استاد مصطفيٰ حسين شر
جنهن جو تعميري ڪردار
نمايان رهيو!
مغموم موسيٰ رضا
شر
اَڄُ
نه اوطاقُنِ ۾، دُونهِين، ڌُنڌُ، نه لاٽَ؛
وِيا
ويراڳِي، نِڪِرِي، چِتَ چَکائي چاٽَ؛
آءٌ
مارِيَسِ تَنهِين ماٽَ، جِيجان! جوڳِـيَڙَنِ جي.
(سُرُ رامڪلي)
خدا پاڪ هن ڌرتيءَ کي ايترو ته
نوازيو آهي جو ان بابت جيترو لکجي اوترو گھٽ آھي، پاڻ خالق ئي آهي جنهن جي خزاني ۾
ڪائي کوٽ ناهي، هن ڪائنات ۾ اهڙا ڪيئي گوهر آهن، جن جي صداقت، شرافت، شجاعت، ساراھ
جوڳي آھي. رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمائين ٿا: ”مومن مڪمل طرح نفعو ۽
فائدو آهي، اگر هن سان گڏ هلندؤ ته توهان کي فائدو ڏيندو ۽ جيڪڏهن کانئس مشورو وٺندؤ
تڏهن به توهان کي فائدو ڏيندو. اگر ساڻس ڀائيواري ڪندؤ تڏھن به توهان کي فائدو ڏيندو.“
اهڙن ڀلن انسانن مان هڪ استاد مصطفيٰ حسين شر به ٿي گذريو آھي، سندس جنم ۱۵ مارچ ۱۹۷۵ع ۾ ڳوٺ حاجي محمد لقمان شر ۾
استاد امير علي شر جي گهر ٿيو. ابتدائي تعليم ڳوٺ حاجي محمد لقمان شر جي پرائمري
اسڪول مان پرايائين. ان کان پوءِ ۱۹۸۹ع ۾
هاءِ اسڪول ٺري ميرواھ مان ميٽرڪ پاس ڪيائين ۽ ۱۹۹۱ع ۾ ڊگري ڪاليج ٺري ميرواھ مان انٽر پاس ڪري ۱۹۹۲ ۾ پرائمري استاد ٿيو، سرڪاري ملازمت دؤران ئي۱۹۹۹ع ۾ دوڙ ۾ HST مقرر ٿيو. ھي
اتي ٻه سال رهيو. ان کانپوءِ ۲۰۰۰ ۾ بدلي
ٿي مڊل اسڪول مولا بخش شر ۾ مقرر ٿيو. اتي هو ۷ سالن تائين نهايت ئي ذميداريءَ سان ڊيو ٽي انجام ڏيندو رهيو. اتان بدلي ٿي
مڊل اسڪول حسين بخش دشتي ۲۰۱۳ ع ۾
هيڊ ماستر جي جاءِ تي تقرري ٿيس جٿي آخر تائين رهيو.
استاد مصطفيٰ حسين پنهنجي ٽيچنگ
اسٽاف سان بهترين نموني سان ۽ دوستاڻي طريقي سان گڏ رهيو.
استاد ڪيترن ئي شاگردن کي علم
جهڙي زيور سان پڻ نوازيو، ھو ھڪ بھترين معلم ۽ مربي ھجڻ سان گڏوگڏ بھترين مشاور به
ھيو. استاد مصطفيٰ حسين نهايت ئي بااخلاق ديندار ۽ سنجيده گفتگو ڪندڙ هيو. پاڻ جڏهن
ڪنهن ڪچهريءَ ۾ ويهندا هئا، ته پنھنجي عقلي، علمي ۽ ادبي لفظن جا موتي ورھائي ڪچھريءَ
جون رونقون وڌائيندو ھيو، ڪچهري ۾ ويٺل ماڻهو سندس ساراهه ڪندا هئا. چوندا آهن ته
انسان سدائين نه ٿو زندھ رهي پر ان جو سٺو ڪردار ۽ افعال هميشه زندھ رهي ٿو. استاد
مصطفيٰ حسين پيغمبري پيشي سان لاڳاپيل منفرد سڃاڻپ جو مالڪ هيو، هن جي مزاج ۾
فقيري هئي ۽ دل ۾ شفقت جو خزانو موجود هيو. ان سان گڏ ان وٽ دوران گفتگو هڪ نهايت
کل مک تاثر هوندو هيس. جيڪا به ڳالھ ڪندا هيا ته اڳلو کلندو ضرور هيو، توڙي جو ڪيترو
به ڪاوڙيل ڪير ڇو نه هجي. ان جون ڪيئي خوش مزاج ڳالهيون ياد آھن. سندس زندگي مختصر
پر جلال جمال، اعليٰ فڪري ڪمال ۽ خوشين جي خزانن سان مزين هئي، هو هڪ معتبر ماڻھو
هيو، اٿڻ ويهڻ ۾ سماجي اصولن جو پابند هيو، پاڻ صبر ۽ بردباريءَ جو مظاهرو ڪندو هو،
ڪوئي شخص اگر ھن کي برو ڀلو به چئي وڃي تڏهن به کيس صبر ۽ حوصلي سان، ان جي بد ڪلامي
کي ھڪ ڪن کان ٻڌي ٻئي ڪن مان ڪڍي ڇڏيندو هيو، استاد جي ڪفايت شعاري سندس اعلي
اصولن ۾ شامل هئي، هو اسان لاءِ هڪ مهان انسان آھي، دعا آھي ته سندس آخري آرامگاھ
جنت جو باغ هجي.
استاد مصطفيٰ حسين، جا ڳڻ ان
جون ڀليون ڳالهيون ۽ ان جون محبتون اڃان به ڳائجن ٿيون، غريبن جو همدرد ۽ غريب
دوست انسان ھيو، سندس جي زندگيءَ ۾ ڪنھن کي خبر نه ھئي، پر مرڻ کان پوءِ ته جي
لاءِ ھڪ شخص کي ڏاڍو روئيندي ڏٺوسين، ان حوال ڏيندي چيو ته مون سان ھر وقت ھمدرد
رھيو ۽ ان غريب شخص چيو ته ھر مصيبت ۽ ڏکئي وقت ۾ منھنجي مدد ڪئي، اسان پنهنجي
زندگيءَ ۾ استاد مصطفيٰ حسين کي ڪڏهن به ڪاوڙ يا غصو ڪندي نه ڏٺو هُو. سدائين چهرو
گلاب جي گل وانگر مهڪندڙ ۽ ٻهڪندڙ هوندو هو، ۽ پاڻ هميشه سادي زندگي گذاريدڙ انسان
هو، محنت ڪندڙ ۽ جفاڪش انسان ھيو. ڪڏهن بہ ڪنهن سان ڦڏو يا فساد نه ڪيو هر ڪنهن
سان عاجزي سان ملندڙ جلندڙ انسان ھيو. تاريخ کان به استاد مصطفيٰ حسين تمام گهڻو
واقف هيو. خاص طور تي اسلام جي تاريخ، مخصوص ڪربلا جي تاريخ تي ته استاد کي عبور
هوندو هيو. زندگيءَ جا آخري ڏينهن ۾ مڊل اسڪول حسين بخش دشتي ۾ ۲۰۲۱ آگسٽ جي مهيني ۾ ۱۹ گريڊ مان
گزيٽيڊ ۱۷ گريڊ ۾ هيڊ ماستر طور پروموشن ٿيو.
پر افسوس!!، هن معتبر انسان ۴۶ سالن
جي عمر ۾ ٺري ميرواھ سول اسپتال ۾ ۱۹ سيپٽمبر
۲۰۲۱ ۾ داعي اجل کي لبيڪ چئي فنا
کان بقا ڏانهن انتقال ڪيو. زندگي جي آخري حسرت ذڪر آل محمد هئي.
(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲ مارچ ۲۰۲۳ع تي ۽ ڏھاڙي شاهين سنڌ ۾ ۵ مارچ ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا