، مارڻ وارا ڪير هئا اڄ تائين خبر نه پئي پر چيو ويو ته اهو خون ناحق به پراڻي
دشمني جو نتيجو هو. ڊاڪٽر مرتضيٰ جي مارجڻ تي سموري سنڌ سوڳ ۾ وٺجي وئي پر اها ”وير
وٺو نفسيات” جهل نه وٺي سگهي. نسيم کرل کان ويندي پروفيسر اجمل ساوند جي خون ناحق
تائين وچ واري عرصي ۾ مارجي ويندڙن جو تفصيل لکجي ته هزار داستان جا پنا پورا نه پون!
پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند کي
گذريل خميس ڏينهن گهوڙا گهاٽ ٿاڻي ويجهو ٻي ذات جي هٿياربندن غيرت جي نالي تي ھلندڙ
تڪرار تان ان وقت قتل ڪري ڇڏيو جڏهن هو سکر کان پنهنجي ڳوٺ شالو ساوند وڃي رهيو هو.
پوليس موجب ڊاڪٽر ساوند ڪنڌڪوٽ جي ڪچي واري علائقي ۾ ڪجھه زمينن جو معائنو ڪرڻ ويو
هو جڏهن ته ڊاڪٽر اجمل جو تڪراري معاملي سان پري جو واسطو نه هو کيس ان ڪري ماريو
ويو جو هو تڪرار واري ذات جو آهي جڏهن ته اهڙو تڪرار ۳ سال اڳ غيرت جي نالي شروع ٿيو
هو.
اينٿراپالاجي يا علم الانسان
وارن ڏاھن موجب ذاتي وروڌتا يا قبيلائي وير وٺڻ واري نفسيات گهڻي ڀاڱي سمورن سماجن
۾ رهي آهي ۽ ان جو شڪار ان وقت جا انتهائي نفيس ماڻهو به ٿيا آهن پر ٻين قومن ۽
سماجن کي ان نفسيات کي ڇڏي به هزارين نه ته به، سوين سال ضرور گذري ويا آهن پوءِ
آخر ڇا وجهه آهي جو اسان جو سماج اڄ به خون آلود آهي وروڌي آهي ۽ ڪيني ۾ اهو به نٿو
ڏسي ته انا جي ڪوڙي تسڪين ۾ هڪ انسان جو نه پر پوري انسانيت ۽ اهليت جو قتل ڪري
رهيو آهي؟ منهنجي نظر ۾ ان جا بنيادي ٻه ڪارڻ آهن هڪ سياسي ۽ ٻيو عام رواجي
۱- سياسي ڪارڻ ۾ ”رياست تي قابض
قوتون ۽ ان جا مفاد” آهن.
۲- عام رواجي ڪارڻ ۾ ”سردار ۽ وڏيرو”
اهم آهي.
ماڻهو مار ڌاڙ ۾ ڪمزور ٿيندا ته
سردار ۽ وڏيرو طاقتور رهندو. سردار کي اها طاقت ئي رياست جي سياسي ضرورت بڻائي ٿي
تڏهن ئي اقتداري پارٽيون قبيلائي سردارن کي مخصوص علائقن تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ لاءِ
استعمال ڪنديون آهن. ون يونٽ واري بل تي صحيحون ڪندڙ اسيمبلي ميمبرن جا نالا پڙهي ڏسو
سمورا سردار هئا ۽ اڄ به اسيمبلين ۾ اڪثريت انهن سردارن ۽ وڏيرن جي آهي جن جي اثر
وارن علائقن ۾ ذات برادرين وارا جهيڙا هلن ٿا ۽ قبيلائي هٿياربند، جديد جنگي هٿيارن
سان ليس ٿي علائقي کي عام ماڻهن لاءِ نو گو ايريا بڻائي ڇڏين ٿا جڏهن ته علائقن جا
هي نام نهاد سردار ۽ وڏيرا وي ايٽ، ويگو ۽ ٻين وڏين گاڏين ۾ ۱۰، ۱۰ هٿياربند جديد
اسلحي سان سٿي هلندا آهن، انهن هٿياربند گاڏين کي ڪير روڪڻ جي مجال ناهي ڪندو ۽ نه
ئي اهو ڏٺو ويندو آهي ته گاڏين ۾ موجود اسلحو قانوني آهي يا غير قانوني، اهي گن
مين يا گارڊ خوني وحشي ڌاڙيل ۽ قاتل آهن يا عام ماڻهو، اهي هٿياربند قانون جو
احترام ڪندڙ عام شهري آهن يا قانون ٽوڙيندڙ هسٽري شيٽر ۽ ڏوهاري.
اِها اُها حقيقت آهي جيڪا سنڌ
جي هر علائقي جو عوام پنهنجي پنهنجي علائقي ۾ پنهنجين اکين سان هر روز ڏسي ٿو. تڏهن
ئي سنڌ ۾ سماجي ڏوهن کان ويندي قبيلائي تڪرارن ۽ قتل جي واقعن ۾ اضافو ٿيو آهي،
سماج ۽ انسان دشمن قوتن جي سگهه ۾ واڌ آئي آهي. پوليس مڪمل ناڪام ثابت ٿي آهي،
اِها ناڪامي فقط قانون جي ناهي پر اِها سنڌ جي سموري شعور وند ڌرين جي به آهي جو
انهن جي موجودگي ۾ سنڌ جا سون ورنا علائقا رت هاڻا بڻايا ويا آهن پروفيسر اجمل
سانوند جي قتل وارو معاملو به هڪ اهڙي ئي علائقي ۾ ٿيو آهي جتي هو پنهنجي زمين ڏانهن
وڃي رهيو هو ۽ ايئن کيس علائقي جي ٻن برادرين جي وچ ۾ غيرت جي نالي تي هلندڙ تڪرار
جو حصو بڻايو ويو. گهوڙا گھاٽ واري ان علائقي ۾ اهو ڪو هڪ تڪرار ناهي، الائي ڪيترا
تڪرار جاري آهن جتي جهيڙن جي صورت ۾ ڌرين جي تعليم ۽ معاشي حالت سخت متاثر آهي. اسڪول
ويران بڻجي ويا آهن. علائقي ۾ خواندگي جي شرح گهٽجي وئي آهي، اهڙن تڪراري علائقن ۾
جهالت وڌڻ سبب سردارن ۽ وڏيرن جي ضرورت اڳ کان وڌي وڃي ٿي جيڪي جهيڙن جو فائدو وٺي
مخصوص برادري ڪلچر جي سهاري چونڊون کٽي ايوانن ۾ پهچي وڃن ٿا. جنهن سان رياستي
ادارن جو ڪم ويتر آسان ٿي وڃي ٿو جن جا مفاد سنڌ کي ويڙهائي ورهائي رکڻ ۾ آهن.
جيستائين سياسي مفادن واري راند
کي سمجهندي عام رواجي مُهرن يعني سردارن ۽ وڏيرن جي سياسي اهميت کي ٽوڙيو نه ويندو،
ماڻهن جو ذهن تبديل نه ٿيندو، شعور ۽ سجاڳي نه ايندي تيستائين سنڌ قبيلائي تڪرارن
واري ڪوڙڪي ۾ ڦاٿل ۽ رتوڇاڻ ۾ رهندي. ان لاءِ ” دانشوراڻي منافقت ” کي ڇڏڻو پوندو،
فقط مذمت ۽ افسوس اظهارڻ سان ڪجھه نه ورندو، جاگيرداري ۽ سرداري نظام جي خاتمي،
قانون جي مٿڀرائپ، تعليم ۽ شعوري سجاڳي سان ئي اسان خوني ماڻهوءَ واري سڃاڻپ مٽائي،
صوفي ماڻهو ٿي سگهنداسين تڏهن ئي حقيقي معني ۾ هڪ استاد ۽ انسانيت سان انصاف سمجهيو
ويندو.
(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۹ اپريل ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
اجمل جو قتل معنيٰ انصاف
جو قتل
عمر قاضي
اجمل ساوند جي حوالي سان اها ڳالهه
ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته سنڌ جي قبيلائي دشمنيءَ ۾ جيڪا ڌر جيترو وڏو ٽارگيٽ چونڊي ۽ ان
کي ڪامياب طرح سان قتل جي منصوبي ۾ شامل ڪري، اهو ڪجهه ماڻي وٺندي آهي، جيڪو ڪجهه
انهن اڳواٽ طئه ڪيو هوندو آهي ته اها ڌر ايتري ئي گهڻي خوش هوندي آهي. اها هڪ تمام
غليظ ۽ تمام وحشي قسم جي ميچ هوندي آهي. ان ۾ مخالف ڌر جو وڏو ۽ مشهور ماڻهو قتل ڪرڻ
کي وڏي ڪاميابي سمجهيو ويندو آهي ۽ مون کي محسوس ٿي رهيو آهي ته پروفيسر اجمل
ساوند جي ڪيس ۾ ڪجهه اهوئي ٿيو هوندو. هن جي قتل تي سرداري نظام ۾ هڪ خوف به هوندو
۽ هڪ خوشي به هوندي. خوف ان ڳالهه جو ته جهڙي طرح ان جي باري ۾ تمام گهڻو گوڙ متو
آهي ۽ سوشل ميڊيا توڙي عام ميڊيا ان جي باري ۾ تمام گهڻي تحرڪ ۾ آئي آهي، ان سان
مخالف ڌر يا اها ڌر جنهن اجمل ساوند کي قتل ڪيو آهي، ان جي مٿان هڪ قسم جو پريشر
پيدا ٿيندو ۽ انهن کي محسوس ٿيندو ته انهن کي ڪنهن به طرح سان يا ڪنهن به قيمت تي
معاف نه ڪيو ويندو پر ساڳي طرح سان ان خون تي جيڪو سرداري نظام جو وحشي پهلو آهي،
اهو خوش به ٿيو هوندو ته انهن ڪو وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي. جڏهن ته انهن کي
شرم اچڻ گهرجي.
انهن کي محسوس ٿيڻ گهرجي ته
انهن ان اسان کي قتل ڪيو آهي، جيڪو انسان علم جو ڏيئو هو. مون جڏهن سنڌايڪسپريس ۾
خبر جي هيڊنگ اها پڙهي ته مون کي محسوس ٿيو ته اهو ئي سچ آهي. ان خبر ۾ هو ته
قبيلائي جهيڙن جي جهالت علم جو روشن چراغ وسائي ڇڏيو. ان خبر ۾ اهو اطلاع هو ته
اسان جي لاءِ اها تمام وڏي افسوس جي گهڙي آهي ته اسان جا ماڻهو ان طرح سان قتل ڪيا
وڃن ٿا، جنهن ۾ هڪ وحشي سوچ پنهنجو عمل ڪري ٿي. جنهن وحشي سوچ کي نه ذهن آهي ۽ نه
اها اهو ڏسي سگهي ٿي ته هو ڪنهن کي قتل ڪري رهي آهي. ان کي محسوس ٿيڻ کپندو هو ته
هو اصل ۾ ان کي قتل ڪري رهي آهي، جيڪو انسان علم جو منارو هو. هو سنڌ ۾ پئسا ڪمائڻ
نه آيو هو. هو سنڌ کي اهو علم ڏيڻ آيو هو، جنهن علم ۾ عالمي سوچ ۽ سمجهه هئي. پر هڪ
عالم کي قتل ڪيو ويو ۽ هن کي ان ڏوهه ۾ قتل ڪيو ويو، جيڪو ڏوهه هن ڪيو به نه هو.
هن ڪڏهن به قبيلائي تصورن جي سلسلي ۾ سوچيو به نه هو. هن کي جڏهن به پتو پوندو
هوته قبيلائي دشمنيءَ انسانن جي زندگي کسي ورتي آهي ته هو اهو سوچيندو هو اها
جهالت آخر ڪڏهن ختم ٿيندي؟
هن کي معلوم نه هو ته جنهن شيءَ
جو پاڻ مخالف آهي، اها شيءَ هن جي قتل جو سبب بڻجندي. هن کي ان سوچ قتل ڪيو، جنهن
جو هو مخالف هو. هن کي ان سسٽم قتل ڪيو، جنهن کي هن تبديل ڪرڻ جي خواهش رکي. هن ان
ماحول اچانڪ موت جو پيغام ڏنو، جنهن ماحول کي تبديل ڪرڻ لاءِ هو پاڻ ميدان عمل ۾
آيو هو.
اسان کي معلوم هجڻ گهرجي ته اهو
تمام گهڻو دل خراش پهلو هو ته هو جنهن طرح سان ۽ جيڪا سوچ رکي سنڌ ۾ آيو هو ته هن
کي قتل ڪيو ويو ۽ هاڻي هن جي قتل تي سنڌ سراپا احتجاج آهي. اهو احتجاج اجمل ساوند
کي واپس ورائي ته نه ٿو سگهي پر گهٽ ۾ گهٽ هو احتجاج ٻين نوجوانن کي ته اجمل ساوند
جهڙي انجام کان بچائي سگهي ٿو. ان ڪري اهو احتجاج جاري رهڻ گهرجي ۽ ان احتجاج جو
اصل نشانو اهو سسٽم هجڻ گهرجي، جنهن کي سردار هلائن ٿا. جن جو بنياد اهي ڀوتار
فراهم ڪن ٿا، جن جي پيٽ ۾ پنهنجي گهر جي ماني گهٽ ۽ مظلومن جا لاش وڌيڪ آهن.
سنڌ احتجاج ۾ آهي. سنڌ کي
احتجاج ڪرڻ گهرجي. ڇو ته سرداري سسٽم ۽ ڀوتارڪي نظام هن ڀيري ايڏو وڏو ظلم ڪيو
آهي، جنهن تصور ڪرڻ به تمام گهڻو مشڪل آهي. ڇو ته اجمل ساوند جي قاتلن جنهن شخص کي
ڪجهه منٽن ۾ قتل ڪري ڇڏيو، ان کي تيار ٿيڻ ۾ تمام گهڻا سال لڳا هئا. پر انهن کي ڪجهه
به معلوم نه هو. انهن کي معلوم نه هو ته اجمل ساوند جو قتل سنڌ جو قومي نقصان آهي.
(ڏھاڙي سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد ۾
۹ اپريل ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
پرفيسر اجمل ساوند
سندس قتل ۽ سنڌ ۾
قبيلائي نظام خلاف مزاحمتي ردعمل
نثار لغاري
سنڌ ۾ قبيلائي تڪرار ائين موجود
ئي ڪونه هئا. هي قبائيليت سنڌ مٿان مڙھي وئي آھي هيءُ خيال هن وقت تمام گهڻي پختگي
۽ دليلن سان وري اڀري آيو آھي. پرفيسر اجمل ساوند جي بي رحماڻي قتل کان پوءِ سموري
سنڌ سراپا احتجاج آھي. احتجاجي تحريڪ ايتري زور دار آھي جو ڪنهن به پارٽي جي قيادت
بنا مسلسل هلي رهي آھي.
۶ اپريل ۲۰۲۳ع تي خميس جي ڏينهن
هي واقعو ٿيو آھي. هفتو گذرڻ باوجود هي احتجاج سگهارو رهيو آھي. سنڌ جو ڪو شھر
علائقو ناهي جتي احتجاج نه ٿيندا هجن.
ھن عمل ثابت ڪري ڇڏيو آھي ته سنڌ
ڪنهن به صورت ۾ قبائيليت کي قبول نٿي ڪري اهو سندس شعور جي خلاف عمل آھي جيڪو مٿس
مڙھيو ويو آھي. سنڌ جي ڪيترن ئي ليکڪن انهيءَ موضوع تي لکيو آھي جنهن ۾ واضح طرح
اهو چيو ويو آھي ته ملڪ جا اصل حڪمران طبقا اسٽيبلشمينٽ سنڌ جي قومي مزاحمتي شعور
کان خوفزدا آھي. انڪري ايم آر ڊي جي جمهوري تحريڪ کان پوءِ سنڌ مٿان شھرن ۾ شھري
دهشتگرد تنظيمون جوڙائي دهشتگردي پکيڙي وئي سنڌ جي ٻھراڙين ۾ ڌاڙيل راڄ ۽ قبيلائي
نظام جوڙائي انهن کي جديد هٿيار ڏئي سنڌ جي عوام ان جي قومي شعور تي بڇيو ويو آھي ان
جو هڪ دليل اهو به آھي ته هنن قبيلائي دهشتگردن وٽ اينٽي ايئير ڪرافٽ گنون جديد
قسم جا هٿيار واڪي ٽاڪي سمورو سرويليئنس جو ايترو سسٽم موجود آھي جو پوليس جي ڪيترن
ئي ڪوڙن سچن آپريشنن مان بچي ويندا آھن ۽ پنهنجي دهشتگردي جاري رکندا آھن. هي
باقائدي وڊيو بيان جاري ڪندا آھن، سموري سنڌ مان ماڻھو اغوا ڪندا آھن انهن کي سالن
جا سال قيد رکي ڪروڙين رپيا ڀنگ حاصل ڪندا آھن جنهن کي ميڊيا ۾ باقاعدا هاڻ ”اغوا
انڊسٽري“ جو نالو ڏنو ويو آھي. وڏا وڏا سفيد پوش سردار انهيءَ ڪم ۾ ملوث آھن. ڪافي
پوليس اهلڪار به هنن قتل ڪيا آھن پر کين نڪي لهر نڪي لوڏو.
ڇا هڪ رياست ۾ ائين ممڪن آھي ته
اها ڌاڙيلن جي نالي ۾ دهشتگرد ٽولن کي ائين ڇيڪ ڇڏي ڏي ته اهي ڀلي ملڪ ڀيليندا وتن
جنهن کي چاهين اغوا ڪن جنهن کان چاهين جيترو ڀنگ حاصل ڪن. اغوا ٿيل مغوي جي مائٽن
کي وڊيو موڪلي ڀنگ جي رقم گهرن ڇا اهو ڪن وڏن جي مرضي کان سواءِ موجوده دور ۾ ممڪن
آھي جواب آھي قطعي نه
هن کان پوءِ جيڪي سوال پيدا ٿين
ٿا انهن تي اڻ سڌي خاموشي ڪرائي وئي آھي. ڪن ماڻھن انهيءَ اهم مسئلي تي پي ايڇ ڊي ڪرڻ
چاهي ته انهن کي اها پي ايڇ ڊي ڪرڻ کان روڪيو ويو اهي ڇپجڻ نه ڏنيون ويون. تنهن ڪري
هن ڌاڙيل فيڪٽر ۽ قبائيليت تي انڪري ڪو ريسرچ پيپر ڪو ڪتاب شايع نه ٿي سگهيو آھي. هي
معاملو جيترو اهميت جو ڳو آھي جيترو سنڌ جي سماج لاءِ ناسور آھي اوترو هن تي توجهه
نٿي ڏني وجي حڪومتون اينديون وينديون آھن پر قبائيليت ان جي نالي ۾ ڌاڙيل ڪلچر
دهشتگردي هلندي رهندي آھي.
سنڌ جي عوام جي شعور کي ڪچلڻ
لاءِ ڊگهي رٿابندي ڪئي وئي آھي. ان ۾ ھر علائقي ۾ ننڍا وڏا سردار وڏيرا انهن جا ڪمدار
پيدا ڪيا ويا آھن انهن جي حوالي سمورو پوليس پاور ڪيو ويو آھي جيڪي ڏوهارين جا
سرپرست آھن. اتر سنڌ ۾ مختلف جاگرافين ۾ سڌا ڌاڙيل پاليا ويا آھن جيڪي پنهنجي ڏوهن
کي قبيلائي تڪرارن وسيلي لڪائيندا آھن ته جيئن سنڌ جو عوام هن لڪ لڪوٽي راند کي
سمجهي نه سگهي پر هاڻ جڏھن سنڌ وري سجاڳ ٿي رهي آھي ته اها سمورن تڪرارن کي سڀني ٽڪساٽن
کي سمجهي رهي آھي تنهن ڪري انهن خلاف زوردار احتجاجي تحريڪ هلائي رهي آھي.
هن قبيلائي تڪرارن جي آڙ ۾ ڌاڙيل
دهشتگردي خلاف سنڌ جي قومي سياسي جماعتن کي سرگرم ٿيڻو پوندو انهيءَ ناسور جي
سلسلي ۾ سنڌ جي شعور جيڪا حساسيت ڏيکاري آھي انهيءَ سڏ کي سياست ۾ ٽرانسليٽ ڪرڻو
پوندو. هي وڏو اهم مسئلو آھي. سنڌ جي سماج جي ارتقا رڪي پئي آھي هزارين لکين ماڻھو
هن سموري ناسور کان متاثر ٿي رهيا آھن.
ڪنڌڪوٽ جي ٻهراڙيءَ جي علائقي ۾
خميس ڏينهن ۶ اپريل تي هٿياربند ماڻهن فائرنگ ڪري يونيورسٽيءَ جي اسسٽنٽ پروفيسر
اجمل ساوند کي قتل ڪيو. مقتول اجمل ساوند فرانس جي هڪ يونيورسٽيءَ مان ’اي هيلٿ
مانيٽرنگ’ ۾ ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ سکر ۾ قائم انسٽي ٽيوٽ آف بزنيس
ايڊمنسٽريشن (آئي بي اي) ۾ پڙهائيندو هو. ان کان اڳ اجمل ساوند فرانس ۾ به پڙهائڻ
سان لاڳاپيل رهيو هو. ڊاڪٽر ساوند مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجيءَ
۾ سافٽ ويئر انجنيئرنگ ۾ گريجوئيشن ڪئي هئي. اطلاعن موجب اجمل ساوند ڪڻڪ جي لاباري
جي سلسلي ۾ پنهنجي اباڻي علائقي ڏانهن ويل هو.
ايس ايس پي ڪشمور، عرفان سمين
مطابق، اجمل کي خميس جي ڏينهن ان وقت نشانو بڻايو ويو جڏهن هو ڪنڌڪوٽ ۾ پنهنجي
زمينن مان پنهنجي اباڻي گهر ڏانهن واپس اچي رهيو هو.
ايس ايس پي مطابق، ان قتل جو
سبب قبيلائي دشمني ٻڌائي ٿي وڃي، جنهن معاملي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي. پوليس قتل
کان پوءِ ڪارروائي ڪندي مبينه طور تي مخالف قبيلي جا ڪجهه گهر ڊاهيا آهن، جڏهن ته
فصل کي به باهه ڏئي ڇڏي آهي. پر هاڻي تائين ڪا گرفتاري عمل ۾ نه آئي آهي. ٻڌايو
ويو آهي ته ساوند ۽ سندراڻي قبيلي جي وچ ۾ دشمني ڪيترا سال پراڻي آهي، جنهن جي
شروعات غيرت جي نالي تي ٿيڻ واري هڪ قتل سان ٿي هئي. ڪيترا سال گذرڻ جي باوجود اها
دشمني برقرار آهي، ان کان اڳ، ساوند قبيلي جي سبزوئي قبيلي سان به دشمني رهي چڪي
آهي. پروفيسر اجمل ساوند کي بي درديءَ سان قتل ڪرڻ کان پوءِ مخالفن سوشل ميڊيا تي
هڪ وڊيو به جاري ڪئي جنهن ۾ اهي سندس قتل تي خوشي ملهائي رهيا آهن.
سنڌ مدرسي جي اڳوڻي وائيس
چانسلر ۽ ڊاڪٽر اجمل ساوند جي ويجهي دوست، ڊاڪٽر محمد علي شيخ جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر
اجمل هڪ سٺي ذهن وارو نوجوان هيو جيڪو قبائلي جهيڙي جي ور چڙهي ويو. گذريل ٻن صدين
کان سنڌ قبيلائي جهيڙن جي بدترين زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي. هن جي لفظن ۾، حڪومتون آيون
۽ هلي ويون، پر صوبي ۾ قبيلائي تڪرار ختم نه ٿي سگهيا ڇو ته انهن ماڻهن کي سياسي
مدد مليل آهي.
ڪنڌڪوٽ جي رهندڙ صحافي حسن علي ڀنگوار
چيو آهي ته گهوٽڪي، ڪشمور، شڪارپور، ڪنڌڪوٽ ۽ صوبي جي ٻين اترئن ضلعن ۾ قبائلي تڪرار
۽ دشمنيون سالن کان جاري آهن. پر ٻوڏ کان پوءِ ڏوهن ۾ تمام گهڻي واڌ آئي آهي. ڪچي
جو علائقو جتي سفر جو سهولتون ڪونهن، اهو ڏوهارين جو ديس بڻيل آهي، جتي ڪو پڇڻ آکڻ
وارو ڪونهي. هن چيو ته ڪچي جي علائقي ۾ اغوا ڪرڻ ۽ ڀنگ گهرڻ عام ڳالهه آهي. ايتري
حد تائين جو اغوا ڪيلن جون سوشل ميڊيا تي تصويرون ڏئي سندن وارثن کان تاوان گهريو
ويندو آهي، جتي پوليس جي عمل داري نه هئڻ جي برابر آهي. واضح رهي ته ڪچي جي علائقي
۾ پوليس ڪيترا ئي ڀيرا آپريشن ڪري چڪي آهي، پر قانون لاڳو ڪرڻ وارن ادارن کي هر ڀيري
شديد مزاحمت کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.
پوئين مهيني نائين مارچ تي
صوبائي ڪابينا ۾ تفصيلي صلاح مشوري کان پوءِ ڪچي جي علائقن ۾ ڌاڙيلن کي گرفتار ڪرڻ
جي لاءِ گڏيل حڪمت عملي هيٺ سخت ڪاروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، جنهن ۾ پنجاب ۽
بلوچستان جي پوليس، رينجرز ۽ فوج جي اهلڪارن کي به حصو وٺڻو هو. ٻڌايو ويو هو ته
انهن علائقن ۾ رياست جي عمل داري جي لاءِ ضرورت آهي ته جديد هٿيار ۽ نگراني ڪرڻ جا
اوزار خريد ڪرڻ جي لاءِ ٻه ارب ۷۹ ڪروڙ روپين جي منظوري ڏني وئي هئي. سنڌ جي آءِ
جي پوليس ڪابينا کي بريفنگ ڏيندي چيو هو ته حڪومت جي فيصلي جي مطابق، سنڌ ۽ پنجاب
جي ڪچي جي علائقي ۾ گڏيل آپريشن جي رٿا تيار ڪئي وڃي، جنهن جي لاءِ جديد هٿيار ۽
نگرانيءَ جا اوزار خريد ڪيا وڃن. آءِ جي سنڌ ڪابينا کي وڌيڪ ٻڌايو هو ته ڪشمور، شڪارپور
۽ گهوٽڪيءَ جي ڪچي جي علائقن ۾ موجود عادي ڏوهارين کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ جديد هٿيارن
جي ضرورت آهي.
هتي ڪجهه سوال پيدا ٿين ٿا ته حڪمران
مختلف بهانا ڪري محدود آپريشن ڪري ڪوڙيون بريفنگ ڏئي مختلف بهانن سان ڌاڙيلن خلاف
آپريشن جون ڳالهيون ڪندا رهن ٿا پر هن وقت تائين اهي ڌاڙيل هن رياست کان بظاهر ڏاڍا
بڻيل نظر ايندا آھن يا کين هر قسم جي ڇوٽ مليل آھي. قبيلائي ڌاڙيلي سرشتو مذھبي
انتهاپسندي اهي سڀ مسئلا سنڌ تي مڙھيل آھن.
هن وقت به حڪمران ڪا سنجيدا حڪمت
عملي جوڙڻ لاءِ تيار نه آھن. سنڌ اسيمبلي ۾ اجلاس دوران مخالف ڌر جي اڳواڻ سردار
شھريار مهر چيو ته هي جيڪي قبيلائي دهشتگردي ڪرائين ٿا، اهي اسيمبلين ۾ موجود آھن،
انهن جي سر پرستي جاري آھي. هن بيان حڪمرانن جي سڄي حقيقت بيان ڪري ڇڏي آھي سمجهڻ
وارن لاءِ اهو ڪافي آھي.
(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۳ اپريل ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
شهيد اجمل سنڌ جو سقراط
هو
سجاد جتوئي
آءِ بي اي يونيورسٽي سکر ۾ بطور
اسسٽنٽ پروفيسر ڪم ڪندڙ اجمل ساوند جو قبيلائي جهيڙن ۾ وحشياڻو قتل يقينن دل کي
جهوريندڙ واقعو آهي، جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي، اوتري گهٽ آهي. اجمل جي شهادت هڪ
دفعو وري ان حقيقت کي چٽو ٿي ڪري ته سنڌ جيڪا ۵۰۰۰ سال پراڻي تهذيب جي وارث آهي،
ان ۾ مقيم موجوده دور جا ماڻهو ايترا مهذب ناهن رهيا. اجمل سنڌ جو سقراط هو. جهڙي
طرح ۲۵۰۰ سال اڳ سقراط يونان جي ماڻهن کي شعور ڏيڻ ٿي چاهيو، اهڙي طرح اجمل به ايڪويهين
صديءَ جي سنڌ کي بيدار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر افسوس ته اجمل کي چند جاهلن ابدي ننڊ
سمهاري ڇڏيو ۽ اسان ڪجھ به نه ڪري سگهياسين. اجمل جي شهادت کان پوءِ سماجي رابطن
جي ويب سائيٽس تي هڪ ٽرينڊ شروع ٿي ويو آهي ته اجمل فرانس جهڙي ترقي يافته ملڪ کي ڇڏي
جاهلن کي پڙهائڻ آيو. هو قبيلائي جهيڙن کي ختم ڪرڻ آيو، پر پاڻ ان جو شڪار ٿي ويو.
اسان سڀ ان ٽرينڊ جو حصو ٿي ويا آهيون ۽ پاڻ کي جاهلن ۾ شمار ٿا ڪريون، پر انهن
جملن تي ٿورو غور ڪرڻ جي ضرورت آهي. جڏهن اسان چئون ٿا ته اجمل ساوند جاهلن کي پڙهائڻ
آيو ته ڇا ان مان مراد آهي سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جا اهي شاگرد، جيڪي ڏينهن رات
علم پرائڻ ۾ صرف ڪن ٿا؟ مان يقين سان چئي سگهان ٿو ته انهن مان ڪافي شاگرد شهيد
اجمل جا پيروڪار هوندا، يا اسان پاڻ کي به جاهل ٿا چئون؟! ڇو جو اجمل ته اسان جي ڀلي
لاءِ فرانس ڇڏي هتي آيو هو. اجتماعي طور تي پاڻ کي جاهل چوڻ مون کي ذاتي طور تي
صحيح ڪو نه ٿو لڳي. اسان کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته شهيد اجمل به ته هن ڌرتيءَ تي
ئي جنم ورتو هو. ان کان علاوه جي نظر ڦيرائجي ٿي ته اسان کي سنڌ ۾ ڪافي مدبر، ڏاها،
عالم ۽ باشعور انسان نظر اچن ٿا، جيڪي شهيد اجمل جيئن ان ڪوشش ۾ مشغول آهن ته سنڌ
کي ڪهڙي طرح وري ٻيهر مهذب بڻائجي. يونانين سقراط جهڙي عظيم فلاسافر کي هيم لاڪ پياري
قتل ڪيو هو. ڇا ماڻهو يونانين کي جاهل چوندا آهن؟ ڇا هي اهو ئي يونان نه هو، جنهن
۾ سقراط کان پوءِ افلاطون، ارسطو ۽ ٻيا ڏاها پيدا ٿيا؟ چوڻ جو مقصد اهو آهي ته پاڻ
وٽ وڏي پيماني تي جهالت ضرور آهي پر پاڻ جاهل نه آهيون. اجمل ساوند کي انهن جاهلن
شهيد ڪيو، جن تائين علم پهتو ئي نه آهي. اسان کي يا ته اهڙن جاهلن کان لاتعلقي جو
اظهار ڪرڻ پوندو يا انهن جو بائيڪاٽ ڪرڻو پوندو. اهي اسان مان نه آهن. اسان کي
انهن کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ انهن تي ڪم ڪرڻو پوندو. انهن کي علم جي روشني ڏيڻي پوندي
۽ ان مقصد جي حصول تائين ممڪن آهي ته ٻين ڪيترن ئي اجمل جهڙن ماڻهن کي قرباني ڏيڻي
پوي. رهي ڳالھ قبيلائي جهيڙن ۽ ڌاڙيل ڪلچر جي، ته ان معاملي ۾ به پاڻ کي سنجيده ٿي
جدوجهد ڪرڻي پوندي. اسان کي رياست تي دٻاءُ وجهڻو پوندو ته جيئن هو پنهنجي ذميواري
پوري ڪندي انهن ڇڙواڳن کي لغام وجهي. رياست کي مجبور ڪرڻو پوندو ته اها قانون جو
نفاذ ڪرائي. اسان جي سجاڳ ٿياسين ته هي مسئلا حل ٿيندا، نه ته هي سڀ ڪجھ ائين ئي
هلندو رهندو، جيئن هن وقت هلي رهيو آهي.
(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۴ اپريل ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
ڊاڪٽر اجمل ساوند جي ياد
۾
متو آهين مڇ
ڊاڪٽر نواز علي
شوق
تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو
ته سرداري نظام ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ قديم زماني کان رائج رهيو آهي، اسلام کان اڳ
جاهليت جي دور ۾ عربن ۾ سرداري نظام رائج هو ۽ مختلف قبيلن جا پاڻ ۾ جهيڙا ٿيندا
رهندا هئا. جيڪي سالن جا سال هلندا رهندا هئا، جن جو فيصلو قبائلي سردار ڪندا هئا،
سڀني کان وڏو سردار ابو جهل هو ۽ ڪن ٻين قبيلن جا پنهنجا پنهنجا سردار هوندا هئا. ٻنهي
جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم اهو ڪفر وارو ظالماڻو نظام
ختم ڪيو. پاڻ سڳورن کي تمام گهڻيون تڪليفون ڏنيون ويون، جنگيون لڳيون. وڏي جدوجهد
کان پوءِ ڪفر ۽ جهالت جو نظام ختم ڪيو. سرداري نظام به جهالت جي پيداوار هو. ان جو
خاتمو ٿيو ته ماڻهن سک جو ساهه کنيو. انساني مساوات جو دور شروع ٿيو، جهل جي
اونداهه ختم ٿي، هر طرف علم جو نور پکڙجي ويو. جڳ مشهور ظالم چنگيز ۽ هلاڪو به اصل
۾ قبائلي سردار هئا، جيڪي ماڻهو بغاوت ڪندا هئا، تن کي هو مارائي ڇڏيندا هئا. هنن
وچ ۾ ايشيا جا ڀريا تريا شهر ويران ڪري ڇڏيا. ماڻهن جو ڪوس ڪرايو، بغداد جيڪو هڪ
قديم شهر ۽ علم جو مرڪز هو، تنهن کي برباد ڪري ڇڏيو. تاريخ ٻڌائي ٿي ته مختلف دورن
۾ مختلف قبيلن جا سردار قبائلي جهيڙا ڪرائي ماڻهن کي پاڻ ۾ ويڙهائيندا هئا. اهڙي طريقي
هو وڏي رعب ۽ دٻدٻي سان سردار بڻجي، ٻين کي غلام بڻائي وڏي دٻدٻي سان راڄ ڪندا هئا
۽ ماڻهن تي طرح طرح جا ظلم ڪندا هئا ته جيئن سندن غلام رهن. ڏٺو وڃي ته جڏهن
قبائلي جهيڙا ٿين ٿا ته اڪثر ايئن ٿيندو آهي ته هڪ ٻئي جي پلاند ۾ ڪنهن شريف ۽
بيگناهه معزز ماڻهن کي ماريو ويندو آهي، جنهن جو ان جهيڙي سان ڪو تعلق ئي نه هوندو
آهي، سکر ۾ ڀرچونڊي شريف جي گادي نشين جي هڪ ويجهي مائٽ سان ڪنهن هندو دڪاندار جو
جهيڙو ٿيو. هن جو پٽڪو لهي پيو، پٽڪو يا پڳ عزت جي نشاني سمجهي ويندي آهي. ڪنهن
زماني ۾ ڏاڙهي ۽ وڏا وار عزت جي نشاني سمجهيا ويندا هئا. پوءِ انگريزن آئي جڏهن ڏاڙهي
ڪوڙائڻ ۽ وار ٺهرائڻ جو رواج پيو ته ماڻهن ان کي برو سمجهيو. حمل خان لغاري انهن
کي لوٺيو سڏيندي چيو:
ڏاڙهي نال ڏهاڙي جهيڙا، وتن ڪنڌ
ڪپائي
آکي حمل انهان لوٺيان لڄ وڃائي!
هينئر ماڻهن جي منهن تي ڏاڙهي ۽
مٿي تي پٽڪو ورلي نظر ايندو. ڏاڙهي ڪوڙائڻ ۽ مٿي اگهاڙو رهڻ عيب نه پر پڙهيل ڳڙهيل
ماڻهن جو فيشن آهي ۽ ڪي ڏاڙهي رکرائين ٿا ته اها به فيشني، جيئن وارن جي ڪٽ جا
مختلف نمونا آهن، تيئن ڏاڙهي جي ڪٽ جا به قسمين قسمين نمونا آهن. مون ڳالهه ٿي ڪئي
ته هڪ معزز ماڻهوءَ جو هڪ هندو ڌڪو ڏيئي پٽڪو لاهي وڌو ته ڀرچونڊي شريف جي مريدن ۾
وڏو تاءُ اچي ويو. هنن ان سکر واري دڪاندار کي ڪجهه ڪو نه ڪيو پر بيگناهه هڪ درويش
ڪنور ڀڳت کي رُڪ اسٽيشن تي ماري ڇڏيو. مارڻ وارا هئا جانو جلباڻي ۽ محمد مراد
سهرياڻي. جانو جلباڻي گادي نشين واري جهيڙي ۾ مارجي ويو ۽ محمد مراد سهرياڻي ڪنڌڪوٽ
کان جيڪب آباد ويندي هلندڙ ريل گاڏي ۾ چڙهڻ جي ڪوشش ڪئي. مڙس پهلوان هو، پر تيز
رفتار ٽرين ۾ چڙهي نه سگهيو، ريل هيٺان اچي ڳترا ڳترا ٿي ويو. رُڪ اسٽيشن جيڪا جنڪشن
اسٽيشن هوندي هئي, سا ويران ٿي وئي. ڀرچونڊي شريف ۾ گادي نشينيءَ تي جهيڙو ٿيو، ڪيترائي
ماڻهو ان جهيڙي ۾ مري ويا. جڏهن ڪنهن جو ناحق خون ٿيندو آهي ته الله پاڪ جو ڏمر
ايندو آهي، پوءِ ايئن ئي ٿيندو آهي، تاريخ ۾ اهڙا گهڻا ئي واقعا موجود آهن.
هڪ ٻيو دردناڪ واقعو هن ريت آهي
ته: منهنجو تمام پيارو دوست حافظ احسن شر عربي فارسي جو وڏو عالم هو. ڪنڌڪوٽ ۾
مولوي فقير محمد جي مدرسي مان تعليم حاصل ڪئي هئائين. بي انتها ذهين ۽ محنتي هو،
ديني تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ انگريزي تعليم حاصل ڪيائين. ايل ايل بي پاس ڪري
پهريائين وڪيل ٿيو، بعد ۾ جج ٿيو. انتهائي شريف متقي، پرهيزگار ۽ ايماندار انسان
هو. سندس چاچي چاڪر جو پنهنجن مائٽن سان جهيڙو ٿيو. حافظ احسن جو ان جهيڙي سان ڪو
تعلق نه هو. هڪ ڏينهن هو پنهنجي ڳوٺ گيهل پور (ضلع ڪشمور) ويو. مخالف ڌر کي خبر
پئجي وئي. هو نماز پڙهي رهيو هو ته دشمن کيس مسجد مان کنڀي کڻي ويا. درياهه جي ڪناري
کيس هڪ وڻ سان ٻڌي بندوق هنيائون، پر بندوق نه ڇُٽي، پوءِ وڃي کيس ڪهاڙين سان ڪپي ڳترا
ڳترا ڪري ٻوريءَ ۾ وجهي، وچ درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيائون. هنن جو مطلب اهو هو ته مارجي
ته ڪو چونڊي مارجي. ڀلي ان جو ان قبائلي جهيڙي سان ڪو واسطو نه هجي. ڊاڪٽر اجمل جو
قتل به اهڙن واقعن جو هڪ تسلسل آهي، ته چونڊي چونڊي ڪنهن اعليٰ تعليم يافته کي
مارجي ته جيئن علم، شعور ۽ نور جو خاتمو ڪري جهالت جي اوندهه آڻجي.
ڊاڪٽر اجمل جو قومي جذبو ته ڏسو،
جيڪو پئرس جهڙو شهر ڇڏي، بي پايان دولت کان بي پرواهه ٿي پنهنجن سنڌي سٻاجهڙن کي
علم جو نور ۽ شعور ڏيڻ اچي ٿو ته ساڻس ظلم ٿئي ٿو. اڄ ڊاڪٽر اجمل لاءِ هر اک آلي
آهي. هي ڏک رڳو ساوندن جو يا ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ جو نه آهي پر هر شهر وستي واهڻ ۽ سنڌي
قوم جو ڏک آهي. جيستائين هي سردار ۽ ڀوتار آهن، تيستائين ههڙا ڪيس ڪلور ٿيندا
رهندا. تنهن ڪري ضروري آهي ته سردارن تي سختي ڪجي، انهن جي سهولت ڪارن کي سوڙهو ڪجي.
پر ڇا ڪجي، افسوس اهو آهي ته سڄي سنڌ سرڪار سردارن ۽ ڀوتارن واري ڀت جي ڀرجهلي بيٺل
آهي، اهي پنهنجي ڀت کي پنهنجي هٿن سان ڪيئن ڊاهيندا؟ پر هينئر وقت تيزي سان بدلجي
رهيو آهي، ماڻهن ۾ شعور اچي ويو آهي. اها دوکي جي ديوار ڀُتي ڀت هڪ ڌڪي سان ڊهي
پوندي. ڀوتار ۽ سردار يعني مانگر مڇ جيڪي حرام کائي ٿلها ٿونا هڻي رهيا آهن، تن جي
جوڙيل ظالماڻي نظام جا ڏينهن پورا ٿيڻ وارا آهن.
متو آهين مَڇ، ٿُلهو ٿيو ٿُونا
هڻين،
جا تو ڏٺي اَڇ، تنهن پاڻيءَ
پُنا ڏينهڙا.
(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۴ اپريل ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
ڊاڪٽر اجمل ساوند
سنڌ جي شعور ۽ ساڃاهه جو
قتل!
گلشن چانڊيو
سنڌ جيڪا صوفين جي سرزمين آهي
جتي امن، محبت ۽ پيار جو پيغام ڏنو ويندو آهي پر اتي اڃا اهڙا آدم خور، انسانيت جا
ويري، انتهاپسند ۽ شرپسند هن ڌرتي جي گولي تي موجود آهن جيڪي قبيلائي جهيڙن ۾ امن
جي سفير جو ڪردار نڀائيندڙ انسان دوست ۽ انسانيت ۽ ڌرتي سان محبت ڪندڙن کي گولين
جو بک بڻائيندي بيگناهه ۽ بيڏوهي انسان جو خون ڪن ٿا.
ڪنڌڪوٽ واسي ڊاڪٽر اجمل ساوند
جيڪو اسڪالر هو جنهن فرانس مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪري پنهنجي وطن جي ماڻهن جي
خدمت ڪرڻ لاءِ ڏيهه واپس وريو ته جيئن پنهنجي علائقي جي ماڻهن کي معياري ۽ بهترين
تعليم ڏجي جيڪڏهن هو ٻاهرين ملڪ ۾ رهي اتي ئي پڙهائي ها ته ان کي تمام سٺي پگهار ۽
ٻيون مراعتون ۽ سهولتون ملي پئي سگهيون پر هن انهن آسائشن ۽ دنيا جي ترقي يافتا ملڪ
۾ رهڻ کان وڌيڪ ترجيح پنهنجي ملڪ کي ڏني ته پنهنجي ملڪ جي ٻارن کي سٺي ۽ معياري
تعليم ڏجي پر هن کي شايد اها خبر نه هئي ته اسين ڪهڙي سماج ۾ رهون ٿا جتي قبيلائي
تڪرار ورهين کان هلندڙ آهن جتي جهالت تمام گهڻي آهي.
سنڌ جي اتر وارن ضلعن ۾ اهڙا
قبيلائي ۽ برادرين جا تڪرار هلندڙ آهن جتي معمولي ڳالهين کي انا جو مسئلو بڻائي
پلاند ورتا ويندا آهن ۽ انهن پلاندن ۾ ڪيتريون ئي انمول انساني جانيون اجل جو شڪار
ٿي وينديون آهن ۽ جهالت انهن جي رڳ رڳ ۾ داخل ٿي چڪي هوندي آهي جيڪي خون ڪرڻ کي ئي
پنهنجي بهادري ۽ سورهيائي سمجهندا آهن پر اها بهادري ناهي پر بزدلائپ وارو عمل آهي،
اسان وٽ قانون موجود آهي جيڪو ڪتابن ۾ هر ڪنهن پڙهيو هوندو ۽ اهو ڪتابن ۾ ئي موجود
آهي جيڪڏهن انهي قانون تي عمل ٿئي ها ۽ قانون جي حڪمراني هجي ها ته قبيلائي تڪرار
۽ جهيڙا ايئن نه ٿين ها، جيڪي قبيلائي جهيڙن ۾ ملوث آهن ۽ ڪنهن ماڻهو کي بيگناهه
ماريو وڃي ته ان کي ان خون جي سزا ملڻ گهرجي ته انهي خوني، قاتل ۽ رت پياڪ هڪ
انسان کي ايئن بيدردي سان ڇو ماريو پر اسان جنهن سماج ۾ رهون ٿا ته اتي قانون تي
عمل درآمد نالي ڪا شيءِ ناهي ۽ ۱۰ خونن ۾ گهربل ڏوهاري سزا موت واري سزا کان بچي وڃي
ٿو ۽ خون ڪندڙ لاءِ قانون ۾ سزا ۽ جزا جو قانون موجود آهي پر ان کي سزا نه ٿي ملي
نتيجن اهڙا خونريزي جا ڪيس گهٽجڻ بدران ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن سنڌ جي اتر وارن
ضلعن لاڙڪاڻو، شڪارپور، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، جيڪب آباد، قمبر شهدادڪوٽ ۾ قبيلائي تڪرار
معمولي ڳالهين تان شروع ٿين ٿا جيڪي وڌي وڻ ٿين ٿا، قبيلائي تڪرارن جي باهه ۾ سنڌ
جو جاني ۽ مالي نقصان ٿئي ٿو.
سنڌ ۾ پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند
جي مارجڻ تي سنڌ جو شعور سوڳ ۾ ورتل آهي ۽ سوشل ميڊيا تي اهڙي خبر باهه جيان سڄي
دنيا ۾ پکڙجي وئي آهي، ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته ساوند ۽ سندراڻي تڪرار ڪارنهن جي معاملي
تان شروع ٿيو جيڪو ٻن برادرين جي وچ ۾ هلندڙ هو جڏهن ته ڊاڪٽر اجمل ساوند امن جو
سفير بڻجي ڌرين کي ٺاهه ڪرڻ لاءِ ٽياڪڙي ڪئي پر سماج جا بگهڙ ۽ جاهل فرد جنهن کي
انسان نٿو چئي سگهجي ڇو ته هو درندا، وحشي، ظالم، سنگدل، دهشتگرد ۽ انتهاپسند آهن
جن پنهنجي علائقي ۽ ملڪ جي هڪ باشعور استاد کي ايئن بيدردي سان قتل ڪيو جنهن جو
گناهه پنهنجي ڌرتي ۽ وطن جي ماڻهن سان محبت هو ڇو ته هو آسائش واري زندگي ۽ پرڪشش
پگهار جي آڇ کي ٿڏي پنهنجي وطن موٽي آيو ۽ هو آءِ بي اي سکر ۾ پروفيسر مقرر ٿيو.
پر افسوس ته قبيلائي تڪرار جي ٻرندڙ
ٻاهه ۾ سندراڻي برادري جي هٿياربندن ڊاڪٽر اجمل ساوند کي قبيلائي تڪرار جي آڙ ۾
بيدردري سان گولين جو بک بڻايو جنهن لاءِ سنڌ جا ساڃاهه وند، يونيورسٽين جا
پروفيسر ۽ يونيورسٽين جون استاد ۽ شاگرد ايسوسيئيشن سراپا احتجاج آهن ته قاتلن کي
گرفتار ڪري عبرتناڪ سزائون ڏنيون وڃن پر پوليس اڃا تائين قاتل ۽ سهولتڪار گرفتار
نه ڪري سگهي آهي ۽ پوليس جا آفيسر اڃا تائين اهڙي مطمئن ڪندڙ انويسٽيگيشن نه ڪري
سگهيا آهن ۽ نه ئي ملوث ڏوهاري گرفتار ٿي سگهيا آهن جيڪو افسوسناڪ عمل آهي ۽ ڊاڪٽر
پروفيسر اجمل ساوند جو قتل سماج جي ڪنهن هڪ فرد جو قتل ناهي پر هي سماج جي باشعور
طبقي جو گڏيل نقصان آهي، دنيا جا سڌريل سماج پنهنجي محقق، اسڪالر ۽ استاد جو قدر ڪندا
آهن پر اسان جي ملڪ ۾ ڪنهن سٺي پڙهيل ۽ ذهين ماڻهو کي اڳتي اچڻ کان اڳ ئي ايئن
بيدردي سان ماريو ويندو آهي.
سنڌ ۾ قبيلائي جهيڙن سنڌ جا
زرخيز ۽ سرسبز ڳوٺ ۽ علائقا اجاڙي ڇڏيا آهن جتي بردارين جي وچم هلندڙ خوني تڪرار
ورهين تائين جاري هوندا آهن جتي معصوم ٻارن کي به هٿيار هٿن ۾ هوندا آهن جن معصومن
کي هٿن ۾ ڪتاب قلم هجن پر انهن معصومن کي به ننڍپڻ ۾ هٿيارن هلائڻ جي تربيت ڏني
ويندي آهي ۽ وحشت جو سبق پڙهايو ويندو آهي، جتي قبيلائي تڪرار انا پرستي جو رخ
اختيار ڪندا آهن ته اتي ايئن ئي بيگناهه انسانن جي رت سان راند کيڏي ويندي آهي سنڌ
ڌرتي جيڪا صوفي شاهه عنايت، شاهه لطيف، سامي ۽ سچل جي ڌرتي آهي.
قبيلائي تڪرارن جي ور چڙهيل
سماج ۾ بيگناهه انسانن جو ريٽو رت وهايو ٿو وڃي ۽ اهڙي انتهاپسندي سبب انهن مهان
هستين جو روح به ضرور رنج ٿيندو جن صوفي ازم جي پرچار ڪئي ۽ انسانن کي ٻڌي، ايڪي، اتحاد
۽ محبت جو پيغام ڏنو پر اڄ صوفين جي ڌرتي تي هڪ مهان استاد ۽ صوفي منش ۽ امن جي
سفير کي وحشي درندن هٿان ماريو ويو. اهڙا قبيلائي تڪرار تڏهن گهٽ ٿي سگهن ٿا جڏهن
ملڪ ۾ قانون جي بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني هجي جيستائين ملڪ ۾ قانون تي عمل
درآمد نه ٿيندو ۽ قانون جي پوئواري نه ٿيندي، سزا ۽ جزا وارو عمل قائم نه ٿيندو ته
اهڙا درندگي جا واقعا ٿيندا رهندا، اسين ملڪ جي اعليٰ عدالتن ۽ چيف جسٽس سپريم ڪورٽ
آف پاڪستان ۽ آءِ جي سنڌ پوليس کي گذارش ٿا ڪيون ته پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جي
قتل ۾ ملوث قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ انهن کي قانون مطابق سزا ڏني وڃي!!
(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۶ اپريل ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
قبيلائي نظام جي ور چڙھيل
سنڌي سماج
خاصخيلي لطيف
راولاڻي
سنڌ ۾ ڪافي سالن کان قبيلائي
جاگيرداري وڏيرڪو ڀوتار ڪلچر ايڏو ته مضبوط ٿي چڪو آھي جو اڄ ڏينھن تائين ان جون
پاڙون پٽجي نه سگھيون آھن. انھي ڏس ۾ متاثر ٿيل علائقن ۾ پوليس ۽ قانون نافذ ڪندڙ
ادارا به محفوظ ڪونه آھن. خاص طور تي ڪنڌڪوٽ ڪشمور ۽ گھوٽڪي جي علائقن ۾ ڌاڙيلن جو
ايڏو ته مضبوط نيٽ ورڪ وڇايل آھي جو آپريشن دوران پوليس جا اعلي عملدار به
پنھنجيون حياتيون وڃائي ويٺا آھن. جن جو اڃان تائين ڪوبه تدارڪ نه ٿيو آھي. ۽ نه
انھي مسئلي جو ڪو خاطرخواه حل ڳوليو ويو آھي. ان ڪري ئي قبيلائي جاگيرداري نظام ۾
اسان جا ڪيئي ڪونڌر ڪسجي ويا آھن ڪافي سال اڳ۾به اھڙي طرح نوجوان سياسي سماجي اڳواڻ
سيف جتوئي پڻ جتوئي ڪليري قبيلائي جھيڙي جي ور چڙھي ويو. ان کان پوء لڳاتار اھو
سلسلو جاري آھي اسان وٽ قبيلائي نظام ايڏو ته مضبوط آھي جو ان جي خاتمي لاء سياسي
سماجي تنظيمون بيوس آھن. جو ان علائقي جا چونڊيل نمائندا به انھي قبيلائي نظام جو
حصو آھن. ان جي خلاف اتي جي صحافين به انھي نظام خلاف آواز اٿاريو ته صحافين جي
آواز کي به دٻايو ويو۔شان ڏھر بھادر صحافي ان جو جيئروجاڳندو مٽال اسان جي آڏو آھي.
انھي ڏس ۾ ام رباب جو واقعو ھجي يا تانيه خاصخيلي جو قتل ۽ سرداري ڀوتارڪي نظام جي
ور چڙھيل ناظم جوکيو ۽ ٻيا ڪيئي گمنام قتل ان نظام جي مضبوطي جي دليل آھن. پر ان
فرسوده نظام کي ختم نه ڪري سگھيا. جو اڄ وري اسان جو قيمتي اثاثو جيڪو يورپ کي ڇڏي
ڪري سنڌ ۾ آيو ۽ ھتي مستقل سنڌي عوام لاء خدمتون جاري رکيائين. سنڌي قوم جي بھتر
مستقبل لاء اونداھي ۾ ڏيئو روشن ڪيائين جئين اڄ جو نوجوان اونداھي مان نڪري روشني
۾ اچي ۽ پنھنجا کسيل حق واپس وٺي. اھڙا خيال رکندڙ سنڌ جو ڏاھو سنڌ جو شعور پنھنجي
وطن موٽي آءِ بي اي سکر ۾ تعليم ڏيئي رھيو ھو. جئين ھتي صدين کان رائج فرسوده نظام
کي ختم ڪري سگھجي پر ائين نه ٿي سگھيو پاڻ ئي انھي ڪڌي نظام جي ور چڙھي ويو. ھي ڌرتي
اڃان به قرباني گھري ٿي جيڪا قرباني ماضي ۾ ھوشو ھيمون روپلو ڏيئي ويا آھن پر ھي ڌرتي
اڃان به قرباني گھري ٿي جئين سڄي ڌرتي رت سان ڳاڙھي ٿي وڃي اجمل ساوند جو قتل سنڌ
جي ڏاھپ جو قتل آھي انسانيت جو قتل آھي جيڪو جاري آھي صدين کان ان جي مڪمل خاتمي
جي لاء وڏي جدوجھد جي ضرورت آھي ته ان قبيلائي نظام جي خلاف سنڌي سماج اٿي کڙو ٿئي
۽ ان جي خاتمي تائين ڊگھي جدوجھد ڪئي وڃي ۽ اھڙان ڏاھپ رکندڙ ذھين باشعور شھري
بچايا وڃن. ان لاء ڊگھي جدوجھد ڪرڻي پوندي تڏھن وڃي ڪو ان مسئلي جو خاطرخواه نتيجو
نڪرندو. شاه سائين به فرمايو آھي. ھڻڻ ھڪلڻ مانجھائي مرڪ وجھن تان ئي فرق جئين رڪ
وھندي راند ۾
(ڏھاڙي سنڌيار ڪراچي ۾ ۱۱ اپريل ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
جھالت هٿان شعور جو
قتل.!
علي اڪبر لاشاري
یہ
دیس ہے اندھے لوگوں کا
اے
چاند یہاں نہ نکلا کر
جهالت هٿان شعور جو قتل، ڪيڏي
نه ڀيانڪ ڳالهه آھي.
پئرس مان (پي ايڇ ڊي) ڪرڻ کان
پوءِ سنڌ جي ماڻهن ۾ تعليم جي لاٽ ٻارڻ لاءِ وڏا وڏا خواب کڻي ايندڙ هڪ فقير صفت
انسان استاد اجمل ساوند قبيلائي تڪرار جي آڙ ۾ ظالمن ڪرائي جي قاتلن هٿان قتل ٿي
ويو.
سائين اجمل ساوند جو ان قبيلائي
تڪرار سان ڪنهن بہ قسم جو ڪوبہ تعلوق نہ هو سائين تہ فقير صفت انسان هو سائين جي
آواز ۾ سنڌ ڌرتي جي مظلوم ماڻهون جو درد سمايل هو سائين اجمل جو قتل کي اسان
قبيلائي تڪرار جو رنگ نٿا ڏئي سگھون سائين کي هڪ وڏي سازش سان قتل ڪيو ويو آهي.
اھو سائين اجمل جو قتل نہ پر سنڌ
جي شعور جو قتل آهي. سنڌ جي مظلوم ماڻهون جي آسون اميدون جو قتل آهي.
سر اجمل جهڙي باڪردار استاد کي
بيگناهه قتل ڪيو ويو سر اجمل جو ڏوھ صرف اھو هو جو هُن ظالم دهشتگردن جي علائقي ڪشمور
ڪنڌڪوٽ سميت سموري سنڌ ۾ تعليم عام ڪرڻ ٿي چاهي هن جو خواب هو تہ سنڌ جو عوام
تعليم طرف وڌي ءِ تعليم پرائي هن جو سڀ کان وڏو مقصد هيو تہ سنڌ جون نياڻيون پڙهن
هن جو ڏوھ اھو ئي هو جو هُن سرداري نظام جي مخالفت ڪري سنڌ جي نياڻين جي تعليم تي ڪم
ڪيو.
افسوس! هن کي اھا ڄاڻ نہ ھئي تہ
سنڌ جي تعليم تي ڪم ڪرڻ جي کيس ايڏي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي.
شام جو پهر هو اچانڪ فيسبوڪ تي
سائين اجمل جي قتل ٿيڻ جو پوسٽون اکين اڳيان گذاريون منهنجي پيرن هيٺان زمين نڪري
وئي اکين ۾ ڳوڙھا ڀرجي آيا. ايئن محسوس ٿي رهيو هيو تہ ڄڻ منهنجي ڪنهن فيملي ميمبر
جي موت جي خبر منهنجي اکين اڳيان گذري هجي.دل ئي دل ۾ سوچيندو رهيس تہ اسان کي ھي
چا ٿي ويو آهي اسان پنهنجي ئي اُستاد کي پاڻ قتل ڪري ڇڏيو. اھو استاد جيڪو اسان کي
جيئڻ مرڻ سيکاري رهيو هئو. قبائلي تڪرارن جي آڙ ۾ سر اجمل جهڙا ڪونڌر ڪُسجي ويا.
افسوس! سر اجمل جهڙا انسان صدين
۾ پيدا ٿيندا آهين. سر اجمل پنهنجي محنت سان تمام وڏو مقام ٺاهي (آئي بي اي) سکر ۾
پروفيسر ٿيو هُن پئرس مان پنهنجي محنت سان (پي ايڇ ڊي) ڪئي ھئي کيس ڪافي دفعا ٻاهرين
ملڪن مان آفرون آيون پر اُهي سڀ افرون ٺڪرائي پنهنجون سموريون تعليمي خدمتون
پنهنجي ديس جي حوالي ڪيون. کيس خبر نه ھئي تہ ٻاهرين ملڪن طرفان ملندڙ آفرون ٺڪرائي
پنهنجي ئي ديس ۾ ظالم جلادن جي هٿان بيگناهه ماريو ويندو.
افسوس!
جھالت سنڌ جي شعور کي ڳڙڪائي
وئي!
مرڻا اڳي
جي مئا سي مري ٿين نه مات
هوندا
سي حيات، جئڻان اڳي جي جئا.
(ڏھاڙي سنڌيار ڪراچي ۾ ۱۱ اپريل ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
پروفيسر ڊاڪٽر انجنيئر
اجمل ساوند
طاهر حسين مهيسر
دنيا جي سڀني مهذب تهذيبن جي
ماءُ سنڌو تهذيب جيڪا امن، پيار، ڀائيچاري ۽ مذھبي رواداري جو اهڃاڻ رهي آھي، جتي
پکين کان ويندي عام انسان به سک جو ساھ کڻندا هئا. سنڌ جي سرزمين دنيا جي اها واحد
سرزمين آھي جتي دنيا جي پهرين يونيورسٽي اچين جي نالي سان قائم ڪئي وئي، جنهن
يونيورسٽي ۾ چندرگپت موريا پڻ پڙھيو هو. ماضي ۾ شاهڪار تهذيب موجودھ وقت ۾ مقتل
گاھ بڻيل آھي، ڇو ته ڪجھ ڏينھن پھريان آء بي اي يونيورسٽي جي ڪمپيوٽر سائنس جي
شعبي جي پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند کي قبائلي جھيڙي جي آڙ ۾ قتل ڪيو ويو آھي. اھو
وقت ڪيترو نه اذيت ناڪ ھوندو جنھن وقت وني کان ور، امڙ کان پٽ، ڀينرن کان ڀاء ۽
معصوم ٻچڙن کان پيء کسيو ھوندو۔
فرانس مان PHD جي ڊگري ڪري آيل پروفيسر اجمل
ساوند ڪيترن ئي غير ملڪي يونيورسٽين جون آڇون ٺڪرايون ھيون ۽ ان ڳالھ کي ترجيع ڏني
ته مان پنھنجي قوم کي علم سان سرشار ڪيان پر ھن کي ان ڳالھ جو اندازو نه ھيو ته ھن
کي پنھنجن جي ھٿان ئي گولين جو کاڄ ٿيڻو آھي. پروفيسر اجمل ساوند اھڙي ڪردار جو
نالو ھيو جنھن ڏينھن رات محنت ڪري اکين ۾ اوجاڳا ڪاٽي پنھنجي ماڻھن ۾ شعور جون لاٽون
پئي ٻارڻ چاھيون ۽ ھن روشن صبح جا خواب ڏٺا ھئا. انھن خوابن جي ساڀيان لاء ڪافي ڪشالا
پڻ ڪيا ته جيئن جهالت کي مات ڏئي علم ۽ شعور ذريعي نئين سنڌ جي تعمير ڪرڻ ۾ پنهنجي
حصي جو ڪردار ادا ڪجي پر شفاف چشمي جيان چٽو ۽ نروار شعور جي مالڪ کي ڪهڙي خبر ته
هتي جهالت شعور کي مات ڏئي وڃي ٿي. قلم کڻڻ بدران هٿيار کڻڻ کي ترجيح ڏني وڃي ٿي.
قانون جي بالادستي ته پري جي ڳالھ آھي پر قانون پنهنجي وجود جي ثابتي ڏيڻ ۾ به ناڪام
آھي. هي ھڪ انسان جو قتل نه آھي پر سنڌ جي شعور جو قتل آھي. پروفيسر جي قتل سان سنڌي
قوم جي چھري مٿان ويچارگي جي اداسي ڇانيل آھي.
شعور يافته اڪيچار ڪردارن
منجھان گذريل ڏھاڪي کان وٺي ڪيترا ئي ماڻھو قبائلي جھيڙن ۾ جان ڏئي ويٺا آھن. ظلم،
زيادتين جي پسگردائي جي باوجود ھتان جي رياست، سماج، قانون ۽ قدر خاموش تماشائي بڻيل
آھن انتظاميا سچ کان اکيون چورائي اشرافيه ۽ سندن ساٿارين جي ٻانهن ٻيلي بڻيل آھي.
وڏيرا ۽ جاگيردار قانون جي پڪڙ کان آجا آھن.
حڪومت جي اعلي عملدارن کي گھرجي
تہ ان معاملي کي سنجيدگي سان تھ تائين پهچائن ۽ ملوث ڌرين کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻي
سخت کان سخت سزا ڏني وڃي ۽ ان کان علاوه قانون جي بالادستي قائم ڪري امن واري
صورتحال کي يقيني بڻايو وڃي اگر ائين نه ٿيو ته پوء خراب اثر ھن سماج جو بنياد بڻجي
ويندا ۽ عدم تحفظ جي احساس ۾ دھشتگرد پيدا ٿيندا.
(ڏھاڙي سنڌيار ڪراچي ۾ ۱۴ اپريل ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
اجمل ساوند جو قتل
قبائلي سوچ ۽ ذات پرستي
سعيد احمد رڏ
ڪُجھ عرصو اڳ جيڪب آباد جي ڪچي
واري علائقي ۾ سکر آئي بي اي جي پروفيسر اجمل ساوند جي قبائلي بدلي طور بيدرديءَ
سان قتل سنڌ ۾ سوين سالن کان موجود قبائليت، جاگيرداري نظام، سرداري نظام ۽ ذات
پرستيءَ جي موضوع تي اخبارن ۾، اوطاقي ڪچھرين ۾، سماجي رابطي وارين ويبسائيٽس جھڙوڪ
فيسبڪ ۽ ٽوئيٽر تي وڏو علمي بحث ڇيڙي ڇڏيو آھي. پروفيسر اجمل ساوند جي قتل کي سنڌ
جي شعور جو قتل سڏيو ويو ۽ سنڌ اندر موجود قبائلي نظام، جاگيرداري نظام، وڏيراشاھي
۽ سرداري نظام کي انھيءَ قتل جو ذميوار قرار ڏنوويو. انھيءَ ڳالھ ۾ ڪوشڪ نه آھي ته
ھن ايڪيھين صديءَ ۾ به سنڌ اندر ڪافي علائقن ۾ اڄ به فرسوده ۽ بدبودار قبائلي ۽
سرداري نظام رائج آھي، جنھن ۾ صرف ذات جي بنياد تي اجمل ساوند جھڙا بيگناھ قتل ڪيا
وڃن ٿا، جن جو ھلندڙ قبائلي تڪرارن سان پري پري جو به واسطو نه ھوندو آھي.
قبائلي ذات پرستي واري نظام جون
پاڙون سنڌ جي سياسي، سماجي، معاشي ۽ ثقافتي جوڙجڪ ۾ ايتريون گھريون آھن، جواسان وٽ
اڄ به ”ذات“ سُڃاڻپ جو وڏي ۾ وڏو اھڃاڻ بڻيل آھي. مسئلو ايتروسادو نه آھي،جيئن ڪُجھ
دوست پيش ڪن پيا. آئون وڏيرن، جاگيردارن، سردارن ۽ چڱ مڙسن جي حڪومتي ۽ رياستي
سرپرستي کي ھن مسئلي جو ھڪ اھم سبب ضرور سمجھان ٿو پر منھنجي حساب سان ھن مسئلي کي
سماجي، سياسي ۽ ثقافتي رخن سان ڏسڻ بنا مسئلي جو صحيح معنيٰ ۾ تدارڪ ممڪن نه آھي.
موجوده عدالتي نظام، سنڌ پوليس، رياستِ پاڪستان، سنڌ حڪومت ۽ پيپلزپارٽيءَ تي ھن
سلسلي ۾ تنقيد بلڪل جائز ۽ برحق آھي. پر قبائليت جي مسئلي کي وڌيڪ گھرائيءَ سان
تاريخ جي تناظر ۾ ڏسڻ جي ضرورت آھي.
قبائلي نظام جو بنياد قبائلي
سوچ آھي، جيڪا انسانن کي پنھنجن ۽ پراون ۾ ورھائي ٿي ۽ ھر قدم تي پنھجن ماڻھن کي
حقئون ناحقئون ٻين تي فوقيت ڏيڻ تي آماده ڪري ٿي. ڏسجي ته اسان جي معاشري ۾ اھڙي
سوچ ھر سطح تي موجود آھي. اسان وٽ فيصلا ميرٽ ۽ انصاف جي اصولن تحت نه بلڪ انھيءَ
حساب سان ٿيندا آھن ته، ڪير اسان جو پنھنجو آھي ۽ ڪير پرايو. ڪير ڪيترو ويجھوآھي،
انھيءَ بنياد تي ئي ھن کي ٻين تي فوقيت ملندي آھي.بيشڪ اھڙِي قبائلي سوچ پاڪستان
جي ٻين صوبن ۾ ۽ ڪنھن حد تائين دنيا جي ٻين هنڌن تي به ملي ٿي پر جنھن نموني سان
انھي قبائلي سوچ جو اظھار ھر سطح تي سنڌ ۾ ملي ٿو، اھو پنھنجو مٽ پاڻ آھي. سنڌ ۾
جيئن ذات ھرعام و خاص ماڻھو جي نانءُ سان ڳنڍيل ھجي ٿي، ائين ٻيو ڪٿي ڪونھي.ننڍن
ننڍن ڪمن کان ويندي وڏن وڏن ڪمن لاءِ مٽي مائٽي ۽ تعلق جي بنياد تي جيڪو سلسلو سنڌ
۾ ھلي ٿو،ٻئي ڪنھن به صوبي ۾ ائين نه آھي. سنڌ ۾ جيئن ذات جي بنياد تي ڪليري ۽ اڄڻ،
جاگيراڻي ۽ جتوئي يا سندراڻي ۽ ساوند تڪرار ۾ ھڪٻئي جي ڳوٺن تي حملا ٿين ٿا ۽
بيگناھ ماڻھو ماريا وڃن ٿا، ائين ڪنھن ٻئي صوبي ۾ نه ٿو ٿئي. سو اسان کي سمجھڻو
پوندو ته سنڌ ۾ آخر ڇو ائين ھر سطح تي قبائلي سوچ وڏي طاقت سان موجود نظر اچي ٿي.
تاريخي طور تي دُنيا ۾ قومپرستي
اھو جذبو رھيو آھي، جنھن ذات پرستي ۽ قبائليت جي جذبي کي، جنھن کي انگريزيءَ ۾ ٽرائبلزم
ڪوٺيو وڃي ٿو، تنھن کي ماٺي ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيوآھي. ڇو ته قومپرستي انسانن ۾
ذات پرستيءَ کان مٿي ٿي ڪري. قوم ۽ وطن لاءِ سوچڻ ۽ جان تائين قربان ڪرڻ جو جذبوجاڳائي
ٿي. ماڻھو ذات جي بنياد تي سوچڻ بجاءِ قوم لاءِ سوچين ٿا ۽ ائين ذات پرستي جي جڳھ
قوم پرستي والاري ٿي. قوم پرستي کان علاوه مذھب ھڪ ٻي طاقت آھي، جيڪا ماڻھن ۾ ذات
کان اوچو ٿي ڪري، مذھب جي بنياد تي مذھبي ڀائيچاري ۽ مساوات جا جذبا جاڳائي ٿي. سيڪيولرزم،
جمھوريت ۽ انساني حقن جي تحريڪن وري مذھب ۽ قوميت کان به مٿانھون ٿي ڪري، انسان
برابريءَجي بنياد تي معاشري کي قائم ڪرڻ جي ڳالھ ڪئي. ائين آھستي آھستي دنيا ۾
قبائليت جو اثر گهٽيو ۽ انساني برابري ۽ مساوات جي جذبي پبھنجي جڳھ ٺاھي.
سنڌ ۾ به اھي سڀ نظريا مختلف
وقتن ۾ آيا، قبائلي سوچ سان ڪٿي وڙھيابه پر قبائلي سوچ کي سڌو چئيلنج ڪرڻ بجاءِ اڪثر
قبائليت جو اثر قبول ڪيو، جنھن جي ڪري قبائليت اڄ به سنڌ ۾ مضبوط آھي. جھڙوڪ، ۱۹۷۰ع
جي چُونڊن ۾ سنڌ جي عوام قبائلي وڏيرن، پيرن ۽ ميرن کي رد ڪري پيپلزپارٽيءَ کي ووٽ
ڏنو پر ۱۹۷۷ع جي چونڊن کان پوءِ وڏيرا پيپلزپارٽيءَ جي رستي ئي واپس اچي ويا. اھڙي
طرح جمھوريت قبائليت کي ڪو خاص نقصان نه ڏئي سگهي. نتيجو اھوآھي جو اڄ جمھوريت ۾
به قبائليت جو عنصرتمام گهڻونمايان آھي. چونڊن ۾پارٽيون ٽڪيٽ سياستدانن جي ڪارڪردگي
جي بنياد تي نه بلڪـه خانداني اثر رسوخ جي بنياد تي ڏين ٿيون ۽ اڄ به تمام گهڻين
سيٽن تي عوامي ووٽ به پارٽي کان وڌيڪ خانداني ووٽ ھجي ٿو.
سنڌ ۾ قومپرستي جو نظريو ۱۹۶۰ع
جي ڏھاڪي کان وٺي ھڪ تمام طاقتور نظريي طور موجود رھيوآھي. جيتوڻيڪ قومپرست پارٽيون
تاريخي طور تي چونڊن ۾ سنڌ اندر ڪا خاص ڪاميابي حاصل نه ڪري سگھيون آھن پر سنڌ جي
فڪري ۽ سماجي جوڙجڪ ۾ قومپرستي ھڪ تمام طاقتور نظريي طور موجود رھيو آھي. پوءِ
سوال اھو آھي ته آخر قوم پرستيءَ جي ايتري طاقتور ھجڻ باوجود قبائليت ڇو ڪمزور نه ٿي
سگهي آھي.
دُنيا ۾ قومپرستيءَ جي نظريي جي
تاريخ اھو ٻڌائي ٿي ته جتي جتي قوم پرستيءَ جي بنياد نسلي يعني انگريزي ۾ ايٿنڪ
بنيادن تي پيل آھي، مثال طور، اوڀر يورپجي ملڪن جھڙوڪ، پولينڊ، سربيا وغيره، اتي
قبائلي سوچ اڄ به ڪنھن نه ڪنھن شڪل ۾ تمام طاقتور طريقي سان موجود آھي ۽ جتي جتي
قومپرستي جمھوريت، سيڪيولرزم ۽ انساني برابريءَ جھڙن اصولن مطابق شھريت يعني
انگريزيءَ ۾ سوڪ اصولن جي بنياد تي رکيل آھي. مثال طور اولھ يورپ جا ملڪ جھڙوڪ،
فرانس، اٽلي ۽ برطانيا وغيره اتي قبائلي سوچ ڪافي حد تائين ختم ٿي چڪي آھي. ڇو ته
نسلي بنيادن تي وجود رکندڙ قوم پرستي پنھنجي خمير ۾ قبائلي سوچ واري ھجي ٿي، ڇاڪاڻ
ته اھڙي قوم پرستي نسل جي بنياد تي پنھجي ۽ ڌاريي جو فيصلو ڪري ٿي نه ڪي شھريت جي
بنياد تي.
منھنجي نظر ۾ سنڌ جو به ساڳيو
مسئلو آھي، ھتي اسانجي قوم پرستي جي بنياد به گهڻي حد تائين نسلي بنيادن تي رکيل
آھي، جنھن ۾ سنڌي قوم جو حصو بڻجڻ لاءِ سن آف سوائل ھجڻ لازمي سمجهيووڃي ٿو. آمريڪا،
يورپ وغيره ۾ رھندڙ ھندو سنڌي، جنھن سنڌ جي شھريت هميشه لاءِ ترڪ ڪري ڇڏي آھي، ان
کي ته سنڌي قوم جو حصوسمجهيو وڃي ٿو پرڪيترن پيڙھين کان سنڌ جي مستقل شھري طوررھندڙ
پنجابين، مھاجرن ۽ بلوچن کي سنڌي قوم جو حصو نه ٿو سمجهيو وڃي. جيترو اسانجي قوم
پرستي نسلي کان شھريت طرف مائل ٿيندي اوترو ئي قبائلي سوچ کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
ڇو ته جيستائين قوم پرستي نسلي بنيادن تي قائم رھندي، تيستائين اھا ذات پات جي
مسئلن ۾ جڪڙيل رھندي ۽ قبائلي سوچ کي ختم ڪرڻ بدران انھي کي ويترمضبوط ڪرڻ جوسبب بڻبي.
ڪينيڊا جي پروفيسر انا ٽراءِ انڊا فليڊو جديد قومپرستي کي ٻن قسمن ۾ ورھائي ٿي. ھڪ
پليورل نيشنلزم يعني جامع قوم پرستي، جيڪا قومن جي گهڻائي تنوع، جنھن کي انگريزي ۾
ڊائورسٽي ڪوٺجي ٿو، کي پاڻ اندر سموئڻ جي صلاحيت رکي ٿي. ٻيوقسم نيوٽرائبل
نيشنلزم، يعني نئين قبائلي قومپرستي آھي، جنھن ۾ تنوع يعني ڊائورسٽي کي مڪمل رد ڪيو
وڃي ٿو۽ قوم جو جامد تصور پيش ڪيو وڃي ٿو. ھِي قوم پرستي نئين آبادڪاريءَ کي مڪمل
رد ڪري ٿي ۽ ان خلاف منظم محاذ جوڙي نفرت جو ڪاروبار ڪري ٿي.
افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته، پوين
ڪجھ ڏھاڪن ۾ سنڌ اندر اھا نئين قبائلي قوم پرستي وڌيڪ مضبوط ٿي آھي. سنڌ ۾ قبائليت
جو خاتمو تڏھن ئي ممڪن ٿيندو، جڏھن سنڌ نسلي ۽ نئين قبائلي قوم پرستي جي سوچ کان اڳتي
وڌندي ۽ جامع شھريت جي بنياد تي قوم پرستي ڏانھن وک وڌائيندي. سنڌ جو آجپو ۽
پائيدار امن به سڀني شھرين وچ ۾ مساوات ۽ ڀائيچاري سان ئي ٻڌل آھي، جيڪو صرف جامع
شھريت جي بنياد تي قوم پرستي ۾ ئي ممڪن آھي. منھنجي ناقص راءِ ۾ جي اسان واقعي سنڌ
اندر قبائليت جي خاتمي لاءِ سنجيده آھيون ته اسان کي ھر سطح تي قبائلي سوچ کي نندڻ
گُهرجي.
(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۳۰ اپريل ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
ڇا اجمل ساوند جي خون
سان انصاف ٿي سگهندو؟
عبدالقادر گبول
جيڪڏهن اسين روزمره جي زندگي ۾ ڏسون
ته اسان جي فيملي ميمبران، ڪنهن رشتيدار يا ڪي گھرن دوستن سان ڪو اڻوڻندڙ واقعو
پيش ايندو آهي يا ناانصافي ٿيندي آهي ته اسين اھڙي روش تي ھڪدم آپي مان نڪري ھوش وڃائي
ويھندا آھيون. سڀ قانون ٽوڙي ھر حال ۾ قانون کي ھٿ ۾ کڻڻ جھڙا مشورا ھر ھر پيا
سوچيندا آهيون. ۽ ڪٿي ته وري ننڍن وڏن اصولن کي ھڻي ھنڌ ڪري ڇڏيندا آهيون ۽ لٺ جو
جواب ڪُھاڙيءَ واري چوڻي کي برقرار رکي لائحه عمل جوڙڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهيون. ھتي
حڪمرانن، چونڊيل نمائندن، وزيرن ۽ پوليس آفيسرن سميت، ھر عام و خاص کي اھو سوچڻ
گھرجي ته ھڪ مھينو گذرڻ جي باوجود بي گناهه قتل ڪيل شھيد اجمل ساوند جي وارثن يا
گھر ڀاتين جي اڄڪلهه ڇا ڪيفيت ھوندي؟ ھي ڏينهن ۽ رات انهن کان ڪيئن گذرندا ھوندا؟
بي گناهه نڪتل رت جي ڦوھارن جو سوچي شھيد اجمل جي والدين کي ھر ھر ڪيڏي نه تڪليف
ايندي ھوندي. تقريبن ھڪ مھيني کان به مٿي جو عرصو گذرڻ بعد اجمل ساوند جي قاتلن جو
گرفتار نه ٿيڻ توهان ۽ اسان جي ذھنن ۾ سوين سوال پيدا ڪري ٿو. عمومن عام طرح اسين
سڀ ڏسندا آهيون ته جڏهن به سنڌ ۾ ڪو ننڍو يا وڏو واقعو يا حادثو ٿيندو آهي ته ان
خلاف شروعاتي ڏينهن کان زور سان احتجاج ٿيڻ شروع ٿيندا آهن، جيڪي آھستي آھستي وقت
جي گذرڻ سان گھٽجندا ويندا آهن. ۽ اڪثر اھڙا (events) ماضي جا قصا ۽ تاريخ بڻجي ويندا آهن. جنهن جو نتيجو اسان کي ڪجهه
ھن طرح ملندو آهي جو، ھن ھنڌ تي فلاڻو ماڻهو پراڻي تڪرار سبب قتل ٿي ويو آهي. يا
ھن علائقي ۾ فلان فلان شخص پراڻي تڪرار سبب گولين جو کاڄ بڻجي ويا آهن. جيئن تازو
عيد واري رات سکر جي مياڻي واري علائقي ۾ ٻن ڌرين جي جھيڙي سبب ڇھ لاش مليا هئا.
جنهن جو ڪو به واضح سبب نه ملي سگھيو آهي. انسانن جي شخصيتن کي ٺاھيندي يا ڪنهن به
فرد کي ڪنهن عھدي يا مقام تائين پهچائڻ ۾ زندگين جيتري عرصي جو وقت لڳي وڃي ٿو.
ھِي اجمل ساوند، جنهن ولايت ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو، ايترو جو سموري سنڌ ۾ اھو ھڪ
ئي شخص ھو، جنهن جي آرٽيفيشل انجينيئرنگ ۾ پي ايڇ ڊي ٿيل هجي. نه صرف ايترو پر ھو ٻاھرين
ملڪن جي آفرن کي ٺڪرائي پاڪستان جي نالي واري اداري سکر آءِ بي اي ۾ پروفيسر طور
خدمتون سر انجام ڏئي رھيو ھو. ھن شخص کي ايتري مقام تائين پهچائڻ ۾ يقينن ھن جي
گهر جي فردن جون عمريون لڳيون ھونديون. اھڙي ھيري شخص جي بي سبب وھايل رت سان
انصاف نه ٿيڻ پوليس آفيسرن ۽ لاڳاپيل ادارن کان سوين سوال پڇي رهي آهي. واضح رهي ته استاد اجمل ساوند جو قتل اڳ ۾ طئي ٿيل
منصوبي تحت ڪيو ويو. جنهن جا قاتل گرفتار ڪڏهن ٿيندا؟ ڪير ڪندو؟ ڪيئن ٿيندا ۽ ڪٿي ٿيندا
جھڙا سوال فقط سوال ئي رھجي ويا. ڪجهه عرصي بعد ھِي واقعو پراڻو ٿي ويندو جيئن ھاڻي
ٿيندو ٿو وڃي. ۽ ماڻهن جي واتان ماڻهن کي ٻڌايل ماضي جو قصو ۽ نيٽ تي پيل تاريخ بڻجي
ويندو. الله ڪري شل ائين نه ٿئي. پر پوليس جي کنيل شروعاتي قدمن مان اسان ۽ توھان
کي اھو محسوس ٿي رھيو آهي. ڇو جو قتل ڪيس ۾ گھربل ڏھن جوابدارن مان ڪو ھڪ به اڃا
تائين پوليس جي ھٿ نه اچي سگھيو آهي.شھيد اجمل ساوند جو قتل سموري سنڌ، استادن،
شاگردن ۽ وڪيلن سميت ھر شعور رکندڙ شخصيتن کي سوڳوار ڪيو ھو. جنهن جي نتيجي ۾ ھر
ننڍن وڏن شھرن، ھر مڪتبه فڪر جي ماڻهن سول سوسائٽي ۽ سوشل ورڪرز سميت سياسي پارٽيز
به احتجاجن ۾ ڀرپور حصو وٺنديون رهيون. ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي جي تاريخ ۾ اھو پھريون
احتجاج ھو، جنهن ۾ سياسي، سماجي، سول سوسائٽي، صحافين، ليکڪن، اديبن، شاعرن، فنڪارن،
وڪيلن، عورتن، ٻارن شاگردن ۽ مزدورن سميت زندگي جي مختلف شعبن سان سلھاڙيل ماڻهن
سميت ھزارن جي تعداد ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي پوءِ به ڪارڪردگي اھا آهي جو نامزد ٿيل
جوابدارن مان ڪو به جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو آهي. پوليس جو جوابدارن کي رعايت ڏئي
گرفتار نه ڪرڻ يا گرفتار نه ڪري سگھڻ جو نتيجو ڇا نڪرندو اھو توهان ۽ اسان جي سوچڻ
کان به ٻاھر جو ٿي سگهي ٿو.پڙھيل لکيل ۽
فقيري طبيعت جي شخصيت رکندڙ، يورپ ۽ آمريڪا کي ڇڏي سنڌ کي ترجيح ڏيندڙ، بين
الاقوامي حيثيت واري ڊگري رکندڙ شھيد اجمل جو قتل ڪنهن ھڪ فرد، خاندان، گھر، ڳوٺ
يا شھر جو نقصان نه آهي، بلڪه اسان سمورن سنڌ واسين ۽ سموري ملڪ جو نقصان آهي. جيڪڏهن
استاد اجمل جا قاتل آزاد رھيا ۽ قانوني گرفت ۾ اچڻ کان آجا رھيا ته مستقبل ۾ اسان
سڀني جو اڃا به وڌيڪ نقصان ٿيڻ جو خدشو آهي. ”انگريزن کي پڙهائيندو آھيان، ھڪ ڪلاڪ
جا پاڪستاني ٽيھ ھزار ملن ٿا، مان پنهنجن کي پڙهائيندس.“ جھڙا شھيد اجمل جا چيل
جملا تاريخ ڪڏهن به وساري نه ٿي سگهي. شھيد اجمل جو قتل سنڌ جي شعور جو قتل آهي.
توھان ۽ اسان جي نسلن جي مستقبل جو قتل آهي. جنهن جي خُون سان انصاف ڪرڻ سنڌ جي حڪمرانن،
قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ انصاف فراهم ڪندڙ ادارن جو فرض آهي.
(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۹ مئي ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
اجمل ساوند
سنڌ جي شعور جو قتل
محمد خالد ميمڻ
سنڌ امن جو گهوارو آهي. سنڌ مان
پيار ۽ محبت جي خوشبو ٿي اچي. سنڌ صوفين درويشن بزرگن جي ڌرتي آهي. سنڌي مهمان
نواز آهن. اهڙيون ڳالهيون ننڍپڻ کان ٻڌڻ ۾ اينديون هيون ۽ پنهنجي زندگي جي مشاهدي
جي آڌار تي ڪجھ انهن ڪيل ڳالهين جي سچائي به ڏسڻ ايندي هئي. جنهن جي ثبوت طور پاڪستان
ٺھڻ کان اڳ جا گهڻا مثال ملندا هيا. باقي ورهاڱي کان بعد به صورتحال صفا اهڙي به
خراب نه هوندي هئي، جيڪا هاڻي گذريل ڪجھ ڏهاڪن کان ڏينهون ڏينهن وڃي ٿي خراب ٿيندي
۽ روزانه سڄي سنڌ اندر ۽ خاص طور وري اتر سنڌ ۾ جيڪي اغوا جون وارداتون ۽ جيڪا
ماراماري لڳي پئي آهي ته ڌاڙيل سرعام، عام ماڻھن کي زبردستي عورتن جي آواز ۾ مختلف
لالچون ڏئي گهرائي قيد ڪري، انهن تي سخت انسانيت سوز تشدد ڪري، مائٽن ڏانهن سوشل
ميڊيا جي ذريعي وڊيوز ڀري موڪلي، ڀنگ وٺن ٿا ۽ پوليس وارن کي جديد هٿيارن سان شهيد
ڪرڻ جي واقعن ۾ ائين اضافو ٿي رهيو آهي. لڳي ٿو ته ايڏانهن حڪومت انهن ڌاڙيلن جي
آهي جو اهي جيئن چاهين ٿا ائين پيا ٿا ڪن. کين چوڻ وارا رڳو نالي ۾ آهن. پر اصل
انهن جو وجود بلڪل به ناهي ۽ هو جڏهن به چاهين پروفيسر اجمل ساوند جهڙي سنڌ جي
شعور کي قبائلي جهيڙي جي آڙ ۾ شهيد ڪن ته ڪري سگهن ٿا.
اجمل ساوند جنهن آرٽيفيشل ٽيڪنالوجي
۾ ايم فل ڪئي ۽ کيس يورپ ۾ هڪ ڪلاڪ جي ليڪچر جا ۳۰ هزارملندا هيا ۽ گڏوگڏ کيس هر سيڪيورٽي
به مهيا هوندي هئي پر ان انسان دوست شخص، اهي پيسا، اهو رتبو، صرف ان ڪري ڇڏي ڏنو
ته مان پنهنجي سنڌ واسين کي تعليم ڏئي، کين دنيا وارن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائڻ
لائق بڻايا. پر نتيجي ۾ اسان بيشعوريءَ جو پڪو ثبوت ڏيندي کيس سر عام گولين جو کاڄ
بڻائي ڇڏيو.
اهڙن واقعن بعد اسان عوام جي
ذهن ۾ سوال ٿا اڀرن ته انهن ڌاڙيلن/ قبائلي دهشتگردن کي پوليس کان به وڌيڪ جديد هٿيار
ڪير ٿو پهچائي ڏئي ۽ هن جديد دؤر ۾ جتي ڪير ڪٿي به لڪي نه ٿو سگهي ۽ جديد ٽيڪنالوجي
جي مدد سان ڪنهن کي به پاتال مان به ڳولي سگهجي ٿو ته پوء آخر ڪهڙا سبب آهن جو
اسان جي سرڪار خاص طور پوليس کاتي جو زور رڳو زيڊ-۲۱ سوپاريون کپائيندڙن کائيندڙن
کي پڪڙڻ تي لڳو پيو آهي ۽ هنن عوام آزار ڌاڙيلن کي ائين جانور وانگر کليو آخر ڇو ڇڏيو
ويو آهي ته اهي جيئن ٿا چاهين، پيا ٿا ڪن. آخر ڇو؟ ان جا ڪهڙا سبب/ محرڪات آهن؟ اهڙا
سوال رڳو منهنجي نه پر هر سنڌ واسيءَ جي ذهن ۾ آهن.
انھن سوالن جي جواب جي تلاش ۾ جڏهن
کوجنا ڪئي وئي ته مختلف سياڻن/ باشعور ماڻھن ٻڌايو ته ڌاڙيل راڄ جي واڌاري ۾ وڌ ۾
وڌ هٿ، سنڌ جي سياستدانن/ ڀوتارن جو آهي. جو انهن جون ڪچي ۾ هزارين ايڪڙ زمينون آھن،
جن تي اهي انهن ڌاڙيل مافيا جي ذريعي قبضا ڪيو ويٺا آهن ۽ اهي سياستدان، مختلف حڪومتن
۾ اليڪشنون کٽي اسيمبلين ۾ پهچي ٿا وڃن ۽ پوليس کاتي سميت ٻين کاتن ۾ پنهنجي مرضي
جا ڪمدار قسم جا آفيسر رکرائي انهن جي ذريعي جديد قسم جا هٿيار گهرائي، ڌاڙيلن کي ڏين
ٿا ۽ اهي ڌاڙيل هنن جي ڪچي وارين زمينن کي آباد ڪري کين اپت پهچائين ٿا ۽ سندن ڀوتاري
برقرار رکڻ لاء هنن جي هر قسم جي حڪمن جي پيروي ڪن ٿا ۽ جواب ۾ اهي عوام دشمن
سياستدان/ ڀوتار کين مڪمل تحفظ کي يقيني بڻائين ٿا ۽ ڌاڙيل وري انهن جي زور تي صفا
بي ڊپا ٿي ڪري، هر قسم جا غلط ڪم انسانيت سوز عمل ڪن ٿا ۽ کين ڪير ان جي سزا به نه
ٿو ڏئي. ڇاڪاڻ ته هنن کي بچائڻ وارا اسان جا حڪمران لڳا پيا آهن. ان لاء اسان عام
عوام کي گهرجي ته ڌاڙيلن ۽ قبائلي دهشتگردن جي حمايتي سياستدانن، وڏيرن، ڀوتارن کي
پنهنجو قيمتي ووٽ بلڪل به نه ڏين ۽ اگر سنڌ سرڪار وفاقي سرڪار سيڪيورٽي ادارا عوام
سان سچا آهن ته سچائي جي ثبوت طور انهن ڌاڙيلن ۽ قبائلي دهشتگردن جي ساٿارين کي في
الفور گرفتار ڪري انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻين ته اهي ڌاڙيل ۽ قبائلي دهشتگرد جن
جي حمايت ۽ ساٿ سان جيڪي قهري ڪاروايون ڪن ٿا، اهي به هٿ اچي ويندا پوء کين سخت
سزائون ڏنيون وڃن ته جيئن اسان عام عوام سک سان زندگي گهاري سگهون ۽ اسان جي پوليس
جا جوان ائين جديد هٿيارن سان ليس ڌاڙيلن جي هٿان شهيد ٿيڻ کان بچي سگهن ۽ اسان جي
سنڌ وري هڪ دفعو امن جو گهوارو بڻجي سگهي.
(ڏھاڙي سنڌيار ڪراچيء ۾ ۱۳ مئي ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا