شاهين سنڌي
آواز جي دنيا جي اهم باب
جي پڄاڻي
خالدچانڊيو
ڊسمبر شروع ٿيندي
ئي وڇوڙن جا سنيها ملڻ شروع ٿي رهيا آهن، ڊسمبر سنڌ جي اهم هستين کان ڌار ٿيڻ جو مهينو
آهي. هن مهيني کي وڇوڙن جو مهينو به سڏيو ويندو آهي. محترمه بينظير ڀٽو شهيد، شيخ
اياز، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، جيجي درشهوار سيد، تاجل بيوس، غلام محمد شاهواڻي،
مير علي نواز ناز، حمل فقير، بلاول پرديسي، پيرل قنبر، رئيس ڪريم بخش نظاماڻي، رحمان
مغل، ڊاڪٽر اياز قادري، رحيم بخش قمر، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، مير عبدالرسول
مير، هدايت منگي، سعيد ميمڻ، پرواني ڀٽي ۽ پارس حميد سميت لاتعداد علمي ادبي ۽
سياسي شخصيتون هن مهيني ئي اسان کان وڇوڙيون آهن. هن ڊسمبر جي پهرين تاريخ تي، ريڊيو
پاڪستان جو هڪ برجستو آواز شاهين سنڌي هاڻ هميشه جي لاءِ خاموش ٿي ويو آهي. سندس المناڪ
وڇوڙي ادبي، سماجي ۽ ريڊيو جي دنيا ۾ ڏک جي لهر کي پکيڙي ڇڏيو آهي. شاهين سنڌي، هڪ
ئي وقت ريڊيو جو ڪمپيئر، انائوسر، صداڪار ۽ اسڪرپٽ رائيٽر هو ته ٻئي پاسي سنڌ جي
ادبي حلقن ۾ سندس سڃاڻپ هڪ شاعر، ڪهاڻيڪار طور به رهي. هُو سنڌي ادبي سنگت جو
سرگرم عهديدار ۽ ڪارڪن رهيو.
