; سنڌي شخصيتون: ڪامريڊ اظهر جتوئي

23 February, 2023

ڪامريڊ اظهر جتوئي

ڪامريڊ اظهر جتوئي

انمول ڪردار

ڪامريڊ ولايت نوناري



سنڌي ۾ چوندا آھن ته جن پنھنجي رت سان تاريخ جي ورقن ۾ لکيو آھي، اھي انسان پنھنجي نسل ۾ ڪا جوت جاڳائي ويندا آھن، ڪا باک ڦٽي جي پکين وانگر ٻولي ۽ ڌرتي جي سونھن کي سنڀالي انھي رڳن کي پنھنجي جدوجھد سان سينگارڻ جي ڪرت ۾ لڳا پيا ھوندا آھن، جيئن باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي سنڌ جي ماڻھن ۾ ھڪ ويساھ پيدا ڪيو ۽ سنڌ جي ھارين ۾ جدوجھد جي سگھ پيدا ڪئي، تيئن سندس تنظيم سنڌ ھاري ڪاميٽي وڏين مشڪلاتن سان منھن ڏيندي مختلف تڪليفن مان جھاڳيندي پنھنجي منزل طرف پنھنجي قافلي کي وٺيو پئي ھلي، انهي قافلي کي باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي جي نسل کي سنڀالڻو پئجي ويو، اڳ سنڌ ھاري ڪاميٽي ايوبي آمريت ۽ جنرل ضياءَ شاھي خلاف جيڪا جنگ جوٽي هئي سا اڳتي هلي ايڏي وڏي ويڙھاند کان پوءِ سنڌ ھاري ڪاميٽي ۾ ڏار پيا ۽ سنڌ ھاري ڪاميٽي ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار ٿي ته سنڌ ھاري ڪاميٽي ٻن حصن ۾ ورھائجي ويئي، پوءِ به سنڌ ھاري ڪاميٽي جي ٻنھي گروپن پنھنجي پنھنجي انداز سان ڪم جاري رکيو پر گھڻو وقت نه ھلي سگھيا، نيٺ ھڪ گروپ سنڌ ھاري ڪاميٽي کي باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي جي اولاد حوالي ڪرڻ جو سوچيو، جڏھن ته ڪامريڊ غلام رسول سھتي، امداد قاضي ۽ ٻين جي ڪامريڊ مظھر جتوئي سان ملاقات ٿي، وڏين ڪچھرين ۽ بحث کان پوءِ نيٺ سنڌ ھاري ڪاميٽي ڪامريڊ مظھر جتوئي کي چيو ته سنڌ ھاري ڪاميٽي سنڀاليو ۽ ڪامريڊ مظھر جتوئي ان وقت بينڪ نوڪري مان آجو ٿيو ھو ۽ ڪامريڊن کي چيائين ته منھنجو تجربو ڪونھي، تنظيم ڪيئن ھلندي، ڪامريڊن جواب ۾ چيس ته تنھنجي لاءِ اھو ڪافي آھي ته تون باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي جو پٽ آھن، سنڌ ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو ايترو ڪم ٿيل آھي جو سنڌ جي ڪھڙي به علائقي ۾ ويندي ۽ چوندين ته مان باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جي سياست ڪرڻ لاءِ نڪتو آھيان، سنڌ ۾ ھارين جي جدوجھد کي سگھارو ڪرڻ ٿو چاھيان، پوءِ سمورا سنڌ جا ھاري مزدور پورهيت اوھان سان سلھاڙجي ويندا ۽ اوھان پنھنجو پيغام ھارين تائين آساني سان پڄائي ويندا ۽ ڪامريڊ مظھر جتوئي سنڌ ھاري ڪاميٽي جي جھنڊي کي ڪلھو ڏئي ميدان عمل ۾ نڪري پيو. ڪجھ وقت ۾ سندس شهادت ٿي ڪالاباغ ڊيم خلاف ڪيل جدوجهد تي کيس ڪالاباغ ڊيم ايڪشن ڪاميٽي کيس پهريون شهيد قرار ڏنو، ان کانپوءِ سندس فرزند ڪامريڊ اظهر جتوئي هاري ڪاميٽي جون واڳون سنڀاليون ۽ ڪامريڊ اظھر جتوئي پنھنجي سگھ آھر سنڌ ھاري ڪاميٽي جي جدوجھد جون ڪارنر ميٽنگون ڪوٺائڻ لاءِ جديد سائنسي بنيادن تي جوڙي پوري سنڌ جي جھر جھگ نڪري پيو ۽ سنڌ جي سياسي سماجي مسئلن کي کڻي جدوجھد جو آغاز ڪندي پونم جوڙائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو.


سنڌ ھاري ڪاميٽي ھميشه اصولن جي بنياد تي سياست ڪئي آھي ۽ ڪندي اچي پئي، اڄ جڏھن ڪامريڊ اظھر جتوئي جي پھرين ورسي ملهائي پئي وڃي ته ان موقعي تي مان ڪامريڊ اظهر جتوئي جي باري ۾ لکي رھيو آھيان ته منھنجا ھٿ ڏڪي رھيا آھن ته اسان جي تنظيمي ساٿي ھڪ ھڪ ٿي ڇڏيندا وڃن ٿا پر ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي جدوجھد پنھنجي ويڙھ کي قائم رکيو اچي پئي ۽ اسان سڀني دوستن جي ڪوشش آھي ته پراڻا ساٿي ڳولي ڳولي نئين پيوند ڪاري ڪري نئين جوش جذبي سان سنڌ جي ھارين جي تحريڪ کي مضبوط ڪجي ۽ نون ڊنگھن سان جوڙي نئين چئلينجن کي منھن ڏجي. ھاڻي سنڌ ھاري ڪاميٽي جڏھن ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي کي صدر بڻايو آھي، تڏھن ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي مٿان سنڌ جي ھارين مزدورن جي ذميواري ته پنھنجي جاءِ تي پر سنڌ جي قدرتي وسيلن جي مالڪي به ڪرڻي پوندي، سنڌ جي ٻيٽن سنڌ جي گيس ۽ سنڌ جي تيل پاڻي سان گڏ سنڌ جي بيروزگار نوجوانن لاءِ به جدوجھد ڪرڻ جي ذميواري کڻي ميدان عمل ۾ نڪري پيو آھي. اسين اميد ٿا رکون ته باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي وانگر هو ان جي ڏسيل واٽ تي عملي جدوجھد ڪرڻ ۾ پوئتي ڪين ھٽندو ۽ شھيد نظير عباسي وانگر آخري ساھ تائين ويڙھ جاري رکندو. ڪامريڊ اظهر جتوئي جي پهرين ورسي جي موقعي تي کيس سرخ سلام پيش ڪريان ٿو.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۸ نومبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


ڪامريڊ اظھر جتوئي

جاکوڙي اڳواڻ

تاج مري

ڪالا باغ ڊيم، ٻٽي بلدياتي نظام سميت سنڌ جي ھر طبقاتي، قومي ۽ جمھوري جدوجھد ۾ سرواڻي وارو ڪردار باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو پوٽو قومي ۽ ھاري حقن لاءِ جاکوڙيندڙ سنڌ ھاري ڪميٽي جو اڳوڻو صدر ڪامريڊ اظھر جتوئي ۱۸ فيبروري ۱۹۶۰ع تي ڪامريڊ مظھر جتوئي جي گھر ۾ جنم ورتو. ھن شروعاتي تعليم ماڊل اسڪول حيدرآباد، ميٽرڪ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول، انٽر ۽ بي اي گورنمٽ سچل ڪاليج حيدر آباد مان پاس ڪيو.

ڪامريڊ مظھر جتوئي جي وفات کان پوءِ ۱۹۹۸ع ۾ کيس سنڌ ھاري ڪاميٽي جو صدر چونڊيو ويو ھو. ۱۹۹۸کان پنهنجي وفات تائين ۱۲سال لاڳيتو سنڌ ھاري ڪميٽي جو صدر رھيو. ۱۹۷۰ع ۾ باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي وفات کان پو۽ ۱۹۷۷ع تائين ماٺار کان پوءِ جڏھن ڪامريڊ ڄام ساقي، ڪامريڊ غلام رسول سھتو، قاسم پٿر، ڪامريڊ عثمان لغاري، ڪامريڊ عبدالقادر انڍڙ، ڪامريڊ رشيد انڊڙ، رئيس بروھي، صالح بلو ڪامريڊ، شاھ محمد دراني، ڪامريڊ مانڌل شر، ڪامريڊ عزيز الله جروار، ڪامريڊ احمد لغاري، ڪامريڊ ڦوٽو رستماڻي۽ سندن ساٿين ھاري ڪميٽي کي ٻيھر منظم ڪيو ته ان ھاري ڪميٽي جون واڳون ڪامريڊ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي پٽ ڪامريڊ مظھر جتوئي ۱۹۹۵ع ۾ سنڀاليون ۽ سندس وفات کان پوءِ سندس نوجوان پٽ اظھر جتوئي کي سنڌ ھاري ڪميٽي جو صدر چونڊيو ويو. ھن سنڌ ھاري ڪميٽي جي تاريخ کي ورجائيندي سنڌ سميت سڄي ملڪ جي قومي، طبقاتي ۽ جمھوري تحريڪ جي اڳواڻي واري صف ۾ اچي بيھاريو. سندس صدارتي دور ۾ ھر سال ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جون ورسيون ۽ سالگرھ جا جلسا ٿيندا رھيا جن ۾ ملڪ جا ناميارا ترقي پسند ۽ قوم پرست اڳواڻ شرڪت ڪندا رھيا.

تاريخ ۱۸ نومبر ۲۰۲۰ع تي سندس وفات کان سندس ڀاءُ ڪامريڊ ثمر جتوئي اھي ذميواريون سنڀالي رھيو آھي. سنڌ، بلوچستان ۽ پختون خواھ جي قوم پرستن جڏھن پونم نالي اتحاد جوڙيو ته ڪا مريڊ اظھر ان جي اڳواڻن ۾ شامل ھو. جنرل مشرف جي آمراڻي حڪومت ۾ جڏھن ڪالاباغ ڊيم خلاف سنڌ جي ترقي پسند، جمھوريت پسند، ۽ قوم پرست پارٽين ڪالاباغ خلاف تحريڪ ھلائڻ واري جدوجھد شروع ڪئي ته ڪامريڊ ان جي مک اڳواڻن ۾ شامل ھو.

ھن ڊاڪٽر قادر مگسي۽ مولانا عزيز الله ٻوھيو ساڻ گڏجي سنڌ جي وستي وستي، واھڻ واهڻ، وڃي سنڌجي عوام کي منظم ۽ متحرڪ ڪيو. ان دوارن ڪامريڊ اظھر جتوئي کي ڊاڪٽر قادر مگسي، مولانا عزيز الله ٻوھيو، حيدر شاھاڻي ۽ محبوب ساڻ گڏ ڦلھڏيون (ضلعو سانگھڙ) ۽ شڪارپور ۾گرفتار ڪيو ويو۽ سکر ۾ احتجاج دوران لاٺي چارج ۽ شيلنگ ۾زخمي پڻ ٿي پيو ھو.

ھن مختلف اخبارن ۾ مضمون لکي عوامي حقن جي ترجماني ڪئي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جا انٽرويو، تقريرون، پفليٽ ۽ ٻيو اڻ ڇپيل مواد گڏ ڪري ڇپايا ۽آڊيو، وڊيو تيار ڪرايا، ايئن سنڌ جي ھاري تحريڪ ۾ ڪم ڪندڙ ساٿين لاءِ پڻ ڪامريڊ اظھرجتوئي جو سھڙيل مواد مددگار بڻيو.

سال ۲۰۰۸ ڌاري ڪامريڊ رمضان ميمڻ، سيد ذوالفقار شاھ، پنھل ساريو، تاج مري (ليکڪ) مختلف سياسي، سماجي ۽ پورھيت اڳواڻن جڏھن ٽيننسي ايڪٽ ۾ ترميمن لاءِ حيدرآباد ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي مزار کان کان ڪراچي سنڌ اسمنبلي تائين لانگ مارچ ڪيو ته ڪامريڊ اظھر جتوئي ان ۾ به شامل ھو.

ڪامريڊ اظھر جتوئي جي خواھش ھئي ته سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ وڃي ھارين کي ٻيھر ائين منظم ڪجي ھارين کي غلامي واري زندگي مان آجپو ڏيارڻ لاءِ جدوجھد ڪجي. ھن مون سميت کوڙ سارن ساٿين کي سنڌ ھاري ڪميٽي ۾ شامل ٿي ھارين کي منظم ڪرڻ لاءِ جدوجھد ڪرڻ جي دعوت ڏني، ان لاءِ ھن آڏو مون(تاج مري) جڏھن سنڌ ۾ ھارين جي مختلف ڌڙن کي گڏائي ھڪ سگھاري ھاري تنظيم جوڙڻ جي تجويز رکي ته ھن ان جي ڀر پور حمايت ڪئي، اھڙي طرح عوامي ورڪرزپارٽي کان ڌار ٿي ھارين جي تنظيم جوڙيندڙ ڪامريڊ نثارلغاري پڻ حمايت ڪئي، ساڳي تجويز جڏھن ڪميونسٽ پارٽي واري ھاري ڪميٽي، عوامي ورڪرز پارٽي جي ھڪ ذميوار ساٿي ساڻ رکي وئي ته بھتر موٽ نه ملي.

ڪامريڊ اظھر جتوئي وڏي عرصي کان شگر جي بيماري جوشڪار رھيو ھن جا گڙدا ۽ سندس پير پڻ متاثر ٿيا پر هن بيماري جي پرواھ ڪرڻ بدران جدوجھد جاري رکي لاڏاڻي کان ٿوري عرصواڳ ھن حيدرآباد ۾ ٻيٽن تي وفاقي قبضي خلاف ڌرڻي ۽ نيشنل پارٽي پاران ڪوٺايل مير حاصل بزنجو جي تعزيتي ميڙاڪي ۾ شرڪت ڪئي.

ڪامريڊ اظھر ۱۸نومبر ۲۰۲۰ع تي صبح جو دل بند ٿي وڃڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۸ نومبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


 

ڪامريڊ اظهر جتوئي کي ڀيٽا

عبداش پنهور

جڏهن ڪو درد جو کيس جهٽڪو ايندو آهي ته انسان اکيون به تڏهن پٽيندي ڇرڪ ڀريندي جاڳي پوندو آهي جڏهن ساڳيو سور سَنڌَ سَنڌَ ساڻو ڪري ڇڏيندو آهي. ڀومي جي استاد بخاري چيو هو ته

”اهو جيڪو عشق آهي، انهيءَ ڏنو سور آ، انهيءَ ۾ سرور آ...“

ڇاڪاڻ ته درد جو رشتو تمام اُتم ٿيندو آهي. ساڳئي رمز ۾ ماستر چندر چيو هو ته

”ڪنهن کي سور ته ڪنهن کي پور، ڪنهن وٽ ديرا درد جا“

تڏهن سوال پيدا ٿو ٿئي ته اهو رشتو جڳت ۾ جڙي ڪيئن پوندو آهي؟ خبر ناهي! اهڙي ئي هڪڙي صحافتي صبح ڏينهن جا اٽڪل سوا يارھين وڳي ويا تائين ننڊ سُتل انسان کي نالي سان نمبر هجڻ ڪري ڇرڪ ڀرائي جاڳائي ڇڏيو! اڳيان آواز آيو ته ”ڪامريڊ اظهر اسان سڀني وٽ هاڻ ناهي رهيو!“ سڀاڳي آهي سرزمين سنڌ جنهن جي جهولي ۾ جڳت جاڳائڻ وارا انسان پيدا ٿيا آهن. خبر ناهي ڇو هن ڏک جي خبر کان صرف هڪ ڏينهن اڳ ۲۴ ڪلاڪ به چئي سگهجن ٿا ته صبح سوير ڀٽائي جي اها وائي من منجهائي ڇڏي ته ”آيل ڪريان ڪيئن، منهنجو نينهن پليو نه رهي“ رهي اچي ڪمپيوٽر کوليم ۽ مهان راڳي علڻ فقير جي آواز ۾ اها وائي اڪيلائي ۾ ٻڌڻ سان گڏ اهو ساڳيو ڪيڏارو جيڪو علڻ فقير ڳايو آهي سوز کي پڻ ٻڌڻ جو موقعو مليو. مطلب ته ڳالهڙي وڃي گڏجي پئي پرين جي پاسي ته ساڳئي سوز سان ۽ ساڳئي سور سان جنهن درد جي رشتي اسان انسانن کي پاڻ ۾ جوڙيو آهي ته ”سڀئي چئو ــ جيئي سنڌ“ جيڪو نعرو گيتن جي گونجار باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ون يونٽ مخالف تحريڪ ۾ لوڪ نروار ڪيو هو، اسان به انهي ٽهي ۾ ساماڻياسين ساڳئي ول سان ڳنڍيل رهياسين. مهان لوڪ راڳي جلال چانڊيو جڏهن ساماڻو تڏهن پهرين ڪيسٽ ۾ اهو ڪلام مشهور ٿيو ته ڪرڪي ڳنڍ جون ڳالهيون يار ڇنڻ ۾ ڇاهي“ جڏهن اهو درد جو رشتو جُڙي ٿو تڏهن ڏونگر جا پنڌ جنهن ۾ ڇپر پير ڇليون ڪن پوءِ به پهڻ کي پگهاري ڇڏيندا آهن. شيخ اياز چيو هو ته ”ڇو پير پساري ويٺو آن، اُٿ ڏونگر ڏاري وينداسين.“ سنڌ جي جديد دؤر ۾ سڀ اهي شاعر جن ڌرتي جا گيت چيا انهن سڀني شاعرن کي به شعوري سگهه ڏيڻ وارو باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي آهي ۽ ڪيترن ئي سالن کان انهيءَ هاري هلچل جي سرواڻي ڪندڙ سنڌ هاري ڪاميٽي جي مشعل ايندڙ نسل تائين پهچائڻ وارن جي تاريخ ۾ هاڻ ڪامريڊ اظهر پڻ وڃي چُڪو آهي، اهو مڻيو سنڌ جي جديد تاريخ جي سڀاڳي تسبيح جنهن جو ورد رڳو ”جيئي سنڌ، جيئي سنڌ“ آهي. وطن جي تند تنوار ۽ ولر ولهار بڻجي چڪو آهي.

ڪامريڊ اظهر جتوئي جيڪو ڪيتري وقت کان ڪيترين بيمارين ۾ وڪوڙيل رهيو پر کير ٿر ڏونگر جهڙو حوصلو رکندڙ هي سنڌ جو ارڏو سپوت ڪڏهن به هيڻو نه ٿيو اڃا ته ڪجهه ڏينهن جي ڳالهه آهي تنهن ڳالهڙي کي ٻه هفتا به نه گذريا هوندا ته حيدرآباد جي هنج ۾ هڪڙي ويچار ويهڪ ٿي ته بيماري واري حالت هوندي به ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي سان گڏ انهيءَ گڏجاڻي ۾ پڻ شرڪت ڪئي هئي. هن ڪڏهن هيڻو نه ڳالهايو. مون کي ذاتي طور اها خبر آهي ته ڪجهه سال اڳ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي وٽ سنڌ ترقي پسند هائوس ۾ انٽرويو لاءِ وڃڻو پيو هو ته اتفاق سان ڪامريڊ اظهر جتوئي پڻ اتي پهتل هو. اصل ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي جو صدر ڪامريڊ اظهر جتوئي باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کي مليل صدارتي ايوارڊ ڏيکارڻ آيو هو ۽ مون به تنهن گهڙي اهو اعزاز اکين سان ڏٺو هو تنهن گهڙي اسان ٽنهي وچ ۾ ٽهڪن واري ڪچهري شروع ٿي وئي.

ڪامريڊ اظهر جتوئي پنهنجي حُجت جو اظهار ڪندي چيو ته ڀلا ڪڏهن اسان جو انٽرويو به هلائيندا ڪيو. مون کان اڳ ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي ٽهڪ ڏيندي جواب ۾ چيو ته هي ته سڄو اوهان جو آهي ڪامريڊ. اها هڪڙي تمام يادگار ڪچهري هئي جيڪا ڪڏهن به وساري نه ٿي سگهجي. سال کن اڳ جي ڳالهه آهي ته ڪامريڊ ڄام ساقي جي ياد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو هو ته ”مون کي به سنڌ جي سياسي عملي جدوجهد ۾ ڪامياب ڪردار ملن ٿا هڪڙو باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جنهن سنڌ جي زمين جي مالڪي ڪئي ٻيو ڪامريڊ ڄام ساقي جنهن سنڌي ٻولي قومي ٻولي تحريڪ ۾ ڪاميابي ماڻي اسان سنڌين لاءِ اهي ٻئي ڪردار مشعل راهه آهن.“ مون کي اها ڳالهه به ياد ٿي اچي ته سنڌ هاري ڪاميٽي جي اڳوڻي صدر ڪامريڊ مظهر جتوئي جيڪو پڻ بيمارين کي منهن ڏيندي، مشڪلاتن سان مهاڏو اٽڪائيندي ڪالا باغ ڊيم مخالف تحريڪ ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي سان صفا جوڙ رهيو.

سال ۱۹۹۸ع جڏهن وقت جي وزيراعظم نواز شريف ڪالا باغ ڊيم جو ۱۰ آگسٽ تي پيڙهه جو پٿر رکڻ جو اعلان ڪيو ته سموري سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي تنهن هلچل ۾ ڪامريڊ مظهر جتوئي بيماري ۽ ٻين مشڪلاتن سان مهاڏو اٽڪائيندي ڪالا باغ ڊيم مخالف تحريڪ ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي سان گڏ سخت گرمين دوران سنڌ واسين ڌرتي دشمنن لاءِ تپائي ٽامون ڪري ڇڏي هئي ۽ اهو رشتو ساڳئي ڌرتي لوڪ جي درد جو رشتو آهي، جيڪو ڪٿي نه ڪٿي پاڻ کي جوڙڻ جو سبب بڻجي ٿو. سنجيدگي سوچ، فڪر، اڀياس ۽ هلچل ۾ سنڌ ڌرتي جي لوڪ جو جياپو سمايل آهي. سياسي اختلافن جو جمهوريت جي سوچ وانگر ڀرم رکڻ سان اڳتي وڌڻ جا موقعا ضرور ملي سگهن ٿا. سياسي ٻولي ۾ اها جمهوريت اسان کي ماني نه ٿي پهچائي پر ماني حاصل ڪرڻ لاءِ سياسي هلچل سگهاري انداز سان هلائڻ جهڙا موقعا ضرور فراهم ڪري ٿي. سرمائيدارن جي جمهوريت جو جيڪڏهن ايترو ثمر ملي پئي ته به آساني ٿيندي پر پاڪستان ۾ ته خطرناڪ ۽ ڀيانڪ جاگيرداريت کان مذهبي جنونيت واري جمهوريت آهي. تنهن جمهوريت کي به سمجهڻ لاءِ سنجيدگي جي ضرورت هوندي آهي. هاڻ ته نظرياتي نعرن وارا به کنڀجي وڃن ٿا. اڳ چوندا هئاسين ته آمريڪا سامراج مرده باد ۽ هاڻ اهو نعرو جماعت اسلامي سميت مذهبي ڌرين جو تمام وڏو نعرو آهي، جنهن جاگيرداريت خلاف سنڌ هاري ڪاميٽي سڄي هلچل هلائڻ جا بنياد رکيا، جيڪا سماجي بيماري اسان کي انگريزن جي بيٺڪيتي حاڪميت مان ملي، جنهن خلاف بيمار حال باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جدوجهد ڪئي، جنهن جبر خلاف ڪامريڊ مظهر جتوئي بيماري تنگ حالتن هوندي ماٺ نه ڪئي، جنهن ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ خلاف ڪامريڊ اظهر جتوئي وچن وفا ڪيا، اها سنڌ هاري ڪاميٽي سرزمين سنڌ جي لوڪ جي لڄ آهي ته وڏي شان ۽ مهان مانواري تاريخ به آهي تهان اڳ اهي سمورا سنڌ هاري ڪاميٽي جا انمول ڪردار جيڪي ڪڏهن ڪين وڪاڻا، ڪڏهن ڪامريڊ مانڌل شر جي اڳواڻي ۾ ته ڪڏهن ڦوٽو رستماڻي جي پيرين پنڌ پچار ۾ پيغام جاري رهيو. ڪڏهن ڪامريڊ غلام رسول سهتو ته ڪڏهن صالح بلو کان تاج مري ۽ چاچا شاهه محمد دراني کان چاچا اسماعيل قريشي سميت هزارين اهي ڪارڪن جيڪي سردي گرمي جي پرواهه نه ڪندي سنڌ هاري ڪاميٽي جي هلچل ۾ هر دؤر ۾ اڳڀرا رهيا، اهي سڀ چوندا رهيا ته ”جيئي سنڌ، جيئي سنڌ“ رڳو اهو پاسو ناهي شهيد فاضل راهو کان رسول بخش پليجو، جيجي زرينه کان بيدل مسرور تائين چوندا رهيا ته ”جيئي سنڌ، جيئي سنڌ“ اڄ ڪامريڊ مظهر جتوئي جي جدوجهد کي به ساڳيو سلام ته ڌرتي هنج سُتل کي جيئي سنڌ، جيئي سنڌ.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۸ نومبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

ڪامريڊ اظهر جتوئي ۽ پورهيت جدوجهد

ڪامريڊ صوفي ميراڻي

ڪامريڊ اظهر جتوئي، باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو پوٽو ۽ شهيد ڪامريڊ مظهر جتوئيءَ جو پهريون نمبر پٽ هو. هو ۱۸ فيبروري ۱۹۶۵ع ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو. هن جڏهن اک کولي ته باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئيءَ کي ڏٺو. ڪامريڊ اظهر جتوئي شروعاتي تعليم ماڊل اسڪول حيدرآباد مان حاصل ڪئي. هن مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد مان پاس ڪئي ۽ سچل سرمست آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج حيدرآباد مان انٽر ۽ بي. اي ۽ ايم. اي پاس ڪيو.

ڪامريڊ اظهر جتوئي پنهنجي ڏاڏي باباءِ سنڌ ۽ پنهنجي والد محترم جي نقش قدم تي هلندي هارين، مزدورن ۽ مظلومن جي حقن واري جدوجهد ۾ ۱۹۸۲ع کان پير پاتو ۽ قومي خدمت جو جذبو رکندڙ اظهر جتوئي ۱۹۹۸ع ۾ جڏهن شهيد ڪامريڊ مظهر جتوئي جي وفات کان پوءِ سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جو صدر چونڊجي ويو ان کان پوءِ ڪالا باغ ڊيم ايڪشن ڪاميٽيءَ جي پليٽ فارم تان تاريخي جدوجهد ڪئي، پونم اتحاد ۾ مرڪزي ڪاميٽيءَ جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ پونم پليٽ فارم تان پاڻ تاريخي جدوجهد ڪئي. ۲۰۰۸ع وارين چونڊن ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي تڪ پي ايس ۳۵ ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي مان چونڊ وڙهيو ۽ ۲۰۰۱۳ع ۾ پي ايس ۴۱ تعلقه باقراڻي مان مقابلو ڪيو پر ڪامياب نه ٿي سگهيو. هن مختلف وقتن تي اخباري مضمون لکيا. باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئيءَ جا ڪتاب ۽ پمفليٽ مختلف وقتن تي ڇپرايا. ڪالا باغ ڊيم ايڪشن ڪاميٽي جي پليٽ فارم جي دوران ڪامريڊ اظهر جتوئي ڦلهڏيون ٿاڻو ضلع سانگهڙ ۾ ۲۴ ڪلاڪ لاڪپ ۾ رهيو ۽ شڪارپور ۾ ۱۲ ڪلاڪ لاڪپ ۾ رهيو. سکر ۾ ريلي دوران ڳوڙها گئس ۽ شيلنگ ۾ پڻ زخمي ٿيو.

ڪامريڊ مظهر جتوئي جي جدا ٿيڻ کان پوءِ عشق جو هيءَ جهنڊو مرحوم جي فرزند ڪامريڊ اظهر جتوئي جي هٿن تائين پهتو ته ان به اکين تي رکي وڏن جي روايت کي برقرار رکندي لبيڪ چيو. ڪامريڊ اظهر پڻ اعليٰ ظرف، يارن جو يار هارين جو هڏڏوکي جانثار، جاکوڙيندڙ، هلچل هلائيندڙ، ميلو مچائيندڙ، سجاڳي پکيڙيندڙ، ڳالهائيندڙ ۽ ويرين سان وڙهندڙ اڳواڻ هو، جيڪو هلندڙ سال ۱۸ نومبر تي اسان کان هميشه موڪلائي ويو. سندس وڇوڙو پڻ هارين جي هيڻي طبقي جو نقصان آهي. ڪمزور طبقي جو نقصان آهي، برجستو باب بند ٿيو آهي. هڪ اعليٰ سوچ جو در بند ٿيو آهي. سندس قيمتي ڪردار سگهاريون سوچون بلند آواز اڃا بلند رهي ها بهتر هو پر سنڌ جو هيءَ سڄڻ ننڍي عمر ۾ نه وڃڻ واري وهيءَ ۾ سنڌ ۽ اسان کان موڪلائي ان ڏيهه پهتو جتان ڪو ورڻو ناهي. ساهه جي سڳي ٽٽڻ تائين سندس ناتا سنڌ سان هارين سان، ڪمزورن سان، ڪڙمين سان ڪڙو منجهه ڪڙي رهيا پر دل مڃي نٿي ته ڪامريڊ اظهر موڪلائي ويو آهي يا مٽي سان ملڻ ويو آهي.

ڪامريڊ اظهر جتوئيءَ جي وڇوڙي کانپوءِ جڏهن سندس ننڍي ڀاءُ ثمر حيدر جتوئي سان ملاقات ٿي ته هن شينهن جا جذبا به باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي جھڙا ئي جوان ۽ جوشيلا ڏسڻ ۾ آيا سندن خوشبودار سوچون به سنڌ جي خوشحالي لاءِ خواهش رکن ٿيون. ڪامريڊ جي سياسي قافلي کي اڳيان وڌائڻ لاءِ نوجوان ثمر حيدر جتوئي جي سرواڻي ڪري ته بهتر آهي، ڇاڪاڻ ته ڪامريڊ اظهر جتوئي پنهنجي هن پياري ۽ سڀني کان آخري ڀاءُ کي سنڌ بلوچستان ۽ ڪي. پي. ڪي سميت پاڪستان جي سياسي قيادت سان ملائي چڪو آهي ۽ کيس سياسي سماجي سبق پڙهائي پڪو ڪرايو آهي اسان کي خوشي ٿيندي جو هيءَ تاريخي خاندان پاڻ ۾ متحد هجي ۽ پيار ۾ پيوند هجي ۽ سنڌ جي ڏتڙيل ڏيهه لاءِ ڏاڏي وانگر گجگوڙ ڪندي ڪاميابيون ماڻي.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۸ فيبروري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


ڪامريڊ اظهر جتوئي

پورهيت جدوجهد جو سرواڻ

احمد نواز انقلابي

دنيا ۾ ٻن قسمن جا ماڻهو ملندا آهن هڪڙا اهي جيڪي عام روٽين ۾ هلن پيا جن سواءِ ذاتي مفاد کان ٻيو ڪجهه نه هوندو آهي جيڪي سوچيندا ته صرف پنهنجي خاندان لاءِ انهن قوم ۽ ڌرتيءَ جهڙا لفظ بي معني هوندا آهن اهي صرف اهو سوچيندا آهن ته پنهنجي ذات لاءِ ڪنهن کان ڪم ڪيئن وٺجي ۽ ٻيا اهي جيڪي اجتماعي سوچيندا آهن جن وٽ قوم ڌرتي سڀ ڪجهه هوندي آهي جيڪي ذات کي نقصان پهچائي سڄي قوم کي فائدو پهچائڻ لاءِ به تيار هوندا آهن جن وٽ پنهنجو ذاتي مفاد بي معني آهي جيڪي ٻين لاءِ جيئندا آهن ته تاريخ ان جي انهيءِ پنڌ کي سيني سان لائي هڪ ڪردار بڻائي ڇڏيندي آهي. هڪ اهڙو ڪردار جيڪو وطن ۽ قوم جو وفادار هجي جنهن تي پنهنجي قوم فخر ڪري.

هن ليک ۾ جنهن عظيم شخصيت تي لکي رهيو آهيان جيڪو نظرياتي، ڪمٽيڊ، قومي، عوامي پورهيت سياست جو نرالو ڪردار هو ڪامريڊ اظهر جتوئي جيڪو باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو پوٽو ۽ شهيد ڪامريڊ مظهرجتوئي جو پٽ هو ڪامريڊ اظهر جتوئي ننڍپڻ ۾ جيڪي شيون ڏٺيون ڪيون اهي مختلف هيون اها زندگي مختلف هئي ۽ ميچوئر ٿيڻ پوءِ جي زندگي هڪ الڳ داستان آهي ڪامريڊ اظهر جتوئي بنيادي طور هڪ بيورو ڪريٽ جو پٽ هو ۽ هتي اسان اهو عام خيال ڏنو ويندو آهي ته بيورو ڪريٽ جو پٽ وري بيورو ڪريٽ ٿيندو پر ته ڪامريڊ ٿي ويو هو وڃي پورهيتن سان ويٺو هن ته وڃي پورهيتن جي ڳالهه ڪئي ان جو سبب آهي ان جو سبب اهو آهي ته باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سندس ڏاڏو هو هن ننڍي هوندي کان ئي ڪامريڊ کي ڏٺو ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کي پڙهيو ته هن کي پنهنجي ڏاڏا ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سان عشق ٿي ويو هن اهو ئي جهنڊو کڻي ورتو جيڪو باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کنيو هو اهو ساڳيو ڇڏيل رستو اختيار ڪيو جيڪو باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو هو.

ڪامريڊ اظهرجتوئي باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو صرف سياسي علم نه کنيو پر هن ڪامريڊ جتوئي جو ڇڏيل ادبي ڪم کي قوم جي امانت سمجهي قوم جي سامهون ڪتابن جي صورت ۾ آندو. باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو قلمي پورو ڀرپور طريقي سان عوام تائين پهچايو جيڪو ڪم قابليت تعريف آهي ان سان گڏوگڏ ڪامريڊ اظهرجتوئي باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي سياسي جدوجهد جهنڊو کنيو.سنڌ هاري ڪاميٽي کي سگهارو ڪرڻ لاءِ زبردست ڪم ڪندو رهيو.

منهنجو ان خاندان سان ٻن پيڙهين جو واسطو آهي مان جڏهن کان سمجهه سنڀالي ته ڏٺم ته سڀني کي سياسي طور تي سنڌ هاري ڪاميٽي جو جهنڊو مليو ۽ سياسي ادب جي حوالي سان مون کي باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جا ڪتاب مليا. مونکي ڪامريڊ اظهرجتوئي ڪڏهن مايوس نه مليو نه ئي ڪڏهن ڪا اهڙي مايوسي جي ڳالهه ڪئي ساهه جي آخري وقت تائين وطن جو سپاهي ٿي اڏول ٿي بيٺل رهيو ڪامريڊ اظهر جتوئيءَ سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشين خلاف سنڌ دوست ڌرين جي گڏيل اتحادن ۾ رهي زبردست ڪردار ادا ڪيو سنڌ دشمن منصوبن خلاف وڙهڻندو رهيو سنڌ هاري ڪاميٽي جي پليٽ فارم تان پورهيتن، مسڪينن جو تاريخي ڪيس وڙهيو.

ڪامريڊ اظهر جتوئي سنڌ جي تاريخ ۾ سونهري باب جيان هميشه چمڪندو رهندو. ڪامريڊ اظهر جتوئي اسان کان وڇڙي ٻه سال ٿي ويا پر اڄ به ڪامريڊ اظهر جتوئي اسان سان گڏ آهي سندس دوست همدرد اڄ به ان ئي واٽ تي هلن پيا. سنڌ هاري ڪاميٽي جا ڪارڪن همدرد به سندس تقريرون ٻڌي اتساه وٺن ٿا اڄ اسان کي ڪامريڊ اظهر جتوئي سان وفا ڪرڻ جو طريقو اهو آهي ته اسان سندس جدوجهد وارو جهنڊو کڻي هلي هلون...!!

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۸ فيبروري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا