; سنڌي شخصيتون: ظهير عباسي

31 March, 2023

ظهير عباسي

ظهير عباسي

سونهن جو شاعر - ڳاڙهو جوڙو توکي جاني ڏسي ڪيئن سگھان مان..!

رياض ڪلهوڙو



سنڌ جي ڌرتي! جا محبت، امن، سک ۽ شانتيءَ جو گھوارو رهي آهي. اتي وري شاعرن ۽ اديبن جو پيدا ٿيڻ ڄڻ کير ۾ کنڊ پوڻ. . . !اديب حساس طبيعت جا هوندا آهن، اديبن ۾ وري شاعر ۽ ڪهاڻيڪار ڪجھ وڌيڪ حساس، ڪومل، ڪُوئنرا ۽ ڪچڙا ٿيندا آهن. اهڙي ئي هڪ مکڻ جهڙي نرم، نازڪ، نهٺي ۽ نماڻي شاعر جو ذڪر ٿي رهيو آهي. جنهن پنهنجي زندگيءَ جا پَلَوءَ سچ، سونهن ۽ سادگيءَ سان ٻڌي گذاريا. سونهن جي فدائي، ظهيرالدين عباسيءَ ۱۲ ڊسمبر ۱۹۷۷ع  تي خيرپور ضلعي جي مشهور ۽ تاريخي تعلقي ڪنگريءَ ۾ جنم ورتو. ۱۰ يونين ڪائونسلن ۽ ۴۹ ديھن تي مشتمل، ھن تعلقي جو صدر مقام پاڳارن جون آبائي شهر “پير جو ڳوٺ” آهي. ظهير جي والد جو نالو غلام قادر هو. جيڪو، گيهه ۽ مکڻ جو ڪاروبار ڪندو هو، سو ڪاروباري خيال سان لڏي اچي، ڳوٺ عزت جي وانڍ، تعلقي رتيديري ۾ وٿاڻ وسايائين. رتوديرو، جيڪو سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي حوالي کان سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ مڃتا ۽ مقبوليت ماڻي چڪو هو. قاضي مقصود گل رتيديري جي تعريف ۾ لکيو آهي ته:


رتوديرو سموري سنڌ جو سينگار سمجھان ٿو

وري هن لاڙڪاڻي جي ڳچيءَ جو هار سمجھان ٿو

رتوديرو محبت موهه جو مينار سمجھان ٿو

سراسر سونهن سڪ جو سوڀيا سنسار سمجھان ٿو

اچي جيڪو رتيديري، رتيديري جو ٿي ويندو

رڳو هيئنڙو هتي هيري، رتيديري جو ٿي ويندو“.

ظهير عباسي شروعاتي تعليم گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول وانڍ پانڌي ۾ حاصل ڪئي. ۱۹۹۳ع ۾ گونمينٽ بوائز هاءِ اسڪول نئين ديريمان مئٽرڪ ۽ ۱۹۹۵ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نئين ديري مان انٽر جو امتحان پاس ڪيو. لکڻ جي شروعات نئين ديري ۾ ڪيائين، جتي کيس علمي ۽ ادبي ماحول مليو.

الله سائين رحم ڪر، واسطو ٿي  مصطفيٰ جو،

ڀلجي وڃي ٿو رستو، ماڻهو آ گھر خطا جو،

منهنجا قصور زياده، نيڪيون تمام ٿوريون،

ڏک سک سمورا پنهنجا، الله توسان اوريون،

تنهن جي اُتم آ رحمت، وڏو شان خدا جو،

الله سائين رحم ڪر، واسطو ٿي  مصطفيٰ جو.

ماٺيڻي مزاج جو مالڪ ظهير ننڍپڻ کان ئي فطرت ڏانهن مائل هو، قدرتي سونهن، وڻ، ٽڻ ٻوٽا، پکي، پرنده، ڍنڍون، درياءَ، سمنڊ، جبل ۽ جبلن کان وڏو انسان سندس شاعريءَ جا موضوع هئا. فطرت سندس محبت هئي. فطرت سندس چاهت هئي، جيئنرابندر ناٿ ٽئگوري لکيو آهي ته “فطرت مون لاءِ اهڙي محبوبه جيان رهي آهي، جيڪا هميشه نئين سونهن ۽ نکار سان منهنجي سامهون آئي ۽ ان مون کي مسرتن سان مالامال ڪيو آهي”. اتر سنڌ ۾ مشهور مولود ۽ مداح جو شاعر محمد پنجل ڪلهوڙو سندس استاد هو. ننڍي هوندي کان تخليق ڪندڙ ظهير عباسي پهريون گيت ۱۹۹۰ع ۾ لکيو جڏهن پاڻ اڃا اٺين درجي جو شاگرد هو. ظهير جي شاعري ۾ سلاست جو عنصر نمايان آهي.

”مان پيار ڪرڻ ٿو چاهيان توسان،

پوءِ تون ڇو مونکي ڌڪارين ٿو،

مان پيار منجهان ٿو توڏي ڏسان،

تون نفرت سان ڇو نهارين ٿو“.

        هن چوسٽي ۾ ڪيڏي نه نهٺائي ۽ نماڻپ آهي، ڪيئن محبوب سان اجھل پيار جو اظهار ۽ هجت پڻ ڏيکاريل آهي. ظهير ڪيترن ئي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، جن ۾ حمد، نعت، غزل، قصيده،چوسٽا ۽ دوها شامل آهن. سندس شاعريءَ تي استاد بخاري ۽ عبدالغفار تبسم جا اثر آهن. ظهير ادب براءِ ادب جو قائل هر گز نه آهي. هو نج تخليق کي ئي اهم سمجهي ٿو ۽ اها ئي سٺي اديب جي سڃاڻپ آهي. ڪيترن ئي گلوڪارن ظهير جي شاعري ڳائي آهي، جن ۾ ماسٽر چندر، مريد عباس، غلام شبير سمون، شهزاده منظور، توفيق عباس، رخسانه سورٺ، ممتاز ڪنول، ماسٽر امانت، ماسٽر شمن ۽ ٻيا شامل آهي. سندس ڪيتريون ئي تخليقون مختلف ريڊيو ۽ ٽي وي چينلز جيئن ڪشش ٽي وي، سنڌ ٽي وي، آواز ٽي وي، مهراڻ ٽي وي وغيره تي پڻ نشر ٿي چڪيون آهن. ظهير وٽ محبوب سان مخاطب ٿيڻ جا پنهنجا زاويا آهن. مٿين شعر ۾ سنڌ جي هڪ سَوَڻ “نظر لڳڻ” جو ذڪر ڪري ٿو. ظهير عام فهم ٻوليءَ ۾ پنهنجي شاعريءَ کي سمايو آهي.

ڪارو سڳو پرين پاءِ، ڪنهن جي نظر لڳئي نه،

سونهن نه ايڏي سجاءِ، ڪنهن جي نظر لڳئي نه،

        مٿين بيت ۾ سنڌ جي هڪ سوڻ ”نظر لڳڻ“ جو ذڪر ڪري ٿو. اهو ڏاڍي سهڻي انداز ۾ محبوب کي صلاح ڏئي ٿو ته هو سونهن کي ايڏو نه سجائي. ظهير وٽ شاعريءَ جو مذڪور محبوب آهي. محبوب جي تن تي پيل ڳاڙهي جوڙي کي ظهير ڪجهه هن ريت لکيو آهي.

ڳاڙهو جوڙو توکي جاني ڏسي ڪيئن سگھان مان،

ڏسي ڪيئن سگھان ها، مري مان وڃان ها...!

يا

ويندي ويندي به مون کي ڏکائي ويو،

ڪڏهن ايندس ڪونه ٻڌائي ويو...!

 ظهير جي شاعري ڏک، سک، پيار، محبت، آس ۽ اميد جو گھوارو آهي. ظهير سنڌي ادب جي پراڻي صنف ”دوهي“ تي به طبع آزمائي ڪئي آهي. دوهي ۾ پڻ درد ۽ سور جون ڳالهيون سليون اٿس.

تنهنجي سور سمورا سيني سان لايون ٿو وتان،

تنهنجي عشق ۾ ڪارو جوڙو پايون ٿو وتان.

        ظهير عباسيءَ مذهبي شاعري پڻ ڪئي آهي، حمد، نعت، مولود، منقبت، مداح ۽ قصيدن تي طبع آزمائي ڪندڙ ظهير جو هڪڙو حمد نموني طور هيٺ ڏجي ٿو.

الله سائين رحم ڪر، واسطو ٿي مصطفيٰ جو،

ڀلجي وڃي ٿو رستو، ماڻهو آ گھر خطا جو

منهنجا قصور زياده نيڪيون تمام ٿوريون

ڏک سک سمورا پنهنجا الله توسان اوريون

تـنـهـنـجـي اُتـم آ رحـمـت وڏو شـان خـدا جـو

الله سائين رحم ڪر، واسطو ٿي مصطفيٰ جو،

        مٿين حمد جي سٽن جي ڪيڏي نه نماڻائي ۽ سادگي آهي. هو پنهنجي رب کان ڪيڏو نه هيٺاهين واري انداز ۾ مخاطب آهي. ظهير حضور ڪريمﷺ جي جي شان ۾ پڻ لکيو آهي.

الله سائين مون کي هاڻي ڪراءِ ديدار مدنيءَ جو

گھري ٿي دل ڏسان روضو اکين ڏيکار مدنيءَ جو.

 

ظهير عباسي چئي مولا! محمد جي اڪير آهي

سڃاڻي جڳ ثنا گر سان، سهڻي سرڪار مدنيءَ جو.

حضرت علي المرتضيٰ، امام حسين عليه السلام ۽ ٻين امامن جي مدح ۾ به ظهير جي شاعري ملي ٿي. اهڙي مدح جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.

لک لڳا تــه بــه لائينــدم جــشــن مــولا جــو ملهــائيــنــدم

لـــــڳو پيـــــو آ ميـــــلو، آهـــــي خـــــوشـــــيءَ جــــو ويـــــلو،

خوش ٿي جھمريون پائيندم، جشن مولا جو ملهائيندم

يا

جنهن جو به مولا سان پيار آ

ٻـــيـــڙو انــهــيءَ جـــو تــار آ

مٿيون قصيدو حضرت علي عليه السلام جي ولادت جي خوشيءَ ۾ چيل آهي. ظهير جي مقبوليت جو هڪڙو سبب سندس شاعريءَ ۾ سادن ٻولن جي گھڻائي آهي.

ظهير زندگيءَ سان پيان ڪندڙ شاعر ٿي گذريو آهي. ظهير زندگيءَ کي پيار ۽ محبت جو مندر سمجهندو هو. زندگيءَ جا خوبصورت منظر پنهنجي شاعريءَ ۾ مصور جيان انوکي انداز سان سمايا اٿس.

زندگيءَ جو وٺون مزو، آءُ پسي برسات ۾،

ڇو پري ويو آن يار تون، رُسي برسات ۾...!

يا

سهڻا تنهنجي هٿ ۾ شراب آ،

شيءِ ڪيڏي هيءَ لاجواب آ

پيتو اڄ تو بي حساب آ،

شيءِ ڪيڏي هيءَ لاجواب آ

پنهنجي هٿڙن سان هڪ پيڪ ڏي ڀري،

پيئڻ جا جيڪو مون کي مست ڪري،

عرض ڪيو مو توکي جناب آ

شيءِ ڪيڏي هيءَ لاجواب آ.

        ظهير دعايه غزل پڻ لکيا آهن. هيٺ هڪڙي غزل جو نمونو پيش ڪجي ٿو، جنهن جو طويل  بحر ڪهنه مشق شاعر ئي لکي سگھي ٿو. ظهير جي شاعري عوام ۾ مقبوليت ماڻي چڪي آهي. سندس شاعريءَ ۾ ساده ۽ عام رواجي لفظ ڪثرت سان ڪتب آندل آهن.

  صبح شام سجدن ۾ سر جھڪائي، روئي عرض ڪيان ٿو اڪثر مان خدا کي،

تون رکجان آباد ويڙهو پرينءَ جو، ڏجانءِ ڏک نه ڪوئي منهنجي دل ربا کي...!

ظهير عباسي جنوري ۲۰۱۸ع کان بيماريءَ وگھي بستر تي پيل هو. سورنهن مهينن جي طويل عرصي جسماني طور ظهير کي بيحال بڻائي ڇڏيو هو. روز ڪمائي، روز کائڻ وارو هي عوامي شاعر، آخر تائين ايترو ته بردبار رهيو، جو ڪڏهن ڪنهن وٽ علاج يا مالي مدد لاءِ وانجهايو.سندس هماليه جهڙي حوصلن کي ٽوڙڻ (جھورڻ) لاءِ مفلسي ۽ مجبوري سان بيماريءَ ڪا به ڪسر نه ڇڏي، پر ظهير به آڻ مڃڻ وارن مان نه هو. نهايت مضبوط ارادن جي مالڪ، جبل جهڙي هن اٽل انسان، اڱاري ڏينهن ۲ اپريل ۲۰۱۹ع تي پرهه ڦٽيءَ مهل دم ڌڻي حوالي ڪيو. جسماني طور ته ظهير ايترو ڏور ٿي ويو، جو وري واپس موٽڻ ممڪن ڪونهي، پر سندس شاعري ايندڙ نسلن تائين پئي پڙهي ۽ ڳائي ويندي. 

No comments:

راءِ ڏيندا