; سنڌي شخصيتون: فرمان سهتو

10 April, 2023

فرمان سهتو

فرمان سهتو

غريب ماڻهن جو ڀرجھلو

فياض حسين راڄپر



دنيا جي تاريخ ۾ اُھي ڪردار زنده رهندا آهن جيڪي پنهنجي وطن جي آجپي، قوم جي خوشحالي لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ آهن، جيڪي پنهنجي پاڻ لاءِ جيئڻ بدران ٻين ڪاڻ جيئندا آهن، جن جو ھڪ ئي مقصد ھوندو آھي ته ھو پنھنجي ديس جي ماڻهن کي ڏکن، تڪليفن مان ڪڍي اُنهن سان گڏ بيھي اُنهن غريب ماڻهن جا مسئلا حل ڪن، جيڪي ڏکن، تڪليفن، اھنجن، پسيڙائن ۽ اذيتن مان گذرندا آهن، جيڪي پنهنجي سوچ سان ماڻهن کي گڏ ڪري سماج ۾ ٿيندڙ ظلم، ڏاڍ ڏھڪاءُ کان باخبر ڪندا آھن، پاڻ ھميشه ٿڌيءَ ۽ تتيءَ جي پرواهه نه ڪندي پنهنجي وطن جي خوشحالي لاءِ غريب عوام سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي گڏ ٿي بيھندا آھن سچ پچ ته تاريخ اھڙن املھه ڪردارن کي ھميشه زنده رکندي آئي آهي. سو کجين جي شھر ضلعي خيرپورميرس جي ننڍڙي ڳوٺ زوار محمد الياس سان تعلق رکندڙ فرمان سھتو به اهڙن ماڻهن مان ھڪ آهي، جنھن جو جنم ۰۲ مارچ ۱۹۸۷ع ۾ فيض علي سھتو جي گھر ۾ ٿيو، جيڪو ھڪ غريب گھراڻي سان تعلق رکندڙ آهي، ھن پنھنجي ابتدائي تعليم جي شروعات پرائمري اسڪول زوار محمد الياس سھتو کان ڪئي. جنھن کان پوءِ ھائير سيڪنڊري اسڪول ھنڱورجا، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان تعليم مڪمل ڪئي، ھن کي ننڍپڻ کان ئي پنھنجي ماروئڙن سان ايتري ته بي پناھه محبت هئي جنهن هن کي سک شانتي سمھڻ نه ڏنو، انهي ڪري هيءَ غريب عوام جي ڀلائي لاءِ زندگيءَ جي سفر ۾ نڪري پيو، جتي به تڪليفون ۽ ڏکيائيون پيش آيون پر تنھن باوجود به ھُن سمورين تڪليفن کي ھڪ طرف رکي انساني ڀلائي کي وڌيڪ ترجيح ڏني، شايد قدرت کي اِھو ئي منظور هو جو هن زندگيءَ جي سمورين خواهشن کي ڇڏي غريب عوام لاءِ پاڻ ارپي ڇڏيو.


ڳوٺاڻي زندگيءَ ۾ رھي ڪري ھو غريب عوام لاءِ روشن مستقبل جا خواب ڏسڻ جو خواهشمند رھيو آھي، سندس جو ننڍپڻ غربت ۾ گذريو آهي، جنهن سبب هن کي گھڻيون تڪليفون مليون آهن، تنھن باوجود به هيءَ مايوس ڪڏهن به ڪونه ٿيو، ھن پڪو ارادو ڪري قلم جي نوڪ کي تلوار بڻائي وقت جي ظالمن سان مھاڏو اٽڪائڻ لاءِ ۽ غريب عوام جو آواز اعليٰ ايوانن تائين پهچائڻ لاءِ صحافت ۾ شامل ٿيو، هيءَ صحافت ۾ ف م لاشاري، جي اين مغل، حامد مير عاصمه شيرازي، شاھزيب خانزادو ۽ ٻين کان گهڻو متاثر ٿيو، جنھن ڪري ھن صحافت جي رستي تي هلڻ کي ترجيح ڏني، سندس جي سوچ انساني ڀلائي سان جڙيل رھي آھي، هن جي سماجي خدمت ڪندڙ شخصيتن ۾ پسنديده شخص عبدالستار ايڌي ۽ ڊاڪٽر اديب رضوي رهيا آهن، اسان جي سماج ۾ جتي صحافت کي بازار جو وکر سمجھيو ويندو ھو پاڻ اُتي اڪيلي سر بيھي ڪري موت سان اکيون ملائي سماجي خدمتن ۽ ڪمن ۾ اڳڀرو رهيو آهي، جنھن سماج ۾ بيگناهه عورتن کي ڪارو ڪاري ۾ ماريو ويو هجي، سماج جي ڪوڙين رسمن ۽ رواجن ۾ ڌرتيءَ تي بيگناھ ماڻھن ۽ عورتن جو رت وھندو هجي، اُتي پاڻ جاگيرداري، سرداري ۽ وڏيرڪي نظام ۾ پيسجندڙ عوام کي اُن غلاميءَ مان ڪڍڻ لاءِ سجاڳي پيدا ڪري ماڻهن کي تعليم ڏانهن گامزن ڪيو، جيڪا ھن وقت جي ضرورت آھي علم صدين جي غلامي مان ڪڍڻ جو ھڪ ذريعو آهي. سندس جو پيار ۽ محبت دشمن توڙي دوست کي موھي ڇڏيندو آهي، ھن جي مخلصي ۽ سچائي اڄ به غريب ماڻهن سان گڏ آهي، سندس جي نالي ۾ ئي فرمانبرداري سمايل آھي، ھن پنھنجي ديس جي ماڻهن ۽ ڌرتيءَ سان محبت جو مثال قائم ڪيو آهي، اھڙا ماڻھو تاريخ ۾ جسماني ۽ روحاني طور پنھنجي فڪر ۽ ڏاھپ جي آڌار تي ھميشه ماڻهن جي ترجماني ڪندا رھندا آهن، جڏهن سنڌ جي مٿان غلامي لامارا ڏئي رهي هئي ۽ ڪالا باغ ڊيم، ٻٽو نظام، سنڌو درياهه جو پاڻي چوري ڪرڻ، ڌاري آبادڪاري جھڙا منصوبه ھلي رھيا ھئا، هيءَ اُن وقت سنڌ جي ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ شعور وند ماڻهن کي گڏ ڪري پنهنجي سنڌ جي سلامتيءَ لاءِ اڳڀرو ٿي سنڌ دشمن کي رد ڪرڻ لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪري رهيو هو. پاڻ ھن وقت به ڪيترن ئي سوشل ڪمن ۾ اڳڀرو آهي، ڌڻي در دعا آهي ته ھميشه ائين ئي ديس جي ماروئڙن لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهي، اڄ ۲ مارچ ھن جي جنم ڏينهن جي موقعي تي مونکي ڏيڻ لاءِ ڪجهه به ناھي سواءِ دعائن جي، شل سدائين آباد ھجي.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲ مارچ ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)



فرمان سهتو

اسان جو دلبر دوست

ظھير ميراڻي

ميرن جي پراڻي رياست خيرپور ميرس ۽ ساهتي پرڳڻي نوشهروفيروز جي سنگم تي قائم سنڌ جي تاريخي شهر هنگورجا ۾ صحافتي قلعو قائم ڪري ويٺل اسان جو هر دل عزيز صحافي ۽ دلبر دوست فرمان سهتو صاحب اسان سمورن صحافي دوستن کي پنهنجي محبت ۾ ائين پروئي ويٺو آهي جيئن هنن ٻنهي شهرن کي هنگورجا جوڙي ڇڏيو آهي. فرمان سهتو نه فقط هڪ پيشيور صحافي آهي پر هڪ مڻيادار انسان ۽ اسان جي شاندار سنڌي روايتن جو امين پڻ آهي. علمي ادبي ۽ سماجي توڙي ثقافتي سرگرمين سان سندس عشق جي حد تائين چاهه آهي، موقعي جي مناسبت سان ترنم ۾ سنڌي ۽ اردو ۾ شاعري پڙهڻ جو کيس اعزاز حاصل آهي. اسٽيج تي بيهي ته ماڻهن جا روح به گرمائي وجهي ٿو. سندس زندگيءَ جا ٻيا به گهڻا ئي پاسا آهن ۽ اهي ئي سڀ اسان جي سنڌ جا رنگ به آهن.

کيس محبت ڏيڻ ۽ محبت وٺڻ به اچي ٿي، آئي جو آڌر ڀاءُ ڪرڻ ۽ مهمان کي عزت ڏيڻ کانئس ڪير سکي! هنگورجا پهچڻ کان اڳ جيڪڏهن کيس ڪنهن صحافي دوست اتان گذرڻ جو ٻڌايو ته پوءِ پڪ سمجهو ته ان لاءِ سائين ڪاظم شاهه جي پيٽرول پمپ وٽان قومي شاهراهه تان اڳتي وڃڻ مشڪل ٿي پوندو. سمجهو ڄڻ فرمان سان ملڻ کانسواءِ اڳتي روڊ بلاڪ آهي....

هونئن ته حسن درس چواڻي سڄي سنڌ پرينءَ جو پاڇو آهي پر فرمان سهتو جي ڪري هنگورجا شهر ڄڻ صحافين لاءِ سموري ڇانوَ آهي. جتي دوست بنا ڪنهن اطلاع جي به پهچي ٿڪ ڀڃن ٿا. فرمان سهتو سان منهنجو به محبت جو پراڻو رشتو آهي. فرمان سدائين مون کي جيڪو مان مرتبو ۽ عزت ڏني آهي ان جو ڪو ڪاٿو ئي ڪونهي. ٻين دوستن جيان فرمان به هر گهڙيءَ ۽ هر نئين چئلينج ۾ مون سان گڏ بيٺو ۽ اسان يادگار ڪاميابيون ماڻيونسين. مان اهي سڀ ڪاميابيون به پنهنجن انهن ئي مخلص دوستن جي نانءُ ڪريان ٿو ۽ سچ اهو آهي ته مان به پنهنجو سڀ ڪجهه اهڙن ئي مخلص دوستن تان قربان به ڪندو آيو آهيان. صحافتي ڪيريئر ۾ لاها چاڙها ايندا رهيا پر اسان جون دليون هميشه ڳنڍيل رهيون آهن.

 اسان ٻين لاءِ گهڻو ڪجهه لکي ڍنگرن تي اٽو هاريوسين. اڄ پنهنجي ڏک سک جي غريب صحافي ساٿين جي محنتن، قربانين ۽ محبتن تي لکڻ سان دل کي سڪون پهچي رهيو آهي. اسان صحافي ۽ قلم ڪار جي هڪٻئي کي مان مرتبو نه ڏينداسين ته ٻيو به ڪو اسان جي عزت نه ڪندو. پنهنجي صحافي دوستن ۽ ڀائرن لاءِ مون کي دل سان عزت ۽ احترام آهي، اميد آهي ته اهي صحافي اصولن ۽ سنڌ جي حرمت جو سدائين مان مٿانهون رکندا. هن ڀيري به ڀاءُ فرمان سهتو صاحب مون کي ۽ اسان جي سينيئر ساٿي الطاف ڏهراج صاحب ۽ ظهير چنڙ صاحب کي جيڪا عزت ۽ مان مرتبو ڏنو آهي، اهو اڳ کان به وڌيڪ آهي، اها ئي دوستن جي محبت آهي جيڪا هميشه دلين ۾ قائم رهندي. ان موقعي تي سينيئر صحافي خادم ڪلهوڙو، رحيم بخش سهتو، محمد مٺل تنيو، عابد سولنگي، امان الله مغل ۽ ٻيا پڻ موجود هئا، جڏهن ته صحافي دوست رحيم بخش سهتو ۽ عبدالعزيز سولنگي مون کي ڪتاب پڻ تحفي طور پيش ڪيا. يار زندهه صحبت باقي،

 

(ظھير ميراڻي جي فيسبڪ پوسٽ ۲۲ نومبر ۲۰۱۸ع تان کنيل)


No comments:

راءِ ڏيندا