; سنڌي شخصيتون: ڪامريڊ وزير لاکو

23 February, 2023

ڪامريڊ وزير لاکو

ڪامريڊ وزير لاکو

حر فقير

عبداش پنهور



ڇا ته مڻيادار ملوڪ ماڻهو هو. پنهنجي يگاني ڪردار ۾ صفا ديوانو، پروانو ۽ من مستانو! اڀرن جو هر دور ۾ ڀرجهلو ۽ سڀرن کي پنهنجي ڏيا سان جنهن انوکي انداز ۾ دليل ڏيندو هو ته تکي کان تکي ڪاوڙ به قرب جي قيدي ٿي ٿڌي ٿي پوندي هئي، جڏهن بنا دير جي انهيءَ دليل دوران اک هڻي پنهنجي چهري تي مُرڪ آڻي ڇڏيندو هو. سندس دل درياھ هئي پر ڪڏهن ڪڏهن درياھ به بند ٽوڙي ملڪ ٻوڙي وجهندو آهي. اڄ سنگتين ساٿين جي اکين مان نڪرندڙ لُڙڪ اهو منظر لوڪ نروار ڪري رهيا هئا. جيڪڏهن هو ديوانو هو ته پنهنجي ديس جي ماڻهن جو ۽ جي اهو پروانو رهيو ته ڌرتي لوڪ جي اهنجن کي هن پنهنجو ڪيو هو ۽ پوءِ پچان، پڄران. لُڇان ۽ لوچان واري فڪر جو هي فقير هو ۽ سندس مستانو من بس تنهن تنوار ۾ سنگتين ساٿين وچ ۾ ڪڙڪ جملو ۽ وڏو ٽهڪ هاڻ هڪ تاريخ بڻجي ويو. اهو ارڏو ڪردار جيڪو تاريخ ۾ ڪڏهن مرڻو ناهي، هڪ ڀيري هُن هڪ ڌرتيءَ جي آدرشي شاعر کان سوال ڪيو ته توهان سنڌ جا وڏا شاعر آهيو، ڪڏهن پير سائينءَ پاڳاري سان مليا آهيو؟ ان سوال جنهن شخص کان ڪيو ويو، تنهن چيو زندگيءَ ۾ موقعو ئي نه مليو آهي. اوهان ڪنگري هائوس تي وڃو، پنهنجي نالي جي پرچي اندر موڪليو، توهان کي موقعو ملي ويندو ۽ پوءِ اهو شخص ڪنگري هائوس ويو. وقت جي پير سائينءَ پاڳاري سان هُن جي ڪيڏي ڪچهري ٿي، جنهن ڪچهري دوران گرين ٽي جا دور هليا ۽ جڏهن مانيءَ جو وقت ٿيو، تڏهن حر جماعت جي ماني شيڊول مطابق لڳ ڀڳ شام جا ۴ وڳا ته وقت جي پير سائينءَ پاڳاري چيو تنهنجي ماني اتي تيار آهي، جتان توهان کي موڪليو ويو آهي. وقت جي پير سائينءَ پاڳاري سان اها پهرين تاريخي ملاقات جنهن شخص ڪئي تنهن جو نالو سنڌ جو مهان شاعر استاد بخاري آهي ۽ هن ڪچهريءَ جو سبب، سوال ڪندڙ اهو شخص آهي، جنهن جو نالو حر فقير ڪامريڊ وزير لاکو آهي.


سال ۱۹۹۰ع جي ڏهاڪي ۾ پير صبغت الله شاھ راشدي، ڄام صادق علي جي ڪابينا ۾ جڏهن وزير هو، تڏهن حر فقير ڪامريڊ وزير لاکو ان جو او ايس ڊي هو. اها به مون کي ذاتي طور خبر آهي ته تنهن ساڳئي دور ۾ جيڪڏهن استاد بخاريءَ جو لنڊن ۾ علاج سرڪاري سطح تي ٿيو يا ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جو برين هيمريج واقعو هجي ۽ تنهن جو علاج ڏيساور ۾ ٿيو، انهن ٻنهي دفتري دستاويزن جي رفتار کي سرڪاري طور تکو ڪرڻ هن مهان ماڻهوءَ جو ڪردار هو. ڇو ته هڪ سرڪاري وزارتي قلمدان جي ويجهو هئڻ سان گڏ هي استاد بخاري ۽ ڪامريڊ ڄام ساقي ٻنهي سان محبت ڪندڙ رهيو آهي، جنهن جي پيار جي جهلڪ کان ڪنگري هائوس پڻ باخبر هو. تيهان اڳ ياد ٿو اچي ۱۹۸۶ع ۾ لبيا جي صدر ڪرنل معمر قذافيءَ تي آمريڪا قاتلاڻو حملو ڪيو، جنهن ۾ قذافيءَ جي نياڻي شهيد ٿي وئي هئي، ٻين جي وات ۾ ته مڱ هئا پر ڊي ايس ايف سنڌ جي صدر ڪامريڊ علي حسن چانڊيو جي اڳواڻي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ بينچ حيدرآباد جي اڱڻ آڏو آمريڪا مخالف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. سڀ ٽڙي پکڙي ويا هئاسين. ضياءُ الحق جي مارشل لا هئي. وزير لاکو ان جلوس جو اهم سبب هو. ڇاڪاڻ جو پلي ڪارڊ ۽ بينر هن وٽ هئا. اها ان سان پهرين ملاقات هئي. ٻي ملاقات تعليمي بجيٽ ۵ سيڪڙو وڌايو واري مطالبي تي ڊي ايس ايف پاران حيدر چوڪ حيدرآباد ۾ بک هڙتال ڪئي، انهن ڏينهن ۾ ٿي هئي. هي يارن جو يار هو، دوستن ۽ سنگتين ساٿين جو ڀرجهلو ۽ ڪيترن ئي دوستن جو فيملي ميمبر هو. کرو ڳالهائڻ، ڳرو لهجو، ڪو ڪاوڙجي پوي ته جواب ۾ هو مرڪي پوي، اهو انداز هو وزير لاکي جو.

سنڌ جي مزاحمتي ضلعي سانگهڙ ۾ ڌڻي بخش ڳوٺ جي هاري علي محمد لاکي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ وزير لاکو پنهنجي ڀائرن ۾ وڏو ڀاءُ هو. ڪچهري ڪندي هن پنهنجي شروعاتي زندگي هڪ ڀيرو ٻڌائي هئي ته پنجون درجو پاس ڪرڻ کانپوءِ پيءُ کيس وڌيڪ پڙهائڻ نه ٿي چاهيو ۽ هي ڳوٺان ڪاوڙجي حيدرآباد پهتو ۽ هن خواهش ظاهر ڪئي ته مان پڙهندس. هن رڳو اها خواهش ظاهر ڪئي ته نه رڳو مان پڙهندس پر منهنجا سڀئي ڀائر پڙهندا. علي محمد لاکو جا پٽ هاري نه ٿيندا. چاچا علي محمد لاکو سان پڻ منهنجون ملاقاتون ٿيون. هي ٻئي پيءُ ۽ پٽ هڪ ٻئي جا عاشق ۽ معشوق رهيا. پوءِ ٿيو به ائين، وزير لاکو پڙهيو، ايم ايس ايف شاگرد تنظيم ۾ شامل ٿيو. سندس تمام ويجهو ساٿي بچل لغاري رهيو. ڇو ته ٻنهي جا وڏڙا حر جماعت سان لاڳاپيل هئا. بچل جمالي ڪراچيءَ ۾ جهونو صحافي آهي. وزير لاکي حيدرآباد ۾ مزدوري ڪئي ۽ پڙهيو. هن پنهنجا ڀائر سرجن ڊاڪٽر محمد حسن لاکو جيڪو برطانيا جي رائل ميڊيڪل يونيورسٽيءَ ۾ پڻ رهيو آهي ۽ هاڻي اتان رٽائر ٿي ڪري گذريل ڪجھ سالن کان واپس پنهنجي وطن موٽي آيو آهي، سندس ٻيو ڀاءُ آبپاشي جو آفيسر ڀائي خان لاکو آهي، جيڪو ڏيڍ سال اڳ لاڏاڻو ڪري ويو آهي. ٽيون ڀاءُ انجنيئر عبدالخالق ۽ چوٿون ڀاءُ محمد اشرف پڻ گريجوئيٽ آهي. وزير لاکو تعليم دوست شخصيت هو، هي هر نوجوان کي لفظ گوريلو سڏيندو هو ۽ پوءِ مٿان جملو چوندو هو، گوريلا تو کي پڙهڻو آهي، توکي پنهنجي قوم لاءِ قلم جي طاقت ڏيکارڻي آهي. حيدرآباد جي هنج ۾ پريس ڪلب جي ڀرسان هن جو گهر آهي ۽ هي پريس ڪلب جي ڦٽ پاٿ آڏو پنهنجن مطالبن لاءِ علامتي بک هڙتالون ڪندڙ مسڪين ماڻهن جو ڀرجهلو رهندو هو. ڪجھ نه ڏئي سگهندو هو تڏهن به لفظن جو حوصلو ۽ پاڻيءَ جو جڳ انهن کي ضرور ڏيندو هو. هن جي اندر ۾ مزاحمت هئي، ان مزاحمت جو هڪ سبب سندس شهيد مامو آهي، جيڪو ڀٽو دور ۾ سانگهڙ واقعي جي ۶ حر شهيدن مان هو. حر جماعت سان ويجهو هوندي هي ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جي ساٿين سان شامل ٿي ويو هو. ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جڏهن جيل مان ڊگهو قيد ڪاٽي ضياءُ الحق جي زماني ۾ آزاد ٿيو ته ان سڄي سنڌ جا دورا ڪيا. ماضيءَ جون تصويرون ٻڌائين ٿيون ته ڄام ساقيءَ جي قافلي ۾ سندس محافظ طور هٿياربند شخص وزير لاکو رهيو هو، جنهن سڄي پاڪستان ۾ ڄام ساقيءَ سان گڏ دورو ڪيو هو. ڪامريڊ ڄام ساقي ۽ شاھ مردان شاھ وقت جي پير سائين پاڳارو جا به پاڻ ۾ ويجها لاڳاپا هئا ۽ ڪامريڊ وزير لاکو ان سنگم مان به پاڻ کي مضبوط ڪيو.

انساني حقن جي پرچار ۽ جاکوڙي اڳواڻ امداد چانڊيو سان پڻ تمام گهڻو ويجهو رهيو ۽ هي ٻئي هڪ ٻئي جي سک جا ساٿي رهيا هئا. ڪامريڊ وزير لاکو حر جماعت جي اندر وقت جي پير سائين پاڳاري جي تمام ويجهو رهڻ جي باوجود هن سنڌ پرستن جي سفر ۽ جدوجهد کان پاڻ کي پري نه ڪيو. هن گهراڻي جي محبت جو مرڪز وقت جو پير سائين پاڳارو آهي. خاص ڪري شاھ مردان شاھ ڇٽ ڌڻي ۽ پير صبغت الله شاھ راشدي پير سائين پاڳاري جي هي تمام ويجهو رهيو، ان ڪري حر جماعت جي اندر هن جي ڌار سڃاڻپ سدائين قائم ۽ دائم رهي. سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر محمد راشد شاھ راشدي ڪنگري تعلقي ۾ جيڪي به سماجي ڀلائيءَ جا ڪم شروع ڪيا، اها انساني خدمت وزير لاکي جي گڏيل صلاح جو ثمر آهن. حر فقير ڪامريڊ وزير لاکو هيڻن لاءِ حوصلو هو. هڪ واقعو ياد ٿو اچي ته جڏهن ۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۷ع تي محترمه بينظير ڀٽو شهيد ٿي، ڪراچيءَ سميت سڄي ملڪ ۾ جيڪو ردعمل برپا ٿيو، هي پنهنجي آفيس کان منهنجي ڪراچي واري آفيس آيو، ٻاهر حالتون خراب هيون، ۳ ڏينهن اسان هڪڙي ئي هنڌ رفيق سينٽر تائين محدود ٿي وياسين. شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت جي سانحي منهنجي اندر ۾ وڏي رنج جي رڙ پيدا ڪئي ۽ ڏک جي ان گهڙيءَ ۾ ڪامريڊ وزير لاکو لڳاتار حوصلا ڏيندو رهيو. حر فقير ڪامريڊ وزير لاکو سنڌ جي تاريخ جو اهو ڪردار آهي، جنهن جي شخصيت ڪيترن ئي ڪردارن جي آس پاس ڌار ڌار انداز ۾ وصفون ۽ تشريح رکي ٿي. هن هڪ ڀيري ٻڌايو ته شهيد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي پهرين ورسيءَ جي موقعي تي اسان ڪامريڊ هئاسين جن وڃي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ پهچي ورسي ملهائي. پ پ جو ڪو به ماڻهو نه هو. هن اهو پنهنجو تاريخ ساز فوٽو هڪ ڀيري مون کي ڏنو هو، جنهن ۾ ۱۵ کان ۲۰ ڪارڪن بشمول وزير لاکو ذوالفقار علي ڀٽو جي پهرين ورسيءَ جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ۾ پهتل هئا. اها تصوير ۲۰ مئي ۲۰۱۸ع تي منهنجي ڳوٺ کي جيڪا باھ لڳي، ان ۾ لائبرري شهيد ٿي، جنهن ۾ آڊيو، وڊيو ۽ ٻيون تصويرون شهيد ٿي ويون، ان واقعي ۾ تاريخ بڻجي وئي.

سرگرم ۽ باعمل انسان پنهنجي ڪردار جي صورت ۾ زنده رهندو آهي. اهو واقعو به حر جماعت بابت چٽو ڪري ٻڌايو ته جڏهن وقت جو وزيراعظم شوڪت عزيز ڪالاباغ ڊيم بابت وقت جي پير صاحب پاڳاري سان مليو، تڏهن صرف منهنجي رپورٽ ڪيل خبر ۽ تنهن ڏينهن جي مشهور مضمون “سگار جو ڪش ڪالاباغ ڊيم جو حامي ناهي” کي ڪنگري هائوس مڃتا ڏيندي پنهنجو موقف قرار ڏنو هو. وسارڻ نه کپي ته ڪراچيءَ جي صحافين منهنجي فائل ٿيل خبر ۽ مضمون تي ضرور چٿرون به ڪيون پر مون کي خبر جي صداقت تائين اهڙين چٿرن جي ڪڏهن پرواھ به ناهي رهي. ڇو ته هر هڪ خبر جا کوڙ سارا پاسا هوندا آهن.

هُن جو وڇوڙو اسان سمورن ساٿين لاءِ تمام وڏو صدمو آهي. جاکوڙ ۽ جدوجهد تي ويساھ رکندڙ حر فقير ڪامريڊ وزير لاکو پنهنجي ڪردار جي صورت ۾ زنده رهندو. ڇو ته ڪردار ڪڏهن مرندو ناهي. ارپنا اها آهي جيئن تاجل بيوس چيو آهي ته “ڪڏهن تُرندو هئين ته تون گلابن ۾.”

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۳ فيبروري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


 

ڪامريڊ وزير لاکو

ماضيءَ جي قافلي جو وڇڙي ويل ساٿي

حميده گهانگهرو

انسان جي تاريخ ظاهر ٿي ڪري ته جڏهن وحشي جبلتن جي دائري مان نڪري شعور جي منزل تي اچڻ لاءِ رشتا قدر، احساس، تقدس کي پهرئين معنيٰ خيز بڻائڻ لاءِ قومن، قبيلن، ذاتين، خاندانن جا دائرا ٺاهي انهن کي پهرئين برادريءَ جا فيصلا پوءِ سماج جي ڪميونٽي کي طاقتور ڪري تحفظ ڏيڻ پوءِ ملڪي طور قانوني ۽ آئيني شڪل ۾ تحفظ ڏيڻ ضروري سمجهيو ويو. ڪي مذهبي ڳانڍاپن ۾ جڙيل رهيا ته ڪي وري سڀني نفرتن، تضادن کي ختم ڪري انسانيت ۽ اجتماعي ضرورتن جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا. جيئن ته ڪنهن به تنظيم، يونين، سياسي ۽ سماجي پارٽي ٺاهڻ لاءِ تعليم، مطالعو ۽ سوچڻ سمجهڻ تمام ضروري هوندو آهي. انهيءَ ڪري جت رت جا رشتا ڏک، سک ۽ رسم رواجن ۾ ڳنڍيل آهن ته ڪٿي وري ذاتي رشتن رسمن کان مٿانهان ٿي هڪ ئي ڌارا ۾ سياسي، سماجي ۽ طبقاتي فرق کي مٽائي سوچ، فڪر خوشحالي ۽ انسانيت جي دائري ۾ سڀ گڏجي ڪڙيءَ کي ڪڙيءَ سان ملائي نظرياتي ساٿيءَ جي سڃاڻپ طور سڃاتا ويندا آهن.

بلڪل اهڙو ئي رشتو، پاڪستان جي ڪميونسٽ پارٽي سان سلهاڙيل شاگردن، هارين، مزدورن ۽ عورتن جو الڳ الڳ محاظ هوندي به هڪ ڌارا طور سڃاتو ويندڙ نظرياتي رشتو اڻ ٽٽندڙ رهيو آهي. ٽريڊ يونين، هاري ڪاميٽي ۽ شاگرد يونين جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن ڄڻ فردن تي ٻڌل هڪ خاندان طور رهيا. ۶۰ کان ۷۰ ۽ ۸۰ جي ڏهاڪي تائين ڪڏهن به محسوس نه ٿيو ته هيءُ تنهنجو گهر آهي هيءُ منهنجو گهر آهي. پنهنجي جدوجهد جي قافلي ۾ هلندي ڪٿي شام ٿي، ڪٿي سج اُڀريو، ڪٿي منجهند آهي، ڪنهن کي ڪنهن سان هلڻوآهي ۽ ڪٿي ٿڪ لاهڻو آهي. بس منزل جي راهين مان جنهن جو در کليل مليو ته انهيءَ آستاني تي رڪڻو آهي. نه ڪنهن کي ڪنهن کان ڪا جهجهڪ نه ئي مهمان نوازي، بس جيڪو پڪل آهي کائي ڇڏبو. ڀلي کڻي زمين تي چادر وڇائي رهڻو پوي ته ڪو طعنو يا بي عزتي ناهي.

انهيءَ خوبصورت منزل جا ساٿي ۸۰ ۾ شهيد نذير عباسي جي وڇڙي وڃڻ کانپوءِ ۹۰ ۾ ڄڻ وڇڙي ۽ وکري ويا. هي سڀ اٻاڻڪا ساٿي ڄڻ پنهنجي ساٿي شهيد نذير جي شهادت کانپوءِ وڏي حادثي جو نه رڳو شڪار ٿيا پر گهر جي ڇپرڇانو ڏيندڙ وڏي جي وڇڙي وڃڻ کانپوءِ جيئن يتيم ٿي وڃن بلڪل ايئن ٿيو، ٿيڻ ايئن نه گهرجي ها پر ڪي اندر جا وائرس هئا جن سچن، کرن، ۽ حقيقي جدوجهد ڪندڙن کي اداسيءَ جي اوڙاھ ۾ اڇلائي ڇڏيو. انهن سڀني پاڻ سنڀاليندي سوشلزم ۽ ڪميونزم جي نظر ۾ ئي، روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان جي اجتماعي نعري کي پنهنجي انفرادي سوچ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ۽ سڀني پنهنجي آکيرن ٺاهڻ جا ڪک ميڙڻ لاءِ انتهائي محنت ۽ روزگار جا رشتا ڳولهيا. پر تنهن هوندي به سندن ساھ جي تند ان نظرياتي رشتي جي مالها ۾ پويل رهي ۽ هنن هڪ ٻئي سان قدرن جا ناتا نه ٽوڙيا جنهن جي جيتري پهچ. پر ڏک، سک جا ساٿي ٿي رهڻ کي اوليت ڏني. ماضيءَ جي ڪونجن جي قطار وانگر هلندڙ هن نظرياتي پانڌيئڙن کي بکن، فاقن، جيلن جي صعوبتن، ڪوڙن جي سزائن نه ٽوڙيو پر قافلي جي وکري وڃڻ کان پوءِ به سوچ فڪر جي سمنڊ جي هر ڇوليءَ ۾ پاڻ کي جوڙي رکيو، ان جو مثال ڪيترن ساٿين جي اوچتو وڇڙي وڃڻ تي انهيءَ وقت جي گواهي، گواھ آهي. ڪيترا نالا کڻجن بشير ڀائي، شميم واسطي، ڄام ساقي، رشيد احمد شاھ، ممتاز نوراني، آپا خورشيد، آصفه رضوي، رڪن دين قاسمي، ڊاڪٽر نياز سومرو ۽ اڻ ڳڻيا بزرگ ۽ نوجوان جن جا نالا ذهن تي نٿا اچن پر وقت به وقت ياد اچڻ تي ڄڻ انهيءَ ماضيءَ جي منظر کي اکين آڏو آڻيندي ايئن محسوس ٿيندو ڄڻ ڪلھ نه اڄ جي ڳالھ آهي.

ڪامريڊ ارشد انڍڙ، شيخ اياز، ابراهيم منشي، غلام قادر ميراڻي ۽ حبيب جالب ڄڻ اڄ به ماضيءَ جو اتساھ رهيا آهن. اهڙيءَ صورت ۾ سندن وڇڙو ڪنهن ويجهي پياري مٽ مائٽ کان گهٽ ناهي. سياڻن جو چوڻ آهي ته رت جا رشتا مري ويندا آهن پر نظرياتي رشتا ڪڏهن به ناهن مرندا. جيڪڏهن ايئن هجي ها ته شاھ، سچل، سامي، ڪارل مارڪس، لينن، چي گويرا، سقراط، هيمون ڪالاڻي، حيدر بخش جتوئي، حسن ناصر، شهيد نذير عباسي ۽ حميد بلوچ به ڪڏهن ذهن تي نه اچن ها پر هي اُهي ڪردار آهن جن تاريخ جوڙي آهي ۽ تاريخ ۾ سرخرو ٿيڻ لاءِ مالي، جسماني قربانيون ڏئي ڪيترن ئي آرائشن کي ٿڏي آزمائش مان گذريا آهن. اهي رشتا پنهنجي سڃاڻپ تي اڄ به قائم آهن، جڏهن انهن جي وڇوڙي جي خبر پوي ٿي ته تمام گهڻو ڏک ٿئي ٿو.

مونکي ياد آهي ته ۸ مارچ ۲۰۲۰ تي سکر ۾ عورتن جو پروگرام هو اتي پنهنجا اڪثر ساٿي مليا هئا، ادا وزير لاکي ان موقعي تي منهنجي مٿي تي هٿ رکي بيحد عزت ۽ اڪير مان گهر اچڻ جي دعوت ڏني هئي. چوي پيو ته ڪراچي کان حيدرآباد ايترو پري ناهي، سو حيدرآباد اچو ته منهنجي گهر ضرور اچجو گهر وارا به سڀ توهان کي ياد ڪندا آهن.

ڪالھ جڏهن اوچتو سندس لاڏاڻي جي خبر پئي ته ڏاڍو ڏک ٿيو. ادا! ڪراچي کان حيدرآباد ته واقعي ايترو پري ناهي پر اوهان اڄ ايترو پري هليا ويا آهيو جو هاڻي سوچي به نٿو سگهجي ۽ نه ئي وري مٿي تي هٿ رکي کيڪارڻ وارو منهنجو ڀاءُ ۽ ساٿي هاڻي رهيو آهي، هو واقعي ڏور هليو ويو آ.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچي ۾ ۲۳ فيبروري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


ڪامريڊ وزير لاکو

شاندار ۽ شاهوڪار سماج سڌارڪ حُر فقير

عبداش پنھور

انصاف جي در سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد سرڪٽ بئينچ جي اڱڻ اڳيان لبيا جي صدر ڪرنل معمر قذافي تي آمريڪي حملي خلاف ترقي پسند شاگرد تنظيم ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنس فيڊريشن (ڊي ايس ايف) طرفان مرڪز جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر طالب لاشاري ۽ سنڌ جي چيئرمين علي حسن چانڊيو جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو هو، تڏهن عالمي طور تي سرد جنگ جو زمانو هو، شام جي حافظ الاسد کان اردن جي شاهه حُسين تائين، ۽ عرب قيادت انور سادات تائين، غير جانبدار تحريڪ ڄڻ هڪ عالمي امن کيپ جي ڌر هئي، جيڪا ڳالهه گهڻي ڀاڱي آمريڪا ۽ سندس پاڪستان جهڙن اتحادين کي پسند نه هئي. اهو جنرل ضيا جو زمانو هو، ڀٽو شهيد سان ساڙ سبب لبيا ۽ پاڪستان جا سفارتي لاڳاپا به ڪي چڱا نه رهيا، خاص ڪري الذوالفقار طرفان جهاز اغوا واقعي کان پوءِ شڪ وڌي ويا هئا. پاڪستان ۾ کاٻي ڌر جي حامين قذافي جي حمايت ۾ مظاهرا شروع ڪري ڇڏيا، آمريڪا مخالف احتجاج ۾ وقت جو ڪميونسٽ ڪيڊر اڳتي رهندو هو، اها اٽڪل ۱۹۸۶ع واري سال جي اها ڳالهه آهي جنهن جلوس ۾ مون به شرڪت ڪئي هئي. نعريبازي ۾ اسان سڀني کان جيڪو ڳرو ۽ تيز آواز هو اهو تمام گهڻن لڇڻن واري تعارف جو هڪڙو تاريخي پسمنظر رکندڙ سانگهڙ ضلعي رهواسي هاري چاچا علي محمد لاکو جي موڀي پٽ ۽ اسان جو ادا وزير هو. ها! حُر فقير ۽ اسان جو ڪامريڊ وزير لاکو. جيڪو جيڪڏهن ڪنهن رڳو ڪاڄ ۾ شرڪت ڪندو هو ته ڪنهن کي خبربه نه هوندي هئي ته هيءَ گهوٽيتن سان گڏ آيو آهي يا ڪنواريتن سان گڏ آهي. تنهن ڪري گهريلو تعارف جي ڀاتين ۾ پوءِ ڀلي ڪنهن به ٻئي ذات واري ساٿي جو گهر ڇو نه هجي “ادا وزير ”طور مشهور رهيو. ايتري حد تائين جو سندس پنهنجا ٻچڙا به کيس “ادا وزير” لفظ سان سڃاڻندا هئا. 

سنڌي سماج ۾ لفظ ادا تمام وڏو مرتبي وارو لفظ آهي. تمام وڏي احترام وارو لفظ آهي، ڪنهن چور کي ڀاڳئي جي گهر ڌياڻي چالاڪيءَ سان “ادا” چوي ته چور بنا چوري ڪرڻ جي واپس هليو ويندو هو، ڪامريڊ وزيرلاکو حُر فقير پهريان ۽ پوءِ سرخ سوچ جي سفر ۾ شريڪ ٿي ويو، هڪڙي ڀيري هن پنهنجو ڦوٽن وارو آلبم ڏيکاريندي چيو ته “هيءَ تصوير ڏس ڀٽو صاحب جي پهرين ورسيءَ جي تصوير اٿئي، (جنهن ۾ اسان ڪامريڊ سڀ شريڪ آهيون ڪو جيالو نه اٿئي. ان تصوير ۾ وزير لاکو سان گڏ ٻلهڙجي ڳوٺ سميت ضلعي لاڙڪاڻي جو ڪامريڊ ڪيڊر شريڪ هو) وزير لاکو پهريان شاگردي جي زماني ۾ ايم ايس ايف سان واڳيل هو، پوءِ تاج مري جي وسيلي ايس اين ايف ۾ شامل ٿيو، جيڪا تنظيم اڳتي هلي ڇاڪستان جي ترقي پسند شاگرد تنظيم ڊي ايس ايف ۸ جنوري ۱۹۸۲ع تي بحال ٿي، جنهن جي وقت جي حڪمران پهريون ڀيرو ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان تي ۱۹۵۲ع ۾ بندش لاڳو ڪرڻ وقت ڊي ايس ايف تي پڻ پابندي لاڳو ڪئي هئي، پروفيسر جمال نقوي پنهنجي ڪتاب “ڇوڙ آئي هم وو گليان” ۾ ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي کي “سرخ ڪمانڊو“ لکيو آهي، جنهن هلچل ۾ پ پ سينٽر تاج حيدر جو والد پروفيسر قرار حسين، ترقي پسند اديب سبط حسن، حامد مير جو والد وارث مير جهڙا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا، تنهن سياسي فڪري ول جي ولهار ۾ حُر فقير وزير لاکو ساماڻيو، جنهن پنهنجي سانگهڙ ضلعي واروي ڳوٺ مان سنڌي پنج درجا پڙهي پاس ڪرڻ کان پوءِ ان عزم ارادي سان اباڻي وستي ڇڏي ته “هاري علي محمد لاکو جا پٽ هاري نه ٿيندا، ڊاڪٽر ٿيندا، انجنيئر ٿيندا، بهتر تعليم حاصل ڪندا، هارپو نه ڪندا” آبپاشي انجنيئر ڀائي خان لاکو مرحوم جيڪو هن کان ڪجهه ساڳ وفات ڪري ويو هو، وفات وقت آبپاشي انجنيئر ڀائي خان لاکو سکر بيراج تي اعليٰ عهدي سان گڏ وقت جو چيف سيڪريٽري آبپاشي پڻ رهيو هو، واقعي جيڪو وزير چيو تنهن اهو ڪري به ڏيکاريو، هڪڙي ڀيڙي ۱۵ کان ۲۰ تصويرون کڻي آيو تمام گهڻو خوش صفا باغ بهار لڳو پيو هجي، چيائين ته “يار اڄ مان ڏاڍو خوش آهيا، پاڻ کي ڪامياب انسان ٿو سمجهان، هي ڏس پنهنجو پورهيو، هيءَ منهنجو ڀاءُ اٿئي رائيل ميڊيڪل يونيورسٽي لنڊن برطانيه ۾ پهتو آهي، ڊاڪٽر محمد حسن لاکو جي تصوير ڇا پيو ڏيکاري وزير صفا خوشيءَ ۾ نه پيو ماپي” هيءَ اهوئي وزير لاکو آهي ۽ هن جڏهن حيدرآباد جو رُخ ڪيو ته ٻالڪ پڻ ۾ هن پورهيا ڪيا، مزدوريون ڪيون پاڻ به پڙهيو ۽ سمورا ڀائر به پڙهايائين، جيڪي پوءِ وڏن وڏن عهدن تي رسيا،  حُر فقير وزير لاکو جو هڪڙو تعارف اهو به آهي ته حُر جماعت سان تمام گهڻو وفادار رهيو، نوي جي ڏهاڪي ۾ وقت جي پير صاحب پاڳاري سان گڏ تمام ويجهو رهڻ جو کيس اعزاز حاصل رهيو، نوي جي ڏهاڪي کان سال ۲۰۰۸ع تائين ڪيترا ئي ڀيرا راجا سائين جي وزارت ۾ او ايس ڊي پڻ رهيو. اهو ڌار تعارف آهي جڏهن ته سچائيءَ جي پرک ته اها آهي ته حُرفقير وزير لاکو سرخ سفر ۾ ڪامريڊ وزير لاکو بنيو ته هڪ ڌار تعارف بنجي ويو، مثال طور جڏهن ڊگهو وقت جيل ۾ قيد ڪاٽيندڙ ڪامريڊ ڄام ساقي ۽ سندس ساٿي (بدنامه زمانه ڪميونسٽ بغاوت ڪيس المعروف شهيد نظير عباسي قتل ڪيس عرف ڄام ساقي بغاوت ڪيس) مان آزاد ٿيا تڏهن ڪامريڊ ڄام ساقي جي عوامي ميڙن ۾سڄي پاڪستان جي دوري وقت هڪڙو بندوق وارو نوجوان عرف محافظ ڪاري ڏاڙهيءَ سان اوهان کي وزير لاکو نظر ايندو. اهو به هڪڙو هن مهان شخص جو تعارف آهي پر جيڪي ماڻهو حيدرآباد پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرا ڪرڻ ايندا رهندا هئا انهن اڃايل انسانن لاءِ ٿڌي پاڻيءَ جو جڳ گلاس جهلي پاڻي پيارڻ جهڙو لوڪ منظر پيش ڪرڻ وارو به وزير لاکوهو هو هڪ سماج دوست ڪردار رهيو، ڀلا اڄوڪي زماني ۾ ڪير ٿو ائين ڪري سگهي؟ وزير لاکو اهو ڪڏهن به نه ڏسندو هو ته اهي احتجاج ڪرڻ وارا ڪهڙي پارٽي، ڪهڙي تنظيم جا ڪٿان جا ۽ ڪير آهن ۽ ڪهڙي ٻولي ٿا ڳالهائين، انهن سڀني کي بنا ڪنهن سماجي فرق جي پاڻي پياريندو هو. پکين سان پيار جو انداز ئي سندس تمام گهڻو نرالو هو. خاص ڪري حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان ٽنڊو بهاول جي شهيدن جي وارث جيجل جندو مائي جو وزير لاکو شاندار ساٿ ڏنو، عارب لوهار جي ڊگهي هلچل کان منو ڀيل تائين هارين پورهيتن جي هلچل ۾ هن ڪڏهن به هيڻو نه ٻوليو، عوامي تحريڪ جي رسول بخش پليجو کان ڊاڪٽر قادر مگسي تائين سياسي جاکوڙي ڌرين سان ڪامريڊ وزير لاکو وک وک تي ساٿ ڏيڻ وارن منجهان رهيو. ايتري حد تائين جو جسقم قيادت شهيد بشير خان قريشي کان ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي تائين جي ڪيڊر سان تمام گهڻو جلسن جلوسن ۾ شريڪ عمل رهيو، خاص ڪري کنڀي کڻي لاپتا ڪيل متاثرين جي ڪيمپ ۾ پلي ڪارڊ کڻي اڳيان اڳيان سڀني کان اڳيان احتجاج ۾ شريڪ رهيو، ڇو ته حُر فقير وزير لاکو کنڀي کڻي گم ڪرڻ واري شريڪ احتجاجي عمل کي سنڌجي سپوت سورهيه بادشاهه جي سنت سمجهندو هو ته جيڪي کنڀجي ويندو آهي اهو مظلوم آهي، کنڀڻ وارا ظالم آهن، وزير لاکو تڏهن کنڀي کڻي گم ٿيل ماڻهن متاثرين سان همدردي رکندو هو ته انصاف انهن جو حق آهي، هڪ حُر فقير کان ڪامريڊ وزير لاکو سميت سماج ۾ اڻ ڳڻيا عمل سندس سوچ کي انسانيت ناتي انسان دوست انساني حقن جو پرچارڪ واري تحريڪ جو ڀلوڙ ڪارڪن پڻ رهيو ۽ سماج ۾ خاص ڪري هن جو تعليم دوست ڪردار هڪڙو انمول ڪردار ۽ بي مثال ڪردار آهي، هن تعليم جي روشني سان نه رڳو پنهنجو گهر روشن ڪيو پر سنگتي ساٿي اوڙو پاڙو، واهڻ وسنديون ۽ روشن ڪري ڇڏيون آهن،  تڏهن سندس وڇوڙو به تمام بي مثال واقعو آهي جو اچانڪ پنهنجي گهر جي اڱڻ اڳيان پنهنجي پياري پکي ڪڪڙ کي پاڻي پياري ٻهارو کڻي دڪي صاف ڪندي ڪرسيءَ تي ويهڻ جي ڪوشش ڪندي اُ ڀ ڏانهن آهه! نظر کڻي دم ڌڻي حوالي ڪيائين، سندس وڇوڙي کي ٻه سال پُنا آهن، سندس شاندار ۽ شاهڪار يادگيرين تي ڪتاب لکي سگهجي ٿو، جيڪو ڪتاب هيڻي طبقي جي ماڻهن لاءِ تمام وڏو ٻل ثابت ٿيندو، هڪ هاريءَ جو پٽ عظيم ۽ شاندار شاهوڪار زندگي گذاري، وزير لاکي بهترين انداز سان هر وچن وفا ڪري ڏيکاريو، هن جو تاريخ جي هر دور ۾ ڳاٽ اوچو رهندو، ڇو ته وزير لاکو سماج جو تمام وڏو سخي مرد هو، ڪنهن دوست جو ٻئي دوست سان تعارف ڪرائڻ جو سندس انداز انتهائي شاندار ۽ شاهوڪار رهيو، پر خاص لفظ نينگر لاءِ “گوريلو” ۽ نينگريءَ لاءِ “گوريلي” چوندو هو سو اهو ڀلا ڪير ٿو وساري سگهي، اڄ به سنڌ هاءِ ڪورٽ جو رستو جتي ايندڙ ويندڙ وڪيل دوست ۽ سموري سنڌمان ايندڙ ستايل انسانن لاءِ ڀرجهلو ڪردار هيڻن کي حوصلو ڏيڻ وارو وزير لاکو پنهنجي ڪردار ۾ زنده انسان آهي، سخي انسان آهي ڇو ته ماڻهو ضرور مري ويندا آهن پر ڪردار ڪڏهن مرندو ناهي، ڪي ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا، هن ڌرتي جي سيني تي، اهڙي گهري چيخ ٿين ٿا، جيڪا دنيا کي بدلائي ٿي ۽ ٺاهي ٿي.   

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۱ فيبروري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا