حاجي حمير خان مھيسر
ھڪ زنده دل ۽ ساڃاھ وند
شخصيت
عابد مھيسر
ڏٺو وڃي ته اوائلي زماني کان سنڌ
ڌرتيءَ جي ننڍين وسندين يا ڳوٺن ۾ ڪافي سلجھيل ۽ سڄاڻ سماجي ڪردار ٻھراڙين يا ڳوٺن
۾ جنم وٺي سھائتا پائي پنھنجي فطري ڪردار سان پڌرا ٿيندا رھيا آھن.اھڙن ئي املھ ماڻڪ
موتي ماڻھن ۽ سلجھيل ۽ آدرشي انسانن ۾ مرحوم حاجي حمير خان (ثاني) مھيسر جو به
شمار ٿئي، مارچ ۱۹۱۷ع ۾ ڳوٺ سانوڻ خان مھيسر جي
صوفي بزرگ حسين خان مھيسر جي گھر جنم ورتو. مارچ ۱۹۱۷ع ۾ حمير خان (ثاني) مھيسر جو جنم، حسين خان ولد حمير خان (اول) مھيسر جي
گھر ٿيو۔ حمير خان تي سندس پيءُ پنھنجي والد ”حمير خان“ (اول) جو نالو رکيو. حمير
خان (ثاني) پنھنجي پيءُ جو پھريون اولاد ۽ پوڻيٺيءُ جو پٽ ھئڻ ناطي دادلو ۽ سڪيلڌو
پٽ ھو ۽ سندس والد سندس لاڏ ڪوڏ سان پالنا ڪئي ۽ انگل آرا کنيا ۽ ان طرح ننڍپڻ کان
ئي ذھني طور ھوشيار ۽ سمجھدار ھو ۽ ننڍپڻ کان ئي پيءُ سان گڏ گڏ ھوندو ھو ۽ ڪمن ڪارن
۾ به ھميشه پنھنجي پيءُ سان ھٿ ونڊائيندو رھندو، البت تعليم حاصل ڪرڻ کان قاصر رھيو،
پاڻ پنھنجي پيءُ مرحوم حسين خان ولد حمير خان (اول) جي بابت ھڪ واقعو ٻڌايائين ته ”
آئون ننڍو ھئس ۽ بابا سان گڏ اوطاق تي ويٺو ھئس ته بابا جو ھڪ دوست آيو ۽ خدمت چاڪري
بعد چيائينس ته ”ادا حسين تون ڀاءُ ويٺو آھين گھر ۾ ڪجھ به نه آھي ٻار ٻچا ۽ اسين
بک پيا ڪٽيون، جي ڪجھ ھجئي ته يار اسانجي مدد ڪر، مولا توکي وڌائي ويجھائي ڏيندو“،
تنھن وقت بابا وٽ به ڪا ايڏي دولت ملڪيت ڪا نه ھئي، پر الله جو ڪرم رھيو، بابا وري
پنھنجو پَٽڪو مٿي تان لاھي ان مان ڳنڍ کولي ھڪ ئي سڪو ھئس سو ان دوست کي ڏنو ۽ چيائينس
ته ادا مون وٽ ھيءُ سڪو اٿئي ان مان وڃي گذر ڪر وري به الله روزي رزق ڏيندو ۽ ڏک
سک ۾ گڏ آھيون ۽ وري چڪر ھنڻجئين“. ۽ اھو سندس دوست جڏھن واپس ويو ته مون چيو ته
بابا پاڻ وٽ ته اھو ئي ھڪڙو سڪو ھو سو بو توھان ڏئي ڇڏيو، ھاڻ پاڻ ڪيئن ڪنداسون،
ته بابا نھايت ئي شفقت ۽ پيار مان منھنجي مٿي تي ھٿ ڦيريندي چيو بابا پنھنجو الله
پاڻ کي ڏئي ته پيو، ھي ويچارو وڏي تڪليف ۾ آھي ان کي ضرورت ھئي، ڏک تڪليف ۾ ڪنھن
جي مدد ڪرڻ سٺو ڪم آھي ۽ سندس چھري تي مسڪراھٽ ۽ خوشي ھئي.
حمير خان (ثاني) مھيسر ھڪ باصلاحيت،
باشعور، خوددار، حق سچ، انصاف وارو، ھردلعزيز ۽ عاليشان شخصيت جو مالڪ ھو ۽ اڪثر ڪري
پاڻ ڪَس کائي ٻين کي قَصر ڏيندو ھو ۽ ھر ڪنھن سان برابريءَ جي بنياد سان ملندو ھو،
پاڻ پنھنجي ننڍپڻ جا واقعا ۽ قصا ساريندي ٻڌائيندو ھو ته ”سندس عمر جڏھن تيرھن، چوڏھن
سال ھئي تڏھن سندس والد ٻي شادي ڪئي ۽ ڪجھ سالن کان پوءِ سندن آخري ڀاءُ جو جنم ٿيو
۽ پاڻ ۾ ڪل چار ڀاءُ ھئاسون، جڏھن عمر لڳ ڀڳ سورھن يا سترھن سال ھئي ته سندس والد
جي وفات ٿي ۽ مٿس پنھنجي خاندان جي ذميواري اچي وئي ۽ پاڻ پنھنجي ذميواري نڀائڻ ۾ ڪا
قصر نه ڇڏي، ايتريقدر جو تنھن وقت جي انگريز عملدارن سان به پنھنجي مسئلن خاطر ملڻ
کان نه ڪيٻائيندو ھو، ھيڏي ساري جاکوڙ ۽ جفاڪشي ڪندي ۽ سرڪاري اھم عھديدارن ۽ اھلڪارن
سان ملندي، ڪڏھن به پنھنجي سادگي ۽ سچائي نه ڇڏيائين ۽ کيس پنھنجي تھذيب ۽ ثقافت
سان عقيدت جي حد تائين چاھ ھو سندس ويس، وڳا سادا ۽ گھڻو ڪري اڇي رنگ ۾ سوٽي ڪپڙو
شلوار قميص ۽ سنڌي پٽڪو اوڍيندو ھو ۽ سندس ھڪ تمام ڀلي گھوڙي به سواريءَ لاءِ
ھوندي ھئس ۽ اھا گھوڙي ۱۹۵۰ع واري
ڏھاڪي ۾ اڙدو زبان ۾ ٺھندڙ پاڪستاني فلم ”آگ کا درياه“ ۾ فلمساز ۽ پروڊيوسر جي خاص
فرمائش تي شامل ڪئي وئي ھئي، ياد رھي ته ان فلم جا ڪجھ سين سنڌ جي تاريخي ۽ قديم
شھر نصرپور جي آسپاس ڀريا ويا ۽ ان فلم ۾ تنھن وقت جي ڳوٺ اميد علي رند ۽ بعد ۾ ڳوٺ
انب خاصخيلي جي رھاڪو مرحوم بخشو خاصخيلي جي گھوڙي به شامل ٿي ۽ ان فلم ۾ ڳوٺ سانوڻ
خان مھيسر جي رھاڪو ۽ گادي نشين فقير لاکو مھيسر به حصو ورتو ھو ۽ حمير خان (ثاني)
مھيسر جي اھا گھوڙي تنھن وقت پوري علائقي ۾ مشھور ٿي وئي. حمير خان (ثاني) مھيسر ھڪ
باشعور ۽ سلجھيل سنجيده انسان ھو ۽ کيس پنھنجي ڳوٺ راڄ سان دلي لڳاءُ ھو ان ڪري سندس
اباڻي ڪچي اوطاق ۱۹۵۰ع ۾ ٻيھر تعمير ڪرائي ۽ اوطاق جي
ڀرسان ڳوٺ جي مرڪزي جامع مسجد نمرهٰ تعمير ڪرائي ۽ مسجد ۾ نماز جو باجماعت باقاعده
اھتمام ڪيو ۽ مسجد جي سار سنڀال پاڻ ۽ سندس ڀاءُ الھ اوڀايو ڪندو رھيو ۽ حافظ حاجي
صديق جتوئي بطور پيش امام مقرر ڪيو ويو.
حمير خان (ثاني) مھيسر پنھنجي نيڪ
دلي ۽ سماجي بصيرت جي ڪري ۱۹۷۰ع واري
ڏھاڪي جي وچ ڌاري پنھنجي علائقي جو عشر و زڪوات ڪميٽيءَ جو ميمبر مقرر ڪيو ويو ۽
پنھنجي ذميواري نھايت سچائي ۽ ايمانداريءَ سان نڀايائين ۽ ممڪن حد تائين پنھنجي
علائقي واسين جي ڀلائي لاءِ پاڻ پتوڙي مدد ڪيائين ۽ سندس سندر سوچ ۽ اتم ويچار ئي
کيس منفرد شخصيت جي منصب مھيا ڪيو ۽ پاڻ پنھنجي ڳوٺ راڄ ۾ عزت جي نگاه سان ڏٺو
ويندو ھو، حمير خان (ثاني) مھيسر پنھنجي ڳوٺ کي زندگيءَ جي بنيادي ضروريات جي ميسر
ڪرڻ لاءِ ضيائي آمريتي دؤر جي پڄاڻيءَ تي يعني ۱۹۸۹ع ۾ ڪوشش ڪرڻ شروع ڪيائين ۽ آخرڪار ۱۹۹۶ع ۾ سندس ڳوٺ کي بجلي جي سھولت ميسر ٿي ۽ سندس سھڪار سان ئي ڳوٺ انب
خاصخيلي جيڪو ھاڻ ختم ٿي چڪو آھي ۽ ڳوٺ بخشو خاصخيلي کي به بجلي جي سھولت مھيا ٿي
۽ تنھن وقت ۾ سندس ئي سرپرستيءَ ۾ سماجي فلاح و بھبود جي تنظيم ”سنڌ وليج ويلفيئر
سوسائٽي ڳوٺ سانوڻ خان مھيسر ۽ ڳوٺ بخشو خاصخيلي“ قائم ٿي، جنھن جي منچ تان سماجي فلاح
و بھبود لاءِ آواز اٿاريو ويو ۽ ڪوششون ٿيون، حمير خان (ثاني) مھيسر ۱۹۹۷ع ۾ حج جي سعادت رب جي رضا سان حاصل ڪئي، عمر جي آخري ڏينھن ۾ طبيعت تمام گھڻي
خراب ٿيس ۽ سندس پٽن سندس علاج ڪرايو پر زندگيءَ جي ويڙھ ھارائيندي ۱۹
ڊسمبر ۲۰۰۲ع بروز
خميس رات دم ڌڻي حوالي ڪيائين ۽ پنھنجي ڳوٺ سانوڻ خان مھيسر جي قديم ۽ تاريخي قبرستان
سيد معصوم شاھ بخاري ۾ تدفين ٿيس.
(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۲ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا