رضيه سهتو
ٽنڊو محمد خان جي آپا،
اُتساهه جو پيڪر
ولي ناريجو
اهي ماڻهو ڪيڏا نه عظيم هوندا
آهن جيڪي پورهيت جي مٽيءَ ڀريل هٿن ۾ ڪائنات جو حسن ڳولي ٿا لهن. ٿوري پيار ۽
همدردي جي عيوض ڪنهن ڏکايل جي اکين مان خوشي ۽ شڪراني ۾ وهي آيل ڳوڙهن ۾ انڊلٺ جا
ست ئي رنگ ڏسي ٿا وٺن ۽ پوءِ ان کي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد بڻائي ٿا ڇڏين.