فرمان سهتو
غريب ماڻهن جو ڀرجھلو
فياض حسين راڄپر
دنيا جي تاريخ ۾ اُھي ڪردار
زنده رهندا آهن جيڪي پنهنجي وطن جي آجپي، قوم جي خوشحالي لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ آهن، جيڪي
پنهنجي پاڻ لاءِ جيئڻ بدران ٻين ڪاڻ جيئندا آهن، جن جو ھڪ ئي مقصد ھوندو آھي ته ھو
پنھنجي ديس جي ماڻهن کي ڏکن، تڪليفن مان ڪڍي اُنهن سان گڏ بيھي اُنهن غريب ماڻهن
جا مسئلا حل ڪن، جيڪي ڏکن، تڪليفن، اھنجن، پسيڙائن ۽ اذيتن مان گذرندا آهن، جيڪي
پنهنجي سوچ سان ماڻهن کي گڏ ڪري سماج ۾ ٿيندڙ ظلم، ڏاڍ ڏھڪاءُ کان باخبر ڪندا آھن،
پاڻ ھميشه ٿڌيءَ ۽ تتيءَ جي پرواهه نه ڪندي پنهنجي وطن جي خوشحالي لاءِ غريب عوام
سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي گڏ ٿي بيھندا آھن سچ پچ ته تاريخ اھڙن املھه ڪردارن کي
ھميشه زنده رکندي آئي آهي. سو کجين جي شھر ضلعي خيرپورميرس جي ننڍڙي ڳوٺ زوار محمد
الياس سان تعلق رکندڙ فرمان سھتو به اهڙن ماڻهن مان ھڪ آهي، جنھن جو جنم ۰۲ مارچ ۱۹۸۷ع ۾ فيض علي سھتو جي گھر ۾ ٿيو،
جيڪو ھڪ غريب گھراڻي سان تعلق رکندڙ آهي، ھن پنھنجي ابتدائي تعليم جي شروعات
پرائمري اسڪول زوار محمد الياس سھتو کان ڪئي. جنھن کان پوءِ ھائير سيڪنڊري اسڪول
ھنڱورجا، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان تعليم مڪمل ڪئي، ھن کي ننڍپڻ
کان ئي پنھنجي ماروئڙن سان ايتري ته بي پناھه محبت هئي جنهن هن کي سک شانتي سمھڻ
نه ڏنو، انهي ڪري هيءَ غريب عوام جي ڀلائي لاءِ زندگيءَ جي سفر ۾ نڪري پيو، جتي به
تڪليفون ۽ ڏکيائيون پيش آيون پر تنھن باوجود به ھُن سمورين تڪليفن کي ھڪ طرف رکي
انساني ڀلائي کي وڌيڪ ترجيح ڏني، شايد قدرت کي اِھو ئي منظور هو جو هن زندگيءَ جي
سمورين خواهشن کي ڇڏي غريب عوام لاءِ پاڻ ارپي ڇڏيو.
