شاهين سنڌي
آواز جي دنيا جي اهم باب
جي پڄاڻي
خالدچانڊيو
ڊسمبر شروع ٿيندي
ئي وڇوڙن جا سنيها ملڻ شروع ٿي رهيا آهن، ڊسمبر سنڌ جي اهم هستين کان ڌار ٿيڻ جو مهينو
آهي. هن مهيني کي وڇوڙن جو مهينو به سڏيو ويندو آهي. محترمه بينظير ڀٽو شهيد، شيخ
اياز، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، جيجي درشهوار سيد، تاجل بيوس، غلام محمد شاهواڻي،
مير علي نواز ناز، حمل فقير، بلاول پرديسي، پيرل قنبر، رئيس ڪريم بخش نظاماڻي، رحمان
مغل، ڊاڪٽر اياز قادري، رحيم بخش قمر، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، مير عبدالرسول
مير، هدايت منگي، سعيد ميمڻ، پرواني ڀٽي ۽ پارس حميد سميت لاتعداد علمي ادبي ۽
سياسي شخصيتون هن مهيني ئي اسان کان وڇوڙيون آهن. هن ڊسمبر جي پهرين تاريخ تي، ريڊيو
پاڪستان جو هڪ برجستو آواز شاهين سنڌي هاڻ هميشه جي لاءِ خاموش ٿي ويو آهي. سندس المناڪ
وڇوڙي ادبي، سماجي ۽ ريڊيو جي دنيا ۾ ڏک جي لهر کي پکيڙي ڇڏيو آهي. شاهين سنڌي، هڪ
ئي وقت ريڊيو جو ڪمپيئر، انائوسر، صداڪار ۽ اسڪرپٽ رائيٽر هو ته ٻئي پاسي سنڌ جي
ادبي حلقن ۾ سندس سڃاڻپ هڪ شاعر، ڪهاڻيڪار طور به رهي. هُو سنڌي ادبي سنگت جو
سرگرم عهديدار ۽ ڪارڪن رهيو.
ريڊيو آواز جي هڪ
اهڙي دنيا آهي، جتي فنڪار پنهنجي صلاحيتن آڌار پنهنجي حصي جو ڪم ڪري ٻڌندڙن جي دلين
تي هميشه لاءِ ڇانئجي ويندا آهن. اُنهن آرٽسٽن جي پروگرامن، ڊرامن ۽ گيتن کي مڃتا
سندن ٻُڌندڙ ڏيندو آهي، هر فنڪار پنهنجي قابليت سبب عوام جي دلين تي نقش ٿي ويندو آهي.
شاهين سنڌي، ريڊيو تي تمام گهڻي عوامي مقبوليت ماڻيندڙ آرٽسٽ هو، انيڪ يادگار
پروگرام سندس نالي سان سڃاتا ويندا رهيا. هُو جڏهن ٽهڪ ٽائيم پروگرام ڪومل عباسيءَ
سان گڏجي ڪندو هو ته ريڊيو جي شائقين ۾ ٽهڪن جا ٽاڪوڙا مچي ويندا هئا، مزاحيه
پروگرام بغير ڪنهن اسڪرپٽ جي، آئون ٻنهي آرٽسٽن کي پراعتماد انداز سان لائيو پرفارم
ڪندي ڏسي حيران ٿي ويندو هئس. سنجيده پروگرامن ۾ شاهين هڪ سنجيده آرٽسٽ طور ايندو
هو. ورسٽائيل فنڪار هو، ته ورسٽائيل ليکڪ پڻ. شاعري، ڪهاڻيون، خاڪا، مضمون توڙي ريڊيائي
اسڪرپٽ لکڻ سندس دلپسند ڪم هو. ڪنهن ڊرامي ۾ پرفارم ڪرائڻ لاءِ مختصر ترين وقت ۾ ڪنهن
ڪردار جي تياريءَ لاءِ اصل ڪردار ۾ پيهي ويندو هو، جڏهن پرفارم ڪري ته الامان...
اهڙي ته ادائيگي جو ٻيهر ورجائڻ جي ضرورت ئي هوند نه پوندي هئي. هُو آرٽس ڪائونسل
لاڙڪاڻي سان به ڳنڍيل رهيو، آرٽس ڪائونسل ۾ ٿيندڙ مختلف ڪيترين ئي سرگرمين جو حصو
رهيو. شاهين سنڌيءَ سان پاڪستان جي ڪيترن ئي ماڳن زيارت، ڪوئيٽا، گورک سميت تي گڏجي
رولاڪيون ٿيون، سندس ساٿ، پنهنجائپ، پيار سندس ڪوبه دوست وساري نٿو سگهي. شاهين سنڌي
سراپا پيار هو، نفرت سندس ڀر مان به نه گذري سگهي. سندس لکڻيون به سندس سڀاءَ جهڙيون
حسناڪ ۽ پنهنجي ماءُ ٻوليءَ سان پيار جهڙيون وڻندڙ آهن.
مشهور شاعر، ڪهاڻيڪار،
ڊراما آرٽسٽ، ريڊيو ۽ ٽي. وي جي ڪمپيئر، شاهين سنڌيءَ جو مائٽاڻو نالو ته در محمد
هو، پر فنڪاراڻي شوق کيس شاهين سنڌي بڻائي ڇڏيو هو، سندس جنم ۱۲ هين جولاءِ ۱۹۶۵ع تي غلام محمد ڪٽپر جي گهر ميمڻ محلي، ڳڙهي
ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ ٿيو. هن پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز واپڊا ۾ ملازمت اختيار
ڪرڻ سان ڪيو. شاهين جو پنهنجي ٻالڪپڻي کان ادب ڏانهن لاڙو رهيو، لکڻ جي شروعات هُن
پنجين ڪلاس ۾ پڙهڻ دوران ڪئي، سندس پهرين لکڻي روزاني اردو اخبار جنگ ۾ ٻارن جي
صفحي ۾ شايع ٿي هئي. شاعريءَ ۾ سندس استاد ناليوارو شاعر نثار بزمي ۽ ساحل منگي
رهيا. سندس شاعري، مضمون ۽ ڪهاڻيون سنڌ جي مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندا
رهيا. ڳڙهي ياسين مان هڪ هفتيوار اخبار لاٽ به جاري ڪيائين. شاهين سنڌيءَ جو ڊرامن
جي اداڪاريءَ طرف لاڙو ۱۹۸۵ع ڌاري ٿيو. ان دوران هن ڪيترن ئي اسٽيج ناٽڪن جهڙوڪ: ‘زهر ڀري زندگي’، ‘انتها’،
‘ڪاغذن جا رشتا’ وغيره ۾ اداڪاري ڪئي. شاهين سنڌيءَ جا ڪيترائي ڊراما سنڌ جي مختلف
ٽي. وي چينلن تان نشر ٿي چڪا آهن، سندس مشهور ڊرامن ۾ ايوب گاد جي هدايتڪاري ۾
‘انتظارگاهه’، ‘راجا جي نوران’، مرحوم ممتاز ابڙي جي هدايتڪاري ۾ ‘فوٽ پاٿ’،
‘انصاف’ ۽ ‘سرجيس تان سُور ’ بيحد مقبول ٿيا. هن ڪيترين ئي ٽيلي فلمن ۾ اداڪاري پڻ
ڪئي. سندس مشهور ٽيلي فلمن ۾ ‘حيدر علي’، ‘ڏوهه ۽ قانون’، ‘بي ترس ڀاءُ’، ‘ڌاري
عورت’، ‘غيرت جو آواز’ وغيره قابل ذڪر آهن. هن ڪيترن ئي ٽيلي فلمن، اسٽيج توڙي ٽي.
وي ڊرامن ۾ هدايتڪاري ڪئي. سندس هدايتڪاريءَ ۾ هڪ سنڌي ٽيلي فلم ‘غيرت جو آواز’ تمام
گهڻي مقبوليت ماڻي.
شاهين سنڌي ۱۹۹۶ع کان وٺي ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي سان سلهاڙيل
رهيو، جتي هُن بطور انائوسر، ڪمپيئر ۽ صداڪار ڪم ڪيو. ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي
مقبول پروگرامن ۾ شاهين سنڌيءَ جي ٻُڌندڙن ۽ پسند ڪندڙن جو تمام وڏو حلقو هيو، ريڊيو
تي هُن ڊرامن جي صداڪاريءَ سميت گيتن ڀرين ڪهاڻين ۽ مزاحيه ڪردارن ۾ پڻ خوب نڀايو.
شاهين سنڌي، سنڌ جي ثقافت کي هٿي ڏيارڻ ۾ نهايت اهم ڪردار ادا ڪيو، ثقافتي ميلا،
لوڪ ڪچهريون، مشاعرا منعقد ڪرايائين. سنڌي ٻوليءَ جي ترقي لاءِ هُن ريڊيو کانپوءِ
سماجي نيٽورڪ فيسبوڪ تي پڻ سڌا سنوان پروگرام نشر ڪيا.
شاهين سنڌي، سنڌي
ادبي سنگت ڳڙهي ياسين سان ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين وابسته رهيو، جنهن ۾ هُو سيڪريٽري،
ڪائونسلر سميت ٻين عهدن تي رهيو ۽ سنڌي ادب جي واڌاري، تنظيم ڪاري ۽ ادبي گڏجاڻين
کي يقيني بنائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. شاهين سنڌي، سنڌ ۾ ٿيندڙ مختلف علمي، ادبي،
سياسي ۽ سماجي پروگرامن ۾ ڪمپيئرنگ پڻ ڪئي. سندس آواز ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جا
ڪيترائي بيت، ريڊيو فيچر، ريڊيائي ڊراما، ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي رڪارڊ ٿيل آهن.
شاهين سنڌي جيري جي ڪينسر ۾ ڳچ عرصو مبتلا رهڻ کان پوءِ پهرين ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي پنهنجي هزارين پرستارن، مداحن کان
هميشه لاءِ وڇڙي ويو.
شاهين سنڌي لاءِ توڙي
جو سندس پاڙيسري ۽ سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر سندس عيادت ڪري علاج لاءِ هر ممڪن سهڪار
جو يقين ڏياريو هو، پر هُو بچي نه سگهيو. ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته شاهين سنڌي
جهڙن قلمڪارن، فنڪارن جي مالڪي ٿيڻ گهرجي.
(ڏھاڙي ڪاوش
حيدرآباد ۾ ۲ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
شاهين سنڌي
وڇوڙي تي ڇپيل تحرير
حسيب ناياب منگي
موت تنهنجي جو ٻڌي به ڪين آيو اعتبار
مون کي ياد ٿو اچي
ته محسن احمد منگي ڪراچي کي الوداع چئي پنهنجي اباڻي سرزمين تي ڳڙهي ياسين ڏانهن
واپس موٽي آيو هو ته شڪارپور ۾ لکيدر تي 'گل ڪتاب گهر' جي ننڍڙي دوڪان ۾ دلبر دوست
امتياز منگي وٽ مون سان پهريون ڀيرو مليو هو. ان پهرين ملاقات ۾ ئي اسان هڪ ٻئي جي
انتهائي ويجهو ٿي ويا هئاسين. رواجي دوستي کان رازداري ڏانهن جو جڏهن سفر شروع ٿيو
ته محسن منگي جو مون وٽ شڪارپور ۽ منهنجو محسن ڏانهن ڳڙهي ياسين اچڻ وڃڻ پيو ٿيندو
هو. محسن، مون سان ئي ويجهڙائي جي نسبت ۾ 'ناياب' ٿيو ۽ سندس زندگي تي جنهن شخص گهڻو
اثر وڌو هو سو "شاهين" هو، تنهن جي پٺيان ئي 'محسن ناياب سنڌي' ٿي ويو.
"شاهين" سان پهريون ڀيرو مون کي منهنجي ويجهي دوست محسن ناياب ئي ملرايو
هو. مرحوم مون کي ڳڙهي ياسين جي ادبي ۽ فن واري ماحول جو چنڊ لڳو هو. ڇا ته سندس
انداز بيان هوندو هو. صاف ۽ کرو آواز ئي اثرائتو هوندو هئس. قدآور هو ڪڏهن ڪڏهن سونهاري
به رکندو هو. شاه لطيف سائين ۽ سنڌي ٻولي جو ته عاشق هو هر هڪ لفظ کي واضح نموني اچاري
پيش ڪندو هو ته محسوس ٿيندو هو ته ٻولي جو واقعي حق ادا ڪري رهيو آهي. نج ۽ ٺيٺ سنڌي
لفظن جو استعمال ڪري ملاوٽ کان پاڪ پنهنجي سنڌي ٻولي کي اهميت ڏيارڻ ۾
"شاهين" واقعي شاهين جيان رهيو.
ڳڙهي ياسين ۾ ميمڻن
جي پاڙي ۾ اسان سندس گهر سان لڳو لڳ اوطاق ۾ ويهي شاهه لطيف رح ته ڪڏهن سنڌي ادب!
سنڌي ريتن رسمن ۽ ذاتين تي پيا بحث ڪندا هئاسين. اتي اڪثر محسن فوٽو پڻ ڪڍندو هو.
(شايد ڪجهه فوٽو محسن وٽ اڃان به موجود هجن). ڳڙهي ياسين جي تاريخ، تاريخي ادبي شخصيتن
۽ ان سان وابسته موضوعن تي ڪم ڪرڻ لئه آئون کين صلاح ڏني ته شاهين محسن سان گڏ ئي
ان ڪم ۾ جنبي ويو هو. ان حوالي سان معلومات گڏ ڪرڻ ۽ انٽرويو وٺڻ شروع به ڪيا هيائين.
شاهين سنڌي پنهنجي
ذات ۾ انجمن هو ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ وارو ۽ ادب توڙي ٻولي تي کيس دسترس حاصل هئي.
کلڻو ۽ هر معاملي تي صبر سان گذارڻ وارو شخص هو. هن جي زندگي ۾ ڪيترائي اهڙا موڙ به
آيا جو ڪڏهن ڪڏهن اسان سوچڻ تي مجبور ٿي ويندا هئاسين ته يار! شاهين ڪهڙي ريت معاملا
حل ڪندو؟ پر شاهين جي چهري تي مون کي هر دم مسڪراهٽ نظر آئي. هو بي خوف، پنهنجي
حال ۾ پورو نظر ايندو هو. ڳڙهي ياسين جهڙي ننڍڙي علائقي ۾ رهندي به پريشان کڻي ٿيو
به ۽ ڏک به ملندا رهيس پر 'شاهين' سنڌي ڪو پنهنجي سوچن جيان مضبوط ۽ ارادن ۾ به
'شاهين' هو
بي قدرن جي ديس ۾
جيئڻو پوندو آ.
چاهيون نہ چاهيون سُورُ
تہ سَهڻو پوندو آ.
لُڙھندو رهان ٿو غم
جي مان سيلاب ۾ ڏِسُ،
دنيا جا ڌڪ سهندي
کلڻو پوندو آ.
پنهنجو جيون ڄڻ تہ مڇي
آ ڪُنڍيءَ ۾،
خوش آھيان او
زمانا! چَوڻو پوندو آ.
ڪير ڇا ڄاڻي منهنجي
حياتي ڪيئن آھي؟
روز دنيا ۾ جيئڻو
مرڻو پوندو آ.
نفرت چوڌاري آ،
آئون وڃان ڪاڏي،
پوءِ بہ توسان پيارُ
تہ ڪرڻو پوندو آ.
لڙڪ اکين جا ڪاڏي
تو "شاهين" ڪيا،
دردن کي ڏئي ماتِ
بہ کلڻو پوندو آ.
مٽن مائٽن سان نڀائڻ
وارو، پاڙي وارن جو خيال رکندڙ، نيت جو صاف ۽ سماج ۾ ٿيندڙ ناانصافين تي لڇڻ وارو
شخص هو. دوستن ۾ اهڙو ٿي هليو جو اڄ هر هڪ سندس واقف شخص آساني سان اهو چئي سگهي ٿو
ته 'شاهين' سنڌي اسان جي تمام ويجهو رهندڙ هو.
'شاهين' سنڌي
هڪ ئي وقت شاعر، ڊراما آرٽسٽ، ڪهاڻيڪار، ريڊيو ۽ ٽي وي جي پروگرامن جو ڪمپيئر هو.
قدرت طرفان گهڻن ئي خوبين سان مالا مال هو ڊرامن ۾ اداڪاري ڪرڻ جو شوق به ننڍڙي وهي
کان هئس، سنڌي ڊرامن ۾ اداڪاري ڪرڻ ڏانهن ۱۹۸۵ع ڌاري آيو. اسٽيج ڊرامن کان علاوه ڪيترن ئي اهڙن ڊرامن
۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندو رهيو جيڪي مختلف سنڌي ٽي. وي چينلن تان نشر ٿيا. هن ڪيترين
ئي ٽيلي فلمن ۾ اداڪاري پڻ ڪئي هئي، اداڪاري کان هدايتڪاري ڏانهن به آيو. فن جي
جنهن به حوالي سان کيس ڏٺو ويو ڪامياب تسليم ڪيو ويو.
هڪ دفعي ڳڙهي ياسين
۾ پياري 'مصور منگي' جي وهانءَ تي ڳالهين ئي ڳالهين ۾ شاعري ٻڌائڻ جو ضد جو ڪيوسونس
ته چوڻ لڳو هو ته "اسان منگين سان سينو ڪٿي ٿا سهائي سگهون 'استاد ساحل منگي'
۽ نثار "بزمي" جا شاگرد جو آهيون" پو ته غزل ۽ نثري نظم ٻڌائيندو
رهيو هو. ان موقعي تي ڳڙهي ياسين جو جهونو شاعر سائين پنهل "پياسي" به
پنهنجي اندر جو اوٻر شاعري جي روپ ۾ ڪڍيو هو.
هڪ ڀيري اونهاري جي
موڪلن ۾ جڏهن منهنجو ڳڙهي ياسين ڏانهن هڪ پراڻو ڪتاب "ڳڙهي ياسين درشن"،
جو اصل ۾ مون وٽ موجود هو پر هڪ چور اسان وٽان ڪتاب کڻي ويو هو، هٿ ڪرڻ جي ارادي
سان وڃڻ ٿيو هو، 'محسن' ناياب وٽان شاهين سنڌي وٽ ويو هئس ته ٻڌايو هيائين ته
"ننڍي عمر ۾ ڪهاڻيون لکڻ تان ادبي دنيا ۾ قدم رکيو هو. اهي ڪهاڻيون اردو جي
مشهور اخبار جنگ ۾ ڇپيون هيون، پو ته لکندو رهيس. استاد نثار "بزمي" ۽ استاد
"ساحل" منگي جي صحبت نصيب ٿي ۽ آئون به ادبي دنيا ۾ پنا ڪارا ڪرڻ شروع ڪيا
ته اڄ تائين پيو ٿو لکان".
شاهين سنڌيءَ کي
ادبي خدمت ڪرڻ جي عيوض ڪنهن به لالچ ۽ نالي جي مشهوري جو ڪوبه شوق نه هو، سادي طبيعت
جو مالڪ هو. هميشه پيو مرڪندو هو. مون کيس پهريون ڀيرو تڏهن روئيندي ڏٺو هو جڏهن
سندس امڙ لاڏاڻو ڪري وئي هئي. آئون تعزيت ڪرڻ لاءِ وٽس تڏي تي پهتو هئس.
هن جو اصل نالو در
محمد هو پاڻ غلام محمد ڪٽپر جو فرزند هو. سندس جنم ۱۲ جولاءِ ۱۹۶۵ع تي لهڙي بلوچستان ۾ ٿيو هو. ڳڙهي ياسين ۾
سندس والد واپڊا ۾ ملازم هو ته هتي لڏي اچي ميمڻ محلي ۾ رهيا هئا. تعليم جا ورق هن
ڳڙهي ياسين ۽ شڪارپور مان حاصل ڪيا هئا. پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات واپڊا ۾
ملازم طور ڪئي هيائين.
شاهين سنڌي ۱۹۹۶ع کان وٺي ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي سان سلهاڙيل
هو، جتي انائوسر ۽ ڪمپيئر طور ڪم ڪري رهيو هو. ڳڙهي ياسين مان فيس بڪ تان لائيو
هلندڙ "ايف ايم" ۾ پروگرام پڻ ڪندو هو. "روزاني آجيان شڪارپور"
جي ادبي صفحي کي به ايڊٽ ڪندو هو.
مون ته کيس مختلف
علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي پروگرامن ۾ ڪمپيئرنگ ڪندي به ڏٺو ۽ ٻڌو هو. سندس آواز ۾
جادو هو. 'آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻي' ۽ 'سنڌي ادبي سنگت' سان به وابسته هو. سنڌي ادبي
سنگت شاخ ڳڙهي ياسين جو ته سيڪريٽري به رهيو هو. سڀني جو گهڻ گهرو ته هو پر شاهين
سنڌي جي سهائتا ڪنهن به نه ڪئي.
اٺ مهينا کن ٿيندا جو جيري جي مرض ۾ مبتلا ٿي پيو
هو. ان بيماري جي فڪر ۾ ئي هو ته سنڌ ۾ برساتن جو سلسلو شروع ٿي ويو. انهن سنڌ ۾ ٿيندڙ
مسلسل ڏهن ڏهاڙن وارين برساتي تباهڪارين سبب سندس گهر سخت متاثر ٿيو هو پاڻ پنهنجي
ٻارن ٻچن سميت مائٽن وٽ ترسي پيو هو. سموري سنڌ جي ماروئڙن جي نقصان تي ڏکارو هو ۽
پنهنجي گهر جي نقصان واري فڪر ۾ ئي هو ته جيري جو موذي مرض اڃان وڌي ويو. غريبي
حال ۾ ڪٿان گهر کي ٺهرائي ۽ ٻين ضرورتن کي پورو ڪري يا علاج ڪرائي سگهي. ويچارو
خاموش ٿي ويو، بيماري کيس ڪمزور ڪري ڇڏيو هو. سرڪار پاران علاج ڪرائڻ واري عمل آٿت
ڏنس ته قدرت هتي رهڻ جي وڌيڪ اجازت نه ڏني ۱ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي دم پرواز ٿي ويس ۽ 'شاهين' سنڌي اسان وٽان
هميشه جي لاءِ موڪلائي ويو.
مرحوم پنهنجي پٺيان
هڪ بيواه ٻه پٽ ۽ ٽن نياڻين جو اولاد ڇڏيو آهي. رکي رکي ته "شاهين". سنڌي
جي موت جو ته اعتبار به نٿو اچي. ڌڻي در دعا آهي ته خدا کيس جنت ۾ جايون جوڙي ڏي. آمين
(ڏھاڙي آجيان شڪارپور ۾ ۵ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا