; سنڌي شخصيتون: هدايت ڏيپر - خليق ٻگھيو

08 April, 2023

هدايت ڏيپر - خليق ٻگھيو

هدايت ڏيپر

ھڪ ڪويتاڪار جي جيون ڪٿا جي سفر جا عڪس ۽ جنم ڏينھن

خليق ٻگھيو



ڪي ماڻھو پنھنجي اندر ۾ نھايت پرفيڪٽ ٿين ٿا، ھِن مطلبي مفاد پرست ۽ ڪنزيومر سوسائٽيءَ ۾ پنھنجي رنج و غم، ڏُکن دردن، جا مسيحا بہ پاڻ ٿين ٿا، پر پيٽ جي جابر مفلسيء کان، سماج جي روحاني تشدد وارن ذھني غربتن تائين ھُو ڪِٿي بہ ڪنھن جي شڪايت نٿا ڪَن، ھُنن جي درياھ دلي روين جي چھرن ۾ ٻھڪندي آھي، ھُنن ھميشہ ڏيڻ سِکيو آھي، پر اُنھن ڪردارن سان خود غرض سماج ٻہ-اکيائي ڪري ويندو آھي ۽ قسمت بہ موقعي جو فائدو وٺي کين رڻن ۾ رُلائي ڇڏيندي آھي، نتيجي ۾ اھڙا ماڻھو ڳوڙھن ڳاڙڻَ جي برعڪس، پاڻَ کي پاڻ ئي سگھارو ڪري وٺندا آھن. ڇو تہ اُھي ڄاڻندا آھن تہ وڇون پنھنجي فطرت کان مجبور ھُوندو آھي، بلائن جي مُنھن تي اڻ ڄاڻائيءَ سان پير اچي وڃي تہ ماڻھو ڪکجي پوندو آھي، ڪم ظرف ماڻھن جو ظرف، گِلا سان وڌائي ناھي سگھبو، فيشن-پرست سماجي روين جي ھِن مصنوعي سماج ۾ ڪَئين واڳون واٽُن تي وات ڦاڙي بيٺا ھُوندا آھن، ھي ماڻھو نتيجي ۾ محتاط ٿي ويندا آھن پر ڪم ظرفيءَ، بي مروتيءَ، موقعي پرستيءَ جو جواب، ساڳين روين سان ڪو نہ ڏيندا آھن، آئون ھِن قسم جي ماڻھن جو دوست رھيو آھيان.


مون سندن دردن جي زخمن کي نھايت ويجھڙائيءَ کان ڏٺو آھي، پوءِ بہ ھِنن ماڻھن کي مون اخلاقي طرح جتي ڪٿي فتح ڪندي ڏٺو آھي، اسان ماڻھو بہ عجيب آھيون، وڏن اديبن جي ڪڍ پوندڙ، پر ھن قسم جي ڪردارن کي وساريندڙ ماڻھو، اِھڙن ڪردارن کي وساري ڇڏيون ٿا، جيڪي اسان جي ڏکن سکن جا ساٿي آھن

.........۽ ھڪ اھڙو ئي وساريل ڪردار ھدايت ڏيپر بہ آھي جيڪو ھڪ سھڻو شاعر ۽ ڪھاڻيڪار بہ آھي، سنڌي ادبي سنگت مورو لاءِ پاڻ پتوريندڙ ڪردار، جنھن جي ذاتي ۽ ادبي جيون-ڪٿا جو ھُوبھو عڪس مون مٿي چِٽيو آھي، جيڪو موري شھر توڙي ٻاھر ڪيترن دوستن جي شاعريءَ جي اصلاح ڪندڙ استاد شاعر بہ آھي، پر ڪي سندس ادبي شاگرد سندس احسانن کي بہ وساري ڇڏيندا آھن، ”ڪم لٿو، ڊکڻ وسريو“ وانگر.........

......... ۽ ڪي کيس دلين ۾ جايون ڏين ٿا، پر ھُو ڪنھن جي شڪايت ناھي ڪندو، پر ھميشہ ائينءَ چوندو آھي، يار ڪير ڇا ٿو ڪري ؟ ان کي ڇڏيو......... اسان کي بس پنھنجي حصي جو ڪم ڪرڻو آھي.........، ڏُکن سان سندس اھو صوفياڻو رويو ڏسي آئون اڪثر حيران ٿيندو آھيان......

....... عڪسن جي ميڊيائي Mediated دَور ۾، طبقاتي سرواڻيءَ جو شڪار ٿيندڙ ۽ فڪر،منطقيت ۽ فلسفي جي برعڪس، فوٽو- گرافيءَ جي فليش ۾ وڃائجي ويل اسين ماڻھو......... اھڙن ڪردارن کي ياد نٿا ڪيون ھدايت ڏيپر پڻ ھڪ اھڙو ئي پرفيڪٽ ڪردار آھي ...ھدايت ڏيپر جھڙي سولي سادي، رومانوي ۽ مزاحمتي شاعر کي بہ سندس جنم ڏينھن تي ياد ڪونہ ٿا ڪريون،

جيڪو مسلسل ٽيھن سالن کان ڌرتيءَ جي ڏکن ۽ روين جي ريگستانن تي ادب پئي سرجيندو رھيو آھي ھدايت ڏيپر، ھڪ اھڙو شاعر ھڪ اھڙو ڪھاڻيڪار آھي، جنھن لفظن کان ڪڏھن عياشيءَ جو ڪم ناھي ورتو،جنھن وٽ اڄ بہ دوستي ھڪ مھان قدر آھي، اڄ بہ جنھن جي معروضي توڙي موضوعي ھَڙَ ۾، سچَ،خلوصَ، محبتون ۽ سچيلتائون آھن، پر دوستيءَ ۾ منافقت وارو مڪسچر- مصالحو ڪونھي،

............جنھن جي جيون جي ڊڪشنريءَ ۾ ٻيائي، غداري، دوکيبازي جھڙا لفظ ئي ڪونھن، جيڪو پنھنجي جيون جي ذاتي ڏکن ۽ غمن جا لاش پنھنجي ڪنڌ تي پاڻ کڻي سفر ڪندو رھي ٿو، روڊ حادثن کان، آپريشنس تائين، ھن تي ڏکن جا پھاڙ ڪِريا آھن،پر ھُن ڪٿي بہ ھار ڪونہ مڃي آھي،مُسلسل زندگيءَ جي غربتن .ڏُڪارن، محرومين سان حالتِ- جنگ ۾ رھي ٿو، مون شديد ڏکن ۾ کيس مرڪندو ڏٺو آھي، ھُو سچو ۽ کرو ماڻھو آھي زندگيءَ ۽ دوستين کي، ھُن مستقل مزاجيءَ تحت پئي ڏٺو آھي

......... ھن وٽ ڪڏھن بہ مون (ڪيترن ئي ماڻھن جيان) چائيلڊش رويا ڪونہ ڏٺا آھن، جو ذاتي خسيس مفادن جي ڪري، دوستن ۽ سڄڻن جو پَلَ ۾ دُشمن بڻجي وڃي، پر ھُن وٽ، مون ھر دور ۾، ذھني ميچوئرٽي ڏٺي آھي، خالص سنجيدگي ڏٺي آھي، ڏکن جي باوجود، پنھنجي شخصيت ۾ بحاليت maintenance رکڻ، سندس شخصي اخلاقي وڏائيءَ جو اُھڃاڻ آھي،

............ ھُو ادب جو بہ ھڪ اھڙو سچو سپاھي آھي،جنھن وٽ ادب ترقي پسنديءَ جي روپ ۾ پسي وٺبو آھي، سندس جيون-ڪٿا ۽ سنس تخليقي سرگرميون، سندس ئي ھڪ جيون سڦلتا- مشن، ۽ تخليقي پراجيڪٽ آھي، جيڪو پراجيڪٽ، تحرڪ جو محرڪ ۽ انقلاب جي اوسيئڙي جو پانڌي ۽ نقيب آھي، اڄ ھڪ اھڙي ادبي علمي شخصيت کي ڪوبہ ادبي پليٽ فارم ياد ڀلي ياد نہ ڪندو ھُجي.........

......... پر اڄ اھي دوست کيس وساري نہ ڇڏين، جيڪي سندس شخصيت ۽ ڪردار کان واقف آھن ۽ اُھي جن جي ھُن ادبي رھنمائي پئي ڪئي آھي، مون لاءِ ھُو اھڙو دوست آھي جيڪو مون کي ھر دور ۾ عزت احترام پيار ڏنو آھي آئون جڏھن منجھي پوندو آھيان تہ ھُن سان ملندو آھيان ۽ ھُو ڏکين حالتن ۾ بہ مون کي حوصلو ڏيندو رھندو آھي

اڄ سندس [ ھدايت ڏيپر ] جو جنم ڏينھن آھي اچو تہ مفاد پرست ڪنزيومر سوسائٽيءَ جي گِون ٽِيڪ واري ماحول کان پل کن ڏُور ٿي، ھُن کي جنم ڏينھن جون کوڙ ساريون واڌايون ڏيون !!!

ھدايت ڏيپر جو شاعري ياداشت تي تري آئي آھي :

سپنا اسان جا ڏيئا فانوس نيڻ تنهنجا

ناهن ڪڏهن ڏٺا مون مايوس نيڻ تنهنجا

اونداھ ڳڻتين جي آھي جڏهن وڪوڙيو

ٿيا باک جي خوشي جان محسوس نيڻ تنهنجا

ڪنهن سان متان ڪٿي مان دل کي اڙائي ويهان

هر وقت ڪن ٿا پيڇو جاسوس نيڻ تنهجا

سڀ سونهن جا پوڄاري بي خوف هن لڳا پيا

تن کي لڳن ٿا پيارا فردوس نيڻ تنهنجا

ڪنهن لاء رات روئي آھي گذاري تو اڄ

چغلي هڻن ٿا توتي آموس نيڻ تنهنجا

مصنوعي ڇا جي لئه ٿي پائين لباس جڳ ۾

ھِن عشق ۾ حقيقي ملبوس نيڻ تنهنجا. (هدايت ڏيپر)

ڌڻي! شل ھُو زندگيءَ جون سڀئي خوشيون ماڻي...... شل وڌيڪ کيس ڪو ڪوسو واءُ نہ لڳي!! ۽ ھُو ادب جي سرجڻھاريءَ واري ادبي پراجيڪٽ کي مڪمل ڪري قوم جي لاءِ ھڪ ٿاٽ پروڪنگ ادبي ڪم ڪري سگھي......! اسان جون دعائون محبتون شفقتون مستقل طور ساڻس محوِ سفر رھنديون.

(ڏھاڙي آجيان شڪارپور ۾ ۸ اپريل ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


No comments:

راءِ ڏيندا