مامو عارب ڪيڙانو
مظلوم دوست وڇڙي ويو!
ديال صحرائي
پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتي تي رهندڙ ماڻهن
جي پاسي ٿي ڳالهائڻ وارو ماڻهو، وطن دوست سياسي ڪارڪنن کي وڻندو آهي، پنهنجو لڳندو
آهي، انهي سان جيڪو شعوري رشتو جڙندو آهي، انهي جو ته ڪو جواب ڪونهي! تڏهن ئي ته
استاد چيو آهي ته، “باشعور ۽ باضمير ماڻهن جا رشتا رت جي رشتن کان وڌيڪ هوندا آهن!”
سنڌ جي مزاحمتي انقلابي ڪاروان جي ماڻهن جي پنهنجائپ، باهمي دوستي، هڪڙي خاندان وانگر
گڏجي هلڻ وارو ڪلچر بي پناهه وڻندڙ رهيو آهي! گهر جي ڀاتي وانگر پنهنجي ساٿين کي گڏ
کڻي هلڻ، انهن جي براين تي ضروري اصلاحي تنقيد ڪرڻ، انهن جي سُٺاين کي ساراهڻ، پنهنجي
رهبر کان پلئه پِيَل ماڻهو تراشڻ واري ڪِرت ڪمال آهي! لطيف سائين جو بيت انهن ئي ڪردارن
جي ڄڻ ته وصف ٿو بيان ڪري ته،
هڻڻ، هڪلڻ، ٻيلي سارڻ، مانجهائين
مرڪ،
وجهن تان نه فرق، رُڪ وهندي
راند ۾...!
انهن ڪردارن جي ئي مالا ۾ پرويل
ڪي اهڙا ماڻھو سلڇڻا پٽ به سنڌ ڄڻيا جن پنھنجي جنم جو ھڪ ھڪ ڏڻ صرف ڌرتي ۽ ڌرتي
وارن لاءِ سجايو ڪري ملھايو آھي.!انھن ماڻھن سنڌ جي وطن دوست ڪاروان کي چيچ ۾ جھلي
ھلڻ سيکاريو. انھن کي اسين مامو چوندا آھيون ته سڳن مامن جھڙي رشتي جو ساءُ ملندو
آھي. انھن جو لڳايل ضابطو ۽ تنقيدي پڇاڻو، بروقت ته ڏکيو لڳندو آهي پر پوءِ جڏهن
سوچيندا آهيون تڏهن پنهنجي پيءُ جي ڏنل دڙڪي ۽ نصيحت جي اڻوسار ڪندو آھي انھن ڪردارن
سنڌياڻين کي پنھنجي سڳين ڌيئرن وانگي پاليو ۽ تربيت ڪئي. استاد وڏي جي صحبت انھن
جي شخصيت کي ايترو ته نکاريو، جو اھي سڄي سنڌ جا محبوب ڏوڪرا رھيا. تن ٿورڙن ماڻهن
مان هڪ گل حسن ڪيڙانو عرف ماما عارب ڪيڙانو، جيڪو سڄي زندگي عوامي تحريڪ، محترم
رسول بخش پليجي صاحب جو ساٿي رهيو. اسان کان جسماني طور وڇڙي ويو آهي، انهي ڏکاري
گهڙي ۾ اسين سندس چاهيندڙن سان گهري ڏک جو اظهار ڪيون ٿا!
ماما عارب ڪيڙانو هڪ متحرڪ
سياسي اڳواڻ هو، سنڌ جي هارين جي جدوجهد ۾ هن جو ڪردار نمايان رهيو. پنهنجي نظريي،
تنظيم، ۽ ضابطي سان نڀائڻ جو هڪ وڏو مثال آهي. هو بظاهر اوڍ ويس جي حساب سان صفا
سادو ماڻهو هو. انهن جي وڏي سڃاڻپ انهن جو ڪردار ئي آهي! هُو سنڌ ۾ سدائين ڊگها
دورا ڪندڙ سياسي اڳواڻ ۽ ڪارڪن هو. هو مزاحمتي انقلابي جدوجهدن جي ڊگهين وارتائن
جو وينجهار هو. هو تقريبن ساٺيڪو سالن جي سياسي تاريخ جو اکين ڏٺو شاهد ۽ حافظ هو.
سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ، شهر شهر ۾ هن جي پيرن جا نشان آهن! هر ڪارڪن کي پنهنجي اولاد
وانگي ڀائيندو هو. هُن ڪڏهن فرمائش نه ڪئي ته مونکي اسٽيج تي ويهاريو، مونکي سُٺي ڪُرسي
ڏيو. آخري ۾ جسماني طور ڪمزور هوندي به هو لانگ مارچن جو پانڌيئڙو رهيو. هو جلسن ۾
هلندڙ ايڪو سائونڊ وارين مزدائن جي ڊالي ۾ ويٺو هوندو هو. ماما وٽ ڪچهري ۾ مزاح ڪمال
جو هو. مذاق مذاق ۾ خطرناڪ تنقيد به ڪري ويندو هو. هن سنڌ جهڙي عورت کي غلام رکندڙ
سماج ۾ پنهنجي اولاد کي بهترين تعليم ڏياري ۽ وڏي ڳالهه ته پنهنجون نياڻيون پڙهايون.
هڪ دفعي دڙي واري پاسي ڪو ڌرڻو هو هتان واپس ئي آياسين، شهزور جي ڊالي ۾ ويٺا
هئاسين. مونکي پنهنجي مخصوص انداز ۾ چيائين ته گيت ٻڌاءِ، مون ڳايو پوءِ پاڻ
جهونگاريائين ته سر پڪا پئي لڳا، مون چيو مان راڳ به سکيا آهيو تڏهن ٽهڪ ڏيئي
چيائين استاد وڏو اسان کي ڪچهرين ۾ ڳارائيندو هو، لکڻ، پڙهڻ، ڳالهائڻ ۽ ڪڏهن ضابطي
تحت هر ڪنهن کي ڳائڻ پڻ ايئن سيکاريندو هو جيئن ننڍڙي ٻار کي پاڻ ٻنهي هٿن ۾ کڻي ٻولي
سيکاريندا آهيون!
وڏن وڏن اتحادن ۾ استاد پليجي
صاحب سان گڏ سرگرم رهيو. هو تمام وڏو خوشنصيب پڻ هو جوسنڌ جي بهترين اڳواڻن جي
صحبت ملي، سندس شادي تي رسول بخش پليجو صاحب، عروج واري زماني ۾ پنهنجي خوبصورت مرڪ
ساڻ اسٽيج تي ڀاڪر پائي ويٺو. انهن اڳواڻن جون ڪينجهر تي نڪتل تصويرون ڏسون ٿا من
چاهي ٿو ته ڪاش اسين انهي لمحي ساڻ هجون ها! اسين پنهجو پاڻ کي خوش نصيب سمجهون ٿا
جو دير سان ئي صحيح پر انهي ڪاروان جو حصو بڻياسين ۽ انهن ماڻهن سان ڊگهيون ڪچهريون
ٿيون ۽ گڏجي سياست ڪرڻ جام ڪجهه سکڻ جو موقعو مليو!
هن وقت جڏهن سنڌ عالمي سامراج ۽
هن خطي جي قابض قوتن جي خطرناڪ سازشن جي گهيري ۾ آهي، جڏهن سنڌ کي هڪ وڏي مزاحمت
جي ضرورت آهي، هڪ ويڙهه جي ضرورت آهي جيڪا هن قوم جي وجود کي بچائي سگهي، مسڪين
مظلوم طبقن کي جيئندان ڏيئي سگهي، انهي جدوجهد کي منظم ڪرڻ وارن اهڙن متحرڪ ۽
انقلابي آوِي مان پچي راس ٿيل ڪردارن جو وڇوڙو سنڌ جو هڪ وڏو نقصان آهي! اسين ماما
عارب ڪيڙاني کي سُرخ سلام پيش ڪيون ٿا!
(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۴ فيبروري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا