; سنڌي شخصيتون: رضيه سهتو

23 February, 2023

رضيه سهتو

رضيه سهتو

ٽنڊو محمد خان جي آپا، اُتساهه جو پيڪر

ولي ناريجو



اهي ماڻهو ڪيڏا نه عظيم هوندا آهن جيڪي پورهيت جي مٽيءَ ڀريل هٿن ۾ ڪائنات جو حسن ڳولي ٿا لهن. ٿوري پيار ۽ همدردي جي عيوض ڪنهن ڏکايل جي اکين مان خوشي ۽ شڪراني ۾ وهي آيل ڳوڙهن ۾ انڊلٺ جا ست ئي رنگ ڏسي ٿا وٺن ۽ پوءِ ان کي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد بڻائي ٿا ڇڏين.


آپا رضيه سهتو پڻ انهن بي بها ماڻهن منجهان هڪ آهي جنهن ٻالڪپڻي کان وٺي پنهنجي سموري ڄمار يتيم ٻارڙن، معذورن ۽ گلن جهڙن ٻارڙن کي اهي بي رحم جوڙا جيڪي پنهنجي حوس جي خاطر پيدا ڪري ڪچري جي ڍير تي يا ڪنهن گٽر جي ڀر ۾ اڇلائي وڃن ٿا. آپا رضيه سهتو انهن بي سهارا ٻارڙن کي پنهنجي سيني سان لڳائي پيار ڪري ٿي . آپا رضيه سهتو پنهنجي امڙ جي نقش قدم تي هلندي ان کي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد بڻايو آهي. ڇوته آپا جي امڙ پڻ هڪ سماجي ڪارڪن طور سموري زندگي انهن لاچار، يتيم ۽ بي سهارا ٻارڙن جي پرورش ڪندي گذاري ڇڏي هئي. آپا رضيه جي امڙ جي وڇوڙي کان پوءِ اهو عظيم ڪم هن پنهنجي ذمي کنيو ۽ وڏي خوش اسلوبيءَ سان سرانجام ڏئي رهي آهي.

آپا رضيه سهتو هڪ پڙهيل لکيل سنڌي ناري آھي، ٽنڊو محمد خان جي هڪڙي ننڍڙي پير محلي ۾ رهي ٿي. هن پنهنجي زندگيءَ جي سمورن خوابن، خواهشن ۽ امنگن کي هنن ٻارن جي خدمت ۽ پرورش لاءِ وقف ڪري ڇڏيو آهي. هن نوجوان ناري آپا رضيه سهتو جو هڪ نوجوان سان پيار جو مڱڻو ٿيل هو. پر مڱيندي کيس اهو چيو ته جيڪڏھن مون سان شادي ڪرڻ چاهي ٿي ته پوءِ هن کي انهن يتيم ٻارن کي ڇڏڻو پوندو پر آپا رضيه سهتو هڪ تاريخ جو لازوال ڪردار بڻجڻ پئي چاهيو. هن ڪنهن مرد جي ڪنوار بڻجڻ بجاءِ پنهنجي زندگيءَ جي خوشين کي قربان ڪري ڇڏيو ۽ يتيم ٻارن سان پيار جو پيچ پاتو ۽ شادي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

آپا رضيه سهتو هن وقت ٽنڊو محمد خان شهر جي هڪ سوڙهي گهٽي ۾ ٺهيل ٻن ڪمرن جي گهر ۾ پنجويھن يتيم، بي سهارا، مظلوم ۽ مسڪين ٻارن سميت ٻن بيوه عورتن جي پنهنجي مدد پاڻ تحت پروروش ۽ تربيت ڪري رهي آهي. انهن ٻارن جي کاڌ خوراڪ ۽ پڙهائيءَ جو سمورو خرچ پاڻ برداشت ڪري ٿي. وڏي عرصي کان آپا رضيه سهتو هي ننڍڙو ادارو هلائي رهي آهي جنهن جي حڪومت سطح تي ڪنهن به قسم جي مدد اڄ تائين نه ڪئي وئي آهي جيڪا ڪنهن به ملڪ جي حڪومت جي اولين ذميواري پڻ آهي پر ڇا ڪجي اسان هڪ اهڙي معاشري ۾ رهڻ تي مجبور آهيون جيڪو حيوانيت جو ڏيک ڏيندڙ آهي هونئن به ڏٺو وڃي ته ايشيا ۽ مغرب جي تهذيبن ۾ اهوئي ته فرق آهي ته اولهه ۾ انسان کي زنده رهڻ جو بنيادي حق حاصل آهي ۽ اسان وٽ هر نئين پيدا ٿيندڙ ٻار کان به اهو حق کسيو وڃي ٿو . جيڪو انساني درجي کان ڪريل هڪ حيواني عمل آهي. دراصل ان کي ڪنهن طور به انساني معاشرو ئي نٿو چئي سگهجي .جتي ذهن ۽ زبانون ۽ عمل ڪريل، ڳيجهون ۽ نست بڻيل آهن ۽ عمل حيوانيت جو ڏيک ڏيندڙ آهن . انهن ٻارن جن کي پيدا ڪري ڪچري يا گٽر جي نالي ۾ اڇلايو وڃي ته ڇا اهو چئي سگهجي ٿو ته اسان انساني معاشري ۾ رهون ٿا؟ ۱۰ ڊسمبر ۱۹۴۸ع تي گڏيل قومن جي انساني حقن واري عالمي پڌرنامي جي ۲۵ هين فقري ۾ لکيل آهي ته "دنيا جو هر ٻار احترام لائق آهي ڀلي اهو شاديءَ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيو هجي يا نه” پر ان تي دنيا جا چند ملڪ عمل نه ڪندا آهن ، انهن ۾ اسان جو ملڪ پڻ شامل آهي.

پر سنڌ هن عظيم دورانديش ناري آپا رضيه سهتو انساني حقن واري ان عالمي پڌرنامي تي عمل ڪري ڏيکاريو آهي. مان سمجهان ٿو سنڌ جي موجوده تاريخ جو آپا رضيه سهتو ايڏو وڏو عظيم ڪردار آهي جنهن پنهنجي نوجواني جا پنهنجا سمورا حسين خواب، ۽ خوشيون پنهنجي عظيم مقصد لاءِ ارپي ڇڏيون آهن.. اڄ مان پنهنجي اداري عوامي آواز ميڊيا گروپ جي اسائينمينٽ کان پوءِ گمبٽ کان ٽنڊو محمد خان ۾ ان ڪردار سان ملڻ ويس ته مون کي پنهنجي زندگيءَ جي سموري جدوجهد دوران ڄڻ هڪ نئون اتساھ مليو ، نوان خيال ۽ نوان جذبا دل ۽ دماغ ۾ اڀري آيا هئا ، مون ڪلھه ٿيل ملاقات دوران سندس ان بامقصد زندگيءَ گذارڻ بابت اڌ ڪلاڪ جو انٽرويو پڻ ڪيو ۽ ساروڻيون ريڪارڊ ڪيون، ان انٽرويو دوران هوءَ مون کي مردن جي هن معاشري ۾ هڪ وڏي باهمت ۽ عظيم عورت جي روپ ۾ نظر آئي، مان هن جي وجود اڳيان پاڻ کي ڏاڍو ننڍڙو محسوس ڪري رهيو هيس. اسان آپا رضيه سهتو جي ان بامقصد عظيم ڪم لاءِ جيترو به ڪيون اهو انتهائي گهٽ آهي پر يتيم ٻارن لاءِ اسان نذراني طور هڪ صرف هڪ لک روپيا خرچي طور ڏنا. باقي وڌيڪ ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته عالمي ادارن جي سهڪار سان آپا رضيه سهتو جي يتيم ٻارن لاءِ ٽنڊو محمد خان ۾ زمين جو هڪ ٽڪرو وٺي نئون ادارو ٺاهي ڏيون . جنهن تي انشاءَ الله جلد ڪم شروع ڪيو ويندو.

بھرحال آپا رضيه سهتو پنهنجي هن ننڍڙي وهيءَ ۾ زندگيءَ ۾ وڏو ڪم ڪري ڏيکاريو آهي جنهن تي مان کيس جس ڏيان ٿو ۽ سلام پيش ڪيان ٿو .آخر ۾ مان سرندي وارن کي پڻ اپيل ڪندس ته ته هو سنڌ جي هن عظيم عورت سان هر ممڪن سهڪار ڪرڻ لاءِ اڳتي اچن ۽ هنن مظلوم ۽ محڪوم يتيم ٻارن جي لاءِ مدد ڪن، ته جيئن اهڙن ٻارن جي پرورش ۽ پالنا ڪري کين سٺو شهري بڻائي سگهون. مان اها به دعويٰ ڪيان ٿو ته جيڪڏهن ڪراچيءَ ۾ ڪو عبدالستار ايڌي پيدا ٿي ايڏو وڏو ڪم ڪري سگهي ٿو ته سنڌ جي هيءَ عظيم ناري آپا رضيه سهتو ڪنهن به لحاظ کان ايڌي ۽ ٻين کان گهٽ ناهي پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن سنڌي ناري آپا رضيه سهتو جي اسان هر ممڪن مدد ڪري ڏيکاريون.


(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۹ فيبروري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


No comments:

راءِ ڏيندا